درياهه جڏهن دڙ لائن ٿا!


”انسان جو من به عجيب آهي. هن کي پنهنجي ننڍپڻ سان بيحد پيار هوندو آهي، پوءِ ڀلي ان ۾ ڪيڏا ڏک ڏاکڙا ڇو نه هجن!
هوءَ اهو سوچي رهي هئي ته ٽڪريءَ تي ٺهيل درگاهه تي فقيرن پنهنجي گيت جو آلاپ اوچو ڪيو. هو  گڏجي ڳائڻ لڳا ته:
مولا منهنجي من ۾ هڪ گلاب جو گل ٽڙاءِ
پوءِ ڀلي ان ۾ سوين ڪنڊا ڇو نه هجن!!
ان گيت جي صدا هن جون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هوءَ جيڪڏهن پنهنجيون اکيون کولي به ها ته ان ۾ ڳوڙهن کان سواءِ ٻيو ڇا هجي ها!!؟“
اسپين جي جپسين سان محبت ڪندڙ ۽ انهن جي لوڪ گيتن کي پنهنجي ڪويتا ۾ سجائڻ واري سريلي شاعر لورڪا جي ناٽڪ ”يرما“ جو اهو سين مون کي ياد آيو آهي، انهن انسانن جي حوالي سان جن جي ٻاروتڻ ٻهراڙين ۾ اکيون کوليون ۽ انهن جون جوانيون شهرن جي گئس چيمبرن ۾ گذريون ۽ هاڻي جڏهن سرمائي جو ڪوڙو سون انهن جي وارن کي چاندي بڻائي چڪو آهي ته انهن کي پنهنجي مٽيءَ جي ڇڪ ڪجهه وڌيڪ ئي محسوس ٿي رهي آهي.
درياهه ۾ چاڙهه جون خبرون پڙهي نه معلوم ڪيترن انسانن جون دليون پنهنجن وسري ويل ڳوٺن طرف وڃڻ لاءِ بيچين ڪيئن نه ٿيون هونديون!
نه ڄاڻ ڪيترن هٿن جي آڱرين ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ”سرمد سنڌيءَ“ جو نالو ٽائپ ڪري، يو ٽيوب تي اهو گيت ٻڌو هوندو ته:
”تنهنجي ياد جي وري آ وير
لڳي رهي آ ٿڌڙي هير.....!“
مان انهن انسانن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪي شهر ۾ ڪمائڻ لاءِ آيا ۽ شهر انهن کي خريد ڪري ورتو. هو جن جو ٻالڪ پڻو ٻهراڙين ۾ گذريو. انهن جي اکين ۾ اڄ درياهه اٿلي پيو هوندو. ان درياهه جي هڪ هڪ لهر لڙڪ وانگر اوڀاري ۽ لهواري ٿيندي هوندي. ڇو ته هر سير ۾ گذري ويل وقت جي هڪ سار هوندي. هڪ اهڙي سار جنهن پوءِ سپنن ۾ به اچڻ ڇڏي ڏنو هوندو. پر سنڌوءَ جي جوڀن ورڻ سان اهي سڀ يادگيريون انهن جي من ۾ موٽيون هونديون، جن ۾ مٽيءَ جي مهڪ ۽ مکڻ جي خوشبو هوندي.
اڄ اهي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا انهن کي ڪنهن ٿڌي کوليءَ جهڙا محسوس ٿيندا هوندا، جڏهن انهن کي پنهنجي ڳوٺ جي شام ياد ايندي هوندي. ڳوٺ جي اها شام جنهن ۾ انهن جي حياتيءَ جي هڪ پوري حقيقت سمايل آهي. انهن جون ڳالهيون انهن جي انهن ٻارن کي به سمجهه ۾ نه اينديون، جيڪي ڪراچيءَ جي انگريزي اسڪولن ۾ پڙهيا ۽ جن ڪنهن موتيءَ فوتيءَ تي ڳوٺ ڏٺو به ته انگريز سياح وانگر! انهن کي ڇا معلوم ته ڪچي جي زندگي ڪيترن ئي ڪشالن جي باوجود ڪيتري حسين هوندي آهي. اهي ماڻهو جيڪي ميوزڪ ۾ وڏي ذوق جي باوجود جڏهن شمن ميراليءَ جو اهو ڪلام ٻڌن ٿا ته:
”هل ته هلون يار ڪڏهن گهمڻ ڪچي ڙي“
تڏهن انهن جي سينن جي پڃرن ۾ قيد دليون طوطي وانگر ”ٽيون ٽيون“ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ انهن کي ياد اچن ٿا ويڙهي جا اهي وڻ جن تي صبح جا ڪرڻا جرڪندا هئا ۽ رات جو انهن جو روپ ڪنهن ديو جهڙو لڳندو هو، جنهن ۾ ٽانڊاڻا ”ٽم ٽم“ ڪندا، انهن جو روپ اڃان وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ڇڏيندا هئا.
