سنڌي قوم جو گڏيل فيصلو مثبت عمل

سماجي ڏاهن قوم جي مڪمل هجڻ لاءِ جيڪا وصف مقرر ڪئي آهي سا هن طرح آهي ته: پهريون ته کيس هڪ جاگرافي هجي يعني هڪ علائقو، هڪ خطو، هڪ ايراضي هجيس. ٻيو ته تاريخي ۽ ارتقائي عمل رکندڙ هجي يا ڊگهو تاريخي تسلسل هجيس، ٽيون ته ٻولي هجيس، چوٿون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت هجيس، پنجون ته کيس معاشي وسيلا مڪمل طور پنهنجا هجنس وغيره.

وصف جي پهرين نقطي مطابق سنڌي قوم کي جاگرافيائي طور هڪ علائقو ته آهي پر اهو هڪجهڙو ناهي ڇاڪاڻ ته اهو ميداني، ڪوهستاني سامونڊي، ڪاڇو، ٿر، درياهي ڪچو ۽ ڊيلٽائي شڪيلن تي مشتمل آهي، عربن جي قبضي کان اڳ رڻ ڪڇ، راجستان جو اٽڪل اولهائون اڌ، سبي، موجوده بلوچستان، سرائڪي ۽ پوٺوهاري علائقا سنڌ جي ايراضي هئي، جيڪا اندروني نا اتفاقين جي ڪري هوريان هوريان ڇانگهبي وئي.

تاريخ جي ثبوت طور موهن جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي جهڪر جي دڙي، آمري هڙپا ڪوٽ ڏيجي، مهر ڳڙهه، چانهوءَ جي دڙي، ڌامراهه واهه جي ڪناري ڪانڌڙن جي دڙي، يا سکر شهر ۾ هاڻوڪي کوٽائيءَ دوران مليل قديم آثارن کي پيش ڪجي ٿو. مٿين آثارن هجڻ ڪري اهو ثابت ٿئي ٿو ته هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي اٽڪل ڏهن هزارن سالن کان آباد رهندي آئي آهي.

ٽئين نقطي مطابق مڪمل طور هڪ ٻولي ڪانهيس ڇاڪاڻ ته مختلف تاريخي دورن ۾ ڌارين جي حملن ڪري جاگرافيءَ وانگر سندس ٻولي تي به وڏا وار ٿيل آهن، جنهن ڪري اها هڪ نه ٿي سگهي آهي ۽ پوٺوهاري، سرائڪي، هندڪو، اردو، بلوچي، لاسي، ڪڇي، گجراتي ۽ موجوده اترادي، لاڙي، ڊيلٽائي لهجن ۾ ورهائجندي رهي آهي. ٿري ٻولي ۽ ماڻهن جي باري ۾ مرحوم انور پيرزادي صاحب جو چوڻ هيو ته اهي موهن جي دڙي واري آبادي آهي جنهن ٿر ۽ پارڪر واري ريگستان ۾ لڪي پنهنجو وجود بچايو آهي.

وصف جي چوٿين نقطي مطابق جديد دؤر کان اڳ ٿري ماڻهن جون، مهاڻن، مالوندن، ڪوهستانين جون، يا زراعت ۽ واپار تي گذران ڪندڙ پڪن گهرن ۾ رهندڙ شهرين جون ريتون، رسمون، گهريلو طور رڌپچاءُ، مهمان نوازي، پائڻ ۽ اوڍڻ، ڪکائن گهرن، ڪچي مٽي ۽ پڪين سرن وارن گهرن ۾ رهندڙن جا طور طريقا مختلف رهيا آهن. جن جا مثال موجوده دور ۾ به لڀجن ٿا. مذهب، عقيدا، وهم، وسوسا به مڪمل طور هڪجهڙا ناهن رهيا. گروهن، قبيلن ۽ ذاتين جي ڌپ اڃان به اچي رهي آهي. ان طرح ثقافتي ۽ تهذيبي طور ان کي سؤ في سيڪڙو مڪمل ڪو نه ٿو چئي سگهجي.

پنجين نقطي مطابق وسيلن ۽ پيداواري ذريعن ۾ سڄي سنڌ مڪمل طور پاڻ ڀري آهي. سنڌ درياهه جو زراعت لاءِ مٺو پاڻي، چئن ئي موسمن مطابق پوکي راهي ڪرڻ جا موقعا، برساتيون ۽ وسڪارا معدني ذخيرن ۾ ڪچو لوهه، ٽامون، گئس، تيل، ڪوئلو چيني مٽي، گرينائيٽ پٿر، مرمر جو پٿر، سليڪا، سامونڊي ڪنارو، دريساهي ۽ سامونڊي مڇي، جهنگلي جيوت ۽ ڪاٺ وغيره.

