جي ايم سيد جي بيڊ روم ۾
وڏن اکرن ۾ لکيل شعر:
رت ديــــــش تنهنجـــي
راه ۾
جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي
جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي
سائين جي ايم سيد سان ملڻ
لاءِ هالا کان نڪتس. ڪار ذريعي حيدرآباد ڄامشورو کان ڦري سن وڃڻ بدران مون هالا
ڀاڻوٽ کان ئي ٻيڙيءَ رستي درياهه ٽپي هن پار وڃڻ چاهيو ٿي جئين ٻيلو پڻ ڏسي سگهجي.
مون سان گڏ ڀاڻوٺ جو سيد
جيئندل شاهه پڻ هو تنهن صلاح ڏني ته هالا وٽان درياه ٽپي وري ٻي پاسي سن پهچڻ لاءِ
ڪا سوراي ڳولڻ بدران محراب پور وٽان ڇو نه درياهه ٽپجي جئين سڌو سن لهجي.
جيئندل شاهه پنهنجي جيپ
کنئي جيڪا 1952ع جو فورڊ ماڊل هئي. اها جيپ ڪنهن زماني ۾ انگريز آرميءَ جي ملڪيت
هئي. 37 سال پراڻي جيپ ڪجهه پيٽرول، ڪجهه will power ۽ ڪجهه ٻڌل تعويذن جي زور تي
اڃان تائين ڪيئن پئي هلي؟ ان جي هلائڻ واري ۽ رب کي وڏي سڌ في الحال پنج ڇهه ماڻهو
منهنجا ۽ شاهه صاحب جا کڻي مينهن واه ڪندي ٿي هلي. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ الاهي ڇا
هوندي. ڄائي ڄم جي وقت جا لکيل گيئر نمبر ۽ instructions ته هڙ ڊهي ويا هئس. بس فقط
اها چوڻي چٽيءَ طرح پڙهڻ ۾ آئي پئي جيڪا شايد بعد ۾ ڪنهن انگريز فوجي عملدار يا
جيئندل شاه لکرائي مٿس هنئي آهي:
Men only have two faults
Everything they say
And everything they do
____________________________________
Everything they say
And everything they do
____________________________________
سڄي واٽ جيئندل شاهه خبرون
ڪندو هليو. پوليس جون، ڌاڙيلن جون، هارين زميندارن جون، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ولايت
جون__خاص ڪري عراق، ايران، شام مصر جون__جيڪي ملڪ هن ور ور ڏيئي گهيا آهن.
سڪرند تائين نئشنل هاءِ وي
کان آياسين ان بعد کاٻي پاسي محراب پور ڏي رخ رکيوسين. اهو علائقو ڏاڍو صاف سٿرو ۽
سرسبز لڳو ٿي. ”سائين جي ايم سيد کي ٻه پٽ آهن. وڏي پٽ امير حيدر جي سن ۾ زمينداري
آهي ۽ ننڍو پٽ امداد محمد شاهه هن پاسي (نواب شاهه ضلعي ۾) زمينداري ڪري ٿو“ ،
جيئندل شاهه ٻڌائيندو هليو. ”ٻيلي تائين امداد شاهه جون زمينون ڀليون، ماڻهو پورهيت
۽ خوش گذارين ٿا. شبير احمد شاه، بشير احمد شاهه MNA جو ڀاءُ ٿئي. اصل کان وڏو
ماڻهو آهن. شبير شاهه جي ڏاڏي حاجي پير شاهه وٽ چون ٿا ته ايڏي دولت هوندي هئي جو
سڪن مٿان رڍن جا ڌڻ ڇڏيا ويندا هئا جئين کرن سان انهي تي چڙهيل ڪٽ لاهين.
محراب پور جي ڀرپاسي ۾ ٻه
چار ٻيا ڳوٺ به آيا. هڪ ته شايد مجيد ڪيريو نالي ڳوٺ هو. سنڌ جي ڳوٺن جي حساب کان
هن ڳوٺ جون سٺيون ۽ پڪيون جايون هيون. لڳو ٿي ته هتي جا ماڻهو واقعي سکيا ستابا
آهن. جيئندل شاهه ٻڌايو ته ان ڳوٺ ۾ ميمڻ رهن ٿا جيڪي سالن کان سعودي عرب ۾ پورهيو
۽ نوڪري ڪن ٿا.
