ڪراچيءَ ۾ ڀتا خوريءَ جو نيٽ ورڪ :اعجاز شيخ

”ڪراچيءَ جا واپاري قرآن مٿي تي رکي ٻڌائن ته هو ڀتو ڪنهن کي ڏيندا آهن؟ 20 سالن کان يتيمن، بي واهن جي نالي تي چندو، فطرو ۽ کلون حاصل ڪندڙ انهن جو حساب ڪتاب ڏين.“
هي لفظ گهرو معاملن واري صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گهرو وزارت جي قلم دان ڇڏڻ کان ٻئي ڏينهن ۽ هڪ مهيني جي موڪل منظور ٿيڻ واري ڏهاڙي لياريءَ جي دوري دوران پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جڏهن لياري پهتو ته لياريءَ جي جيالن سندس مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو. مفاهمت واري چادر مان ٿورڙو وقت نڪري سچ ڳالهائيندڙ ذوالفقار مرزا حڪومت جي اتحادي ڌر کي هرگز ڪو نه وڻندو هو. جيتوڻيڪ هنن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائڻ جو ڪو کليل اعلان نه ڪيو هو. پر ڊاڪٽر صاحب جي موڪل گهرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته کيس هٽائڻ وارو مطالبو اتحادين جو ئي هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا لياريءَ واري تقرير ۾ ان جو جواب ڪجهه هن ريت ڏئي ٿو ته ”منهنجي جان پيپلزپارٽيءَ جي امانت آهي. مون کان وزارت واپس وٺي منهنجي تمام گهٽ قيمت هنئي وئي.“
ڪجهه هفتن کان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائڻ، کيس سينيٽر چونڊرائڻ جون ڳالهيون هلندڙ هيون. پر ڪراچيءَ جي واپارين جڏهن 5 اپريل تي ڪراچيءَ ۾ ڀتا ڪلچر خلاف هڙتال ڪئي ته کيس ڪجهه عرصي لاءِ پاسيرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو ”ڀتا ڪلچر“ آهي ڇا؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪراچيءَ جا ماڻهو چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿا. ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسين ته ڊرائيور ۽ ٻيا ننڍين پگهارن وارا ملازم پگهار سان گڏوگڏ مالڪن کان روزانو چلهه جلائڻ لاءِ ڪجهه ڀتا وصول ڪندا هئا جنهن کي هو ”ڀتو“ چوندا هئا. ڪراچيءَ ۾ اهو ڀتو روزانو، هر هفتي يا ماهوار بدمعاش هٿيارن جي زور تي وٺندا آهن. ڪراچيءَ جا ڪجهه گروهه ته اهڙا منظم ۽ ڀتي وٺڻ ۾ ماسٽر آهن جو اهي عام دڪاندار ڏانهن اچن به ڪو نه ٿا. هو سڄي علائقي جي يونين جي اڳواڻ کي پڪڙن ٿا. اهو ئي سڄي مارڪيٽ، بازار جي دڪاندارن کان ڀتو جمع ڪري گروهن وٽ جمع ڪرائين ٿا. ڪراچيءَ ۾ ڪارخانو هلائيندڙ وڏو واپاري هجي، دڪاندار، اسٽور ڪيپر يا صدر جي علائقي ۾ ريڙهو هڻندڙ اهي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڀتو ڏيڻ کان سواءِ ڪاروبار هلائي نه ٿا سگهن. ڪراچيءَ ۾ اهو سلسلو سالن کان جاري آهي. ان دوران ڀتا آرڊيننس آيو، مختلف حڪومتون تبديل ٿيون پر حالتون تبديل نه ٿيون.
