ڪراچي جو امن يا ڪراچيءَ جون حالتون به هاڻي مختلف پهرن جيان هڪ ڏينهن اندر ئي تبديل ٿيندي نظر اچڻ لڳيون آهن. جيئن ڪراچيءَ اندر صبح، منجهند، شام ۽ رات ٿئي ٿي تيئن ڪراچيءَ جون امن امان واريون حالتون به ايئن تبديل ٿين ٿيون. صبح جو امن آهي ته رات جو شهر سنسان ٿي وڃي ٿو ۽ فضا گولين جي ٺڪاڻن جي نذر ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن وري صبح جو شهر ۾ راڪاس گهمي وڃي ٿو ته رات جو شهر جي رونق بحال ٿي وڃي ٿي.
هڪ ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ويهه ٽيهه ماڻهو مري وڃن ٿا، ٽرئفڪ رستن تان غائب ٿي وڃي ٿي، دڪان ۽ بازارون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪرفيو جو ماحول جڙي وڃي ٿو ته ٻئي ڏينهن وري ڪراچي جي زندگي صفا معمول تي اچي وڃي ٿي.
ماڻهو دهشت جي ماحول ۾ گولين جي بوڇاڙ ۾ به پنهنجون سرگرميون برقرار رکڻ تي مجبور آهن.
ماڻهو به آخرڪار ڪراچيءَ جي حالتن بهتر ٿيڻ جو ڪيترو انتظار ڪن. اهڙي ڪراچي هاڻي سندن مقدر بڻجي وئي آهي، موت سان گڏ هلڻ ماڻهن جي مجبوري بڻجي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن کي ٿوري به وٿي ملندي آهي ته اهي پنهنجي پيٽ گذر جو بلو ڪري وٺندا آهن. هڪ ڪني مڇيءَ ڪري سڄي ڪراچي شهر جو تلاءُ خراب ٿي ويو آهي. ان ڪني مڇيءَ ۾ هٿ وجهي کيس جيستائين ان تلاءُ مان نه ڪڍيو ويندو تيستائين ڪراچيءَ شهر جو اهو تلاءُ خراب کان خراب ئي ٿيندو رهندو.
No comments:
Post a Comment