Download London Dream Film Songs Free


Barson Yaaron
Media Player-128 Kbps
Mann Ko Ati Bhavey
Media Player-128 Kbps
Tapkey Masti
Media Player-128 Kbps
Khanabadosh
Media Player-128 Kbps
Khwab Jo
Media Player-128 Kbps
Yaari Bina
Media Player-128 Kbps
Jashn Hai Jeet Ka
Media Player-128 Kbps
Shola Shola
Media Player-128 Kbps
Khanabadosh - Remix
Media Player-128 Kbps
Mann Ko Ati Bhavey - Remix
Media Player-128 Kbps
Tapkey Masti - Remix
Media Player-128 Kbps

right click "save target as"



جڏھن ساڍن ستن سالن جي قيد ۽ نظربنديءَ بعد مون کي پاڪستان سرڪار ٻاھر گھمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏني ته گھڻي غور ۽ فڪر بعد ملڪي سياست کان مون ھيٺين سببن ڪري ڪنارہ ڪشي ڪري طريقت (ڪلچر) جي راھه ۾ خدمت ڪرڻ جو ارادو ڪرو.(1) ملڪي حالات سياسي طرح اھڙي ڪڙيءَ تي بيٺل ھئا جو انھن جي قائم رھندي سياست ذريعي ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ڪري سگھڻ کان مجبور ھئاسون.(2) گذشته چاليھن سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ تجربي بعد معلوم ٿيو ھو ته: (الف) عوام ۾ قومي شعور پيدا ٿي نه سگھيو ھو. خواص ۾ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق، بزدلي ۽ فرض ناشناسي جون عادتون گھر ڪري ويل ھيون.سنڌ جي سياسي خودارادي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي راھه رڪاوٽون پئجي ويون ھيون، جي ظاھري طرح نه آئيني طور ڇاڪاڻ ته اسان اقليت ۾ ھئاسون ۽ نه غير آئيني طور دور ڪري سگھياسون ٿي جو نه اتحاد، نه قومي شعور ۽ نه ھمت ھئيسون. ان ڪري سياسي خلفشارن کان ڪنارہ ڪش ٿي عوام ۾ اصلاح نفس، قومي شعور، اخلاقي درستي، حب الوطني، ايثار ۽ پراپڪاري جي پيدا ڪرڻ لاءِ بزم صوفيائي سنڌ جو بنياد وجھي ڪانفرنسون ڪوٺائي مذڪوره بالا مقصدن لاءِ پرچار ڪرڻ شروع ڪيوسون.ان جي پروگرام ۾ ھڪ جزو اھو به ھو ته سنڌ جي گذريل قومي سورمن جي زندگيءَ جي قربانين جو احوال لکي نوجوانن کي سندن شاندار ماضيءَ جي ڪارنامن کان واقفيت لاءِ پيش ڪيو وڃي. ان ڪم جي سرانجاميءَ جو ڪم مختلف اصحاب تي رکيل ھو، پر بزم صوفيائي سنڌ جي تعليم کي ملڪي امن لاءِ خطرناڪ سمجھي حڪومت طرفان مون تي جولاءِ 1967ع کان دوبارہ نظربنديءَ جو حڪم جاري ڪيو ويو، ان ڪري ھڪ جاءِ تي ويھڻ سبب مون کي وقت ملي ويو ته ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ننڍڙو پمفليٽ سنڌ جي آزادي، آزاد خيالي، عزت ۽ ناموس لاءِ قربان ٿيندڙ پنجن شھيدن جي حياتيءَ تي لکي ناظرينن جي خدمت ۾ پيش ڪريان.
تي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري

