بينظير جون بينظير يادون....!!!

اسانجي خاندان جي تاريخ قربانين سان ڀري پئي آهي منهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ۽ منهنجي جوان ڀائرن جو خون شاهد آهي ته اسان ڪڏهن به هن ملڪ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي. آئون قوم سان واعدو ٿي ڪريان ته ملڪ ۽ قوم لاءِ جان جي بازي لڳائي ڇڏيندس اهي تاريخي الفاظ ادا ڪندڙ قوم جي نياڻي جنهن اهي لفظ هڪ وڏي مجموعي ۾ ادا ڪيا هئا تن لفظن جو قرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار هئي ۽ راولپنڊيءَ ۾ هڪ گولي هلي لفظن کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ لاءِ هوءَ جيڪا جمهوريت جي دعويدار هئي جيڪا قوم جي آسن اميدن جو محور ۽ مرڪز هئي سا پنهنجي جو رت نذرانو پيش ڪري ڳڙهي خدابخش ۾ پهچي بابا ۽ ڀائرن سان وڃي ملي ڳڙهي جي قبرستان ۾ هڪ ٻئي قبر جو اضافو ٿي ويو معصوم بلاول بختاور ۽ آصفه کان پياري امڙ جو سهارو کسجي ويو انهن معصومن کي ڇا خبر ته وڃڻ وارن جو ن صرف يادون رهجي وينديون آهن هو موٽي نه ايندا آهن سالن مهينن ۽ ڏينهن جو سفر ايئن جاري هوندو آهي اڄ به 365 ڏينهن گذري چڪا آهن پر هو خوابن، خيالن ۽ سوچن ۾ ته ضرور موجود آهي پر هوءَ جسماني طور تي جدا ڪئي وئي آهي هاڻ ڇاڄاڻان ٻيهر ڪير ملندو ڪنهن سن 38 عالمي ادارن جون اعزازي ڊگريون جيئري حاصل ڪندڙ ۽ مٿي پڄاڻان اقوام متحده طرفان ملندڙ عالمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ نياڻي جنهن پنهنجي زندگي ۾ سياسي مصيبتن جلاوطنين کي وڏي صبر ۽ آزمائش سان منهن ڏنو هئو سا بهادر نياڻي سامراجين جي هلايل گولي جو آخري شڪار بڻجي چڪي هئي جنهن جي اکين ۾ هن ملڪ جي مسڪينن جي خوابن جي تعمير هئي تن اکين کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو. هڪ دفعو وري ڊسمبر جو مهينو پاڻ سان گڏ سرد هوائون کڻي آيو آهي پر انهن سان گڏ هاڻ هر طرف هڪ دفعو وري بينظير جي ڪيل واعدن ۽ تقريرن جا لفظ هڪ دفعو وري چوڏس گونجي رهيا آهن ايئن محسوس ٿئي پيو ته ڪاوڄ کنوڻ وراڪا ڏئي رهي آهي، آسمان به هن مهيني ۾ سندس لحد تي برساڻي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي ته هانو به هيسيل آهي ۽ قوم جي مڪينن جي اکين ۾ به آب آهي نير آهن ۽ آهون آهن جيڪي جهليو به نه جهلجن دل اڄ تائين الائي ڇو اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪو بينظير هن قوم جي نياڻي هن ملڪ جي تقدير هڪ عظيم ڀيڻ هڪ عظيم ماءُ اڃ اسان سان گڏ نه آهي حالانڪه سندس عظيم پويتر رت بدولت ملڪ ۾ جمهوريت آئي آهي اڄ انهن ايوانن ۾ جتي سالن تائين شهيد بابا جي نعري هڻڻ جي اجازت نه هئي اتي به جيئي ڀٽو جا نعرا گونجيا آهن پر عوام اڄ به محترمه جو وڇوڙو محترمه جو خال ڀريل نه ٿو محسوس ڪري هن وقت هن کي اقتدار ۽ اقتدار بدولت مليل جمهوريت، اظهار جي آزادي سان ڪا گهڻي دلچسپي نه آهي الاءِ ڇو هاڻ عوام خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. هو اڄ به اها ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته محترمه جي قرباني بدلي مليل اقتدار ڪا اتم ۽ اعليٰ حاصلات آهي هو ته اڄ به ماتم ڪري ٿو وقت جي ستم ظريفي جو هو اڄ به ويڳاڻپ ۽ هيڪلائي جو شڪار آهي ته ڇو ڀٽو خاندان کان ايڏي وڏي قرباني هڪ معمولي اقتدار لاءِ ورتي وئي. ڇو هن خاندان کي وقت جي هر يزيد رسم شبيري لاءِ چونڊيو آهي. اتهاس جي پنن ۾ صرف نوحا ڇو هن خاندان لاءِ لکيل آهن ڇو هن خاندان لاءِ خوشيون اوپريون ۽ اجنبيون آهن جو 40 سالن جي مختصر عرصي دوران هن خاندان جي چئن خاندان فردن کي جان جي قرباني ڏيڻي پئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي آڌي رات جو آنڌاري ۾ وقت جي انڌن مات ڏيڻ لاءِ شهيد ڪيو هو ان وقت جي يزيد اڳيان جهڪڻ بدران عوام جي آجپي خوشحالي حقيقي جمهوريت جي بقا خاطر سر گهوري ويو مقتل جو مان مٿاهون ڪري ويو هن وقت جي ظالمن آڏو نه رڙ ڪئي نه رحم جي اپيل هن سر گهوري جان ڏيڻ جو سستو سودو سمجهو پر عوام اڄ به سندس قرباني کي وساري نه سگهيو آهي. عوام اڄ به محسوس ڪندو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو وٽن موجود آهي روحاني طور تي سندس فڪر ۽ نظريا اڄ به زنده آهن ۽ ٻي طرف اقتدار جا پوڄاري اقتدار تي راتا هڻندڙ سامراجي وري هن قوم جو رت ست پيئڻ جي باوجود هن خاندان جو رت وهائڻ ۾ به اڳڀرا رهيا آهن تن شهيد شاهنواز کي زهر پيالو پياريو ديار غير ۾ ميرمرتضيٰ کي ماريو آبائي گهر آڏو ۽ آخر سندن طويل ڊگهي شيطاني سوچ ۽ منصوبي کي عملي جامو هن پارايو راولپنڊي ۾ جنهن ۾ هڪ ظالم گولي هلي ۽ محترمه جو سر وٺي وئي.

