تيل ۽ گئس فيلڊس ۾ مسلسل ٻرندڙ شعلو، آبهوا ۽ معيشيت
نواز ڪنڀر
دنيا ۾ وڌندڙ گرمي درجي سبب تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ آبهوا جا جتي ٻيا ڪيترائي سبب آهن، اتي تيل ۽ گئس فيلڊس ۾ مسلسل ٻرندڙ شعلي ۽ ان مان نڪرندڙ ڪاربان ۽ ٻين گئسن جو به وڏو هٿ آهي. جيڪڏهن ملڪي يا سنڌ صوبي جي حد تائين ڏسون ته نڪرندڙ تيل ۽ گئس جو فائدو ته هڪ محدود حلقي تائين ئي رهي ٿو پر تيل ۽ گئس جي ڳولا وقت ٿيندڙ نقصانن کان وٺي، پيداوار شروع ٿيڻ وقت ٿيندڙ ڌماڪن کان پيداوار شروع ٿيڻ تائين، ٻرندڙ شعلي جا اثر نه صرف فيلڊس جي آس پاس رهندڙن تي، بلڪ مجموعي طور ماحول ۽ آبهوا تي پون ٿا ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو انهن ناڪاري اثرن جي ڪري ڀوڳين ٿا. مخالفت ترقي يا ترقياتي منصوبن جي نه پر انهن منصوبن کي ماحول ۽ ماڻهن لاءِ غير معياري ۽ نامناسب نموني هلائڻ جي آهي. جيڪڏهن تيل ۽ گئس مان رڳو ترقي ۽ خوشحالي اچي ها ته ملڪي سطح تي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ اهم حصيدار ضلعو بدين، غربت ۽ بدحاليءَ جي لسٽ ۾ مٿانهين نمبر تي نه هجي ها!
ملڪ ۾ هونئن ته جتي ڪٿي قاعدن ۽ قانونن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي، اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو وڃي ٿو، ذاتي خسيس فائدي لاءِ ٻين جو وڏو نقصان ڪيو وڃي ٿو پر جهڙي انڌير واري ۽ ليڪا لتاڙيندڙ صورتحال تيل ۽ گئس جي پئداوار جي سلسلي ۾ ڪئي وڃي ٿي، اها لتاڙ ملڪي سطح تي، مختلف حوالن سان ٿيندڙ لتاڙن ۾ مٿانهين نمبر تي جاءِ والاري ٿي. ڪنهن به هنڌ تيل ۽ گئس جي ڳولا کان وٺي پيداوار شروع ٿيڻ ۽ پوءِ پيداوار شروع ٿيڻ جي مختلف مرحلن تي علائقائي ترقيءَ لاءِ مخصوص ٿيل رقم ته خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي؟ ان جو به جواب يقيناً کاتي جي ڪاغذن ۾ آفيسرن جي چپن ۽ پريزينٽيشن پيپرز تي ضرور هوندو پر جيڪڏهن عام ماڻهو اها ترقي ڏسڻ چاهيندو ته کيس ڳولهي نه لڀندي. انڌير ۽ ظلم ته اهو به آهي ته تيل ۽ گئس جي پيداوار شروع ٿيڻ کان اڳ ماحوليات جي تحفظ وارو ادارو يعنيEPA(Enronmental Protection Agency) ان علائقي جي من پسند ماڻهن ۽ تنظيمن کان اسيسمنٽ رپورٽس ڪرائيندو آهي. رپورٽس تي وڏن خرچن سان ان رپورٽ وارن علائقن ۽ ماڻهن کان پري ڪنهن ٿڌي هوٽل ۾ سيمينار ڪرائي ”سڀ صحيح “ جو ٺپو لڳرائيندي پوءِ ڪم شروع ڪرائيندو آهي. خود EPA جي اعلى عملدارن جي بقول ته اڄ ڏينهن تائين پيداوار شروع ٿيڻ کان پوءِ ان علائقي جي درجي به درجي گرمي جي آبهوا، ماحول، ماڻهن، فصلن، وڻ، گاهن، ٻوٽن، چوپائي مال، جانورن، پکين، جيتن، ماڪ، زير زمين پاڻي وغيره تي ڪهڙا اثرا ٿيا، ان تي ڪابه اسٽڊي نه ڪرائي وئي آهي! اداري وٽ اهي به انگ اکر ناهن، بلڪه هن انهيءَ ڳالهه جي ضرورت ئي محسوس ناهي ڪئي ته ٻرندڙ شعلي سبب في ڪلاڪ يا في منٽ ڪيتري گرمي، ڪيتري مقدار ۾ ۽ ڪهڙيون گئسون آبهوا ۾ شامل ٿي رهيون آهن؟ ۽ انهن جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا!؟
ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۽ ٻرندڙ شعلي جي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن سان ٿيل ڪچهرين ۾ ورتل حال حقيقتن مان خبر پوي ٿي ته شعلي سبب ان علائقي جي چوگرد گرمي جو درجو، ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌي ٿو. انهن علائقن جي ماڻهن ۾ چمڙي، ساهه ، اکين جون بيماريون عام هونديون آهن. ممڪن آهي ته ٻيون بيماريون به ٿينديون هجن، جن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪا ٽيم ئي نشاندهي ڪري سگھي ٿي. ان کان علاوه انهن علائقن ۾ موسمي پوندڙ ماڪ به نٿي پوي، جنهن سبب چوپائي مال، فصلن ۽ ٻيجي تي به ناڪاري اثر پون ٿا. شعلي جي ڏينهن رات روشنيءَ سبب انهن علائقن جا ماڻهو توڙي جھنگلي جيوت سخت متاثر ٿين ٿا. اهو علائقو جن به جانورن، پکين جي جُوءِ يا HABITATE هجي ٿو، اهي بي زبانا، اهو علائقو خالي ڪري وڃن ٿا. باهه ۽ روشني ڏانهن ڀڄي وڃي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي جبلت رکندڙ ڪيترائي جيت، پوپٽ ۽ پتنگ دوکي جي هن ديوار هٿان پنهنجي حياتيءَ کان محروم ٿي ويندا آهن. جڏهن ٻرندڙ هڪ ميڻ بتي تي ڪيترائي پتنگ اچي جان فدا ڪري سگھن ٿا ته هن هيڏي وڏي شعلي تي ڪيترا قربان ٿيندا هوندا، ان جو اندازو هر ڪو ڪري سگھي ٿو. قربان ٿيندڙ انهن جيتن، پوپٽن ۽ پتنگن ۾ ڪيترائي فصل ۽ ماحول دوست به هجن ٿا. انهن جي سڙي مري وڃڻ بعد فصلن کي سخت نقصان پهچي ٿو. شعلي واري علائقي جي ڀرپاسي ڪيترائي وڻ ۽ گاهه ٻوٽا ختم ٿي وڃڻ بعد چراگاهه ختم ٿيو وڃن، جنهن جو سنئون سڌو اثر چوپائي مال جي گھٽجڻ سبب ماڻهن جي معاشي حالت تي پوي ٿو. ماڻهن جي انهن علائقن مان لڏ پلاڻ ٿئي ٿي، انهن جي اهنجن ۽ تڪليفن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اهي در بدر ٿين ٿا، پر متعلقه کاتن وٽ انهن اثرن کي ختم يا گھٽ ڪرڻ وارا اهي اپاءَ وٺڻ ته رهيو پري، انهن ادارن وٽ ته اهڙن ڪمن جي اثرن جي حوالي سان نه ئي ڪي انگ اکر آهن، نه ئي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو کين جو خيال آهي ۽ نه ٿيندڙ نقصان جو اندازو ، احساس ۽ ان بابت ڪا پلاننگ.
