سنڌ جو قصيدو
اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي
ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون
ڀونءِ تنهنجا اسين آهيون ڀانَ، ڳلِي ڳلِي جاڳ راڳ ڳايون
جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي
اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي
هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي جي ڳالهه ڳڻي
پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!
پڙهو گھمايو، خزان تڙايو، اسين اٿون پيا بهار بنجي
سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران
ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي
وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا
انگ، وڇون ۽ ويري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي
ااجهڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي
ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي
اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا
تحرير کي ترار بنايون بچي پئون
خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سنهن کتل آهيان
گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان
تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان
مختلف قطعات

تيل ۽ گئس فيلڊس ۾ مسلسل ٻرندڙ شعلو، آبهوا ۽ معيشيت

نواز ڪنڀر
دنيا ۾ وڌندڙ گرمي درجي سبب تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ آبهوا جا جتي ٻيا ڪيترائي سبب آهن، اتي تيل ۽ گئس فيلڊس ۾ مسلسل ٻرندڙ شعلي ۽ ان مان نڪرندڙ ڪاربان ۽ ٻين گئسن جو به  وڏو هٿ آهي. جيڪڏهن ملڪي يا سنڌ صوبي جي حد تائين ڏسون ته نڪرندڙ تيل ۽ گئس جو فائدو ته هڪ محدود حلقي تائين ئي رهي ٿو پر تيل ۽ گئس جي ڳولا وقت ٿيندڙ نقصانن کان وٺي، پيداوار شروع ٿيڻ وقت   ٿيندڙ  ڌماڪن  کان پيداوار شروع ٿيڻ تائين، ٻرندڙ شعلي جا اثر نه صرف فيلڊس جي آس پاس رهندڙن تي، بلڪ مجموعي طور ماحول ۽ آبهوا تي پون ٿا ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو انهن ناڪاري اثرن جي ڪري ڀوڳين ٿا. مخالفت  ترقي يا ترقياتي منصوبن جي  نه پر انهن منصوبن کي ماحول ۽ ماڻهن لاءِ غير معياري ۽ نامناسب نموني هلائڻ جي آهي. جيڪڏهن تيل ۽ گئس مان رڳو ترقي ۽  خوشحالي اچي ها ته ملڪي سطح تي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ اهم حصيدار ضلعو بدين، غربت  ۽ بدحاليءَ جي لسٽ ۾ مٿانهين نمبر تي نه هجي ها!
ملڪ ۾ هونئن ته جتي ڪٿي قاعدن ۽ قانونن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي،    اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو وڃي ٿو، ذاتي خسيس فائدي لاءِ ٻين جو وڏو نقصان ڪيو وڃي ٿو پر جهڙي انڌير واري ۽ ليڪا لتاڙيندڙ صورتحال تيل ۽ گئس جي پئداوار جي سلسلي ۾ ڪئي وڃي ٿي، اها لتاڙ ملڪي سطح تي، مختلف حوالن سان ٿيندڙ لتاڙن ۾ مٿانهين نمبر تي جاءِ والاري ٿي. ڪنهن به هنڌ تيل ۽ گئس جي ڳولا کان وٺي پيداوار شروع ٿيڻ ۽ پوءِ پيداوار شروع ٿيڻ جي مختلف مرحلن  تي علائقائي ترقيءَ لاءِ مخصوص ٿيل رقم ته خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي؟ ان جو به جواب يقيناً کاتي جي ڪاغذن ۾ آفيسرن جي چپن ۽ پريزينٽيشن پيپرز تي ضرور  هوندو پر جيڪڏهن عام ماڻهو اها ترقي ڏسڻ چاهيندو ته کيس ڳولهي نه لڀندي. انڌير ۽ ظلم ته اهو به آهي  ته تيل ۽ گئس جي پيداوار شروع ٿيڻ کان اڳ ماحوليات جي تحفظ وارو ادارو يعنيEPA(Enronmental Protection Agency) ان علائقي جي  من پسند ماڻهن ۽ تنظيمن کان  اسيسمنٽ رپورٽس ڪرائيندو آهي. رپورٽس تي  وڏن خرچن سان ان رپورٽ وارن علائقن ۽ ماڻهن کان پري ڪنهن ٿڌي هوٽل ۾ سيمينار  ڪرائي ”سڀ صحيح “ جو ٺپو لڳرائيندي پوءِ ڪم شروع ڪرائيندو  آهي. خود EPA جي اعلى عملدارن جي بقول ته  اڄ ڏينهن تائين پيداوار شروع ٿيڻ کان پوءِ ان علائقي جي درجي به درجي  گرمي جي آبهوا، ماحول، ماڻهن، فصلن، وڻ، گاهن، ٻوٽن، چوپائي مال، جانورن، پکين، جيتن، ماڪ، زير زمين پاڻي وغيره تي ڪهڙا اثرا ٿيا، ان تي ڪابه اسٽڊي نه ڪرائي وئي آهي!  اداري وٽ اهي به انگ اکر ناهن، بلڪه هن انهيءَ ڳالهه جي ضرورت ئي محسوس ناهي ڪئي ته ٻرندڙ شعلي سبب في ڪلاڪ يا في منٽ ڪيتري گرمي، ڪيتري مقدار ۾ ۽ ڪهڙيون گئسون آبهوا ۾ شامل ٿي رهيون آهن؟ ۽ انهن جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا!؟
 ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۽ ٻرندڙ شعلي جي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن سان ٿيل ڪچهرين ۾ ورتل حال حقيقتن مان  خبر پوي ٿي ته شعلي سبب ان علائقي جي چوگرد گرمي جو درجو، ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌي  ٿو. انهن علائقن جي ماڻهن ۾ چمڙي، ساهه ، اکين جون بيماريون عام هونديون آهن. ممڪن آهي ته ٻيون بيماريون به ٿينديون هجن، جن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪا ٽيم ئي نشاندهي ڪري سگھي ٿي. ان کان علاوه انهن علائقن ۾ موسمي پوندڙ ماڪ به نٿي پوي، جنهن سبب چوپائي مال، فصلن ۽ ٻيجي تي به ناڪاري اثر پون ٿا. شعلي جي ڏينهن رات روشنيءَ سبب انهن علائقن جا ماڻهو توڙي جھنگلي جيوت سخت متاثر ٿين  ٿا. اهو علائقو جن به جانورن، پکين جي جُوءِ يا HABITATE هجي ٿو، اهي بي زبانا، اهو علائقو خالي ڪري وڃن ٿا. باهه ۽ روشني ڏانهن ڀڄي وڃي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي جبلت رکندڙ ڪيترائي جيت، پوپٽ ۽ پتنگ دوکي جي هن ديوار هٿان پنهنجي حياتيءَ کان محروم ٿي ويندا آهن. جڏهن ٻرندڙ هڪ ميڻ بتي تي ڪيترائي پتنگ اچي جان فدا ڪري سگھن ٿا ته هن هيڏي وڏي شعلي تي  ڪيترا قربان ٿيندا هوندا، ان جو اندازو هر ڪو ڪري سگھي ٿو. قربان ٿيندڙ انهن جيتن، پوپٽن ۽ پتنگن ۾ ڪيترائي فصل ۽ ماحول دوست به  هجن ٿا. انهن جي سڙي مري وڃڻ بعد فصلن کي سخت نقصان پهچي ٿو. شعلي واري علائقي جي ڀرپاسي ڪيترائي وڻ ۽ گاهه ٻوٽا ختم ٿي وڃڻ بعد  چراگاهه ختم ٿيو وڃن، جنهن جو سنئون سڌو اثر چوپائي مال جي گھٽجڻ سبب ماڻهن جي معاشي حالت تي پوي ٿو. ماڻهن جي انهن علائقن مان لڏ پلاڻ ٿئي ٿي، انهن جي اهنجن ۽ تڪليفن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اهي در بدر ٿين ٿا، پر متعلقه کاتن وٽ انهن اثرن کي ختم يا گھٽ ڪرڻ وارا اهي اپاءَ وٺڻ ته رهيو پري، انهن ادارن وٽ ته اهڙن ڪمن جي اثرن جي حوالي سان نه ئي ڪي انگ اکر آهن، نه ئي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو کين جو خيال آهي  ۽ نه ٿيندڙ نقصان جو اندازو ، احساس ۽ ان بابت ڪا پلاننگ.
تيل ۽ گئس جي پيداوار اتي موجود مقدار جي حساب سان،  هڪ مقرر مدي تائين جاري رهندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي گھٽجندي، ختم ٿي ويندي آهي، جيئن سئي بلوچستان،  بدين ۽ ٻين جاين تي ٿي رهيو آهي. ان لحاظ کان اسان جي ڌرتي اندر دفن ٿيل دولت، وقت کان اڳي ۽ اسان جي سجاڳ ٿيڻ کان پهرين، ڪجهه ادارا ۽ ماڻهو ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪري، پٺيان رڳو اسان لاءِ تباهي ۽ بربادي ڇڏي، پئداوار پوري ٿيڻ تي هتان هليا ويندا ۽ اسان جي نصيب ۾ رڳو ان جا ناڪاري اثر ڀوڳڻ ئي رهجي ويندو! ان ڪري  هتي جي باشعور ماڻهن، ماحولياتي ماهرن، صحافين، سماجي تنظيمن توڙي سياسي پارٽين تي فرض ٿو عائد ٿئي ته اهي هن ڏس ۾ سجاڳ ۽ هڪ آواز ٿي، متعلقه ادارن کان اها ڳالهه مڃرائين ته اهي، انهن فيلڊس جي ڪري آبهوا، ماڻهن ۽ ماحول تي پوندڙ اثرن ۽ وڌندڙ فضائي آلودگي کان بچڻ لاءِ، وقت سر ڪي اپاءُ وٺن، ٻي صورت ۾ دير ٿي وڃڻ بعد  اسان ٻٽي نقصان کي ڀوڳيندا رهجي وينداسين ۽ فائدو وٺڻ وارا فائدو وٺي، آبهوا ۽ ماحول کي بگاڙي، فضا کي آلوده  بڻائي هليا ويندا.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com