What is Sindhyat ?

By Prof. Dr. Satish Rohra

Our friends often ask us “What is Sindhyat? What do you mean by it ?”
As honesty means an honest behaviour of a person, or efficiency means the efficient working of a man, similarly “Sindhyat” means the distinct features, qualities and behaviour of a community by which it is recognised as ‘Sindhi’ Community. Hence, by “Sindhyat” we mean the peculiar life style which makes Sindhis distinct from others. Our customs and beliefs, faith and tradition, way of thinking and behaviour are quite different from other communities.
Next question one may ask Who is Sindhi? Whom we can call Sindhi? The children who are born and brought up in India after partition and have never seen Sindh, can they be called Sindhis? And those who can not speak, read or write Sindhi language should they be considered as Sindhis ?
The simple answer to the above question is YES! The essential condition to call someone Sindhi is not to be born in Sindh or know the Sindhi language, but to feel oneself Sindhi, recognised by other as a Sindhi. Other people will call us Sindhis when they find the difference in our living pattern, in our customs and traditions, in our thought and action, which are quite distinct from their way of living. Thus we may conclude that “SINDHYAT” is the emotion which makes a person feel that he is Sindhi and also enables others to recognise him as Sindhi.
“SINDHYAT” is thus the identity of Sindhi Society.

Culture- For Living Not For Sale

By Prof. Dr. Satish Rohra

The word ‘culture’ is commonly believed to be associated with human behaviour and behaviour means the refinement of the senses.
The culture of any society is built upon the values, qualities, attitude or behaviour of its people. So, up to a certain extent, one can say that culture is the life style of that society or community. Generally people are under the impression that music, dance, drama and fine arts constitute culture. But in reality all these arts are not only what culture is made up of, on the contrary they are mere tools of exhibiting culture. All such arts are a measuring rod of the richness of the culture of a society, in the absence of which they would remain just a means of entertainment or as a mirror to the changing trends of society.
This is the era of utilitarianism and we are under the strong hold of vulgar exhibitionism and commercialisation. So that not only are the products and servuces commercialized, but thoughts, ideas and beliefs have also been reduced to being commodities for sale. Under such circumstances, Sindhi culture too has become a saleable item for many people, who try to attract the masses through big banners for their own vested interests.
Truly speaking, Sindhi culture is not a commodity of trade. It is the epitome of the true Sindhi community, which embodies the ideas, values, routine activities and the beliefs of the community, as a whole.
It should be our whole-hearted endeavoar to create a feeling of respect towards our mother tongue, our literature, our thoughts and our land. And this will happen only when we stop considering it a language of the rural areas or that of the uneducated. There should be an urge within our hearts, for knowing more about our past heritage and our rich culture. Let us take the initiative of injecting feeling of pride and honour towards our culture and pass it one to the new generation, so that they are not ashamed to be known as “Sindhis” in front of the world.

چرٻٽ ۽ هڪ نرس ___امر جليل

اسڪول کان موٽندي دير ٿي وئي.
پويون پيرڊ ڊرل جو هو، ڊرل ماستر کي عرض به ڪيم: شائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آهيان، ڊينڊو آهيان، پريڊ ڪندي ڪندي اجايو گسي ويندس، مونکي وڃڻ ڏيو. پر ڊرل ماستر نه مڙيو. چيائين: اصل نه ڇڏيندومانءِ چربٽ. هٿ ٻڌي ليلايومانس: سائين. اڄ فٽ بال ميچ به کيڏڻي آهي. مونکي وڃڻ ڏيو. ڊرل ماستر__ بندوق جهڙو سخت، نرم نه ٿيو. چيائين: اسان کي جنگ لاءِ تيار رهڻو آهي. چرٻٽ. اول جنگ، پوءِ فٽ بال ميچ.
اسان کي موڪل نه ملي. سڄي اسڪول کي موڪل ملي ويئي. ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪرندا، ڊوڙندا، مٽي اُڏائيندا هليا ويا. ڊرل ماستر ااسان جي ڪلاس کي موڪل نه ڏني، ۽ ڪاٺ جون ڪوڙيون بندوقون ڪلهي تي رکائي. اسان کي اسڪول جي ميدان تي پريڊ ڪرائيندو رهيو.
پريڊ ڪندي مون ڦندڻ کي چيو: يار موڪل کان وڌيڪ سٺي شيءَ دينا ۾ ٻي ڪابه ڪونهي. پڇائي: ۽ قلفي؟. قلفي به سٺي آهي، پر موڪل سڀني کان سٺي آهي، مون وراڻيو. ان وقت اسان مارچ ٽائيم ڪري رهيا هئاسين. مارچ ٽائيم هيئن ٿيندو آهي، جو ماڻهو هڪ جاءِ تي بيٺو هوندو آهي ۽ زور زور سان ڌرتي کي لتون هڻندو آهي. اسان زور سان ڌرتي کي لتون هڻي رهيا هئاسين ۽ مارچ ٽائيم ڪري رهيا هئاسين. ڦندڻ چيو: يار چرٻٽ، منهنجي بوت جو ترو ڇڳل آهي، مونکي ته وري ٻيو بوٽ به ڪونهي ني، منهنجي ماءُ غريب آهي. مارچ ٽائيم ڪندي وراڻيم، پرواهه نه ڪر ڦندڻ، اسان کي جنگ لاءِ تيار رهڻو آهي؛ اول جنگ، پوءِ بوٽ جڳو ڇڳل ترو.
