اينگرو مان برطرف ڪيل 60 پورهيتن جي ڪٿا

 گهوٽڪي ضلعي جي شهر ڏهرڪي ۾ واقع اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي تعصب پرست انتظاميه وڌيڪ 60 پورهيتن کي بي روزگار ڪري انهن جي ٻچڙن جي وات جو گرهه کسي انهن کي بکيو پيٽ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي اينگرو جي مک گيٽ تي اينگرو مان برطرف مزدور  اينگرو جي مالهي سويپر يونين جا ڪنٽريڪٽي ملازم  بيگنگ لوڊنگ جا مزدور  روزانو صبح جو ستين وڳي گيٽ تي اچي گڏ ٿيندا آهن،  حسب معمول اينگرو جا گيٽ بند ڪري پنهنجي مزدورن ڀائرن کي نوڪرين تي بحال ڪرائڻ لاءِ  پنهنجيون نوڪريون داءَ تي لڳائي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندا آهن، جن کي ٺيڪيدارن توڙي اينگرو انتظاميه طرفان ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ته اوهان خاموش رهو جيڪڏهن اوهان کي پنهنجون نوڪريون چٽ ڪرائڻيون آهن ته انهن خارج ٿيل مزدورن جو ساٿ ڏيو، پر پنهنجين نوڪرين جي پرواهه نه ڪندي اينگرو مزدور يونين جا مزدور پنهنجي احتجاج کي جاري رکيو پيا اچن، جيڪي جس لهاڻا، اينگرو پاران مزدور اڳواڻن کي اهو به واضع ڪيو ويو آهي ته اوهان سنڌي ماڻهو نااهل  ڪم چور آهيو، اسان کي مٿان جو حڪم آهي ته هتان جي مقامي مزدورن کي خارج ڪري انهن جي جاءِ تي اوهان پنجاب جي شهر صادق آباد  رحيم يار خان کان مزدور مالهي سويپر، اليڪٽريشن ڊرائيور  چوڪيدار ڀرتي ڪيو جيئن اينگرو خلاف ڪوبه احتجاج نه ٿي سگهي.
ان لاءِ ذريعن اها به ڄاڻ ڏني آهي ته هاڻي اينگرو جي تعصب تي لهي آيل انتظاميه اينگرو ۾ ننڍن ٺيڪيدارن کي پڻ ڪم بند ڪري ڪراچي  رحيم يار خان ملتان مان ٺيڪيدار گهرائي رهي آهي،  لوڪل پرچيز جيڪا ڏهرڪي شهر مان ڪئي ويندي هئي اها به هاڻي بند ڪري ڪراچي رحيم يار خان  ملتان مان ڪئي پئي وڃي اينگرو جي ان قدم ڪري هاڻي ڏهرڪي شهر اندر ڪاروباري رونقون پڻ گهٽجي ويون آهن اينگرو انتظياميه اينگرو مزدورن جي احتجاجن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حدود کان ٻاهر عام ماڻهن جي  داخل ٿيڻ تي مقامي  سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ خاص طور تي اينگرو حدود ۾ داخلا ممنوع ڪري ڇڏي آهي. سنڌي  ضلعي گهوٽڪي جي ماڻهن کي ريڊ انڊين وانگر  بليڪ ميل سڏيندي  بليڪ ميل ڪري نوڪريون وٺڻ جا تعنا هڻي رهي آهي، پر ليبر لا  قانون موجب جنهن علائقي ۾ ڪابه فيڪٽري لڳائي ويندي آهي اتي نوڪرين جو  ٺيڪيداري ڪرڻ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي. پر هاڻي جس آهي انهن مزدور اڳواڻن کي جن تازو اهو عمل ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو اڳ ۾ قومپرست ڌريون ڪنديون هيون، هاڻي مصلحت پسندي کان ڪم وٺن پيون.