سياري جي ڪري درياهه لٿل
هو. هتي اهو ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته سنڌونديءَ جو پيٽ ٻارهوئي هڪ جيترو ناهي. سياري
۾ جڏهن جبلن تي ڪريل برف پگهري نٿي ته پاڻي گهٽجيو وڃي. ڪجهه بئراجن ۽ ڊئمن ڪري
پاڻيءَ جي روڪ ٿام ٿئي ٿي. ان ڪري سياري ۾ سنڌو نديءَ جو پيٽ ميل اڌ به ڪو مس رهي
ٿو. ۽ ان پيٽ ۾ به ڪٿي ڪٿي مٿاهين زمين آهي ته اتي ننڍا ننڍا ٻيٽ ٺهيو پون. ڄام
شوري جي پل کانپوءِ ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻي بنهه نٿو بچي جو عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري.
درياهه سڪو ٺوٺ ٿيو پيو هوندو آهي. درياهه جي پيٽ مان ڌوڙ پيئي اوڏامندي آهي.
اونهاري ۾ برف وٽڙي ٿي.
مينهن پون ٿا ۽ دريا فل ٿيو وڃي. پاڻيءَ کي رکڻ بدران جنهن تنهن ڊئم جا دروازا
کوليا وڃن ٿا ۽ پوءِ دريا ٻوڙ ٻوڙان لاهيو ڏئي. مهراڻ جي ٻوڙ ٻوڙان ۽ اٿل پاٿل ڪري
ان جو پيٽ پنجن کان ستن ميلن تائين ٿيو وڃي ۽ مٽيءَ جي بند تائين وڃيو پهچي.
سياري ۾ پاڻي جي لهڻ ڪري
ان زمين تي پوک ڪئي وڃي ٿي. ان کي ڪچي جي زمين سڏجي ٿو. ۽ مٽي جي بند کان وٺي
درياهه تائين ڪٿي ڪٿي گهاٽا ٻيلا پڻ آهن. ڪي جي علائقي ۾، جيڪو سکر لاڙڪاڻي دادو
حيدرآباد، خيرپور ۽ ٺٽي نواب شاهه ضلعي ۾ اچي وڃي ٿو، اٽڪل لک کن ماڻهو رهن ٿا. جن
جي پوک، مال چارڻ ۽ ٻيلن مان ڪاٺ، ماکي، کونئر، لاک جهڙين شين تي گذر سفر ٿئي ٿو.
گهاٽو ٻيلو ڪافي عرصي کان ڏوهارين لاءِ پناه گاه رهندو اچي. پر هن کان اڳ انهن جو
ڏوه مال جي چوريءَ تائين محدود رهيو ٿي. پر پوءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته 1982ع
کان جڏهن سکر جيل مان پرو چانڊيو موت جي سزا کان پاڻ بچائي ڀڳو ته هن دوادو ضلعي جي
ڀر واري ٻيلي ۾ ٻه سوء کن ماڻهن جي ٽولي سميت پنهنجو اڏو اچي ٺاهيو. ان بعد 1983ع ۾
ايم ار ڊي جي تحريڪ جي ناڪاميابيءَ بعد، جنهن جو شڪار فقط سنڌي ٿيا. بي روزگاري ۽
ظلمن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪيترن کي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن به اچي ٻيلي ۾ پناه
ورتي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي ناليرن ڌاڙيلن جا نالا اخبارن ۽ ماڻهن جي واتان ٻڌڻ
۾ اچڻ لڳا. هاڻ هن ٻيلي ۾ سون بدران هزارين ماڻهو روپوش آهن.فقط علي گوهر چانڊيو جي
ٽولي جو انگ پنج سو کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. ان کان علاوه ٻين وڏن ٽولن ۾ علي گوهر
ڏيپراڻي، وزير خشڪ، جمعو خشڪ، قادو، اڪبر کوسو، ڪارو ماڇي، الهه ڏنو ماڇي، بقادار
شاهه ۽ حضور بخش رند جا نالا مشهور آهن.