ان ڏينهن ڊرل ماستر ڏاڍي جوش ۾ هو. سانجهيءَ تائين اسان کي پريڊ ڪرائيندو رهيو. پوءِ جڏهن پاڻ ٿڪجي پيو، تڏهن چيائين؛ ٻارو هاڻي توهان ٿڪجي پيا هوندو تنهنڪري توهان کي موڪل ڏجي ٿي. اسان سڀني کي ڏاڍي خوشي ٿي. بندوقون ڀت سان رکي، ڌرتيءَ تان ڪتاب کڻي، ڇنڊي، ڪڇ ۾ ڪياسين، ڦنڊڻ چيو: يار چرٻٽ، تون ته بندوق کان به بندرو آهين. مونکي ان جو افسوس آهي، ڦندڻ، کيس جواب ڏنم. ۽ پوءِ سڌو وڃي ڊرل ماستر جي سامهون بيٺس. جيڪو سهڪي رهيو هو، ۽ رومال سان پنهنجي ڪاري ٿلهي ڪنڌ تان پگهر اگهي رهيو هو. چيومانس: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آهيان، مهرباني ڪري مونکي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو. سائينءَ وراڻيو: تون نه فقط بندرو آهين چرٻٽ. پر ڪجهه ڪجهه بيوقوف به آهين، هاڻي گهر وڃ ۽ منهنجو مٿو نه کاءُ.
مون ماستر صاحب جو مٿو نه کاڌو ۽ ٻاهر نڪري، آنڪ جا ڇولا کاڌم، ڇولا کائي، ڦندڻ سان هٿ ملائي گهر آيس. ٿڪل هوس، سوچيم ته ڪنهن سان به نه ڳالهائيندس. سمهي پوندس.
انور سڏ ڪيو، ”چرٻٽ“
”نه يار، اڄ مان ٿڪل آهيان.“
”هڪڙ ي ڳالهه ته ٻڌ.“
”نه ادا نه. اڄ مان تنهنجي تقرير نه ٻڌندس. الا. ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.“
منهنجو ڀاءُ انور اسٽوڊنٽ ليڊر آهي. ڪڏهن بک هڙتال ڪندو آهي ۽ ڪڏهن تقرير. پر جڏهن کان سندس ڪاليج کي وئڪيشن ملي آهي، تڏهن کان روز مونکي تقرير ٻڌائيندو آهي. تقرير ٻڌڻ جي عيوض مان کانئس قلفي کائڻل لاءِ ٻه آنا وٺندو آهيان. ٻه آنا منهنجو تريءَ تي رکي انور هڪ دم تقري شروع ڪندو آهي. هڪڙو ڪو ملڪ آهي ويٽنام. اتي جنگ لڳي آهي. بس پنهنجي تقرير ۾ ويٽنام ويٽنام ڪندو آهي ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيندو آهي. هڪ ڏينهن پڇيومانس: يار اهو ويٽنام وري ڪٿي آهي؟ انور ساهه منجهائي، تقرير روڪي. اڌ ۾ ڳالهايو هو: ويٽنام اتر ڏکڻ ايشيا ۽ جنوب مشرق آفريڪا جي وچ ۾ آهي. پر ياد رک چرٻٽ، وري وچ ۾ ڳالهائيندين ته ٻه آنا نه ڏيندومانءِ. چريا، تقريرون ٻڌبيون آهن. تقرير جي وچ ۾ ڳالهائبو ناهي. پوءِ انور ڏاڍي جوش ۾ تقرير ڪئي. آمريڪا کي گاريون به ڏيندو رهيو ۽ هوا ۾ مڪون ۽ ٺونشا به ڦيرائيندو رهيو. اوچتو هڪ مڪ مون کي به ٺڪاءُ ڪري ڏنائين. مونکي سخت ڪاوڙ آئي: چيومانس: اڙي مان آمريڪا ٿوروئي آهيان، جو مونکي مڪ ٿو هڻين. ساري چرٻٽ انور منهنجي ٽڪڻ تي هٿ گهمائيندي چيو هو. مون به ضد ٻڌو: ٻه آنا تقرير ٻڌڻ جا ۽ ٻه آنا ٺونشو کائڻ لاءِ به ڏي. ان ڏينهن انور مونکي چار آنا ڏنا هئا ۽ مون اسپيشل قلفي کاڌي هئي.
اسڪول کان موٽيو هوس ڍير سان. ٿڪل هوس انور کي انڪار ڪري ڇڏيم.
انور ڏاڍي رازداريءَ ۾ چيو، ”تقرير ناهي چرٻٽ، ٻيو ڪم آهي.“
”رڌڻي مان ماني چورائڻي ته ناهي؟“
”نه نه، ٻيو ڪم آهي.“
”پرائيويٽ ڪم آهي.“
مون انور کي جاچي ڏٺو. پڇيومانس، ”ڇا کارائيندين؟“
”خوش رهه، ڪڍ ٻه آنا.“
انور مونکي ٻه آنا ڏنا. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، پتلون جي کيسي مان گلابي لفافو ڪڍي مون کي ڏنائين. چيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ جيڪا ڪرستان نرس آهي نه_“
”ها ها. ڪار بيني.“
”اڙي اها نه.“
”ته پوءِ ڪهڙي؟“
”جنهن تنهنجي ڪن ۾ دوا وڌي هئي، سوزي، سوزي.“
”بس بس. سمجهي ويس.“
”شاباس. هي خط سوزي کي ڏيئي اچ.“
مون خط وٺي کيسي ۾ وڌو. وڃڻ کان اڳ انور کان پڇيم، ”پنهنجي ڪاليج جي مئگزين کي پڙهڻ لاءِ ڏيندين نه؟“
تون اڃان ٻار آهين. تون ڪاليج مئگزين ڪيئن پڙهي سگندين!“
”مان مئگزين جو سنڌي حصو پڙهندس.“
”نه چرٻٽ نه. ڪاليج مئگزين ۾ ٻارن لاءِ ڪابه شيءِ نه هوندي آهي.“
”يار هڪ دفعو پڙهڻ لاءِ ڏيجانءِ نه.“
”ادا احمد کان مار کارائيندين ڇا.“
”مان لڪي لڪي پڙهندس. ڪاڪوس ۾ وڃي پڙهندس.“
”نه چربٽ، نه.“
”ته پوءِ مان به تنهنجو خط نٿو کڻ وڃان.“
”ائين ته نه ڪر.“
