مڪاني ادارن بابت فيصلي ۾ منجهيل سنڌ حڪومت!

اهو تمام چٽو ۽ واضح هيو ته مڪاني ادارن جو موجوده نظام ڪهڙي وقت ختم ٿيندو ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ان کانپوءِ ڪهڙو نظام اچڻ گهرجي، ان بابت به پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ مخالف ڌر ۾ هجڻ دوران واضح پاليسي رکندڙ هئي، بلڪه ان نظام جي مخالفت ۾ موجوده وزيرن جون شعلا بيان تقريرون ڀلي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هيون يا عوامي جلسن ۾ رڪارڊ تي آهن. پر پوءِ به سنڌ حڪومت ”ڪور ڪميٽي“ سان ڏي وٺ واري امتحان ۾ آهي ته ڪهڙو نظام رائج ڪجي ۽ ڪيترا اختيار هڪٻئي کي ڏجن وٺجن؟ ٻئي پاسي سنڌ جا ماڻهو ان انومان ۾ آهن ته ”اسان جي چونڊيل حڪومت عوامي چاهتن کان بلڪه عوامي مطالبن کان هٽي ڪري فيصلا ڪرڻ لاءِ چئن چئن ماڻهن جي ”ڪور ڪميٽي“ ۾ بلدياتي نظام بابت فيصلن کي اهڙي ٽياس تي ٽنگي رکيو آهي، جو عوام وڏي خوف، درد ۽ پيڙا واري ڪيفيت ۾ آهي ته هن ڀيري وري اسان جا حڪمران الائي اهڙو ڪهڙو فيصلو ڪرڻ پيا چاهين، جنهن جو سنڌ نقصان ڀوڳيندي. نظام ۾ فيصلن جو هنڌ ڪا ”ڪور ڪاميٽي“ نه هوندي آهي، خاص ڪري اهڙن فيصلن لاءِ، جن جو تعلق عوام سان هجي. اسيمبلي ئي اهم فورم هوندو آهي، جتي فيصلا ٿيڻ گهرجن، پر مڪاني نظام ۾ جنهن طرح سنڌ حڪومت پنهنجي هڪڙي اتحادي جماعت متحده قومي موومينٽ جا مڪاني ادارن بابت اهڙا مطالبا، جيڪي سنڌ جي تمام وڏي اڪثريت جي چاهتن خلاف آهن، مڃڻ نه مڃڻ لاءِ ڳالهين جا دورن مٿان دور هلائي رهي آهي. اها ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته متحده هڪ ئي وقت مسلم ليگ (ق) وارن اڳواڻن سان به سلهاڙيل آهي، کين آجياڻه پئي ڏئي، ۽ ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) سان به گڏجاڻيون پئي ڪري ته ٽئين طرف ان جماعت جو قائد صدر آصف کان ٿورو ئي وقت ٿيو آهي، جو استعيفيٰ جي پڻ کلي عام ٽي وي تي گهر ڪري چڪو آهي.


اسيمبلي حڪومت جي طاقت هوندي آهي، سنڌ جي مڪاني ادارن وارو معاملو اسيمبليءَ ۾ هجي ها ته هڪ ڌڪ ۾ حل ٿي وڃي ها. پر افسوس جو سڄي سنڌ جا واضح اڪثريت رکڻ وارا حڪمران سڄي قوم جي مينڊيٽ کي هڪ ڪاميٽيءَ ۾ سواليه نشان بڻائي بيٺا آهن. ڪالهه واري ڪاوش ۾ متحده قومي موومينٽ جا جيڪي مطالبا سامهون آيا آهن، اهي ڄڻ ته مڪاني ادارن جي آڙ ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاست ڏانهن هڪ قدم طور نظر اچي رهيا آهن. ناظم ۽ ضلعي ناظمن کي ڪابينا جو حصو ڪيو وڃي، کين وزير ڪيو وڃي، پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جو نظام سندن حوالي ڪيو وڃي، سندن عهدن هيٺ آيل سموري زمين اڪلائڻ جو اختيار به کين ڏنو وڃي. آفيس، آفيسرن جا سروس ڪيڊر جوڙڻ جو اختيار به کين ڏنو وڃي. سندن ڊولپمينٽ پلان لاڳو ڪرڻ لاءِ کاتن کي پابند ڪيو وڃي، سرڪاري زمين جي وڪري جي آمدني سندن مڪاني ادارن کي ڏني وڃي، سينٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي، ڪسٽم ڊيوٽي، انڪم ٽيڪس، جي ايس ٽي مان حصو ڏنو وڃي، کين نوان ٽيڪس هڻڻ جو اختيار ڏنو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي توڙي خودمختيار ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس تي کين حصو ڏنو وڃي وغيره وغيره. باقي بچيو ڇا؟ اهڙا مطالبا ته هڪ سيٽ تي چونڊجي آيل اهڙي وزير اعليٰ کان به نه ڪيا ويندا هئا، جن جي حڪومتن جو قائم رهڻ نه رهڻ سندن حمايت جي رحم و ڪرم تي هو. جيڪڏهن موجوده پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي عوام جي واضح ووٽن، هڪ ٻن پختون سيٽن، فنڪشنل مسلم ليگ، قومپرست پارٽين ۽ ٻين سول سوسائٽي ۽ باشعور ماڻهن جي واضح مطالبي باوجود سنڌ جي مڪاني ادارن بابت فيصلو نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان ارباب حڪومت تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي، جيڪا بيٺل ئي متحده جهڙن اتحادين جي ووٽ تي هئي؟