مزدور دوستن صبح جو پنجن ڏينهن تائين صبح جو سوير گيٽ بند ڪري پنجاب جو شناختي ڪارڊ رکندڙن کي گيٽ اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو نتيجي ۾ انهن پهرين مرحلي ۾ 40 مزدور خارج ڪيا  پوءِ احتجاج ڪرڻ بعد وڌيڪ 20 مزدور خارج ڪيا، پر پوءِ به هو مزدور ڪونه مڙيا. هنن هڪ ڏينهن اپرنٽسشپ جي موقعي تي هنن وري ڪارروائي ڪئي.  اينگرو جا مک گيٽ بند ڪيا  ٽريني اپرنٽسشپ جا شناختي  ڪارڊ  ايڊريسون چيڪ ڪيون ته خبر پئي ته ان اپرنٽسشپ ۾ 120 شاگرد پنجاب جا 2 سنڌ جا 1 ضلعي گهوٽڪي جو ٽريننگ لاءِ آيل هئا. مزدورن پنهنجي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيندي ٽن سنڌ واسين کي گيٽ اندر داخل ٿيڻ ڏنو جڏهن ته باقي پنجاب واسين کي ڀڄائي ڇڏيو. برطرف ٿيل ماڻهن جي مسئلن تي توڙي اينگرو جي زيادتين تي هاڻي هتان جا سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ  ٻين صنعتي ادارن جون تنظيمون پنڊ پهڻ ٿيون ويٺيون آهن، هنن کي به شايد پنهنجا مفاد نظر اچي رهيا آهن ڇو ته اينگرو جي نئون لڳايل پلانٽ جيڪو هڪ کرب ويهه ارب رپين ۾ لڳو ان مان ڪجهه سياسي  مزدور تنظيمن جا اڳواڻ پنهنجون نام نهاد تنظيمون ٺاهي ڊسڪون کي بليڪ ميل ڪري انهن ڪافي ناڻو ڪمايو  ٺٺ ٺانگر ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي به وري اهي نام نهاد اڳواڻ انهيءَ شارٽ ڪٽ جي انتظار ۾ آهن، ته ڪڏهن کين اهڙو موقعو ملندو. ڪو وقت هوندو هو هتي مزدور تنظيمون مظبوط هونديون هيون پاڪ سعودي ڀاڻ فيڪٽري جي يونين  ضلعي گهوٽڪي جي آل ٽريڊ يونين مزدور اتحاد جي سڏ تي هزارين ماڻهن مزدورن جي سڏ تي هڪ جاءِ گڏ ٿي پاڻ ۾ ويهي اهي احتجاجي عمل جوڙيندا هئا.  آخر مزدورن جا حق وٺي ساهه پٽيندا هئا، 
اڄ اسان ضلعي گهوٽڪي واسين  مزدورن کي اهو ڏينهن ڏسڻو ٿو پوي ته هاڻي اينگرو گيٽ تي 60 پورهيتن جي بحالي لاءِ ويهه ڏينهن کان احتجاج هلي رهيو آهي، پر اهي مزدور تنظيمن جا اڳواڻ ان آسري ۾ آهن ته هنن کي ڪال ڪري گهرايو وڃي ته وري هڪ ڀيرو ٻيهر هو پنهنجي گرنارائپ  جادوگري ڏيکارين،!!!؟؟ خراج تحسين آهي ان پنجاب ڄائي مزدور اڳواڻ مرحوم احمد امير اعواڻ کي جنهن ضلعي گهوٽڪي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مزدورن ۾ روح ڦوڪيو.  آخر وڙهندي وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. هتي سنڌ ۾ ڏنو  پر ان کان پوءِ وري اسان کي ڪو اهڙو ماءُ ڄائو مزدور اڳواڻ نظر نه ٿو اچي جيڪو سر تريءَ تي رکي اينگرو انتظاميه سان گڏ ضلعي گهوٽڪي جي صنعتي ادارن جي انتظاميه سان اکين ۾ اکيون ملائي انهن کان مزدورن جا حق وٺي.  هتان جي صنعتي ادارن جي انهن پاليسين کي تبديل ڪري ڏيکاري ته هي ادارا سنڌ  ضلعي گهوٽڪي ۾ آهن، انهن تي پهريون حق ضلعي گهوٽڪي وارن جو  ٻيو حق سنڌ وارن جو آهي.