”تون منهنجي ڳالهه ڇو نٿي مڃين.“
”چڱو چڱو. پڙهجانءِ. هاڻ وڃ سوزي کي خط ڏيئي جلدي موٽي اچ.“
مون ٻه آنا کيسي ۾ وڌا ۽ ٺينگ ٺپا ڏيندو. ليڊي ڊفرن اسپتال پهتس. سوزي هڪ مريض کي سُئي هڻي رهي هئي. مون کيس ”شي شي“ ڪري سڏ ڪيو ۽ اچڻ جو اشارو ڏنو هوءِ سئي هڻي، ورانڊي مان ٻاهر هلي آئي. مون کيس انور وارو گلابي لفافو ڏنو. هوءَ اتي ئي لفافي مان خط ڪڍي پڙهڻ لڳي. مان پاسيرو ٿي اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. هڪ دفعي گهڻو اڳ. جڏهن منهنجي ڪن ۾ مونگهڻ گهڙي ويو هو ۽ مون کي ڪن ۾ هوائي جهاز هلڻ جا آواز ايندا هئا. مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجهرائڻ لاءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ويندو هوس. سوچيندو هوس، منهنجي ڪن ۾ سدائين هوائي جهاز هلندا رهن ۽ مان زوز سوزي کان ڪن ۾ دوا وجهائڻ لاءِ اسپتال ويندو رهان. پر افسوس هڪڙي ڏينهن منهنجي ڪن مان مئل مونگهڻ نڪري آيو. هوائي جهاز هلڻ بند ٿي ويا. تڏهن کان مون کي سوزي ڏاڍي وڻندي هئي.
سوزي جڏهن خط پڙهي رهي. تڏهن منهنجي پٺي ٺپيندي پڇائين، ”تم انور کا دوست هے؟”
”اڙي نو نو، هم تو وڙي ٽارزن اور قلفی والے کا دوست هے”
هن پنهنجي نرم نرم، اڇو اڇو، لسو لسو هٿ اڳتي ڪري، پنهنجين ڪونئري ڊگهين آڱرين سان منهنجي ڳٽي تي پيار منجهان ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”تم بهوت اچھا لڑکا هے.”
”تم ڀي وڙي بوت اڇا هے“ مون گد گد ٿيندي چيو، ”هم تم ڪو قلفي کلائينگا.“
هوءَ کلڻ لڳي مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. دل چاهيو ته سندس اُگهاڙين پنين تي چهنڊڙي پائي ڀڄي وڃان. پر ائين نه ڪيم. اجايو ناراض ٿي وڃي ها ۽ منهنجي قلفي به نه کائي ها.
مون کيس سلام ڪيو ۽ ٻه قدم پوئتي ٿي وري کيس سلام ڪيم، ٻه قدم وري به پوئتي هٽيس ۽ پوئتي ٿيندو، ڪاريءَ ٿلهيءَ، بينيءَ نرس وٽ وڃي بيٺس. پوءِ مون خوشي مان ٽارزن جهڙي رڙ ڪئي. بيني نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀالي ورتائين.
اسپتال مان ٻاهر آيس. ڏاڍي خوشي ۽ بدن ۾ ڪتڪتائي پئي محسوس ڪيم، دل چاهيو ته سڄي واٽ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو وڃان. پر خيال آيو ته اجايو ڪتا ۽ شريف ماڻهو ناراض ٿيندا. پوءِ سوچيم ته کِلان. کِلي کِلي اونڌو ٿي ڪري پوان. اوچتو خيال آيو ته ماڻهو چريو سمجهي پٿر هڻندا. مان وڏو ٿوروئي آهيان، جو ماڻهو مون کي مست سمجهن.
نيٺ ڳائڻ جو فيصلوڪيم. وات تي هٿ رکي، گوين وانگر واڇ چٻي ڪري ڳائڻ شروع ڪيم: ” اڃان ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان“. گانو ڳائيندو، جهومندو وڻن جا پن پٽيندو، سڌو قلفي واري وٽ اچي بيٺس.
”اڄ ته ڪا اسپيشل قلفي کاراءِ يار،“ مون چيو ۽ ڳائڻ لڳس، ”اڃا ته قلفي وارا مان ننڍو آهيان. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان__نيٺ وڏو به ٿيندس، نيٺ ٽارزن به ته ٿيندس.“
”ڇو! اڄ ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟“
”ڳالهه نه پڇ يار.“
”اسڪول جي ڪا ڇوڪري ته نه و ڻي ويئي اٿئي؟“
”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين مولائي،“ مون وراڻيو ۽ قلفي واري کي حيران پريشان ڇڏي، قلفي چوسيندو اڳتي هليو ويس. قلفيءَ واري به عجيب انسان آهي. ڀلا اسڪول جون ڇوڪريون به ڪي وڻڻ جهڙيون هونديون آهن! مون کي پاڻ جيتريون ننڍڙيون اسڪولي ڇوڪريون اصل ڪونه وڻن. ڪنيون جڏهن ڏسن نڪ ۾ آڱريون پيون گهمائينديون. اکين مان چپيون پيون ڪڍنديون، رئي جي ڪنڊ جي وٽ ٺاهي، ڪن مان مر پيون ڪڍنديون، گدليون هٿ مس ۾ نيرا، اجايو سجايو هڪ ٻئي سان کج کج ڪنديون. منٽ ۾ رسنديون، منٽ ۾ پرچنديون سڄو ڏينهن چٽڻي ۽ گدامڙي کائينديون رهنديون آهن. اهي ننڍڙيون بندريون، متيرن جيتريون ڇوڪريون مون کي بنهه ڪونه وڻن، چٻيون، جهڙيون جنڙيون.