درياهه جي ڀر واري گهاٽي
ٻيلي مان گذري جيپ اچي اسان کي درياه جي ڪناري تي ڇڏيو. ٻيڙي تيار بيٺي هئي پر اها
ننڍي قد بت جي هئي. اسان جيپ کي به درياهه جي هن پار ٽپائڻ چاهيو ٿي. پوءِ ان ٻيڙي
وارا ملاح ٻي ڀر ويا جتي اها ٻيڙي ڇڏي ٻي وڏي ٻيڙي ۽ مٿس جيپ چاڙهڻ لاءِ ڪاٺ جا
ڊگها تختا کڻي آيا. دريا جو ميل کن ٽپي هن پار وڃڻ، جتان ٻيڙي کڻي اچڻ ۽ پوءِ جيپ
چاڙهي ٻي ڀر پهچڻ ۾ ايترو وقت لڳو جيترو ڪراچيءَ کان هوائي جهاز رستي جدي تائين
پهچڻ ۾ لڳندو آهي.
ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾
ان کان ٻيڻو ٽيڻو درياه آهي. پينانگ ۽ بٽرورٿ جي وچ ۾ ان کان پنجوڻو پاڻيءَ جو پنڌ
آهي پر فيريون ۽ لانچ_ٻيڙيون ڏهه_پنڌرهن منٽن ۾ ڪراس ڪريو وڃن. پر دنيا جي هن جهوني
۽ تواريخي درياه مٿان، هن هنڌ تي، ڪوبه اهڙو سرڪاري بندوبست عوام لاءِ ٿيل ناهي.
درياه جي ڪناري جا ويچارا غريب ڪلاڪن کان ٻيڙيءَ جي آسري ۾ ڪناري تي ويٺل هئا. سندن
چهرا ايترو هيسيل جو جيل ۾ رهندڙ قيدين جا به نه هجن، پوليس جي هر وقت جي مار
موچڙي، ڌاڙيلن جي خوف خطري ۽ بي روزگاري ۽ بيماري جي راڪاس کين هيڻو بڻائي ڇڏيو
آهي. اسانجي ملڪ جي وڏن شهرن جي وڏين عمارتن ۾ رهندڙ ٿر جي ڏڪاريلن ۽ درياهه جي ڪپر
تي رهندڙ هنن ماڻهن جي غربت جو سوچي نٿا سگهن.
ٻيڙي اچڻ جي انتظار ۾ ويٺا
هئاسين ته هڪ پيرسن پنهنجي جوان نينگر کي ٻانهن کان وٺيو پئي آيو. ههڙيءَ سيءَ ۾
سندس مٿو اگهاڙو ۽ پير اگهاڙا هئا. بدن ٿي فقط هڪ ڦاٽل قميص۽ ڦاٽل سئيٽر هو. ويجهو
اچڻ تي خبر پيئي ته نينگر اکين کان بي نور آهي.
”چاچا هي ڄائي ڄم کان ائين
آهي يا پوءِ ٿيو؟“ مون پيرسن مرد کان سندس پٽ بابت پڇيو.
”پوءِ ٿيو. اکيون اٿي پيس.
اسين غريب ماڻهو ڪٿان ڊاڪٽر کي ڳوليون ۽ ڪٿان ان جي فين لاءِ پئسو آڻيون. هِن هُن
جا ڏس پتا ۽ ڦڪيون ستيون اکين ۾ وجهندا رهاسين. اکيون ڇٽڻ بدران ڪڙهي پيس ۽ آهستي
نور به چٽ ٿي ويس. ڪو چوي ٿو ته جنڙيءَ جو اثر اٿس. ڪو چوي ٿو ته مٿس ڪنهن ڪامڻ ڪيا
آهن. پهچ آهر ڪوبه فقير بزرگ يا درگاهه مقبرو نه ڇڏيو اٿئون پر ڇوڪرو اکين ڏسڻ لاءِ
آيو هو تنهن چيو ته اکين جون نسون سڙي ويون آهن، نور واپس موٽي نٿو سگهي.“
هڪ ٻه همراهه ڪاٺين جي ڀري
سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا. جيئندل شاهه ٻڌايو ته هي ماڻهو سن جا آهن. هن پاسي ٻيلي ۾
ڪاٺين ۽ ڇوڏن لاءِ ايندا آهن. جيڪي ميڙو چونڊو ڪن اهو واپس سن ۾ وڪڻن.