تيل ۽ گئس جي پيداوار اتي موجود مقدار جي حساب سان، هڪ مقرر مدي تائين جاري رهندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي گھٽجندي، ختم ٿي ويندي آهي، جيئن سئي بلوچستان، بدين ۽ ٻين جاين تي ٿي رهيو آهي. ان لحاظ کان اسان جي ڌرتي اندر دفن ٿيل دولت، وقت کان اڳي ۽ اسان جي سجاڳ ٿيڻ کان پهرين، ڪجهه ادارا ۽ ماڻهو ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪري، پٺيان رڳو اسان لاءِ تباهي ۽ بربادي ڇڏي، پئداوار پوري ٿيڻ تي هتان هليا ويندا ۽ اسان جي نصيب ۾ رڳو ان جا ناڪاري اثر ڀوڳڻ ئي رهجي ويندو! ان ڪري هتي جي باشعور ماڻهن، ماحولياتي ماهرن، صحافين، سماجي تنظيمن توڙي سياسي پارٽين تي فرض ٿو عائد ٿئي ته اهي هن ڏس ۾ سجاڳ ۽ هڪ آواز ٿي، متعلقه ادارن کان اها ڳالهه مڃرائين ته اهي، انهن فيلڊس جي ڪري آبهوا، ماڻهن ۽ ماحول تي پوندڙ اثرن ۽ وڌندڙ فضائي آلودگي کان بچڻ لاءِ، وقت سر ڪي اپاءُ وٺن، ٻي صورت ۾ دير ٿي وڃڻ بعد اسان ٻٽي نقصان کي ڀوڳيندا رهجي وينداسين ۽ فائدو وٺڻ وارا فائدو وٺي، آبهوا ۽ ماحول کي بگاڙي، فضا کي آلوده بڻائي هليا ويندا.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
ڪراچيءَ ۾ ڀتا خوريءَ جو نيٽ ورڪ :اعجاز شيخ
”ڪراچيءَ جا واپاري قرآن مٿي تي رکي ٻڌائن ته هو ڀتو ڪنهن کي ڏيندا آهن؟ 20 سالن کان يتيمن، بي واهن جي نالي تي چندو، فطرو ۽ کلون حاصل ڪندڙ انهن جو حساب ڪتاب ڏين.“
هي لفظ گهرو معاملن واري صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گهرو وزارت جي قلم دان ڇڏڻ کان ٻئي ڏينهن ۽ هڪ مهيني جي موڪل منظور ٿيڻ واري ڏهاڙي لياريءَ جي دوري دوران پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جڏهن لياري پهتو ته لياريءَ جي جيالن سندس مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو. مفاهمت واري چادر مان ٿورڙو وقت نڪري سچ ڳالهائيندڙ ذوالفقار مرزا حڪومت جي اتحادي ڌر کي هرگز ڪو نه وڻندو هو. جيتوڻيڪ هنن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائڻ جو ڪو کليل اعلان نه ڪيو هو. پر ڊاڪٽر صاحب جي موڪل گهرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته کيس هٽائڻ وارو مطالبو اتحادين جو ئي هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا لياريءَ واري تقرير ۾ ان جو جواب ڪجهه هن ريت ڏئي ٿو ته ”منهنجي جان پيپلزپارٽيءَ جي امانت آهي. مون کان وزارت واپس وٺي منهنجي تمام گهٽ قيمت هنئي وئي.“
ڪجهه هفتن کان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائڻ، کيس سينيٽر چونڊرائڻ جون ڳالهيون هلندڙ هيون. پر ڪراچيءَ جي واپارين جڏهن 5 اپريل تي ڪراچيءَ ۾ ڀتا ڪلچر خلاف هڙتال ڪئي ته کيس ڪجهه عرصي لاءِ پاسيرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو ”ڀتا ڪلچر“ آهي ڇا؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪراچيءَ جا ماڻهو چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿا. ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسين ته ڊرائيور ۽ ٻيا ننڍين پگهارن وارا ملازم پگهار سان گڏوگڏ مالڪن کان روزانو چلهه جلائڻ لاءِ ڪجهه ڀتا وصول ڪندا هئا جنهن کي هو ”ڀتو“ چوندا هئا. ڪراچيءَ ۾ اهو ڀتو روزانو، هر هفتي يا ماهوار بدمعاش هٿيارن جي زور تي وٺندا آهن. ڪراچيءَ جا ڪجهه گروهه ته اهڙا منظم ۽ ڀتي وٺڻ ۾ ماسٽر آهن جو اهي عام دڪاندار ڏانهن اچن به ڪو نه ٿا. هو سڄي علائقي جي يونين جي اڳواڻ کي پڪڙن ٿا. اهو ئي سڄي مارڪيٽ، بازار جي دڪاندارن کان ڀتو جمع ڪري گروهن وٽ جمع ڪرائين ٿا. ڪراچيءَ ۾ ڪارخانو هلائيندڙ وڏو واپاري هجي، دڪاندار، اسٽور ڪيپر يا صدر جي علائقي ۾ ريڙهو هڻندڙ اهي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڀتو ڏيڻ کان سواءِ ڪاروبار هلائي نه ٿا سگهن. ڪراچيءَ ۾ اهو سلسلو سالن کان جاري آهي. ان دوران ڀتا آرڊيننس آيو، مختلف حڪومتون تبديل ٿيون پر حالتون تبديل نه ٿيون.