مون کي بس سوزي نرس وڻندي آهي، ان ڏينهن مون کي ڪجهه ڪجهه ڏک به ٿيو هو ته مان سوزيءَ کان ڪيترو ته ننڍڙو هوس، بندرو، مشڪل سان سوزيءَ جي ٽنگ جيترو مس هوس، پر تڏهن به مان خوش هوس، بيحد، گهڻو، ڏاڍو.
پرنسيس اسٽريٽ کان رامسواميءَ تائين ماڻهن کي ڌڪيندو، پري ڪندو، ڳائيندو ويس ته: ”اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان__نيٺ وڏو به ته ٿيندس“. بوهرا پير وٽ منهنجي پوئتان ڪنهن ٿلهي آواز ۾ ڪنو ٽهڪ ڏنو. بلڪل اهڙو ٽهڪ، جهڙو پاڪستاني فلمن ۾ بدمعاش هيرو ي ٺونشو هڻڻ ان اڳ ڏيندو آهي. ڪاوڙ مان منهن ورائي پوئتي ڏٺم. هڪ گوڏر پنهنجين واهيات، جهينگن جهڙين مڇن تي هٿ ڦيرائي کلي رهيو هو.
پڇومانس، ”ڇو ٿو ڙي کلين؟“
مڇوءَ جواب نه ڏنو. کلندو رهيو.
”اڙي وري کلين ٿو!“ مون خارن مان چيو، ”خبر اٿئي. مان ليڊي ڊفرن اسپتال مان پيو اچان.“
گهگي آواز ۾ چيائين، ”ڀيٽو وري الله وٽان ته نه آيو آن ني.“
”الله وٽان به آيو آهيان. امان چوندي آهي، ته مان الله وٽان آيو آهيان.“
”جي ماڻهين چوندي آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي. پر جي پڻهين کان اها خبر ٻڌي اٿئي ته پوءِ ڀيٽو غلط اٿئي.“
”منهنجو پيءُ مري ويو آهي.“
”ته پٽ، تون به وڏو ٿي ڦاڙها ماريندين.“
”ڦاڙها ته منهنجو دوست ٽارزن ماريندو آهي.“ ٽارزن جي ڳالهه ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ”ٽارزن شينهن، چيتي ۽ واڳوءَ کي به ماريندو آهي.“
هو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو. چيائين. ”چئه، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙي آهيان. ننڍِڙي، ننڍڙو نه.“
”ٽارزن تو جهڙي درياهي گهوري کي به ماريندو آهي.“ مون کانئس پري ٿيندي چيو. ”خچر، مڇو. جهينگا.“
مون مڇو کي آڱوٺو ۽ چڀ ڏيکاري، ۽ ڊوڙندي ڀڄي ويس، اجايو وري چڙهي وڃانس ها ته ماستر صاحب وانگر ماري ماري لاهه ڪڍي ڇڏي ها.
رستو ٽپندي ڳائڻ شروع ڪيم. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان. نيٺ وڏو___. الا ڪٿان اوچتو ئي اوچتو. موٽر رڪشا منهنجي سر تي اچي ڪڙڪي، ڊرائيور زور سان بريڪ ڏنو ۽ رڪشا ڏامر جي رستي تي ليڪا ڪڍندي منهنجي ڀرسان اچي بيهي رهي.
پٺاڻ ڊرائيور خارن مان ڳاڙهو ٿي ويو. ان وقت مونکي آلو بخارا ياد آيا. هو رڪشا مان لهي آيو. مان ٽپ ڏيئي فٽ پاٿ تي چڙهي بيٺس. لالي پٺاڻ، ٻانهن وڌائي، ڀر ڪري جون ٿڦڙ وهائي ڪڍي ۽ چيائين. ”خوچه خنزير ڪا بچه.“
ٿڦڙ کائڻ کان اڳئي مان فٽ پاٿ تي ويهي رهيس. ڊرائيور جو وار گسي ويو. ۽ چماٽ منهنجي پويان ايندڙ ٻئي ماڻهوءَ کي ٻوٿ ۾ وڃي لڳي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٻکجي ويا. مان اتان ڀڄي ويس.
ڀلا هي ڪراچي ڪو شهر آهي! رستن تي هر وقت موٽرون.لاريون، ٽرامون، رڪشا ڊوڙندا رهندا آهن ٻيو ڪو ڪم ڪونهين، چرين وانگر ڊوڙندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن بس لاري کي خار ايندا آهن ته رستو ڇڏي، فٽ پاٿ تي چڙهي ڪنهن دڪان يا گهر ۾ گهڙي ويندي. ڪڏهن ڪڏهن بسون پاڻ ۾ وڙهي پونديون آهن. پر سڀني کان خوفناڪ آهن رڪشا، جن جا ڊرائيور به خوفناڪ هوندا آهن.
مون سوچيو آهي ته وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس، گهر بدران وڻن تي رهندس. بسون ۽ لاريون گهرن ۾ گهڙي اينديون آهن. پر اڄ تائين ڪابه بس يا موٽر لاري وڻ ته چڙهي نه سگهي آهي. مان وڻ تي رهندس ۽ دوستي پکين سان رکندس، (افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ٽارزن جي ملڪ وانگر جانور وڻن تي نٿا رهن) مان وڻ تان هيٺ لهي ڪنهن به جانور سان دوستي نه رکندس.
سيٽيون وڄائيندو، ڀتين تان پوسٽر ڦاڙيندو، راڳ ڳائيندو گهر آيس.
انور منهنجي انتظار ۾ ڏاڪڻ وٽ بيٺو هو ۽ ڪو غمگين فلمي گانو ڳائي رهيو هو. مون کي ڏسندي ئي گانو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيائين.
مونکي ٻانهن کان ڇڪيندين پڇيائين، ”ڪيئن چرٻٽ، ڪم ته ٺيڪ ٿي ويو نه؟“
مون اول کيس ڪاري بيني نرس واري ڳالهه ٻڌائي.
چيائين: ”پراين عورتن سان مستي نه ڪندو ڪر. اهڙيون حرڪتون شريف ٻار نه ڪندا آهن، ۽ ڀلا__“
مون کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ۽ مڇوءَ جي ڳالهه ٻڌائيمانس.
چيائين، ”پاڻ وڏن سان ادب سان ڳالهائبو آهي. تو کي عقل الاهي ڪڏهن ايندو چرٻٽ. ۽ ڀلا_“
مون سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪپي ڇڏي ۽ کيس رڪشا ڊرائيور جي ڳالهه ٻڌايم.
چيائين. ”رستي تي وائڙن وانگر نه هلندو ڪرل. اول ساڄي، پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر، ۽ ڀلا هو خط سوزي کي ڏنئه؟“
”اول پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ڏي، ته پوءِ ٻڌائيندومانءِ.“
”مئگزين نه ملندءِ.“
”ته پوءِ مان ڳالهه به نه ٻڌائيندومانءِ.“
”مار کائيندين چرٻٽ.“
”ماري تي ڏيکار! هون،“ مون چيو، ” مان سڀ ڪجهه امان کي ٻڌائي ڇڏيندس ته تو هڪ نرس کي__“
”ٺهيو بابا، ٺهيو،“ انور منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. ڊوڙندو ويو ۽ پنهنجي ڪمري مان ڪاليج مئگزين کڻ آيو.
مئگزين ڏيندين چيائين، ”هاڻي ته کڻي ٻڌاءِ. چريا چرٻٽ ڪجهه چيائين.“
”ها. چيائين ته تم بوت اڇا لارڪا هے؟
”ٻيو ڪجهه؟“
”ڪجهه به نه.“
انور خيالن ۾ گم ٿي ويو. پنهنجي ساءِ مرڪڻ لڳو.
پڇيومانس. ”کيل ٿي ويندوء ڇا؟“
”ڪهڙي تي؟“
”بدنام حسينه عرف بيرحم گهوڙيسوار.“
”هون! اها به ڪا فلم آهي! ٽارزن ۽ خوفناڪ چيتو وڃي ڏسو نه.“
”اها فلم ٻارن لاءِ آهي. چرٻٽ،“
”اڙي نه نه.“ مون خوش ٿيندي چيو، ”ان فلم ۾ ٽارزن هڪ ڇوڪريءَ کي لو love)) هڻي ٿو.“
ٻيشرم، بداخلاق.“ انور ڪاوڙجي ويو. ”وڏي ڀاءَ سان اهڙيون واهيات ڳالهايون ڪندي شرم نٿو اچيئي.“
”اچي ٿو.“
”ته پوءِ هتان ڀڄي وڃ،“ انور چيو، ”مئگزين به لڪائي پڙهجانءِ.“
”تون خيال نه ڪر.“
”۽ سوزي واري ڳالهه به ڪنهن سان نه ڪجانءِ.“
”قلفي کارائيندين؟“
”ته پوءِ ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس.“
انور ڪپڙا مٽي عذرا جي ڪمري ۾ ويو. عذرا منهنجي ڀيڻ آهي. نڪ پڪوڙي جهڙو. ڏند مترڪي جهڙا ۽ اکيون فٿل انگورن جهڙيون اٿس.
مونکي هر هفتي هڪ دفعو مار ڏيندي يا کارائيندي آهي.
انور پٻن تي هلندو عذرا جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. ان وقت عذرا هڪ اردو ناول پڙهي رهي هئي. ۽ زور زور سان ٽنگون لوڏي رهي هئي. هوءَ بالڪونيءَ ۾ ويٺي هئي.
انور عذرا کان اک بچائي، ڊريسنگ ٽيبل مان سينٽ جي شيشي ڪڍي پنهنجن ڪپڙن تي هاري ڇڏي. مان کيس در جي وٿيءَ مان جاچي رهيو هوس. مون تي نظر پيس ته مونکي اک هنيائين. جنهن مان سمجهيم ته خاموش رهان. انور پير پير پائي، ڪمري مان نڪري ويو.
مان ٻاهرين ڌر تائين انور جي ڪڍ آيس. ٻاهرين در وٽ ترسي. هٿ جي اشاري سان پڇيائين ته ڇاهي. مون پريان ئي کيس ساڄي هٿ جون ٻه آڱريون ڏيکاريون. ۽ کاٻي هٿ جو اڱوٺو وات ۾ وجهي ڇڏيم. جنهن مان منهنجو مطلب هو ته مونکي ٻه آنا ڏي ته مان هڪ قلفي کاوان. انور پنهنجي واچ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي هليو ويو. مون به کيس وڃڻ ڏنو. رات جا نو ٿي رهيا هئا. اجايو دير ٿي وڃيس ها ۽ سوزي کي به تڪليف ٿئي ها.
سوزي! سوزي! اوهه مان جيڪر وڏو هجان ها. انور جيڏو هجان ها ۽ انور مان جيترو ننڍڙو ۽ بندرو هجي ها. مان خط لکان ها ۽ انور سوزي کي ڏيئي اچي ها. ۽ پوءِ سوزي ۽ مان فلم تي وڃون ها. پر مان ته جيڪر سوزي کي ٽارزن جي فلم ڏيکاريان ها. اردو فلمن ۾ هيروئن ۽ مايون ايڏو ته روئينديون آهن، جو منهنجي دل به ٻاگها ڦاڙي روئڻ چاهيندي آهي.
هڪ دفعو مان، امان، عذرا ۽ پاڙي جون عورتن سان گڏ هڪ فلم جو زنانو شو ڏسڻ ويو هوس (مان ننڍڙو آهيان ۽ بيحد بندرو آهيان، تنهنڪري مون تي زناني شو ۾ عورتن سان ويهڻ جي جهل پل ڪونهي) ان فلم ۾ ويچاري هيروئن کي سندس مڙس مار ڏيئي، گهر مان ڪڍي ٿو ڇڏي. ساڳيو مڙس هڪ ٻيءَ فلم ۾ ساڳي هيروئن جو پيءَ ٿيو هو. اهو ڏسي مون سخت اچرج ٿيو ۽ جڏهن عذرا کان پڇيو هيم ته اهو ساڳيو ٿلهو بدمعاش هڪ فلم ۾ ساڳي هيروئن جو پيءُ ٿيو هو ۽ هن فلم ۾ وري مڙس ڪيئن ٿي پس! ته عذرا مونکي ڇڙٻ ڏيندي چيو هو: موئا چپ ڪر، چريا چرٻٽ، مون ماٺ نه ڪئي ۽ اڻ تڻ لڳي پئي هئي، سو چپ ڪيئن رهان ها! پنهنجو وات عذرا جي ڪن وٽ آڻيندي چيو هيم: ٽارزن جي فلمن ۾ ته ائين نه ٿيندو آهي. جانور هر فلم ۾ جانور رهندا آهن، ماڻهو ٿي نه پوندا آهن. عذرا پنهنجو سڪل، ڪارو هڏائون هٿ منهنجي وات تي رکي ڇڏيو هو ۽ عجيب آواز ۾ چيو هئائين: بس ڪر، موئا مرين. ۽ پوءِ رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجهي روئڻ لڳي هئي. مون سندس هٿ تي هٿ رکي چيو هو: مونکي معاف ڪر منهنجي ڀيڻ (نياڻي ست قرآن هوندي آهي، ڪيئن ناراض ڪيانس ها!) اوچتو امان ۽ پاڙي جي عورتن به روئڻ شروع ڪيو. مون اڳتي پوئتي منهن ورائي ڏٺو. منهنجي حيرت جي حد نه رهي هئي. جڏهن ڏٺو هيم ته سڄي سئنيما هال جون عورتون روئي رهيون هيون. اکيون ڦاڙي پڙدي ڏانهن ڏٺو هيم، ۽ سڀني جي روئڻ جو سبب منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو هو. پردي تي هيروئن جا حال بڇڙا هئا. هوءَ ريل جي پٽن جي وچ ۾ ڊوڙي رهي هئي. ڪجهه نانگ، بلائون. وڇون وغيره هيروئن ڏانهن وڌي رهيا هئا. پريان ريل گاڏي اچي رهي هئي ۽ هيروئن ويچاري ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، ٻاگها ڦاڙي هڪ گانو ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مون سوچيو، يار چرٻٽ سڀ روئن ٿا_ امان روئي ٿي، هيروئن روئي ٿي، توکي به روئڻ گهرجي. پوءِ مون به منهن بڇڙو ڪري، واڇ ڇٻي ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ڪيو هو. ان دفعي مان ڏاڍو رنو هوس. ڀلا اهڙي فلم ۾ سوزي کي ڪيئن وٺي وڃي روئاري اچان ها؟“
منهنجي ننڍڙي ميڄالي ۾ وڏا وڏا خيال اچڻ اُڀرڻ لڳا.
مون ڪاليج مئگزين، جاگرافيءَ جي جرنل ۾ لڪائي ڇڏي. پنهنجي ڪتابن جي ميز وٽ ڪرسي وجهي ويهي رهيس ۽ سڀني کان اک بچائي ڪاليج مئگزين جو سنڌي حصو پڙهي ويس. عجيب عجيب ڳالهيون ۽ آکاڻيون لکيل هيون مئگزين ۾.
هر هڪ آکاڻي ۾ سماج نالي ڪنهن شيءِ جو هزارين دفعا ذڪر ڪيل هو. هر هڪ آکاڻي ۾ سماج ڪانه ڪا گڙٻڙ ڪئي هئي. مونکي سماج تي ڏاڍا خار آيا. پوءِ مون مئگزين بند ڪري، سماج جي بار ي ۾ سوچڻ شروع ڪيو. وڏو ڪو بدمعااش آهي سماج! اها پڪ هيم ته سماج ڪنهن جانور جو نالو ڪونهي، ڇو جو ٽارزن اڄ تائين چيتي، رڇ، بگهڙ، واڳون ۽ درياهي گهوڙي وغيره سان وڙهيو آهي. پر اڃان تائين سماج سان مقابلو نه ڪيو اٿائين. گهڻو سوچڻ کانپوءِ به سماج منهنجي سمجهه ۾ نه آيو ۽ مون سماج جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو.
ڇائي پائي سماج. پوءِ مون مئگزين ۾ لکيل ڳالهين جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مونکي خبر پئي ته ماڻهو وڏو ٿي ڪيئن ڳالهائيندو آهي__ڪيئن محبت ڪندو آهي. فيصلو ڪيم ته مان به وڏو ٿي ائين ڪندس، ائين ڳالهائيندس، اوچتو منهنجي ذهن ۾ ٻيهر سماج بدمعاش جو خيال اُڀري آيو_وڏو شودو آهي سماج_ڪڏهن هيروئن جو پيءَ ته ڪڏهن مڙس!
مان سماج، محبت ۽ سوزي جي باري ۾ سوچيندو سمهي پيس.
امان الاءِ ڪهڙي مهل مونکي ننڊ جاڳائي چيو: ڀاڻهين نان ڪباب آندا آهن، اٿي کاءُ، مان هن وقت بدمعاش سماج جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان، وراڻيم ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم.