صبح، منجهند، شام ۽ رات جيان تبديل ٿيندڙ ڪراچيءَ جون حالتون

ڪراچي جو امن يا ڪراچيءَ جون حالتون به هاڻي مختلف پهرن جيان هڪ ڏينهن اندر ئي تبديل ٿيندي نظر اچڻ لڳيون آهن. جيئن ڪراچيءَ اندر صبح، منجهند، شام ۽ رات ٿئي ٿي تيئن ڪراچيءَ جون امن امان واريون حالتون به ايئن تبديل ٿين ٿيون. صبح جو امن آهي ته رات جو شهر سنسان ٿي وڃي ٿو ۽ فضا گولين جي ٺڪاڻن جي نذر ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن وري صبح جو شهر ۾ راڪاس گهمي وڃي ٿو ته رات جو شهر جي رونق بحال ٿي وڃي ٿي.
هڪ ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ويهه ٽيهه ماڻهو مري وڃن ٿا، ٽرئفڪ رستن تان غائب ٿي وڃي ٿي، دڪان ۽ بازارون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪرفيو جو ماحول جڙي وڃي ٿو ته ٻئي ڏينهن وري ڪراچي جي زندگي صفا معمول تي اچي وڃي ٿي.
 ماڻهو دهشت جي ماحول ۾ گولين جي بوڇاڙ ۾ به پنهنجون سرگرميون برقرار رکڻ تي مجبور آهن.
ماڻهو به آخرڪار ڪراچيءَ جي حالتن بهتر ٿيڻ جو ڪيترو انتظار ڪن. اهڙي ڪراچي هاڻي سندن مقدر بڻجي وئي آهي، موت سان گڏ هلڻ ماڻهن جي مجبوري بڻجي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن کي ٿوري به وٿي ملندي آهي ته اهي پنهنجي پيٽ گذر جو بلو ڪري وٺندا آهن. هڪ ڪني مڇيءَ ڪري سڄي ڪراچي شهر جو تلاءُ خراب ٿي ويو آهي. ان ڪني مڇيءَ ۾ هٿ وجهي کيس جيستائين ان تلاءُ مان نه ڪڍيو ويندو تيستائين ڪراچيءَ شهر جو اهو تلاءُ خراب کان خراب ئي ٿيندو رهندو.

سنڌ جو قصيدو
اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي
ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون
ڀونءِ تنهنجا اسين آهيون ڀانَ، ڳلِي ڳلِي جاڳ راڳ ڳايون
جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي
اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي
هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي جي ڳالهه ڳڻي
پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!
پڙهو گھمايو، خزان تڙايو، اسين اٿون پيا بهار بنجي
سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران
ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي
وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا
انگ، وڇون ۽ ويري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي
ااجهڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي
ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي
اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا
تحرير کي ترار بنايون بچي پئون
خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سنهن کتل آهيان
گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان
تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان
مختلف قطعات

تيل ۽ گئس فيلڊس ۾ مسلسل ٻرندڙ شعلو، آبهوا ۽ معيشيت

نواز ڪنڀر
دنيا ۾ وڌندڙ گرمي درجي سبب تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ آبهوا جا جتي ٻيا ڪيترائي سبب آهن، اتي تيل ۽ گئس فيلڊس ۾ مسلسل ٻرندڙ شعلي ۽ ان مان نڪرندڙ ڪاربان ۽ ٻين گئسن جو به  وڏو هٿ آهي. جيڪڏهن ملڪي يا سنڌ صوبي جي حد تائين ڏسون ته نڪرندڙ تيل ۽ گئس جو فائدو ته هڪ محدود حلقي تائين ئي رهي ٿو پر تيل ۽ گئس جي ڳولا وقت ٿيندڙ نقصانن کان وٺي، پيداوار شروع ٿيڻ وقت   ٿيندڙ  ڌماڪن  کان پيداوار شروع ٿيڻ تائين، ٻرندڙ شعلي جا اثر نه صرف فيلڊس جي آس پاس رهندڙن تي، بلڪ مجموعي طور ماحول ۽ آبهوا تي پون ٿا ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو انهن ناڪاري اثرن جي ڪري ڀوڳين ٿا. مخالفت  ترقي يا ترقياتي منصوبن جي  نه پر انهن منصوبن کي ماحول ۽ ماڻهن لاءِ غير معياري ۽ نامناسب نموني هلائڻ جي آهي. جيڪڏهن تيل ۽ گئس مان رڳو ترقي ۽  خوشحالي اچي ها ته ملڪي سطح تي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ اهم حصيدار ضلعو بدين، غربت  ۽ بدحاليءَ جي لسٽ ۾ مٿانهين نمبر تي نه هجي ها!