”هن ڪاٺين جي لڏ مان ڀائو
گهڻوڪمائين__؟“ مون هڪ کان پڇيو.
”بس پنج رپيا کن مليو
وڃن.“
”پوءِ ان مان ٻه رپيا ته
ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ٿيو.“
”ها. پر ٻيڙي وارو اسان
کان ڀاڙو ڪونه وٺي. هفتي سوا ۾ هڪ اڌ ڪاٺين جي لڏ پاڻ رکي ڇڏيندو آهي.“
”ٽيهه رپيا به ڪٿي ٿا ٿين.
پوليس ۽ ٻيلي کاتي وارن جي به پٺيان کٽِ ڦٽ لڳي رهندي آهي. جيڪي ملي ان مان ڪجهه
هنن کي به ڏيون. تنهن هوندي به ڪنهن ڏينهن ڪاٺيون چونڊڻ لاءِ ڇڏين ته ڪنهن ڏينهن
موچڙا هڻي ٻيلي مان ڀڄايو ڪڍن.“
سڄي ٻيڙيءَ ۾ جي اڇي اجري
پوشاڪ وارو هو ته هڪ ڌاريون پٺاڻ هو جنهن کي ٻيڙيءَ ۾ باقي ويٺلن مان ڪنهن به سڃاتو
نٿي. کيس ناسي رنگ جي سٿڻ قميص هئي. ٻانهن ۾ ڪا اوچي واچ ۽ ساڄي هٿ جي ٻن آڱرين ۾
ٿلهيون سونيون منڊيون. مون هن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي اڙدو ته
ڇا پشتو به نٿي آئي ۽ نه هن پسند ٿي ڪيو ته ڪو هن سان ڳالهائي يا هن ڪو دلچسپي وٺي.
مون سان گڏ ٻين آيل همراهن ٻڌايو ته هو افغاني ٿو لڳي. ٻيڙيءَ واري کان پڇيم ته هي
ڪير آهي ۽ ڪٿي ٿو ڪم ڪري.
”سائين خبر ناهي. اهي
افغاني ايندا رهن ٿا ۽ هتي ٻيلي ۾ ئي لهيو پون. الله کي خبر ته ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي اٿن.
اسان غريب ماڻهو کانئن ڇا پڇون ته ڇو پيا اچو وڃو. ٿي سگهي ٿو سرڪاري نوڪري وارا
هجن يا فوجي هجن.“
مون کي ٻيڙي واري جي
معصوميت ۽ سادگيءَ تي تعجب لڳو ته ڪو اجنبي اچيو وڃي ته هنن کي اها به خبر نٿي پوي
ته هو ڪير آهي. پٺاڻ، افغاني، ملڪي يا غير ملڪي، آمريڪي، روسي، سڄڻ ويري__ڪا ڄاڻ
نه. ۽ نه ان ڄاڻ جي ولوڙ. هنن لاءِ هر هڪ ماڻهو ائين آهي جيئن اسان لاءِ انگريزن جي
دور ۾ هر گورو ماڻهو انگريز بهادر برابر هو. پوءِ چاهي کڻي اهو رومنيا بلغاريا جهڙي
ڪنگال ملڪ جو هجي يا آسٽريليا ڪئناڊا جهڙي بيٺڪي راڄ جو. اسان جي لاءِ هر اڇي کل
وارو انگريز صاحب هو. جنهن اڳيان جهڪي ٿي پياسين. ساڳي طرح ٻيلي ۽ درياه جي ڪناري
تي رهندڙ هنن غريب ماڻهن جي لاءِ هر اڇي اجري پوشاڪ وارو سرڪاري عملدار آهي يا
فوجي. اٽي لٽي ۽ اجهي جهڙين بنيادي ضرورتن هي پڙن ۾ حال بي حال هي اسانجا ڳوٺاڻا،
پنهنجين ئي پريشانين ۾ ايڏو مشغول رکيا ويا آهن جو سندن سڄي زندگي چاڪيءَ جي ڍڳي
وانگر پنهنجي اردگد ئي گذريو وڃي.