ان طرح مجموعي طور سنڌي قوم جو وچون طبقو پنهنجو ناهي رهيو جيڪو سندس ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿي سگهي. هڪ سازش تحت سنڌ جهڙي خوش حال ملڪ کي پاڪستان جو صوبو ٺاهي ڌاريو وچون طبقو ٺاهي سماجي پيوندڪاري جو تجربو ڪيو ويو آهي، جيڪو غير فطري آهي ۽ اهو لازمي طور ناڪام ٿيندو. مسلسل ڌاري آبادڪاريءَ ڪري هڪ ٻولي ٺهڻ وارو عمل تمام سست آهي. طبقاتي ۽ قبيلائي شڪليون ڊاهڻ وارو عمل به گهڻو ڍرو آهي. جنهن ڪري سنڌي قوم اڃان مڪمل طور هڪ سگهاري قوم جي وصفن مطابق ڪچي آهي يا فقير محمد لاشاري مرحوم سان سهمت ٿيڻو پوندو ته ”سنڌي قوم اڃان مڪمل قوم ناهي ٿي سگهي“.

قديم آثارن ۽ ويدن جي لکت واري تاريخي معلومات مطابق اٽڪل ڏهن هزارن سالن کان وٺي سنڌي قوم پنهنجو تاريخي تشخص يا وجود برقرار رکندي آئي آهي ته اهو صرف سنڌو درياهه جي هجڻ ڪري سهارو ملندو آيو اٿس، ان سڄي وجودي عرصي دؤران جيڪي گهاؤ، زخم ۽ جهير لڳندا آيا اٿس تن کي برداشت به ان ئي درياهه جي ڪري سگهندي آئي آهي. درياهه کي ڀرٿو ڪندڙ ندين ۽ نين کان وٺي خالي ڪندڙ گهارين جي علائقن تائين سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خوشبوءِ اچي رهي آهي سا ان جي ٽي مواصلاتي ذريعي ڪري آهي ۽ اهو ئي پاڻيءَ جي وهڪرن وارو مواصلاتي نظام سنڌ ۽ سنڌي قوم ۾ گهائجي وڃڻ کان پوءِ مرهم جو ڪم ڏيندو رهيو آهي. قبيلائي سماجي بيهڪ جي ڪري ان ڪڏهن ويجهن اٽڪل پندرهن سؤ سالن ۾ ڪا وڏي فوجي طاقت گڏ ڪري ڪنهن ڌارئين ملڪ تي حملو ڪو نه ڪيو آهي، سواءِ مهاراجا چچ جي دؤر جي، جنهن ڪشمير جي دنگ تي ٻه وڻ پوکائي اعلان ڪيو هو ته سنڌ جون حدون هيستائين آهن. مهاراجا چچ به حدون وڌايون ڪو نه هيون پر بحال ڪيون هيون، جيڪي اڳ ۾ ايرانين يونانين ۽ موريا گهراڻي جي مهاراجا اشوڪ سوڙهيون ڪيون هيون. عربن جي لڳل وڏي ۾ وڏي گهاؤ کي برداشت ڪرڻ کان پوءِ هتان جي مقامي وڏن قبيلن جي حڪومتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. سومرن عربن جا پيرا ڊاهي ڇڏيا ان طرح سمن سومرن جي وچ ايشيا جي ڌاڙيلن کي ڪجهه وقت ملي ويو پر وري ڪلهوڙن ۽ پوءِ ٽالپرن قومي وجود جو تشخص برقرار رکيو ته سهي پر غزنوي، غوري، تيموري، لوڌي، ارغوني، ترخاني ۽ مغل راڪاسن سنڌ کي ڪپي ڪوري باقي وڃي ڪاڊ ڍري بچائي جيڪا انگريزن کي هٿ آئي.

ان سڄي تاريخ عرصي دؤران برهمڻ دؤر ۾، ٻيو سومرا ٽيون سما چوٿون ڪلهوڙا ۽ پنجون ٽالپر دؤر ۾ سنڌي قوم پنهنجي وجود هجڻ جو اظهار ڪيو. ڇهون ڀيرو بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ، ستون ڀيرون ون يونٽ خلاف تحريڪ دؤران، اٺون، ڀيرو 1970ع جي اليڪشن ۾ ته نائون دفعو 1983ع ۽ 1986ع واري ايم آر ڊي واري تحريڪ دؤران پنهنجي وجود جو اظهار ڪو. ان کان پوءِ 1988ع وارين چونڊن ۾ وڏن وڏن فيوڊل ٺلهن کي ڏڪا ڏئي ڪيترائي اجتماعي ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو. جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جي ٺاهيل ۽ ڀٽي خاندان جي طرفان هلايل پيپيلزپارٽيءَ جي شڪل ۾ اتحاد جو مظاهرو اڃان به ڪندي رهي ٿي. 1973ع ۾ سنڌي ٻولي کي بچائڻ کان 09-12-06 تي ثقافتي اظهار ڪري ٻين ملڪي قومن کي وائڙو ڪري ڇڏڻ تي سنڌي قوم کيرون لهڻيون.