جوڙ ڪي تو ڪوه گمراه ٿي هم

جو چلي تو جان سي گذر گئي

ره يار هم ني قدم قدم

تجهي يادگار بنا ديا.

هوءَ هئي هن جي مڙني جذبن امنگن جو حوصلن جو مرڪز غريب عوام هئو هوءَ سالن کان سيني ۾ درد سهيو ويٺي هئي هن جا موڀي ڀائر هن جي اکين آڏو رت جو ريٽو لباس پائي امر ٿي چڪا هئا امڙ نصرت ور ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت اولاد جي ڪهلائي موڪلاڻي تي ڪوما ۾ هلي وئي هئي جيڪا اڄ به نه جيئرن ۾ آهي نه مئن ۾ ان جي باوجود هن جي ذهن تي هڪ ڳالهه اهم هئي ته عوام جي چاهت اهم آهي ها بينظير ڇو ته محبت ڪري عوام سن کيس اهو عوام تحفي ۾ مليو هئو سالگرهه تي شهيد بابا طرفان عوام جا اهنج ڏک درد کين مليا هئا ڏاج ۾ مسڪين نيل نماڻا هن مظلوم قوم جا فرد ۽ لوڪ سندس ڪل محتاج هئي هن جا ڀائر هن جا ڀاڀا هن جون ڀينر هن جون مائرون اهي ئي مسڪين هئا سندس هن سان هن رشتو هئو ڇو جو هو مڙئي شهيد جو روحاني اولاد هئا. ۽ انهن مڙني جي حفاظت ۽ خدمت جو وچن هن ڏنو هئو شهيد بابا کي ته تو ڏڄاڻان انهن سان ناتو ازل تائين آئون قائم رکنديس آخري وقت تي شهيد بابا کيس چيو هو ته اي موهن جي دڙي جي چيڪي مٽي سان ڄايل بينظير هڪڙي قيدي بابا جو هڪ پنڪي لاءِ اهو تحفو اٿي ۽ هن لطيفي سورمي هنن لفظن سان اهو تحفو قبول ڪيو هئوم

سرجايس ته سور سامايس ته سک ويا

اهي ٻئي پور مون نماڻي نصيب ٿيا

هوءَ للڪار هئي يزيديت خلاف هو نشانبر هئي سک جي امن جي آجپي جي هن وٽ حوصلو هئو هماليه جيڏو هن وٽ همت هئي هو شوءَ واري ان ڪري هن جو هر جلدي ۾ اهو نعرو هئو جيڪو هو پاڻ به هڻندي هئي ۽ گڏوگڏ ساٿين کان به