هي موسم جنهن کي انهن جا وڏڙا آبڪلاڻي جي موسم ڪوٺيندا هئا، انهن جون شامون ڪيتريون نه حسين هيون. جڏهن ڪچي مان انهن جا مٽ مائٽ پراڻا هنڌ ۽ ڇڳل کٽون کڻي انهن جي ويڪرن پڌرن ۾ آرامي ٿيندا هئا ۽ رات جو اوچتو وسي پيل مينهن ڪنهن نئين نيهن جو ڪارڻ بڻجي پوندو هو.
انهن جي موبائل فون تي هاڻي به جڏهن ”برسات ڀريل ايس ايم ايس“ ايندو هوندو ته انهن جي دلين جي ڪيفيت امداد جي ان شعر جهڙي ڪيئن نه ٿيندي هوندي ته:
”جتي گڏ ڀناسين ۽ رانديون رميون سين
انهيءَ ڳوٺ تي مينهن وسندا ته هوندا!!“
انهن کي معلوم آهي ته آبڪلاڻي جي موسم صرف مڇر نه آڻيندي آهي پر ڳوٺ جي بند تي بيٺي هو سنڌ جو اهڙو سنسار پسندا هئا، جنهن جو روپ هاڻي ڪٿي به ڪونهي. هو جيڪي هاڻي شهرن ۾ اٽالين بوٽ پائي هلن ٿا، انهن کي ياد ايندي هوندي اها گپ، جنهن ۾ انهن جا پير گوڏي تائين گهڙي ويندا هئا ۽ هو سنگتيءَ کان سهارو وٺي، کلندي ٻاهر نڪرندا هئا. انهن جي پيرن ۾ لڳل ڪنڊا ته نڪري ويا پر انهن جي سار پوءِ به هڪ سور وانگر انهن جي دلين ۾ موجود رهي!
هاڻي سنڌو وري پنهنجن موجن سميت وريو آهي ۽ ڳوٺن ۾ وڍجڻ کان بچي ويل وڻن تان اڏامندڙ پکين جي پرن مان جمن دربدر جو اهو گيت ڇڻي رهيو آهي ته:
”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداهه ٿي ويندي، ڇٽي چانڊاڻ ۾ ملبو“
سنڌو ته وريو آهي پر سنڌو جا وڃائجي ويل ٻارڙا اڃان تائين پنهنجن انهن ڳوٺن ڏانهن نه وريا آهن، جتي انهن هلڻ ۽ ڳالهائڻ سکيو!
هاڻي به انهن انسانن جي دل چاهيندي هوندي ته هو شهر جي هٿ مان ٻانهن ڇڏائي پنهنجن واهڻن ڏانهن وري وڃن پر ڳالهه صرف شهر جي مجبورين جي ناهي. ڳالهه ان خوف جي به آهي ته ڪٿي انهن کي اهي اکيون نه ڏسن، جن سان ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا! ان ڪري هو پاڻيءَ جي هن موسم ۾ به سنڌوءَ جو سير ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا ۽ دل ۾ درد جو سڳو سورين ٿا ۽ پنهنجي افسوس کي صرف پاڻ سان ئي اورين ٿا!!
هو ٻهراڙيءَ جا ٻار جيڪي سهولتون هوندي سوندي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ شهر ڇڏڻ کان مجبور آهن ۽ پنهنجن ڳوٺن ۾ وڃائجي ويل زندگين کي تلاش ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، ڪاش! انهن جي سينن ۾ به ڪو سنڌوءَ جهڙو ديوانو درياهه هجي ها، جيڪو هيڏن سارن بندن کي ٽوڙي وري پنهنجي مٽيءَ کي زرخيز ڪرڻ جي لاءِ پهاڙن کان ڪهي سمنڊ طرف وڃي رهيو آهي. سنڌوءَ جا ٻار ڀلي پنهنجن ماڳن طرف نه موٽن. هو ڀلي شهرن جي هوٽلن ۽ ايئرپورٽن تي ويٺي ڪوڙن قسمن جهڙين نارين سان اکيون لڙائي وقت گذارو ڪن پر سنڌو واپس وريو آهي. وري انهن ماڳن طرف جتي گذري ان کي ڪيئي ورهه گذري ويا.
ڪو ڀلي هن جي ڪبندڙ ڪنارن جو سير ڪري نه ڪري پر سنڌو ته پنهنجي ديس جو سير ڪري رهيو آهي. پر ڇا هن جون لهرون پنهنجي ديس کي سڃاڻي سگهنديون؟ هو جنهن جون ويرون پڇا ڪنديون ان ڪچي جو، جيڪو هاڻي ڪٿي ڪونهي!