ملڪ ۾ هونئن ته جتي ڪٿي قاعدن ۽ قانونن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي،    اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو وڃي ٿو، ذاتي خسيس فائدي لاءِ ٻين جو وڏو نقصان ڪيو وڃي ٿو پر جهڙي انڌير واري ۽ ليڪا لتاڙيندڙ صورتحال تيل ۽ گئس جي پئداوار جي سلسلي ۾ ڪئي وڃي ٿي، اها لتاڙ ملڪي سطح تي، مختلف حوالن سان ٿيندڙ لتاڙن ۾ مٿانهين نمبر تي جاءِ والاري ٿي. ڪنهن به هنڌ تيل ۽ گئس جي ڳولا کان وٺي پيداوار شروع ٿيڻ ۽ پوءِ پيداوار شروع ٿيڻ جي مختلف مرحلن  تي علائقائي ترقيءَ لاءِ مخصوص ٿيل رقم ته خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي؟ ان جو به جواب يقيناً کاتي جي ڪاغذن ۾ آفيسرن جي چپن ۽ پريزينٽيشن پيپرز تي ضرور  هوندو پر جيڪڏهن عام ماڻهو اها ترقي ڏسڻ چاهيندو ته کيس ڳولهي نه لڀندي. انڌير ۽ ظلم ته اهو به آهي  ته تيل ۽ گئس جي پيداوار شروع ٿيڻ کان اڳ ماحوليات جي تحفظ وارو ادارو يعنيEPA(Enronmental Protection Agency) ان علائقي جي  من پسند ماڻهن ۽ تنظيمن کان  اسيسمنٽ رپورٽس ڪرائيندو آهي. رپورٽس تي  وڏن خرچن سان ان رپورٽ وارن علائقن ۽ ماڻهن کان پري ڪنهن ٿڌي هوٽل ۾ سيمينار  ڪرائي ”سڀ صحيح “ جو ٺپو لڳرائيندي پوءِ ڪم شروع ڪرائيندو  آهي. خود EPA جي اعلى عملدارن جي بقول ته  اڄ ڏينهن تائين پيداوار شروع ٿيڻ کان پوءِ ان علائقي جي درجي به درجي  گرمي جي آبهوا، ماحول، ماڻهن، فصلن، وڻ، گاهن، ٻوٽن، چوپائي مال، جانورن، پکين، جيتن، ماڪ، زير زمين پاڻي وغيره تي ڪهڙا اثرا ٿيا، ان تي ڪابه اسٽڊي نه ڪرائي وئي آهي!  اداري وٽ اهي به انگ اکر ناهن، بلڪه هن انهيءَ ڳالهه جي ضرورت ئي محسوس ناهي ڪئي ته ٻرندڙ شعلي سبب في ڪلاڪ يا في منٽ ڪيتري گرمي، ڪيتري مقدار ۾ ۽ ڪهڙيون گئسون آبهوا ۾ شامل ٿي رهيون آهن؟ ۽ انهن جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا!؟
 ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۽ ٻرندڙ شعلي جي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن سان ٿيل ڪچهرين ۾ ورتل حال حقيقتن مان  خبر پوي ٿي ته شعلي سبب ان علائقي جي چوگرد گرمي جو درجو، ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌي  ٿو. انهن علائقن جي ماڻهن ۾ چمڙي، ساهه ، اکين جون بيماريون عام هونديون آهن. ممڪن آهي ته ٻيون بيماريون به ٿينديون هجن، جن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪا ٽيم ئي نشاندهي ڪري سگھي ٿي. ان کان علاوه انهن علائقن ۾ موسمي پوندڙ ماڪ به نٿي پوي، جنهن سبب چوپائي مال، فصلن ۽ ٻيجي تي به ناڪاري اثر پون ٿا. شعلي جي ڏينهن رات