يه بازي خون ڪي بازي هي يه بازي تم هي هاروگي

هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا تم ڪتني ڀٽو ماروگي

هن پنهنجي زندگي جي آخري خطاب ۾ به هي تاريخي لفظ چيا هئا ته هاڻ سياسي تيتمن جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي جيڪي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا جيڪي هڪ وردي واري آمر کي 5 سالن تائين وري صدر رکڻ چاهين ٿا جيڪي آمر سان گڏجي ڪارو قانون ايمرجنسي لڳرائي عوام جا حق ۽ آزادي غصب ڪرڻ چاهين ٿا هن چيو هو ته رالپنڊي هنجو ٻيو گهر آهي هي شهر آهي جانثارن جو بهادرن جو هن شهر مونکي پيارو به آهي ته هن شهر مون کي ڏک به ڏنا آهن هن ملڪ کي قائداعظم ٺاهيو ته قائد عوام کيس آئين ڏنو ايٽم ڏنو اسان جي قائد قرباني ڏني ته اسانجي ڪارڪنن به پٺن تي ڪوڙا کائي آمريت کي مان ڏئي شهادتن سان مقتل جو مان مٿاهون ڪيو وفا جي ڏيئن رت سان جلايو ۽ اسانجي جانثار ڪارڪنن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي اڄ آئون به هن ڀيري مجموعي ۾ سرعام اعلان ٿي ڪريان ته جان جي قرباني ڏيڻي پئي ته اهو سودو به مهانگو سودو نه آهي. هيءَ جان امانت آهي هن ملڪ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام جي ساجي قربان ٿي وئي ته آئون فخر ڀائينديس ۽ لڳي ٿو قرباني جي قبولجڻ جو اهو لمحو هو ۽ عوام جي نعرن جي جواب ۾ هڪ گولي هلي ۽ اڄوڪي غمناڪ تاريخ تي محترمه شهيد ٿي وئي هن شهد بابا ۽ عوام سان ڪيل وچن ۽ واعدو نڀايو اڄ سال ڦري آيو آهي هن قوم جي نياڻي شهيدن جي وارث جنهن چيو هئو ته سانحه ڪارساز جا مڙني شهيد، شهيد ڀٽو جا فڪري اولاد آهن آئون انهن مڙني شهيد جي وارث آهيان اهي جانباز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا حقيقي وارث ۽ اولاد آهن تن جون آخري آرامگاهون ڳڙهي خدابخش ۾ جرنديون سا پاڻ به شهيد ٿي وئي.

لاش اٺتي هي ڦر علم بن ڪر لاش چاهي ڪسي شهيد ڪي هو

ڪالهه تائين خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ هڪ سوالي چهرو آسمان طرف دعا لاءِ هٿ کنيل هئو محترمه جو هو جڏهن وجد ۾ اچي نعره مستانه بلند ڪندي هئي ته لکين ماڻهو سندس ساٿ ڏيندا هئا اڄ جي ظالم ڏهاڙي تي اهو خواب ڏسندڙ اکيون خود بي خواب بڻجي ويون دعا لاءِ کنيل هٿ اڄ خود دعا جا طلبگار آهن اڄ اهو للڪاريندڙ آواز مٽي مڻن ۽ گلن جي ڍير هيٺ آهي اڄ جي ڏهاڙي سال اڳي محترمه چاهيندڙن کي روئاري پاڻ کلندي شهادت جو ڳاڙهو جوڙو پائي آخري سفر طرف رواني ٿي وئي.

اب زمين ڪا پيار باقي هي

آسمان ڪي مهرباني ديک لي

چئني صوبن جي زنجير بينظير بينظير اڄ جي ڏهاڙي موجود نه آهي هاڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته بينظير جي ناگهاني اوچتي قاتلاڻي جوان موت ۽ جدائي تي مرثيو لکجي يا هن بدنصيب قوم لاءِ ڪو نوحو جيڪا هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي پئي منزل کان ڪوهين ڏور ٿيو وڃي هن کي هميشه سائي ۽ آسماني رنگ پسند هوندو هئو کيس گلاب جا گل وڻندا هئا اڄ سندس لحد تي هر وقت تازه گلاب وکريل آهن هو ته جيئري به بينظير هئي ته اڄ شهادت کانپوءِ به بينظير آهي ڇو جو هوءَ هئي بينظير ۽ آهي بينظير اڄ به اسانجون اکيون آليون آهن سندس ياد ۾ ٻه ٽي لڙڪ ڀيٽا طور ڏيڻ لاءِ دل ۾ سندس ساڳيون ساروڻيون اڌما اوسيئڙا اوجاڳا آهن جيڪي کيس سارين ٿا لڳي ٿو ته هن جنم ۾ جيستائين سر ۾ ساهه هوندو روح اهو ماتم ڪندو رهندو ۽ سندس ياد ۾ لڙڪ ڀيٽا طور ارپيندو رهندو ته هن قرض جو ڪجهه حصو ڪجهه حق ادا ٿي وڃي.

اڄ به اوطاقن ۾ طالب تنوارين

اديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين

جيڪي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.


عبدالرزاق عمراڻي

No comments:

Post a Comment