دريا جي ٻي پار، يعني دادو
ضلعي واري پاڻ ۽ جيپ کي ٻيڙيءَ تان لاٿوسين. جنهن ۾ چڙهي سن شهر روانا
ٿياسين___جيڪو ان پتڻ کان ڪو ميل کن به مس هو.
سن اچڻ کان اڳ سن شهر جو
نقشو منهنجي دماغ ۾ ڪجهه ٻيو ئي هو. سن شهر جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جهڙي طاقتور
هستي رهي ٿي___جنهن هستي جو سياست، سماج، ادب ۽ فالوشپ ۾ قدبت، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي
تمام وڏو آهي. سن شهر جيڪو دريا جي ڪناري تي آهي ۽ ايامن کان هن جي هڪ بندرگاهه
واري حيثيت رهي آهي. انهن ڳالهين ڪري مونکي هي شهر آمريڪا جي دريائي شهرن: نيو اور
لينس ۽ هيوسٽن جهڙو کڻي گهڻو ٽيڪنيڪل ۽ ترقي يافته نٿي محسوس ٿيو پر ته به پنجاب جي
ساڳي پوزيشن وارن شهرن جهڙو لڳو ٿي. ۽ پڪ هيم ته درياهه ته درياهه جي ڪناري هجن ڪري
۽ سائين جي ايم سيد جي اهم رتبي ۽ سمجهه ڪري هن شهر ۾ ڪيترائي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون
هونديون جن ۾ شهر جو هڪ هڪ ماڻهون سُکي زندگي گذارڻ لاءِ پئسو ڪمائڻ ۾ مشغول هوندو.
پر افسوس جو پري کان ئي سن شهر جي به sky-line اهرڙي نظر آئي جهڙي سنڌ جي ٻين غرين
ڳوٺن جي آهي. ڪنهن به ڪارخاني فئڪٽري جي چمني ۽ ان مان نڪرندڙ دونهون نظر نه آيو.
ڪارخاني جي ڪنهن انجن يا مشين جي پرزن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. ڪنهن به ڪچي مال جي يا
فئڪٽريءَ ۾ تيار ٿي نڪرندڙ سامان جي ڀريل ٽرڪ لاري يا ڊڳي گاڏي نظر نه آئي. سنڌ جي
ٻين پٺتي پيل ۽ غريب شهرن وانگر هي شهر سن پڻ هو جنهن جا واندا ماڻهو هوٽلن جي منجن
ٿي ۽ دڪان جي اڳيان ڌڪين تي ويٺا هئا ۽ ٻار ڪرفتيءَ سان اٿلندڙ نالين جي ڪپر تي
بلورن راند کيڏي رهيا هئا.
پر ان هوندي نه هن شهر سن
جا ماڻهو پاڻ کي سنڌ جي ٻين شهرين کان وڌيڪ خوش نصيب سمجهن ٿا. موجوده حالتن جي ڀيٽ
ڪري هنن شڪر ڪيو ٿي، بقول هڪ ميمڻ دڪاندار جي: ” سائين سنڌ ۾ فقط سن ئي آهي جتي
سڪون آهي. چوري چڪاريءَ کان آجا آهيون، ڪا ڌاڙيلن يا اغوا جي واردات نٿي ٿئي. رات
جو ننڍو وڏو سمهيو ننڊ ڪري ٿو. ڪو هندو مسلمان جو فساد نٿو ٿئي. ڪو شيهي سنيءَ جي
ويڙهه نٿي ٿئي. ڪو پوليس وارو صوبيدار غريب کي نٿو ستائي. ۽ اهو سڀ ڪجهه جي ايم سيد
جي ڪري آهي.“
سائين وٽ هڪ ته بنا اطلاع
جي اچي چڪو نڪتو هوس ۽ ٻيو جڏهن پهچڻ سان خبر پيئي ته ملڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو اڳهين
ويٺا آهن ۽ ڪيترا ٻيا پڻ اچڻا آهن ته مون ٿوري دير وهڻ جو سوچي اٿڻ جو ارادو ڪيو.