ائين به ڪراچي، هاڻي ڪنهن هڪ ڌر جي واضح اڪثريت وارو علائقو ناهي رهيو. ڪراچي جو سينٽرل ضلعو واضح طور تي متحده جي اڪيلي اڪثريت وارو ضلعو آهي، باقي ٻيا ضلعا گاڏڙ ساڏڙ آبادين تي آهن. خود سنڌي ماڻهو گذريل 10 سالن ۾ ڪراچي ڏانهن لکن جي تعداد ۾ آباد ٿيا آهن. گذريل ٻن سالن کان Due ٿيل آدمشماري جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڪرائي وئي ته ڪراچي شهر بابت نوان انگ اکر سامهون ايندا. ڪراچي جا پنج ضلعا، هر ضلعي ۾ ڌار ڌار ميونسپلٽي ۽ چيئرمين هجڻ گهرجي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جي چونڊيل حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي شهرن جا نظام ۽ اختيار اسيمبليءَ کي پٺي ڏئي ڪنهن ڪور ڪاميٽيءَ ۾ ويهي لکي ڏئي ٿي ڇڏي ته اها ان جي ووٽرن سان وڏي ناانصافي ٿيندي. سنڌ جي تاريخ ۾ اڃا به ون يونٽ مڙهڻ وارن کي سنڌي ماڻهو سٺن لفظن ۾ ياد ڪو نه پيا ڪن. ناظمن کي وزير مقرر ڪري ڪابينا جو ميمبر مقرر ڪرڻ وارو مطالبو ته بنهه کل جهڙو آهي. اڳ ۾ ئي 75 وزيرن واري ڪابينا ۾ 75 ٻيا وزير مقرر ٿين ته سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو ته معاملو ڇا ٿيندو؟ هڪ چونڊيل حڪومت جيڪڏهن بلدياتي معاملي جهڙي صرف هڪ مسئلي تي قوم جي صحيح نمائندگي نه ڪري سگهي ۽ آمر مشرف جي اهڙي نظام ۽ قانون کي، جنهن جي هو پاڻ به مخالفت ڪندا آيا هجن، بابت مهينن جا مهينا ٻڏتر ۾ هجي ته ان حڪومت لاءِ ايترو ضرور سوچي سگهجي ٿو ته هو ٻين اهڙن معاملن تي سنڌ جي حقن جو ڪيترو تحفظ ڪندي، جيڪي ان کان وڌيڪ سنگين هوندا. ان ڪري اهو سنڌ جي ماڻهن جو پرزور مطالبو آهي ته سنڌ بابت هر معاملو سنڌ اسيمبليءَ ۾ آڻي بحث هيٺ آندو وڃي. هر فيصلو اتي ٿيڻ گهرجي، ڪور ڪميٽن ۾ چار وزير ويهي سنڌ جي بنيادي معاملن بابت فيصلا ۽ اهي به منجهيل فيصلا ڪن، معاملا سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي تابع هجڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي بااختيار ۽ بااثر رهڻ ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت کان اهڙن اختيارن جي ورهاست، جنهن سان سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ خودمختياري کي ڇيهو رسي، اها ورهاست نه ٿيڻ گهرجي. مڪاني ادارن بابت فيصلن ۾ دير پوري قوم تي وڏو نفسياتي بار وڌو آهي، جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ هڪ نظام ۽ باقي سنڌ لاءِ ٻيو نظام جهڙو ڪم ڪيو ويو ته اهو سڌو سنئون سنڌ جا انتظامي اختيار ورهائڻ جي برابر هوندو ۽ اهو قدم موجوده حڪمرانن جي اڳ ۾ ئي سواليه نشان بڻيل مقبوليت کي ڌڪ رسائيندو.


سنڌ جي سياسي منظر ۾، ويجهي مستقبل ۾ عوامي ليول تي اٿل ڦٿل نظر اچي رهي آهي ۽ 17 هين ترميم جي خاتمي جي انتظار ۾ ويٺل نواز شريف سنڌ کي سياسي سرگرميءَ جو ميدان بڻائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. صدر آصف علي زرداري پاران Invisible forces خلاف زوردار تقريرن، جن کي ميڊيا ”سنڌ ڪارڊ“ جو نالو پئي ڏي جو اثر گهٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ نواز شريف کي سنڌ ۾ سياسي اثر پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ جو خيال ڏنو ويو آهي ۽ نواز شريف صرف 17 هين ترميم ۾ ٽيون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ واري شرط ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ ٿڌو آهي. جيئن ئي اهو معاملو حل ٿيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت جي سنڌ جي بنيادي حقن بابت ڪيل غير مقبول فيصلن سبب ناراض قومپرست پارٽيون، ڇڙوڇڙ ٿيل سياستدان ۽ پيپلز پارٽي جو موجوده سيٽ اپ ۾ حصو نه مليل طبقو پڻ نواز شريف سان گڏ سنڌ ۾ هڪ اليڪشني هم خيال فورم کي جنم ڏيڻ وارو آهي ۽ ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي شرڪت لاءِ نواز شريف جي متحده قومي موومينٽ خلاف سخت موقف ۽ ان جي موقف ۾ وڌيڪ سختي اهڙو ماحول ضرور پيدا ڪندي، جيڪو پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ آساني سان کٽڻ شايد نه ڏيندو، 

memonsuhail@hotmail.com

No comments:

Post a Comment