آبپاشيءَ جا عملدار ته ڀريل درياهه کي دشمن سمجهندا آهن. انهن جي خيال مطابق ته درياهه جا ٺڪاو دهشت پيدا ڪرڻ لاءِ هوندا آهن پر هن ڀيري ديوانو درياهه سمنڊ طرف ويندي دانهون ڪندي ٻڌبو! هو پڇا ڪندو انهن ڳوٺن جي جيڪي اجڙي ويا. انهن جهنگن جهرن جي جيڪي ساڙيا ويا. انهن مقامن جي جيڪي بلڊوز ڪيا ويا. هن کي ڪٿي به جهوپا نظر نه ايندا. هو انهن ماڻهن جو پتو پڇندو ته هن کي ڪو جواب نه ملندو، جيڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ هڪ درياهه وانگي وهندا هئا ۽ جڏهن هو سيڻهه سهاري سفر ڪندا هئا ته درياهه جون سيرون انهن سان رس رهاڻيون ڪنديون هيون. انهن کي ڪيئي ڪهاڻيون ڏسينديون هيون ۽ هو اهي ڪهاڻيون پنهنجي فن ۾ سينگاريندا هئا. هو جيڪي سگهڙ هئا! اڄ انهن جون پيروليون نور وڃائي ويٺل پيرسنيءَ وانگر پنهنجي گهر جا پتا پڇائي رهيون آهن.
جنهن صورتحال کي شهري ٻوليءَ ۾ سيلاب ڪوٺيو ويندو آهي، سنڌيءَ ۾ ان کي صرف ”ٻوڏ“ چئبو آهي ۽ ٻوڏ جو مقصد ٻڏڻ آهي ۽ اها ٻوڏ ان ڪچي کي ٻوڙيندي هئي، جيڪو ڪچو ٻڏڻ کان پوءِ انهن کي ٻه فصل ڏيندو هو. هاڻي ان ڪچي ۾ پڪا گهر ڏسي درياهه کي افسوس ڪيئن نه ٿيندو؟ درياهه کي ان ڳالهه جو ڏک نه ٿيندو ته ماڻهو پڪن گهرن ۾ ڇو ٿا رهن! پر هو افسوس سان سوچيندو ته ڇا انهن منهنجي آمد جو آسرو لاهي ڇڏيو هو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ انهن منهنجي راهه ۾ پنهنجا پڪا گهر ڇو ٺاهيا آهن؟ اهي گهر بند جي ڀرسان به ٺهي ٿي سگهيا!! پر حقيقت اها آهي ته انهن ماڻهن کي ڪو آسرو نه هو ته درياهه وري واپس ورندو.
پر درياهه واپس وريو آهي. ڇو ته هو انسان ناهي. اهو انسان جيڪو پنهنجا ڳوٺ وساري ويٺو آهي. جنهن کي پنهنجن ماڳن جي مهڪ به ياد ناهي. جنهن جي والٽ ۾ پيل ڪنهن به ڪارڊ تي هن جي ان واهڻ جو پتو ناهي، جنهن واهڻ کي اڄ به هن جو انتظار آهي ته هو ايندو!
هي درياهه جيڪو  پنهنجين ويرن سان گڏ وريو آهي، سو سمنڊ تائين دانهون ڪندو ويندو. اهو درياهه پنهنجي کاري سنگتيءَ کي ٻڌائيندو ته وقت تبديل ٿي ويو آهي ۽ وقت جي ان تبديليءَ ۾ اها سنڌ وڃائجي وئي آهي، جنهن ۾ سون رنگ پاڻيءَ تي ڏيئا ٻرندا ترندا هئا ۽ ان جي پس منظر ۾ ٿيندڙ ڪچهريون الغوزن جي سرن سان سينگاريل هونديون هيون.
سنڌو پنهنجي وڃائجي ويل ديس جي ڳولا دوران ڪهڙي ڪيفيت ۾ هوندو؟ ان سوال جو جواب ته اهو لطيف ئي ڏئي سگهيو پئي، جيڪو درياهه جي ٻولي ڄاڻندو هو. جنهن جا ڪردار درياهه کي چوندا هئا ته:
”تڙن جا طعنا، سهنگا ڏينم سرتيون
درياهه ديوانا، سڻ حقيقت حال جي!“
پر هيءَ موجوده سنڌ جي صورت ۾ جنهن تلخ حقيقت جو نظارو سنڌو ڏسي ويندو، تنهن جو حال هو سمنڊ کان سوا ٻيو ڪنهن کي سڻائي به ته نه ٿو سگهي.
ان ڪري هن آبڪلاڻيءَ ۾ جڏهن درياهه دڙ لائي، تڏهن ان جي دانهن کي دهشت نه سمجهيو وڃي. تڏهن صرف اهو سوچيو وڃي ته سالن کان پوءِ هڪ درياهه پنهنجي ديس جي حال تي دانهون ڪري رهيو آهي. هو هڪ وهندڙ فرياد ٿي ويندو، ان سمنڊ طرف جنهن جا ڪنارا پوري دنيا سان ڳنڍيل آهن!
www.awamiawaz.com