هتي هڪ مذهبي تنظيم جي شهيد اڳواڻ جو آن دي رڪارڊ قصو ٻڌائيندو هلان ته ڪنهن زماني ۾ سينيما جي مالڪ پريس ڪانفرنس ڪري صحافين آڏو دانهيو ته هڪ مذهبي تنظيم ان کان هڪ لک رپيا ماهوار ڀتو گهريو آهي. صحافين ان تنظيم کان ان جو موقف وٺڻ لاءِ فون ڪيو ۽ ان جماعت جي اڳواڻ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اقرار ڪيو ته هن ڀتو وٺڻ لاءِ پرچي موڪلي هئي. پر ان جو هن سبب اهو ڄاڻايو ته ساڳي سينيما جو مالڪ هن جي مخالف جماعت کي هڪ لک رپيا ماهوار ڀتو ڏئي رهيو آهي. جنهن سان مخالف جماعت مضبوط ٿئي ٿي، هٿيار وٺي ٿي ۽ اهي هٿيار اسان جي ڪارڪنن خلاف استعمال ٿين ٿا. ان ڪري سينيما مالڪ کان اسان به پئسا گهريا آهن. هاڻي يا ته هو اسان جي مخالفن کي ڀتو ڏئي مضبوط نه بڻائي ٻي صورت ۾ اسان جو به حق آهي ته اسان پنهنجي تحفظ لاءِ مجبوري وچان ڀتا وصول ڪيون.
ڪراچيءَ ۾ ڀتا ڪلچر ۾ بي پناهه اضافو پڻ شايد حڪومت جي بلا واسطه ڪارروائيءَ جو نظريو به ساڳيو ٿي سگهي ٿو ته جيڪي ڌريون پهريان ئي ڀتو ڏئي رهيون آهن. انهن ڏانهن ٻين گروپن جون به پرچيون وڃڻ شروع ٿيون آهن. ان ڪريءَ انهن کي ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن توهان ڀتا بند ڪرڻ جي همت نه ٿا رکو ته توهان ٻين گروپن کي به ڀتا ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو.
مثال طور جيڪڏهن منهنجو ڪٿي دڪان يا ڪاروبار آهي ۽ مان ماهوار 10 هزار رپيا ڀتو ڀري رهيو آهيان ان دوران جيڪڏهن مون کي ڪنهن ٻئي گروپ ڀتي جي پرچي ڏني ته مان يقينن ڀتو وٺندڙ کي فون ڪري ٻڌائيندس ته يا ته هو ڀتو وٺڻ بند ڪري يا ٻئي بدمعاش کان جان ڇڏائي. اهڙي طريقي سان کاري در ۾ ٻن ڀتا خورن جو قتل ٿيو ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو وڌيو. هتي مان اهو به ياد ڏياريندو هلان ته ڪجهه سال اڳ تائين قربانيءَ واري عيدي قرباني جي جانورن جون کلون کسڻ کان جهيڙن ۾ 30-40 ماڻهو مارجي ويندا هئا. هاڻي به جيڪڏهن حڪومت هر عيد تي خصوصي احڪامات جاري نه ڪري ته صورت حال بنهه ساڳي ٿيندي، ڀتا وٺڻ ۾ صرف سياسي گروپ ۽ ٻيا بدمعاش گروپ ئي شامل ناهن. سڄي شهر ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ گروپن جي ڀتن جو پڻ هڪ مضبوط نيٽ ورڪ موجود آهي، روشنين جي شهر مان روشنيون ختم ٿي چڪيون آهن، باقي ڀتا ڪلچر وڃي بچيو آهي، هاڻي ڪراچي روشنين جو شهر نه پر ڀتا ڪلچر جو شهر وڃي بچيو آهي. چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته شيون مجموعي طور تي مهانگيون ٿي وينديون آهن. پر ان طرف شايد حڪومت جي ڪنهن به ايجنسي يا اقتصادي ماهر جو ڌيان نه ٿو وڃي ته ڪراچيءَ مان جيڪڏهن ڀتا ڪلچر جو خاتمو آڻجي، سڄي نيٽ ورڪ کي غير جانبداريءَ سان ختم ڪجي ته شايد ڪراچي شهر ۾ عام واهپي جي شين ۽ رئيل اسٽيٽ سميت سمورين شين جا اگهه شايد اڌواڌ گهٽجي وڃن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڀلي کڻي ان ڪلچر سان ٽڪراءَ سبب هٽيو هجي پر مفاهمتي چادر اوڍڻ وارا به ڄاڻن ٿا ته ڪراچيءَ جي مسئلن جو والد حل به اهو آهي ته هتان ڀتا ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي.
www.awamiawaz.com
درياهه جڏهن دڙ لائن ٿا!
”انسان جو من به عجيب آهي. هن کي پنهنجي ننڍپڻ سان بيحد پيار هوندو آهي، پوءِ ڀلي ان ۾ ڪيڏا ڏک ڏاکڙا ڇو نه هجن!
هوءَ اهو سوچي رهي هئي ته ٽڪريءَ تي ٺهيل درگاهه تي فقيرن پنهنجي گيت جو آلاپ اوچو ڪيو. هو گڏجي ڳائڻ لڳا ته:
مولا منهنجي من ۾ هڪ گلاب جو گل ٽڙاءِ
پوءِ ڀلي ان ۾ سوين ڪنڊا ڇو نه هجن!!
ان گيت جي صدا هن جون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هوءَ جيڪڏهن پنهنجيون اکيون کولي به ها ته ان ۾ ڳوڙهن کان سواءِ ٻيو ڇا هجي ها!!؟“
اسپين جي جپسين سان محبت ڪندڙ ۽ انهن جي لوڪ گيتن کي پنهنجي ڪويتا ۾ سجائڻ واري سريلي شاعر لورڪا جي ناٽڪ ”يرما“ جو اهو سين مون کي ياد آيو آهي، انهن انسانن جي حوالي سان جن جي ٻاروتڻ ٻهراڙين ۾ اکيون کوليون ۽ انهن جون جوانيون شهرن جي گئس چيمبرن ۾ گذريون ۽ هاڻي جڏهن سرمائي جو ڪوڙو سون انهن جي وارن کي چاندي بڻائي چڪو آهي ته انهن کي پنهنجي مٽيءَ جي ڇڪ ڪجهه وڌيڪ ئي محسوس ٿي رهي آهي.
درياهه ۾ چاڙهه جون خبرون پڙهي نه معلوم ڪيترن انسانن جون دليون پنهنجن وسري ويل ڳوٺن طرف وڃڻ لاءِ بيچين ڪيئن نه ٿيون هونديون!