هن ڪتاب جو مکيه مقصد، پڙهندڙ کي اهڙي ترغيب ڏيڻ آهي، جنهن مان هو پنهنجي انهن معاملن جو ٻيهر جائزو وٺي، جيڪي ٿي سگھي ٿو ته اهي سندس لاءِ بي معنى هجن، پر حقيقت ۾ اهي ئي سندس زندگيءَ لاءِ نهايت اهم هجن. انهيءَ جائزي واري عمل ۾ تيستائين کيس پنهنجي ڪٽرپڻي کي پاسي تي رکڻو پوندو، جيستائين انهن معيارن جو نئين سر ڪاٿو نه لڳايو اٿس، جن کي اڳ ۾ پورو ۽ مڪمل سمجھندو هو. اها ڳالھ به اسان کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته ڪوبه فرد جيستائين ڪنهن نئين معاملي کي ڪٽرپڻي جي نگاھ سان ڏسندو، تيستائين هو ڪنهن به صحيح فيصلي تائين پهچي نه سگھندو ۽ نه ئي ڪو صحيح نتيجو ڪڍي سگھندو. ڳالھ اصل ۾ هيءَ آهي ته ڪوبه شخص جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي صحيح ڏسڻ چاهيندو ته هو ان کي صحيح ڏسندو، پر جيڪڏهن هو ڪنهن شيءِ کي اڳي ئي خراب سمجھندو ته ان جو مطلب ٿيو ته هو فيصلو ڪري چڪو آهي ته اها شيءِ خراب آهي. هتي ڪٽرپڻي يا فرض ڪري وٺڻ بابت اظهار ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته، ڪوبه شخص اڪيلي سر پنهنجي لاءِ پنهنجي ذهن ۾ ڪي شيون يا ڪي فيصلا ورلي تيار ڪري سگھندو آهي. بلڪ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاراڻي وهيءَ کان ئي سندس ذهن کي سندس ماحول يا سماج بي شمار ڳالهين سان ڀري ڇڏيندو آهي. ڪٽنب، دوست ۽ ويجھا عزيز، سندس فيصلي ڪرڻ جي طاقت تي اثر انداز ٿيندا رهندا آهن. خاص ڪري ميڊيا (Media)، جنهن ۾ اخبارون، رسالا، ڪتاب، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وغيره اچي وڃن ٿا، سي سڀ سندس سوچ ۽ فڪر تي بيحد اثر انداز ٿيندا آهن، ايتري تائين جو ماڻهن جو ڪيترن ئي اهم موضوعن بابت رويو ئي بدلائي ڇڏيندا آهن. ميڊيا (Media) صحيح ڳالھ کي نامنظور، نقصانڪار ۽ اڻ وڻندڙ ۽ غلط شين کي سٺو ۽ وڻندڙ ڪري ڏيکارڻ جي غلط نمائندگي ڪندي رهندي آهي. اهڙو انسان جيڪو سماج طرفان پيدا ڪيل ڪٽرپڻي جي فضا کي هڪدم قبول ڪري ٿو، سو ڄڻ ته پنهنجي شخصيت جو تمام گھڻو حصو ضايع ڪريو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي هر عمل جو اظهار ٻين جي اثر هيٺ رهي ٿو ڪري. هو پنهنجي آزادي يا آزاد خياليءَ سان ڪوبه ڪم ڪري نٿو سگھي. ٻين جون اڳيئي ٺهيل طبيعتون، خيال ۽ لاڙا، سندس ڪردار، چال چلت ۽ سڀاءَ تي وڏو اثر وجھن ٿا. ان ڪري هو زندگيءَ جا اهي ئي قدر صحيح ٿو سمجھي، جي کيس ٻڌايا، سمجھايا ۽ ڏيکاريا وڃن ٿا. نه فقط ايترو، بلڪ اهي معاشرا جن جا تهذيبي ۽ ثقافتي پس منظر جدا جدا آهن، تن وٽ سندن ڄاڻ ۽ سمجھ مطابق، نيڪي ۽ بدي، خير ۽ شر، صحيح ۽ غلط جا تصور به جدا جدا آهن ۽ انهن ئي تصورن تي سندن ايمان آهي. ان ڪري اهڙن معاشرن جي ٺاهيل حڪمن يا هدايتن، فتوائن يا فيصلن تي پڄڻ بنا غور ويچار ڪرڻ ۽ اکيون ٻوٽي عمل ڪرڻ ۾ ڪا دانائي يا سياڻپ ڪانهي. اهڙيءَ ريت اهي عمل جن کي اڄ ڪلھ ڪنهن سماج ۾ خراب يا غلط سمجھيو وڃي ٿو، ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ انهن کي سٺو ۽ صحيح سمجھيو وڃي. آدم خورن لاءِ ماڻهوءَ جو گوشت کائڻ عام رواجي ڳالھ آهي. نازي جرمنيءَ جي فاشسٽ سوسائٽيءَ ۾ هڪ پاڳل ليڊر جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪرڻ، اتان جي ماڻهن لاءِ بلڪل عام رواجي ڳالھ هئي. نه فقط ايترو بلڪ ان کي درست سمجھيو ويندو هو. ان زماني ۾ اهي ماڻهو نه فقط پنهنجي بيوقوف ۽ چرئي ليڊر جا پوئلڳ هوندا هئا، بلڪ ان جي هر طرح سان مدد به ڪندا هئا. دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي اهڙا مثال ملندا. هتي جنهن ڳالھ تي اسين زور ڏئي رهيا آهيون، سا هيءَ آهي ته انڌي تقليد ڪرڻ بجاءِ سماجي جوڙجڪ ۽ ان جي صورتحال تي اڪيلي سر غور ويچار ڪرڻ ۽ هر ڳالھ جي حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ ئي سياڻپ ۽ دانائي آهي. اهڙوئي انسان ڀليءَ ڀتِ پروڙي سگھندو ته سماج جا ٿاڦيل يا هٿ ٺوڪيا ”قدر“ (Values) غلط ٿي سگھن ٿا. جيڪي جيڪڏهن سوچڻ بنا اختيار ڪيا وڃن ته اخلاقي ڏيوالو نڪري سگھي ٿو.
تي ڪلڪ ڪريو.Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري