سکر ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپر تي لب مهراڻ جي ڪناري تي ڄهيل هڪ هوٽل جي گهاٽي سنبل جي وڻ هيٺان ويهي رهيس. هتي ويهڻ ۾ عجيب قسم جي آسيس ملندي آهي. هن ئي ڪنڌي تي سنڌ جي قلم ڌڻي شيخ اياز جو گهر آهي جنهن سنڌ جي حلالي پٽ جو ڪردار ادا ڪندي، سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سونهن سوڀيا ۽ عظمت تي لکين لفظ ارپيا
سنڌ ديس جي ڌرتي او توتي
پنهنجو سيس نمايان مان
مٽي ماٿي لاهيان مان......
هوٽل جو بيرو منهنجي فرمائش تي هڪ ڪڙڪ چانهه کڻي آيو سنڌوءِ جو ديدار سامهون آ. ائين محسوس ٿي رهيو آ ڄڻ ڪا ماءٌ پنهنجي ٻچي کي جهول ۾ جهلي ويٺي هجي. سنڌ ڌيمي انداز ۾ ڪنهن واهه جي صورت ۾ وهي رهيو آ. سندس سيني ۾ ڪا به موج ۽ مستي نه اٿس ۽ ڪا به لهر لوڏ ۽ دهشت نه اٿس ائين لڳي رهيو آ
کڻي پئي پساهه
پسڻ ڪارڻ پرين جي
ٻن ننڍڙن بتيلن ۾ سوار ٻار تفريح ڪري رهيا آهن. هي اهو ئي سنڌو آ جنهن جي دم ۽ دهشت، سونهن ۽ سوڀيا تي لطيف مرشد کان وٺي شيخ اياز، شمشير الحيدري، امر جيل، تنوير عباسي، نجم عباسي، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، استاد بخاري، حيدر بخش جتوئي، سرويچ سجاولي، عبدالڪريم گدائي، تاجل بيوس، انور پيرزادو، علڻ فقير، جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين محمد يوسف ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ دوست اديبن، دانشورن، فنڪار، شاعرن، ساڃاهه وند صحافين ۽ قلم ڌڻين ڳالهايو، لکيو ۽ ڳايو آ. تنهن جو ضمير هي آ ته ”سنڌ سنڌوءَ جي موجن سان سلهاڙيل آ“ سنڌ ۽ سنڌوءَ کي هنن امڙ جو درجو ڏنو آ.
پر اڄ ان امڙ جي جهوليءَ ۾ ڪا به ڇولي نظر نه ٿي اچي اها هستي نظر نه ٿي اچي ۽ اها سرمستي نظر نه اچي ڄڻ ته اها خاموشي سان پنهنجي نالائق پٽن جي لاتعلقي، اڻڄاڻائيءَ، خاموشي ۽ غداري تي ماتم ڪندي گذرندي هجي.
ها، پوءِ به اهڙي ڌيمي چال ته ضرور اٿس جهڙي عوامي تحريڪ جي قائد محترم رسول بخش پليجو جي قيادت ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين جي پيرين پنڌ قافلي ۾ شامل ٻارن ۽ مردن سان گڏ سنڌياڻين جي آ. جيڪي ڳاڙها جهنڊا هٿن ۾ کنيو هڪ سچي سپاهيءَ جيان قطار ۾ هلندي، سنڌ ۽ سنڌوءَ کي بچائڻ جا نعرا هڻنديون، اڳتي وڌي رهيون آهن.
اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ائين سمجهين مئا مور سارا
هي اهي سنڌياڻيون آهن جن هن کان اڳ چار ڀيرا سنڌ جي حقن خاطر لانگ مارچون ڪري، وقت جي سنڌ دشمن ويرين سان مهاڏو اٽڪائي، ڪيئي خاموش فتحون حاصل ڪيون آهن. انهن فتحن مان هڪ وڏي فتح، بچيل سنڌوءَ کي واڳن جي وات مان ورائڻ آهي. يعني سنڌوءَ لاءِ ازدها نانگ ڪالا باغ ڊيم کي ختم ڪرائڻ ۾ هنن سنڌ جي سورمين جو مردن سان گڏ ٻچن سميت ڪيل شاندار جدوجهد اهو ثابت ڪيو آ ته لطيف جون سورميون اڃان زنده آهن.
هيءَ اهائي سنڌياڻي تحريڪ آ جنهن جي پرعزم ارادن، جذباتي ولولن ۽ گورنر هائوس ڪراچيءَ اڳيان سنڌ ۽ سنڌو کي بچائڻ لاءِ هڪ نڊر سپاهي جيان وڙهندو ڏسي سنڌ جي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به مٿن هڪ ڀروسو ڪري ويئي. اهو ڀروسو سندس ساڀيان ٿيو، جڏهن سنڌ جي ڏاهي محترم رسول بخش پليجو ۽ محترما بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ڪالا باغ ڊيم اڏڻ جي اعلان خلاف، لکين سنڌياڻيون ڪمون شهيد تي لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيون. اهو منظر ڏسڻ وٽا هيو. هر چهري تي فتح جا آثار نمايان هئا.
ان وقت جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي نعرن جو جواب لکين مردن ۽ ٻارن سان گڏ سنڌياڻين ٿي ڏنو تنهن مهل محترما بينظير ڀٽو کي به سنڌ پاران ڏنل لقب ”ماروي ملير جي“ جو فرض چڪائيندي ضرور محسوس ٿيو هوندو. ڇو ته اهو ڌرڻو لطيف جو درياءَ بچائڻ لاءِ هيو.