نه ڄاڻ ڪيترن هٿن جي آڱرين ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ”سرمد سنڌيءَ“ جو نالو ٽائپ ڪري، يو ٽيوب تي اهو گيت ٻڌو هوندو ته:
”تنهنجي ياد جي وري آ وير
لڳي رهي آ ٿڌڙي هير.....!“
مان انهن انسانن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪي شهر ۾ ڪمائڻ لاءِ آيا ۽ شهر انهن کي خريد ڪري ورتو. هو جن جو ٻالڪ پڻو ٻهراڙين ۾ گذريو. انهن جي اکين ۾ اڄ درياهه اٿلي پيو هوندو. ان درياهه جي هڪ هڪ لهر لڙڪ وانگر اوڀاري ۽ لهواري ٿيندي هوندي. ڇو ته هر سير ۾ گذري ويل وقت جي هڪ سار هوندي. هڪ اهڙي سار جنهن پوءِ سپنن ۾ به اچڻ ڇڏي ڏنو هوندو. پر سنڌوءَ جي جوڀن ورڻ سان اهي سڀ يادگيريون انهن جي من ۾ موٽيون هونديون، جن ۾ مٽيءَ جي مهڪ ۽ مکڻ جي خوشبو هوندي.
اڄ اهي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا انهن کي ڪنهن ٿڌي کوليءَ جهڙا محسوس ٿيندا هوندا، جڏهن انهن کي پنهنجي ڳوٺ جي شام ياد ايندي هوندي. ڳوٺ جي اها شام جنهن ۾ انهن جي حياتيءَ جي هڪ پوري حقيقت سمايل آهي. انهن جون ڳالهيون انهن جي انهن ٻارن کي به سمجهه ۾ نه اينديون، جيڪي ڪراچيءَ جي انگريزي اسڪولن ۾ پڙهيا ۽ جن ڪنهن موتيءَ فوتيءَ تي ڳوٺ ڏٺو به ته انگريز سياح وانگر! انهن کي ڇا معلوم ته ڪچي جي زندگي ڪيترن ئي ڪشالن جي باوجود ڪيتري حسين هوندي آهي. اهي ماڻهو جيڪي ميوزڪ ۾ وڏي ذوق جي باوجود جڏهن شمن ميراليءَ جو اهو ڪلام ٻڌن ٿا ته:
”هل ته هلون يار ڪڏهن گهمڻ ڪچي ڙي“
تڏهن انهن جي سينن جي پڃرن ۾ قيد دليون طوطي وانگر ”ٽيون ٽيون“ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ انهن کي ياد اچن ٿا ويڙهي جا اهي وڻ جن تي صبح جا ڪرڻا جرڪندا هئا ۽ رات جو انهن جو روپ ڪنهن ديو جهڙو لڳندو هو، جنهن ۾ ٽانڊاڻا ”ٽم ٽم“ ڪندا، انهن جو روپ اڃان وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ڇڏيندا هئا.
هي موسم جنهن کي انهن جا وڏڙا آبڪلاڻي جي موسم ڪوٺيندا هئا، انهن جون شامون ڪيتريون نه حسين هيون. جڏهن ڪچي مان انهن جا مٽ مائٽ پراڻا هنڌ ۽ ڇڳل کٽون کڻي انهن جي ويڪرن پڌرن ۾ آرامي ٿيندا هئا ۽ رات جو اوچتو وسي پيل مينهن ڪنهن نئين نيهن جو ڪارڻ بڻجي پوندو هو.
انهن جي موبائل فون تي هاڻي به جڏهن ”برسات ڀريل ايس ايم ايس“ ايندو هوندو ته انهن جي دلين جي ڪيفيت امداد جي ان شعر جهڙي ڪيئن نه ٿيندي هوندي ته:
”جتي گڏ ڀناسين ۽ رانديون رميون سين
انهيءَ ڳوٺ تي مينهن وسندا ته هوندا!!“
انهن کي معلوم آهي ته آبڪلاڻي جي موسم صرف مڇر نه آڻيندي آهي پر ڳوٺ جي بند تي بيٺي هو سنڌ جو اهڙو سنسار پسندا هئا، جنهن جو روپ هاڻي ڪٿي به ڪونهي. هو جيڪي هاڻي شهرن ۾ اٽالين بوٽ پائي هلن ٿا، انهن کي ياد ايندي هوندي اها گپ، جنهن ۾ انهن جا پير گوڏي تائين گهڙي ويندا هئا ۽ هو سنگتيءَ کان سهارو وٺي، کلندي ٻاهر نڪرندا هئا. انهن جي پيرن ۾ لڳل ڪنڊا ته نڪري ويا پر انهن جي سار پوءِ به هڪ سور وانگر انهن جي دلين ۾ موجود رهي!
