نئون ديرو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ملڪ جي چونڊيل صدر آصف علي زرداريءَ جي خطاب کان پوءِ ”متحرڪ“ صحافين لاءِ سڀ کان وڏو اشو اهو هو ته، ”صدر آصف علي زرداري اهڙو خطاب پارٽي جي ڪو-چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪيو، يا ملڪ جي صدر جي حيثيت ۾؟“ ان سوال جي جواب جي ڳولا لاءِ پرمغز بحث، ڪالم ۽ ڪچهرين ۾ سلسلو جاري رهيو. حقيقت ۾ جڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي جو چيئرمين بڻايو ويو هو، تڏهن ساڳين ”متحرڪ“ صحافين پارٽيءَ تي جاگيرداري نظام وارا الزام مڙهيا هئا، جڏهن آصف علي زرداري ڪو-چيئرمين مقرر ٿيو ته هنن پاران محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وصيت کي پبلڪ ڪرڻ جا مطالبا ٿيندا رهيا، جڏهن آصف علي زرداري ملڪ جو صدر چونڊيو ويو، تڏهن ٻنهي عهدن مان ڪو هڪ عهدو رکڻ وارا مشورا ملندا رهيا، تنهن ڪري جيڪڏهن انهن ”متحرڪ“ صحافين کي آصف علي زرداري اهڙو خطاب ملڪ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪيو يا پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمين جي حيثيت ۾؟ واري سوال جو جواب ملي به وڃي، تڏهن به سندن جواب هوندو ”آصف زرداري نه کپي.“ ڇا اهي صحافي جيڪي بقول ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ”نه کپي“ واري بيان تي ڊگها ڊگها پروگرام ڪري رهيا آهن، اهي آصف علي زرداري ”ڇو نه کپي“ جهڙو موضوع بحث هيٺ آڻي نٿا سگهن؟
پر اهي اهڙي شروعاتي موضع کي نظرانداز ڪري ٻئي موضوع يعني ”سنڌ ڪارڊ ڇو؟“ تي معلومات گڏ ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن کي اهو ادراڪ ٿي سگهي ته جيڪڏهن آصف علي زرداري نه رهيو ته پوءِ سنڌ ۾ ردِ عمل ڪهڙو به ٿي سگهي ٿو. اين آر او بابت ڪيس جي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي هئي ته سنڌ جي شهرن جي بند ٿيڻ واري خبر پهچڻ تي هڪ وڪيل چيو پئي ته ”سنڌ خوف ۾ بند ٿي هوندي، ردِ عمل ۾ نه.“ مون کي انهيءَ 16 ڊسمبر واري ڏينهن جڏهن سپريم ڪورٽ اين آر او بابت ٻڌڻي ۾ مصروف هئي، تڏهن هر هڪ جي وات تي 16 ڊسمبر ”سقوطِ ڍاڪا“ جو ڏينهن هجڻ جي حوالي سان بحث ٿيندڙ موضوع حيران ڪري رهيو هو، جنهن ۾ بار بار شيخ مجيب الرحمان جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ وارو ڏک ائين محسوس ٿي رهيو هيو، ڄڻ ته فيض احمد فيض پاڻ پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هجي:
هم کي ٺهري اجنبي اتني مداراتون کي بعد،
کب بني گي آشنا کتني ملاقاتون کي بعد؟
سوال اهو آهي ته ڇا اڄ پيپلز پارٽيءَ جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو پيو وڃي؟ ماضيءَ تي ماتم ڪرڻ کان بهتر نه آهي ته حال ۽ مستقبل جو فڪر ڪيو وڃي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان صديق الفاروق جي انهيءَ ڳالهه ته “آصف علي زرداري جمهوريت جو نالو نه آهي“ واري ڳالهه کي ڇڏي ڪري مون مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر پرويز رشيد کان پڇيو ته، مسلم ليگ (ن) آئين جي ڳالهه ڪري رهي آهي، جڏهن ته آئين ۾ صدر هجڻ سان گڏ پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمين هجڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. ساڳئي وقت آئين جي آرٽيڪل 248 هيٺ صدر تي ڪو به ڪيس نٿو هلي سگهي ته پوءِ مسلم ليگ (ن) هر صورت ۾ آئين تي عمل ڪرڻ واري ڳالهه جي باوجود استعيفيٰ واري مشوري وارو معاملو ڇو پئي اٿاري؟ مسلم ليگ (ن) آئين کان اخلاقيات تائين جو اهڙو سفر ڪٿي ائين ته جاري نه رکندي، جيئن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف چيو هو ته صرف جج بحال ڪريو، منهنجو ٻيو ڪو مطالبو ڪونهي، پر اهي مطالبا هاڻي ”واضح ايجنڊا“ تائين پهتل آهن ته جيڪڏهن ايجنڊا واضح هوندي ته صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ ڪو به حرج نه آهي. ايتري قدر جو ڪاميٽين واري ڪهاڻيءَ ۾ هاڻي ”نواز-زرداري“ ملاقات لاءِ به ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ملاقات اڳ ايجنڊا کي واضح نتيجا خيز بڻائيندي، تڏهن ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ممڪن ٿي سگهندي. پر اهي ”نتيجا“ آخر هجڻ ڪهڙا گهرجن؟ ڇو ته اين ايف سي ايوارڊ 19 سالن کانپوءِ چئني صوبن جي رضامنديءَ سان گوادر ۾ صحيح جي مرحلي مان به گذري چڪو آهي، ”آغازِ حقوق بلوچستان“ جي نالي تي شروع ڪيل بلوچستان پيڪيج سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ 24 نومبر تي پارليامينٽ تي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته 17 ترميم تي مسلم ليگ (ن) جي ڪاميٽيءَ ۾ شريڪ ميمبر اسحاق ڊار آئيني سڌارن واري انهيءَ ڪميٽي جي ڪم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ساڳئي وقت صدر آصف علي زرداري بابت چيو پيو وڃي ته هو ايندڙ گڏيل پارليامينٽ واري خطاب کان اڳ 17 هين ترميم وارو معاملو حل ٿيندي ڏسڻ گهري ٿو ته پوءِ ملاقات لاءِ واضح ايجنڊا باقي ڪهڙي هجڻ گهرجي!؟