سوزي سرڪاري باغيچي ۾ شترمرغ جي پڃري وٽ هڪ بئنچ تي ويٺي هئي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي اُلو ويٺو هو. سوزي کي ڪپڙا پرين جهڙا پاتل هئا ۽ سندس ٽنگون به اُگهاڙيون نه هيون. کيس پرين جهڙا اڇا اڇا، سهڻا سهڻا کنڀ هئا. ان وقت مان ۽ منهنجو جگري دوست ڦندڻ ڏيڏرن کي پٿر هڻڻ لاءِ باغيچي ۾ ويا هئاسين. مون ڦندڻ کي چيو: يار ڦندڻ، تون هن تلاءَ وٽ ويهي نڪ مان گينگها به ڪڍ ۽ ڏيڏر به ڏس، مان منٽ ۾ سوزيءَ سان ملاقات ڪري موٽي ٿو اچان ۽ اچي ڏيڏرن کي پٿر ٿو هڻان. ڦندڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويهي رهيو ۽ چيائين: ايندي ايندي گدامڙي پٽي اچجانءِ.
تلاءَ جي سامهون ٻوٽا هئا. ۽ ٻوٽن جي ٻئي پاسي، سائي ڇٻر جي پرئين ڪنڊ وٽ، هڪ اڪيلي بئنچ تي سوزي اُداس ويٺي هئي.
هڪ ڇال سان ٻوٽا اڪري ويس. پوءِ سوچيم ته ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو، وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سوزيءَ جي ڪن ۾ وڃي ”هو“ ڪيان. پر خيال آيو ته نه ٻيلي، ڪاليج مئگزين ۾ ائين لکيل ڪونه هو. مونکي ائين ڪرڻ گهرجي، جيئن مئگزين ۾ لکيل هو.
مون قميص جا ٻه بٽن کولي ڇڏيا. وار منهن ۾ وجهي کاٻو چپ لٽڪائي ڇڏيم. ائين ڪرڻ سان ڪجهه دير لاءِ پاڻ کي اُٺ محسوس ڪيم.
پوءِ جئين ئي سوزي ڏانهن وک وڌائيم ته اهو ڏس منهنجي حيرت جي حد نه رهي ته مان هڪدم انور جيڏو وڏو ۽ قداور ٿي ويو هوس. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي.
مان تڪڙو تڪڙو سوزيءَ ڏانهن وڌي ويس. هن مونکي ڏٺو ۽ اچرج نه کاڌائين.
چيائين، ”مان تنهنجو ئي انتظار ڪري رهي هيس، بالم“
”بالم! ڪٿي آ بالم.“
”اوه! سمجهيم.“
”مان صدين کان تنهنجو انتظار ڪري رهي آهيان.“
”صدين کان! نه نه. چرچا ته نه ڪر. تون ڏاڍي حوا جيڏي ته ناهين.“
”تون نٿو سمجهين منهنجا محبوب“
”محبوب! ڪهڙو محبوب؟ فلم ڊائريڪٽر محبوب.“
هوءَ وڌيڪ اُداس ٿي ويئي. چيائين، ”منهنجي ڀرسان اچي ويهه. منهنجا پريتم.“
”مان پريتم نه آهيان، پريتم داس اسان جي ڪلاس جو مانيٽر آهي. اسان جي ماستر جو چمچو آهي.“
هن مونکي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو، ”منهنجي ڀرسان ويهي رهه منهنجا ساجن.“
”ساجن!“ مون سندس ڀر ۾ ويندي چيو. ”تو موکي شايد سڃاتو ناهي سوزي، اڙي مان چرٻٽ آهيانءِ.“
”دنيا لاءِ ڀل تون ڪجهه به هجن. پر منهنجي لاءِ ديوتا آهين.“
”ديوتا!“ مون کي ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ لڳي، ”هي دئوس ديوتا وري ڪير آهي! مان توسان محبت ڪيان ٿو سوزي. تون پنهنجي دل مان دئوس ديوتا، ساجن، پريتم، بالم وغيره جو خيال ڪڍي ڇڏ.“
سوزيءَ ٿدي آهه ڀريندين چيو. .تون ڏاڍو معصوم آهين.“
معصوم چيائين ته مونکي ڏاڍو شرم آيو. مان اڳ جيترو بندرو ۽ ننڍڙو نه هوس، وڏو ٿي ويو هوس ۽ ماڻهو وڏو ٿي معصوم ٿورو ئي رهندو آهي!
چيم، ”مان معصوم ٿورئي آهيان. مان ته جوان آهيان. تو جيترو آهيان ۽ سوزي_۽ سوزي مان تون سان محبت ڪندو آهيان.“
”مان به توکي دل جي گهراين سان چاهيندي آهيان، توسان محبت ڪندي آهيان.“
”ها، هن اُداس لهجي ۾ ڳالهايو، پر تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ سماج جي ديوار آهي.“
”ڪٿي آ سماج ۽ سماج جي ديوار،“ مان خوفناڪ رڙ ڪري بئنچ تي چڙهي بيٺس.
اُلو وڻ جي ٽاري تان اُڏامي ويو.
”ڪٿي آ سماج، سوزي. مان غنڊي سماج جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس.“ مونکي سماج تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي. مون ڏند ڪرٽيندي، مٺيون ڀڪوڙي چئني طرف نهاريو. پري پري تائين مونکي سماج ڏسڻ ۾ نه آيو.
مون رڙ ڪئي، ”بدبخت سماج، ويجهو آءُ. تو ڪاليج مئگزين جي محبت ڪرڻ وارن کي ستائي ڏٺو آهي. اچ، اچي مون سان وڙهه، داداگير سماج اڄ مان تنهنجو ٽِٽُ ڪڍي ڇڏيندس.“
اوچتو وڻن ٻوٽن ۾ ٻاڪر ڪٽو مچي ويو. مان سماج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سينو ڦوڪي تيار ٿي بيٺس.
باغ جو مالهي ڏنڊو کڻي ڊوڙندو آيو.