هاڻي سنڌو وري پنهنجن موجن سميت وريو آهي ۽ ڳوٺن ۾ وڍجڻ کان بچي ويل وڻن تان اڏامندڙ پکين جي پرن مان جمن دربدر جو اهو گيت ڇڻي رهيو آهي ته:
”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداهه ٿي ويندي، ڇٽي چانڊاڻ ۾ ملبو“
سنڌو ته وريو آهي پر سنڌو جا وڃائجي ويل ٻارڙا اڃان تائين پنهنجن انهن ڳوٺن ڏانهن نه وريا آهن، جتي انهن هلڻ ۽ ڳالهائڻ سکيو!
هاڻي به انهن انسانن جي دل چاهيندي هوندي ته هو شهر جي هٿ مان ٻانهن ڇڏائي پنهنجن واهڻن ڏانهن وري وڃن پر ڳالهه صرف شهر جي مجبورين جي ناهي. ڳالهه ان خوف جي به آهي ته ڪٿي انهن کي اهي اکيون نه ڏسن، جن سان ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا! ان ڪري هو پاڻيءَ جي هن موسم ۾ به سنڌوءَ جو سير ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا ۽ دل ۾ درد جو سڳو سورين ٿا ۽ پنهنجي افسوس کي صرف پاڻ سان ئي اورين ٿا!!
هو ٻهراڙيءَ جا ٻار جيڪي سهولتون هوندي سوندي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ شهر ڇڏڻ کان مجبور آهن ۽ پنهنجن ڳوٺن ۾ وڃائجي ويل زندگين کي تلاش ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، ڪاش! انهن جي سينن ۾ به ڪو سنڌوءَ جهڙو ديوانو درياهه هجي ها، جيڪو هيڏن سارن بندن کي ٽوڙي وري پنهنجي مٽيءَ کي زرخيز ڪرڻ جي لاءِ پهاڙن کان ڪهي سمنڊ طرف وڃي رهيو آهي. سنڌوءَ جا ٻار ڀلي پنهنجن ماڳن طرف نه موٽن. هو ڀلي شهرن جي هوٽلن ۽ ايئرپورٽن تي ويٺي ڪوڙن قسمن جهڙين نارين سان اکيون لڙائي وقت گذارو ڪن پر سنڌو واپس وريو آهي. وري انهن ماڳن طرف جتي گذري ان کي ڪيئي ورهه گذري ويا.
ڪو ڀلي هن جي ڪبندڙ ڪنارن جو سير ڪري نه ڪري پر سنڌو ته پنهنجي ديس جو سير ڪري رهيو آهي. پر ڇا هن جون لهرون پنهنجي ديس کي سڃاڻي سگهنديون؟ هو جنهن جون ويرون پڇا ڪنديون ان ڪچي جو، جيڪو هاڻي ڪٿي ڪونهي!
آبپاشيءَ جا عملدار ته ڀريل درياهه کي دشمن سمجهندا آهن. انهن جي خيال مطابق ته درياهه جا ٺڪاو دهشت پيدا ڪرڻ لاءِ هوندا آهن پر هن ڀيري ديوانو درياهه سمنڊ طرف ويندي دانهون ڪندي ٻڌبو! هو پڇا ڪندو انهن ڳوٺن جي جيڪي اجڙي ويا. انهن جهنگن جهرن جي جيڪي ساڙيا ويا. انهن مقامن جي جيڪي بلڊوز ڪيا ويا. هن کي ڪٿي به جهوپا نظر نه ايندا. هو انهن ماڻهن جو پتو پڇندو ته هن کي ڪو جواب نه ملندو، جيڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ هڪ درياهه وانگي وهندا هئا ۽ جڏهن هو سيڻهه سهاري سفر ڪندا هئا ته درياهه جون سيرون انهن سان رس رهاڻيون ڪنديون هيون. انهن کي ڪيئي ڪهاڻيون ڏسينديون هيون ۽ هو اهي ڪهاڻيون پنهنجي فن ۾ سينگاريندا هئا. هو جيڪي سگهڙ هئا! اڄ انهن جون پيروليون نور وڃائي ويٺل پيرسنيءَ وانگر پنهنجي گهر جا پتا پڇائي رهيون آهن.