هتي هڪ مذهبي تنظيم جي شهيد اڳواڻ جو آن دي رڪارڊ قصو ٻڌائيندو هلان ته ڪنهن زماني ۾ سينيما جي مالڪ پريس ڪانفرنس ڪري صحافين آڏو دانهيو ته هڪ مذهبي تنظيم ان کان هڪ لک رپيا ماهوار ڀتو گهريو آهي. صحافين ان تنظيم کان ان جو موقف وٺڻ لاءِ فون ڪيو ۽ ان جماعت جي اڳواڻ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اقرار ڪيو ته هن ڀتو وٺڻ لاءِ پرچي موڪلي هئي. پر ان جو هن سبب اهو ڄاڻايو ته ساڳي سينيما جو مالڪ هن جي مخالف جماعت کي هڪ لک رپيا ماهوار ڀتو ڏئي رهيو آهي. جنهن سان مخالف جماعت مضبوط ٿئي ٿي، هٿيار وٺي ٿي ۽ اهي هٿيار اسان جي ڪارڪنن خلاف استعمال ٿين ٿا. ان ڪري سينيما مالڪ کان اسان به پئسا گهريا آهن. هاڻي يا ته هو اسان جي مخالفن کي ڀتو ڏئي مضبوط نه بڻائي ٻي صورت ۾ اسان جو به حق آهي ته اسان پنهنجي تحفظ لاءِ مجبوري وچان ڀتا وصول ڪيون.
ڪراچيءَ ۾ ڀتا ڪلچر ۾ بي پناهه اضافو پڻ شايد حڪومت جي بلا واسطه ڪارروائيءَ جو نظريو به ساڳيو ٿي سگهي ٿو ته جيڪي ڌريون پهريان ئي ڀتو ڏئي رهيون آهن. انهن ڏانهن ٻين گروپن جون به پرچيون وڃڻ شروع ٿيون آهن. ان ڪريءَ انهن کي ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن توهان ڀتا بند ڪرڻ جي همت نه ٿا رکو ته توهان ٻين گروپن کي به ڀتا ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو.
مثال طور جيڪڏهن منهنجو ڪٿي دڪان يا ڪاروبار آهي ۽ مان ماهوار 10 هزار رپيا ڀتو ڀري رهيو آهيان ان دوران جيڪڏهن مون کي ڪنهن ٻئي گروپ ڀتي جي پرچي ڏني ته مان يقينن ڀتو وٺندڙ کي فون ڪري ٻڌائيندس ته يا ته هو ڀتو وٺڻ بند ڪري يا ٻئي بدمعاش کان جان ڇڏائي. اهڙي طريقي سان کاري در ۾ ٻن ڀتا خورن جو قتل ٿيو ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو وڌيو. هتي مان اهو به ياد ڏياريندو هلان ته ڪجهه سال اڳ تائين قربانيءَ واري عيدي قرباني جي جانورن جون کلون کسڻ کان جهيڙن ۾ 30-40 ماڻهو مارجي ويندا هئا. هاڻي به جيڪڏهن حڪومت هر عيد تي خصوصي احڪامات جاري نه ڪري ته صورت حال بنهه ساڳي ٿيندي، ڀتا وٺڻ ۾ صرف سياسي گروپ ۽ ٻيا بدمعاش گروپ ئي شامل ناهن. سڄي شهر ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ گروپن جي ڀتن جو پڻ هڪ مضبوط نيٽ ورڪ موجود آهي، روشنين جي شهر مان روشنيون ختم ٿي چڪيون آهن، باقي ڀتا ڪلچر وڃي بچيو آهي، هاڻي ڪراچي روشنين جو شهر نه پر ڀتا ڪلچر جو شهر وڃي بچيو آهي. چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته شيون مجموعي طور تي مهانگيون ٿي وينديون آهن. پر ان طرف شايد حڪومت جي ڪنهن به ايجنسي يا اقتصادي ماهر جو ڌيان نه ٿو وڃي ته ڪراچيءَ مان جيڪڏهن ڀتا ڪلچر جو خاتمو آڻجي، سڄي نيٽ ورڪ کي غير جانبداريءَ سان ختم ڪجي ته شايد ڪراچي شهر ۾ عام واهپي جي شين ۽ رئيل اسٽيٽ سميت سمورين شين جا اگهه شايد اڌواڌ گهٽجي وڃن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڀلي کڻي ان ڪلچر سان ٽڪراءَ سبب هٽيو هجي پر مفاهمتي چادر اوڍڻ وارا به ڄاڻن ٿا ته ڪراچيءَ جي مسئلن جو والد حل به اهو آهي ته هتان ڀتا ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي. 
www.awamiawaz.com



Part 1
Part 2
Part 3
Part 4
Part 5
Part 6
Part 7
http://www.sindhudesh.com/gmsyed/case/saeen-book1.htm