پر سائينءَ جا قرب چئجن جو مونکي ائين جهٽ ۽ مانيءَ بنا وڃڻ نه ڏنائون ۽ سڄو ڏينهن
سندن قريب رهڻ جو موقعو مليو جيڪا زندگي جي هڪ بي بها دولت سمجهان ٿو.
سائينءَ سان ملڻ لاءِ سڄو
ڏينهن سياسي ماڻهو. شاگرد ۽ ٻيا اهم ماڻهو ايندا رهيا. هر دفعي مون اٿڻ چاهيو ٿي
جيئن ايندڙ مهمان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي پر سائين مون کي پاڻ ئي وٽ رهڻ
ڏنو ۽ هر هڪ مهمان سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندو رهيو. سندن هن عمر ۾ مختلف آيل
مهمانن سان منهن ڏيڻ، سندن ڳالهيون ۽ مسئلا ٻڌي انهن جا ڪارائتا جواب ڏيڻ، آيل
مهمانن کي انهن جي شان وٽان ماني کارائڻ ۽ کين خوش ڪري روانو ڪرڻ___سندن هن سٺي
وهنوار کي آئون داد ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهان. هيستائين مون ان قسم جي مهمان نوازيءَ
جو ٻڌي هو. هي پهريون ڀيرو اکين سان ڏٺم
منجهند ڌاري چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج کان سڄي بس ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن جي اچي پهتي. اهي پڻ بنا اطلاع جي آيا هئا.
ان وقت سائين پنهنجي انگريزي ڪتاب religion and reality بابت ڪجهه ٻڌائي رهيو هو.
شاگردن جي اڳواڻن کي اڌ ڪلاڪ کن ترسڻ لاءِ چيو ويو پرن انهن مان هڪ شاگرد ممتاز
کوسو وري انهي ئي پيرين موٽي آيو.
”سائين شاگرد چون ٿا ته بس
توهان فقط چنڊ منٽن لاءِ ديدار ڪرايو جيئن اسان اڳتي هليا وڃون. ٺٽي پڪنڪ لاءِ پيا
وڃون.“
”بابا هي الطاف پري کان
آيو آهي. هن سان ٿوري دير ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيو پوءِ توهان کي گهريان ٿو. پر هن ڪمري
۾ هيترا شاگرد ته اچي نه سگهندا.“
”سائين اسين ٽولا ٽولا ٺاهي اينداسين.“ ممتاز چيو.
”سائين اسين ٽولا ٽولا ٺاهي اينداسين.“ ممتاز چيو.
”چڱو بس مان لهي ٿوري فرحت
وٺو. تيسين ماني به تيار ٿي ويندي.“
سائين گهنٽي وڄائي. گهر ۾
اندر سندن وڏي ڌيءَ فون کنيو ۽ کيس ٽيهه ڄڻن جي مانيءَ لاءِ اطلاع ڪيو. سائين ٻڌايو
ته سندن وڏي ڌيءَ ان سلسلي ۾ کانئن هدايتون وٺي پوءِ واسطيدارن نوڪرن چاڪرن ۽ رڌ
پچاءَ وارين ماين تائين پهچائي ۽ خرچ پکو هلائي.
سائين ان بعد ڇڏيل ڳالهه
جو وري ذڪر شروع ڪيو ته چانڊڪا ڪاليج جو امام دين کوسو، بدردين سومرو ۽ ممتاز کوسو
وري ڪمري ۾ آيا ۽ هٿ ٻڌي سائين کي عرض ڪيائون: ”سائين سڀ ڇوڪرا اهوئي ٿا چون ته
مانيءَ جي تڪليف نه ڪئي وڃي. ان جو بندوبست حيدرآباد ۾ ٿيل آهي ۽ اسانکي جيئن ته
ٺٽي شام تائين پهچڻو آهي ان ڪري اسان لاءِ هن وقت سائينءَ جو ديدار ڪافي ٿيندو.“
سائين اچي چڙيو ته مانيءَ
بنا ائين ڪيئن ويندائو. ۽ حيدرآباد جي هوٽلن ۾ ڪهڙي ماني وڃي کائيندائو. سچ ته اهو
آهي ته سائينءَ جي ڪاوڙ ڏسي آئون به پريشان ٿي ويس. پر نيٺ ڇوڪرن سائين کي ان تي
راضي ڪيو ته هو مانيءَبدران ڀلا چانهه پي ويندا.
