اينگرو مان برطرف ڪيل 60 پورهيتن جي ڪٿا

 گهوٽڪي ضلعي جي شهر ڏهرڪي ۾ واقع اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي تعصب پرست انتظاميه وڌيڪ 60 پورهيتن کي بي روزگار ڪري انهن جي ٻچڙن جي وات جو گرهه کسي انهن کي بکيو پيٽ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي اينگرو جي مک گيٽ تي اينگرو مان برطرف مزدور  اينگرو جي مالهي سويپر يونين جا ڪنٽريڪٽي ملازم  بيگنگ لوڊنگ جا مزدور  روزانو صبح جو ستين وڳي گيٽ تي اچي گڏ ٿيندا آهن،  حسب معمول اينگرو جا گيٽ بند ڪري پنهنجي مزدورن ڀائرن کي نوڪرين تي بحال ڪرائڻ لاءِ  پنهنجيون نوڪريون داءَ تي لڳائي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندا آهن، جن کي ٺيڪيدارن توڙي اينگرو انتظاميه طرفان ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ته اوهان خاموش رهو جيڪڏهن اوهان کي پنهنجون نوڪريون چٽ ڪرائڻيون آهن ته انهن خارج ٿيل مزدورن جو ساٿ ڏيو، پر پنهنجين نوڪرين جي پرواهه نه ڪندي اينگرو مزدور يونين جا مزدور پنهنجي احتجاج کي جاري رکيو پيا اچن، جيڪي جس لهاڻا، اينگرو پاران مزدور اڳواڻن کي اهو به واضع ڪيو ويو آهي ته اوهان سنڌي ماڻهو نااهل  ڪم چور آهيو، اسان کي مٿان جو حڪم آهي ته هتان جي مقامي مزدورن کي خارج ڪري انهن جي جاءِ تي اوهان پنجاب جي شهر صادق آباد  رحيم يار خان کان مزدور مالهي سويپر، اليڪٽريشن ڊرائيور  چوڪيدار ڀرتي ڪيو جيئن اينگرو خلاف ڪوبه احتجاج نه ٿي سگهي.
ان لاءِ ذريعن اها به ڄاڻ ڏني آهي ته هاڻي اينگرو جي تعصب تي لهي آيل انتظاميه اينگرو ۾ ننڍن ٺيڪيدارن کي پڻ ڪم بند ڪري ڪراچي  رحيم يار خان ملتان مان ٺيڪيدار گهرائي رهي آهي،  لوڪل پرچيز جيڪا ڏهرڪي شهر مان ڪئي ويندي هئي اها به هاڻي بند ڪري ڪراچي رحيم يار خان  ملتان مان ڪئي پئي وڃي اينگرو جي ان قدم ڪري هاڻي ڏهرڪي شهر اندر ڪاروباري رونقون پڻ گهٽجي ويون آهن اينگرو انتظياميه اينگرو مزدورن جي احتجاجن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حدود کان ٻاهر عام ماڻهن جي  داخل ٿيڻ تي مقامي  سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ خاص طور تي اينگرو حدود ۾ داخلا ممنوع ڪري ڇڏي آهي. سنڌي  ضلعي گهوٽڪي جي ماڻهن کي ريڊ انڊين وانگر  بليڪ ميل سڏيندي  بليڪ ميل ڪري نوڪريون وٺڻ جا تعنا هڻي رهي آهي، پر ليبر لا  قانون موجب جنهن علائقي ۾ ڪابه فيڪٽري لڳائي ويندي آهي اتي نوڪرين جو  ٺيڪيداري ڪرڻ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي. پر هاڻي جس آهي انهن مزدور اڳواڻن کي جن تازو اهو عمل ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو اڳ ۾ قومپرست ڌريون ڪنديون هيون، هاڻي مصلحت پسندي کان ڪم وٺن پيون.
مزدور دوستن صبح جو پنجن ڏينهن تائين صبح جو سوير گيٽ بند ڪري پنجاب جو شناختي ڪارڊ رکندڙن کي گيٽ اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو نتيجي ۾ انهن پهرين مرحلي ۾ 40 مزدور خارج ڪيا  پوءِ احتجاج ڪرڻ بعد وڌيڪ 20 مزدور خارج ڪيا، پر پوءِ به هو مزدور ڪونه مڙيا. هنن هڪ ڏينهن اپرنٽسشپ جي موقعي تي هنن وري ڪارروائي ڪئي.  اينگرو جا مک گيٽ بند ڪيا  ٽريني اپرنٽسشپ جا شناختي  ڪارڊ  ايڊريسون چيڪ ڪيون ته خبر پئي ته ان اپرنٽسشپ ۾ 120 شاگرد پنجاب جا 2 سنڌ جا 1 ضلعي گهوٽڪي جو ٽريننگ لاءِ آيل هئا. مزدورن پنهنجي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيندي ٽن سنڌ واسين کي گيٽ اندر داخل ٿيڻ ڏنو جڏهن ته باقي پنجاب واسين کي ڀڄائي ڇڏيو. برطرف ٿيل ماڻهن جي مسئلن تي توڙي اينگرو جي زيادتين تي هاڻي هتان جا سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ  ٻين صنعتي ادارن جون تنظيمون پنڊ پهڻ ٿيون ويٺيون آهن، هنن کي به شايد پنهنجا مفاد نظر اچي رهيا آهن ڇو ته اينگرو جي نئون لڳايل پلانٽ جيڪو هڪ کرب ويهه ارب رپين ۾ لڳو ان مان ڪجهه سياسي  مزدور تنظيمن جا اڳواڻ پنهنجون نام نهاد تنظيمون ٺاهي ڊسڪون کي بليڪ ميل ڪري انهن ڪافي ناڻو ڪمايو  ٺٺ ٺانگر ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي به وري اهي نام نهاد اڳواڻ انهيءَ شارٽ ڪٽ جي انتظار ۾ آهن، ته ڪڏهن کين اهڙو موقعو ملندو. ڪو وقت هوندو هو هتي مزدور تنظيمون مظبوط هونديون هيون پاڪ سعودي ڀاڻ فيڪٽري جي يونين  ضلعي گهوٽڪي جي آل ٽريڊ يونين مزدور اتحاد جي سڏ تي هزارين ماڻهن مزدورن جي سڏ تي هڪ جاءِ گڏ ٿي پاڻ ۾ ويهي اهي احتجاجي عمل جوڙيندا هئا.  آخر مزدورن جا حق وٺي ساهه پٽيندا هئا، 
اڄ اسان ضلعي گهوٽڪي واسين  مزدورن کي اهو ڏينهن ڏسڻو ٿو پوي ته هاڻي اينگرو گيٽ تي 60 پورهيتن جي بحالي لاءِ ويهه ڏينهن کان احتجاج هلي رهيو آهي، پر اهي مزدور تنظيمن جا اڳواڻ ان آسري ۾ آهن ته هنن کي ڪال ڪري گهرايو وڃي ته وري هڪ ڀيرو ٻيهر هو پنهنجي گرنارائپ  جادوگري ڏيکارين،!!!؟؟ خراج تحسين آهي ان پنجاب ڄائي مزدور اڳواڻ مرحوم احمد امير اعواڻ کي جنهن ضلعي گهوٽڪي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مزدورن ۾ روح ڦوڪيو.  آخر وڙهندي وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. هتي سنڌ ۾ ڏنو  پر ان کان پوءِ وري اسان کي ڪو اهڙو ماءُ ڄائو مزدور اڳواڻ نظر نه ٿو اچي جيڪو سر تريءَ تي رکي اينگرو انتظاميه سان گڏ ضلعي گهوٽڪي جي صنعتي ادارن جي انتظاميه سان اکين ۾ اکيون ملائي انهن کان مزدورن جا حق وٺي.  هتان جي صنعتي ادارن جي انهن پاليسين کي تبديل ڪري ڏيکاري ته هي ادارا سنڌ  ضلعي گهوٽڪي ۾ آهن، انهن تي پهريون حق ضلعي گهوٽڪي وارن جو  ٻيو حق سنڌ وارن جو آهي.

صبح، منجهند، شام ۽ رات جيان تبديل ٿيندڙ ڪراچيءَ جون حالتون

ڪراچي جو امن يا ڪراچيءَ جون حالتون به هاڻي مختلف پهرن جيان هڪ ڏينهن اندر ئي تبديل ٿيندي نظر اچڻ لڳيون آهن. جيئن ڪراچيءَ اندر صبح، منجهند، شام ۽ رات ٿئي ٿي تيئن ڪراچيءَ جون امن امان واريون حالتون به ايئن تبديل ٿين ٿيون. صبح جو امن آهي ته رات جو شهر سنسان ٿي وڃي ٿو ۽ فضا گولين جي ٺڪاڻن جي نذر ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن وري صبح جو شهر ۾ راڪاس گهمي وڃي ٿو ته رات جو شهر جي رونق بحال ٿي وڃي ٿي.
هڪ ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ويهه ٽيهه ماڻهو مري وڃن ٿا، ٽرئفڪ رستن تان غائب ٿي وڃي ٿي، دڪان ۽ بازارون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪرفيو جو ماحول جڙي وڃي ٿو ته ٻئي ڏينهن وري ڪراچي جي زندگي صفا معمول تي اچي وڃي ٿي.
 ماڻهو دهشت جي ماحول ۾ گولين جي بوڇاڙ ۾ به پنهنجون سرگرميون برقرار رکڻ تي مجبور آهن.
ماڻهو به آخرڪار ڪراچيءَ جي حالتن بهتر ٿيڻ جو ڪيترو انتظار ڪن. اهڙي ڪراچي هاڻي سندن مقدر بڻجي وئي آهي، موت سان گڏ هلڻ ماڻهن جي مجبوري بڻجي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن کي ٿوري به وٿي ملندي آهي ته اهي پنهنجي پيٽ گذر جو بلو ڪري وٺندا آهن. هڪ ڪني مڇيءَ ڪري سڄي ڪراچي شهر جو تلاءُ خراب ٿي ويو آهي. ان ڪني مڇيءَ ۾ هٿ وجهي کيس جيستائين ان تلاءُ مان نه ڪڍيو ويندو تيستائين ڪراچيءَ شهر جو اهو تلاءُ خراب کان خراب ئي ٿيندو رهندو.