جيڪڏهن کيس صرف پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ جي خود مختياري ملي پويس ته اميد آهي ته اها پنهنجو وچون طبقو چند ڏهاڪن ۾ ئي پيدا ڪري وٺندي ۽ جڏهن به ان وچين طبقي پنهنجي مخالف جاگيردار طبقي کي ڪمزور ڪيو تڏهن مٿس ڪچي قوم وارو لڳل چٽو به ڌوپجي ويندس.

مليل تاريخ مطابق گذريل اٽڪل ٻن هزارن سالن دؤران سنڌي قوم گهٽ ۾ گهٽ هڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا هڪ قوم هجڻ جو اظهار ڪيو آهي ان اظهارن جي نسبت پوين پنج سؤ سالن ۾ وڌيڪ آهي، ساڳيءَ طرح اها نسبت گذريل هڪ صديءَ ۾ اڃان به وڌيڪ آهي. ان جو مطلب ته قومون تاريخي پنجوڙن منجهان آجپي ڏانهن وڌي رهيون آهن.

قومن جو متفقه راءِ ٿيڻ يا هڪ منزل تي گڏجي پهچڻ جي رستي ۾ وڏيون رڪاوٽون هڪ ته قبيلائي ۽ جاگيرداري قدر هوندا آهن ٻيو مواصلات جي ذريعن جو نه هجڻ ٽيون پاڙيسري قومن طرفان مسلسل کيهاند ڪرڻ، سڪون سان نه اسرڻ ڏيڻ، ٻولي ۽ ادب کي وڌڻ ويجهڻ جا موقعا نه ڏيڻ، وسيلن جي ڦرلٽ، مسلسل ٻاهرين آبادڪاريءَ جي عمل جو هلندو رهڻ، ذاتي ۽ گروهي يا قبيلائي ويڙهانديون ڪرائڻ قوم جو شعور اجاڳر ڪندڙ شخصيتن کي ختم ڪرڻ يعني اندريون ۽ ٻاهروين رڪاوٽون وغيره.

موجوده جديد دؤر جي مواصلاتي ذريعن مٿين رڪاوٽن منجهان گهڻيون دور ڪري ڇڏيون آهن يا قومن کي هوشيار ڪري ڇڏيو اهي ته انهن کان پرهيز ڪيو. پيغام پهچائڻ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ته قومن جي تربيت جي رفتار گهڻو تيز ڪري ڇڏي آهي. ان طرح قوم جي فردن ۾ اجتماعي شعور وڌي ويو آهي ۽ اهو شعور ئي نيٺ هڪ ڏينهن پاڻ ۾ ڳنڍجي اهڙو زنجير ٺاهيندو جنهن کي ڪير به ڇني ڪو نه سگهندو.

ڪچيون ۽ اڌوگابريون يا اڻ مڪمل قومون گڏيل راءِ ڏيڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون به ڪنديون آهن پر سندن گڏيل راءِ ڏيڻ وارو عمل ساراهڻ جوڳو هوندو آهي سنڌي به جيڪي گڏيل فيصلا ڪيا آهن يا گڏيل راءِ ڏني آهي، سي مڪمل طور صحيح به ڪونهن پر ان جو مطلب غلط نه وٺڻ گهرجي يا کيس گڏيل فيصلي ڏيڻ تي ڏوراپا ڏجن پر سندس همت افزائي ڪبي رهجي، ڪيترا ڀيرا غلط راءِ ڏيندي؟ نيٺ ته کيس هڪ ڏينهن سرت ساڃاهه، عقل، شعور، هوش، ڏاهپ ۽ راءِ ڏيڻ جو ڏانءُ اچي ويندو. سنڌي قوم جي دشمنن ۽ کيس شڪار سمجهندڙن شڪارين کي ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي جنهن ڏينهن سنڌي قوم کي راءِ ڏيڻ جو ڏانءُ اچي وڃي.

قوم جا گهڻ گهرؤ، ليڊرؤ، اڳواڻؤ، جيڪڏهن اوهان ٿورڙي به قومي غيرت آهي ته قوم کي اجتماعي ۽ گڏيل فيصلو ڪرڻ تي نه ٿو ڪيو، کيس ڇڏي ڏيو ته ڀل هوءَ ڪهڙي به پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ سکي وٺي. اوهان به کيس گڏ ٿيڻ سيکاريندا رهو. هوءَ ڪهڙي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيڻ ٿي چاهي ان جو الڪو اوهان نه ڪيو. هڪ ڀيرو هڪ جهنڊي هيٺان بيهڻ سکي وٺي پوءِ ان کي ٻئي جهنڊي هيٺان آڻي بيهارڻ ڪو گهڻو ڏکي ڪم ڪونهي.


غني ڪانڌڙو

No comments:

Post a Comment