روشنيءَ سبب انهن علائقن جا ماڻهو توڙي جھنگلي جيوت سخت متاثر ٿين  ٿا. اهو علائقو جن به جانورن، پکين جي جُوءِ يا HABITATE هجي ٿو، اهي بي زبانا، اهو علائقو خالي ڪري وڃن ٿا. باهه ۽ روشني ڏانهن ڀڄي وڃي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي جبلت رکندڙ ڪيترائي جيت، پوپٽ ۽ پتنگ دوکي جي هن ديوار هٿان پنهنجي حياتيءَ کان محروم ٿي ويندا آهن. جڏهن ٻرندڙ هڪ ميڻ بتي تي ڪيترائي پتنگ اچي جان فدا ڪري سگھن ٿا ته هن هيڏي وڏي شعلي تي  ڪيترا قربان ٿيندا هوندا، ان جو اندازو هر ڪو ڪري سگھي ٿو. قربان ٿيندڙ انهن جيتن، پوپٽن ۽ پتنگن ۾ ڪيترائي فصل ۽ ماحول دوست به  هجن ٿا. انهن جي سڙي مري وڃڻ بعد فصلن کي سخت نقصان پهچي ٿو. شعلي واري علائقي جي ڀرپاسي ڪيترائي وڻ ۽ گاهه ٻوٽا ختم ٿي وڃڻ بعد  چراگاهه ختم ٿيو وڃن، جنهن جو سنئون سڌو اثر چوپائي مال جي گھٽجڻ سبب ماڻهن جي معاشي حالت تي پوي ٿو. ماڻهن جي انهن علائقن مان لڏ پلاڻ ٿئي ٿي، انهن جي اهنجن ۽ تڪليفن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اهي در بدر ٿين ٿا، پر متعلقه کاتن وٽ انهن اثرن کي ختم يا گھٽ ڪرڻ وارا اهي اپاءَ وٺڻ ته رهيو پري، انهن ادارن وٽ ته اهڙن ڪمن جي اثرن جي حوالي سان نه ئي ڪي انگ اکر آهن، نه ئي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو کين جو خيال آهي  ۽ نه ٿيندڙ نقصان جو اندازو ، احساس ۽ ان بابت ڪا پلاننگ.
تيل ۽ گئس جي پيداوار اتي موجود مقدار جي حساب سان،  هڪ مقرر مدي تائين جاري رهندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي گھٽجندي، ختم ٿي ويندي آهي، جيئن سئي بلوچستان،  بدين ۽ ٻين جاين تي ٿي رهيو آهي. ان لحاظ کان اسان جي ڌرتي اندر دفن ٿيل دولت، وقت کان اڳي ۽ اسان جي سجاڳ ٿيڻ کان پهرين، ڪجهه ادارا ۽ ماڻهو ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪري، پٺيان رڳو اسان لاءِ تباهي ۽ بربادي ڇڏي، پئداوار پوري ٿيڻ تي هتان هليا ويندا ۽ اسان جي نصيب ۾ رڳو ان جا ناڪاري اثر ڀوڳڻ ئي رهجي ويندو! ان ڪري  هتي جي باشعور ماڻهن، ماحولياتي ماهرن، صحافين، سماجي تنظيمن توڙي سياسي پارٽين تي فرض ٿو عائد ٿئي ته اهي هن ڏس ۾ سجاڳ ۽ هڪ آواز ٿي، متعلقه ادارن کان اها ڳالهه مڃرائين ته اهي، انهن فيلڊس جي ڪري آبهوا، ماڻهن ۽ ماحول تي پوندڙ اثرن ۽ وڌندڙ فضائي آلودگي کان بچڻ لاءِ، وقت سر ڪي اپاءُ وٺن، ٻي صورت ۾ دير ٿي وڃڻ بعد  اسان ٻٽي نقصان کي ڀوڳيندا رهجي وينداسين ۽ فائدو وٺڻ وارا فائدو وٺي، آبهوا ۽ ماحول کي بگاڙي، فضا کي آلوده  بڻائي هليا ويندا.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com