سائين واري گهر فون ڪيو.
چانهه هيترن ماڻهن جي جي هينئر جو هينئر ۽ بسڪٽ به موڪلجو. ۽ پوءِ شاگردن کي ڪمري ۾
ٽولن ۾ گهرائڻ بدران پاڻ پر واري وڏي ڪمري ۾ هنن ڏي هلڻ لڳو. ڌڪي جي ڪري سائينءَ کي
هلڻ کي هلڻ ۾ اڃان تڪليف ٿي جيئندل شاهه ۽ مون سائينءَ جي اٿڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ لٺ
جي آڌار تي آهستي آهستي ٿي پاڻ ٻئي ڪمري تائين آيا. ڇوڪرا سائينءَ کان ڪيترائي سوال
۽ نصيحتون وٺڻ لڳا. ايتري ۾ چانهه به اچي ويئي ۽ ان سان گڏ بسڪٽن جا ويهارو کن
پئڪيٽ پڻ. ڇوڪرا ماني لاءِ تڪلف کان ڪم وٺي رهيا هئا. سيءَ ۽ سفر ڪري کين بک ڏاڍي
هئي. جيڪي ٻاهر نڪتا هئا سي آيل سڀ پئڪيٽ چٽ ڪري ويا ۽ اڌ کان وڌيڪ جيڪي اندر
سائينءَ سان ڳالهائي رهيا هئا انهن لاءِ وري ٻي کاري پڙن جي کڄي آئي. رڌ پچاءَ کان
سو بچاءُ ٿي ويو باقي خرچ جو حساب لڳائجي ته ٻيڻو ٿئي.
سائينءَ جي هڪ نوڪر کان
پڇيم ته هي مهمانن جو سلسلو اڄ آهي يا روز جي ڳالهه آهي.
”هفتي ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن
هجي جنهن ۾ ٺاپر هجي نه ته سائينءَ وٽ روز مهمان اچن ٿا.“ هن وراڻيو.
سائينءَ جا ڪجهه ڦوٽو
پنهنجي ڪئميرا سان ڪڍيم ۽ۡ ڪجهه سائينءَ پنهنجي collection مان منهنجي چوڻ تي آٽو
گراف سان گڏ ڏنا. هڪ ٻه سائينءَ جا فريم ٿيل فوٽو تمام سٺا نڪتل هئا. جن لاءِ پاڻ
ٻڌايائون ته ويجهڙائيءَ ۾ پير پاڳارو صاحب آيو هو. ان اهي فوٽو ڪڍي موڪليا آهن.
ساڄي پاسي واري ورانڊي ۾
ڪجهه اهم سنڌي سياسي شخصيتن جا ڦوٽو ٽنگيل هئا. محمد ايوب کهڙو. الهه بخش سومرو،
هارون عبدالله، عبدالمجيد سنڌي، ذوالفقار علي ڀٽو، سر هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو،
پير پاڳارو (موجوده جو والد صاحب) وغيره ڪجهه ٻيا به هئا جيڪي هن وقت ياد نه پيا
اچن.
سائينءَ جي لئبرري پڻ ڏسڻ
جهڙي آهي. پاڻ هن عمر ۾ به مطالعو ڪندا رهن ٿا. لکندا رهن ٿا. اها هڪ قابل داد
ڳالهه آهي جيڪا کين سنڌ جي ڪيترن سيدن پيرن وڏيرن سياستدانن کان منفرد شخصيت بنائي
ٿي . کين اتم درجو بخشي ٿي ۽ مون جهڙا شاگرد ڏورانهن پنڌن کان ڪهي ان روشن سج جي
جوت ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ سدا بهار چهري رت پسن ٿا.
No comments:
Post a Comment