جيتوڻيڪ پارليامينٽ سميت مختلف ادارا جمهوريت جي محل کي توازن فراهم ڪري رهيا آهن، پر هينئر ڪنهن غير سياسي شخص سان به ويهو، سو به اهو سوال پڇڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهي ته ”آصف زرداري ڪڏهن ٿو وڃي؟“ جڏهن ته ٻين ادارن جي سربراهن بابت اهڙي قسم جي غير يقيني وارو سوال لاشعور جو حصو به نه آهي. ايتري قدر جو مشهور صحافي سهيل وڙائچ مطابق صدر آصف زرداري سان ملاقات دوران ڪنهن شخص کيس چيو هو ته ڊسمبر ۾ جيل ۾ ملاقات ٿيندي، جڏهن ته مارچ ۽ آگسٽ کانپوءِ آصف علي زرداري لاءِ سندس حڪومت جي خاتمي واري خواهش واري انهيءَ سال واري ڪئلينڊر منجهان آخري مهينو ڊسمبر به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو آهي. ان جي نتيجي ۾ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته ايندڙ مارچ ۾ به ڪجهه نه ٿيندو. مارچ ۾ ڪجهه نه به ٿئي، پر هينئر تائين سياست، سياستدانن ۽ جمهوريت سان جيڪو مذاق ٿي چڪو آهي، ڇا اهو اکيون کولڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟ هينئر به جڏهن راولپنڊي جي لياقت باغ کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تائين سياسي قداور شهيد شخصيتن لاءِ قرآن خوانيون ٿي رهيون آهن، شهيدن جي قافلي جي قطار ۾ بيٺل شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قبر اڃا به آلي آهي، تڏهن به سياست ۽ سياستدان خراب ۽ ناڪام هجڻ جو فتوائون جاري ٿي رهيون آهن. ايتري قدر جو اين آر او بابت سپريم ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي ۾ آصف علي زرداريءَ جو نالو ئي نه هو، پر کيس سياسي ميدان مان سندس نالو مٽائڻ لاءِ کانئنس استعيفيٰ جا مطالبا شروع ٿي ويا.
يا رب زمانه مٽاتا هي کس لئي مجهي،
لوهه جهان هي لکها هوا حرفِ مقرر نهين هون مين
هينئر به اصغر خان جنهن پنهنجي پٽ عمر اصغر خان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي تحقيقات لاءِ پرويز مشرف کي خط لکيا، انهيءَ اصغر خان پاران آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ پئسن ورهائڻ واري درخواست ٻڌڻيءَ جي انتظار ۾ آهي. انهن سياسي مخالف قوتن تي تبصرا تحرير جي شڪل اختيار ناهن ڪري رهيا، جڏهن ته اين آر او جي لسٽ ۾ 40 سياستدان ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيا بڻيل آهن. ڇا لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي سميت سوين سياسي ڪارڪن ۽ قيادت جي قتلن، جلاوطني، ڪوڙن ۽ غائب ڪرڻ وارين ڪهاڻين کان پوءِ به سياستدان اهليت جي انهيءَ سرٽيفڪيٽ کان محروم بڻيل آهن؟ سياستدانن جا لاش صندوقن ۾ تالا هڻي دفنائڻ سان گڏ راولپنڊيءَ کان ڳڙهي خدا بخش تائين پهچايا ويا، ايتري قدر جو هينئر به آصف علي زرداري ايمبولينس موڪلڻ واري ڪهاڻيءَ جو اظهار ڪري ٿو. سمورن اتحادين جو هر دلعزيز وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني به گذريل ڪيترن ڏينهن کان ”سياستدانن کي بدنام نه ڪريو“، جهڙي گذارش ڪري رهيو آهي. اهي سياستدانن ئي آهن، جن گڏجي ڪري 19 سالن کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ تي اتفاق ڪري ورتو.
هتي اسلام آباد ۾ آف دي رڪارڊ ڪچهرين ۾ آصف علي زرداريءَ جا سخت ترين مخالف به صحافين کان پڇندا آهن ته آصف علي زرداري اهو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جيڪو پرويز مشرف نه ڪيو هو، جنهن جي ڪري ڳالهه ادارن جي ٽڪراءَ تائين پهتي آهي. سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ لاءِ هن ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان علاوه ڪارڪنن جي قرباني کان ويندي لانگ مارچ جهڙا منظر چٽيا آهن. ادارن جي فيصلن تي اڄ عاصمه جهانگير کان ويندي علي احمد ڪرد تائين تحفظات ظاهر ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن عوام جي قربانين سان قائم ڪيل اهي ادارا ٽڪرائجي ويا ته پوءِ فائدو انهن ڌرين کي ئي پوڻو آهي، جن کي سڄي ملڪ ۾ آصف علي زرداري ئي ڪرپٽ نظر ٿو اچي، جنهن جي صدارت ختم ڪرڻ لاءِ سال جي ڪئلينڊر جون تاريخون تبديل ڪيون وڃن ٿيون، پر نيت تبديل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نظر نٿو اچي.
zguramani@yahoo.com
No comments:
Post a Comment