جنهن صورتحال کي شهري ٻوليءَ ۾ سيلاب ڪوٺيو ويندو آهي، سنڌيءَ ۾ ان کي صرف ”ٻوڏ“ چئبو آهي ۽ ٻوڏ جو مقصد ٻڏڻ آهي ۽ اها ٻوڏ ان ڪچي کي ٻوڙيندي هئي، جيڪو ڪچو ٻڏڻ کان پوءِ انهن کي ٻه فصل ڏيندو هو. هاڻي ان ڪچي ۾ پڪا گهر ڏسي درياهه کي افسوس ڪيئن نه ٿيندو؟ درياهه کي ان ڳالهه جو ڏک نه ٿيندو ته ماڻهو پڪن گهرن ۾ ڇو ٿا رهن! پر هو افسوس سان سوچيندو ته ڇا انهن منهنجي آمد جو آسرو لاهي ڇڏيو هو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ انهن منهنجي راهه ۾ پنهنجا پڪا گهر ڇو ٺاهيا آهن؟ اهي گهر بند جي ڀرسان به ٺهي ٿي سگهيا!! پر حقيقت اها آهي ته انهن ماڻهن کي ڪو آسرو نه هو ته درياهه وري واپس ورندو.
پر درياهه واپس وريو آهي. ڇو ته هو انسان ناهي. اهو انسان جيڪو پنهنجا ڳوٺ وساري ويٺو آهي. جنهن کي پنهنجن ماڳن جي مهڪ به ياد ناهي. جنهن جي والٽ ۾ پيل ڪنهن به ڪارڊ تي هن جي ان واهڻ جو پتو ناهي، جنهن واهڻ کي اڄ به هن جو انتظار آهي ته هو ايندو!
هي درياهه جيڪو پنهنجين ويرن سان گڏ وريو آهي، سو سمنڊ تائين دانهون ڪندو ويندو. اهو درياهه پنهنجي کاري سنگتيءَ کي ٻڌائيندو ته وقت تبديل ٿي ويو آهي ۽ وقت جي ان تبديليءَ ۾ اها سنڌ وڃائجي وئي آهي، جنهن ۾ سون رنگ پاڻيءَ تي ڏيئا ٻرندا ترندا هئا ۽ ان جي پس منظر ۾ ٿيندڙ ڪچهريون الغوزن جي سرن سان سينگاريل هونديون هيون.
سنڌو پنهنجي وڃائجي ويل ديس جي ڳولا دوران ڪهڙي ڪيفيت ۾ هوندو؟ ان سوال جو جواب ته اهو لطيف ئي ڏئي سگهيو پئي، جيڪو درياهه جي ٻولي ڄاڻندو هو. جنهن جا ڪردار درياهه کي چوندا هئا ته:
”تڙن جا طعنا، سهنگا ڏينم سرتيون
درياهه ديوانا، سڻ حقيقت حال جي!“
پر هيءَ موجوده سنڌ جي صورت ۾ جنهن تلخ حقيقت جو نظارو سنڌو ڏسي ويندو، تنهن جو حال هو سمنڊ کان سوا ٻيو ڪنهن کي سڻائي به ته نه ٿو سگهي.
ان ڪري هن آبڪلاڻيءَ ۾ جڏهن درياهه دڙ لائي، تڏهن ان جي دانهن کي دهشت نه سمجهيو وڃي. تڏهن صرف اهو سوچيو وڃي ته سالن کان پوءِ هڪ درياهه پنهنجي ديس جي حال تي دانهون ڪري رهيو آهي. هو هڪ وهندڙ فرياد ٿي ويندو، ان سمنڊ طرف جنهن جا ڪنارا پوري دنيا سان ڳنڍيل آهن!
www.awamiawaz.com
Subscribe to:
Posts (Atom)