ان ڌرڻي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان وقت جي سرڪار نواز ليگ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.
ان کان پوءِ نوازشريف طرفان ڊيم ٺاهڻ جي اعلان وارو خطاب ختم ڪيو ويو ۽ محترمه بينظير ڀٽو تي روز نئون هٿ ٺوڪيو ڪيس مڙهڻ جو سلسلو گهٽجي ويو ۽ محترمه تي ٻاهر وڃڻ جي پابندي ختم ٿي.
ان جدوجهد سان سنڌ کي ٻه وڏا فائدا ٿيا. هڪ محترمه ان کان پوءِ ٻاهر وڃي نئين سياسي دور جي شروعات ڪئي ۽ ٻيو هيسيل هرڻيءَ جيان وهندڙ سنڌوءَ مٿان رکيل ڪات وقتي طور پري ٿي ويو. پر لطيف چواڻي
هي تان ٿوريون _ جي تو ڀورا ڀانئيون
راتيون ٻيون گهڻيون _ جي تو اينديون هيڪلي
ان کان پوءِ سنڌ مٿان جنرل مشرف جون اٺن سالن جون ڪاريون راتيون هن سنڌ ۽ مهراڻ ڏٺيون.
پر وقت تي حق ۽ سچ جي نگاهه رکندڙ ماڻهن ڏٺو ته ان ڀيانڪ ڪارين راتين جي رستن تي به هي ئي قافلا هئا جن اسان کي وقتي فتحون ڏنيون.
اڄ سنڌ اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن جي ٻٽي عذاب مان گذري رهي آهي قبائلي جهيڙا ڪرائي، ماڻهو مارائي، چوريون، ڦرلٽون ۽ ڌاڙا هڻائي ۽ ماڻهو اغوا ڪرائي، سڄي سنڌ ۾ خوف ۽ دهشت وارو ماحول بڻايو ويو آهي. ماڻهن جو ماڻهن تان ئي ويساهه کڻايو ويو آهي. دهشتگرد ڀوتارن پاران پنهنجن انائن ۽ دهشت کي قائم رکڻ لاءِ ڪارو ڪاريءَ جي آڙ ۾ پنهنجي گورک ڌندن کي قائم رکڻ لاءِ قبائيلي دهشتگردي قائم ڪئي وئي آهي.
انهن سمورن عذابن مان ڇوٽڪاري جا جواب سچ پچ ته هن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پنڌ ڪندڙ قافلي مان گهونجندڙ نعرن مان ملن ٿا. جواب ملن ٿا ان قافلي ۾ شامل لطيف جي ڪردارن جي عڪاسي ڪندڙ بهادر عوام ۽ سنڌياڻين جي پيرن جي پٿون ٿيڻ مان ۽ انهن پيرن مان وهندڙ رت جي نشانن مان سنڌ بچائڻ جي رستي ۾ اٿندڙ هر قدم، سنڌ جي نئين تاريخ لکي ٿو ۽ هن مقصد ۾ وڌندڙ هر هڪ وک اسان جي من ۾ موجود گهڻن ئي سوالن، وهمن ۽ وسوسن جا جواب ڏي ٿي.
قافلي ۾ شامل نياڻين ۽ معصوم ٻارن جا پير پٿون ڏسي ۽ انهن جي جوش، جذبي ۽ ولولي کي ڏسي ڪيترائي جهريل روح توانا ٿي ويا آهن. هي قافلو هن ڀيانڪ ۽ دهشتزده ماحول ۾ ڄڻ ڪو نئون نياپو کڻي آيو هجي، نئين آس، اميد ته سنڌ ۾ ڪجهه ٿيڻ گهرجي جي اڪير کڻي آيو هجي. وري همٿ ۽ جوت جاڳي آ وري ڪا چڻنگ دکي آ ۽ پاڻ کي وري گڏ ٿيڻ جو موقعو مليو آ. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو خودڪشيون نه ڪن! پنهنجا ٻچا نه وڪڻن، امير ترين سنڌ جا ماڻهو غريب ترين نه هجن سنڌ جا ڦريل معدني وسيلا واپس ورتا وڃن ۽ مهراڻ جون موجون موٽايون وڃن ته پوءِ پاڻ کي هن عملي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو.
مهراڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل گهاٽن وڻن مان ڪان ڪان جا آواز شروع ٿين ٿا. خيالن جو سلسلو ٽٽي ٿو. ٻيڙيءَ وارن سڙهه ڪناري لڳايا آهن. سج جي سنڌوءَ مٿان سرخاڻ سانجهيءَ جو پيغام ڏئي رهي آهي. مان ڪرسيءَ تان عوامي آواز اخبار کڻي روانو ٿيان ٿو. مان هر ان اخبار کي ساڻ کڻڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪيان، جنهن ۾ سنڌ جي سڏ کي ورنايو وڃي ٿو. عوامي آواز به قافلي جي هر ڏينهن جي خبر نمايان ڏئي، ائين محسوس ڪرايو آهي ڄڻ ته اها به هن قافلي سان پيرين پنڌ اچي ٿي.
کڻي پئي پساهه
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي
ڊاڪٽر وزير گهنڃو
No comments:
Post a Comment