پريان ئي رڙ ڪندي چيائين، ”باگيچي ۾ بوبڙي ڪُري لاءِ ٿو مارين.“
مونکا اڳ سوزي بئنچ ڇڏي ڀڄي ويئي. مالهيءَ مونکي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. مان ڇٻڙ لنگهي، ٻوٽا ٽپي، ڦندڻ ڏانهن ڊوڙندو رهيس.
مالهي رڙيون ڪندو، گاهه پٽيندو. منهنجي ڪڍ ڌوڪيندو آيو.
مان ڏيڏرن جي تلاءِ وٽ پهتس، ڦندڻ غائب ٿي ويو هو. مان حيرن پريشان بيٺو هوس، جو مٿان اچي مالهي نڪتو. مونکي جهلڻ لاءِ ٻئي ٻانهون اڳتي ڪري جهٽ ڏنائين. مان پري ٿي ويس ۽ مالهي سڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو. شپڪو ٿيو. ڏيڏرن ٽپا ڏنا ۽ پاڻ جا ڇنڊا منهنجي منهن تي اچي پيا. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجهه وڌيڪ ڇنڊا پيا ته مون ٻوٽيون اکيون اول مهٽيون ۽ پوءِ کولي ڇڏيون. ڪيڏانهن وئي سوزي ۽ ڪيڏانهن ويو باغ جو مالهي!
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. صبح ٿي ويو هو. منهنجي مٿان انور بيٺو هو. غسلخاني مان وهنجي نڪتو هو ۽ سندس وارن مان پاڻي منهنجي اکين تي ٽمي رهيو هو.
انور منهنهجي ڀرسان هنڌ تي ويهي رهيو. آهستي پڇيائين، ”لفافي ۽ سوزي جي ڳالهه دل رکي اٿئي نه؟“
”ها،“ مون وراڻيو، ”پر جي قلفي لاءِ ٻه آنا نه ڏيندين ته سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس.“
”صبح صبح جو قلفي! هون چريا چرٻٽ،“ انور کلڻ لڳو، چيائين، ”ڀل وڃي ٻڌاءِ. هاڻ تنهنجي ڳالهه تي ڪير اعتبار ڪندو؟“
انور کلندو، ٽوال سان وار اُگهندي بالڪونيءَ ڏانهن هليو ويو.

درياهه جي هن پار ـــــ سن ۾ ــــــــــ الطاف شيخ

جي ايم سيد جي بيڊ روم ۾ وڏن اکرن ۾ لکيل شعر:
رت ديــــــش تنهنجـــي راه ۾
جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي
سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاءِ هالا کان نڪتس. ڪار ذريعي حيدرآباد ڄامشورو کان ڦري سن وڃڻ بدران مون هالا ڀاڻوٽ کان ئي ٻيڙيءَ رستي درياهه ٽپي هن پار وڃڻ چاهيو ٿي جئين ٻيلو پڻ ڏسي سگهجي.
مون سان گڏ ڀاڻوٺ جو سيد جيئندل شاهه پڻ هو تنهن صلاح ڏني ته هالا وٽان درياه ٽپي وري ٻي پاسي سن پهچڻ لاءِ ڪا سوراي ڳولڻ بدران محراب پور وٽان ڇو نه درياهه ٽپجي جئين سڌو سن لهجي.
جيئندل شاهه پنهنجي جيپ کنئي جيڪا 1952ع جو فورڊ ماڊل هئي. اها جيپ ڪنهن زماني ۾ انگريز آرميءَ جي ملڪيت هئي. 37 سال پراڻي جيپ ڪجهه پيٽرول، ڪجهه will power ۽ ڪجهه ٻڌل تعويذن جي زور تي اڃان تائين ڪيئن پئي هلي؟ ان جي هلائڻ واري ۽ رب کي وڏي سڌ في الحال پنج ڇهه ماڻهو منهنجا ۽ شاهه صاحب جا کڻي مينهن واه ڪندي ٿي هلي. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ الاهي ڇا هوندي. ڄائي ڄم جي وقت جا لکيل گيئر نمبر ۽ instructions ته هڙ ڊهي ويا هئس. بس فقط اها چوڻي چٽيءَ طرح پڙهڻ ۾ آئي پئي جيڪا شايد بعد ۾ ڪنهن انگريز فوجي عملدار يا جيئندل شاه لکرائي مٿس هنئي آهي:
Men only have two faults
Everything they say
And everything they do

سڄي واٽ جيئندل شاهه خبرون ڪندو هليو. پوليس جون، ڌاڙيلن جون، هارين زميندارن جون، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ولايت جون__خاص ڪري عراق، ايران، شام مصر جون__جيڪي ملڪ هن ور ور ڏيئي گهيا آهن.
سڪرند تائين نئشنل هاءِ وي کان آياسين ان بعد کاٻي پاسي محراب پور ڏي رخ رکيوسين. اهو علائقو ڏاڍو صاف سٿرو ۽ سرسبز لڳو ٿي. ”سائين جي ايم سيد کي ٻه پٽ آهن. وڏي پٽ امير حيدر جي سن ۾ زمينداري آهي ۽ ننڍو پٽ امداد محمد شاهه هن پاسي (نواب شاهه ضلعي ۾) زمينداري ڪري ٿو“ ، جيئندل شاهه ٻڌائيندو هليو. ”ٻيلي تائين امداد شاهه جون زمينون ڀليون، ماڻهو پورهيت ۽ خوش گذارين ٿا. شبير احمد شاه، بشير احمد شاهه MNA جو ڀاءُ ٿئي. اصل کان وڏو ماڻهو آهن. شبير شاهه جي ڏاڏي حاجي پير شاهه وٽ چون ٿا ته ايڏي دولت هوندي هئي جو سڪن مٿان رڍن جا ڌڻ ڇڏيا ويندا هئا جئين کرن سان انهي تي چڙهيل ڪٽ لاهين.
محراب پور جي ڀرپاسي ۾ ٻه چار ٻيا ڳوٺ به آيا. هڪ ته شايد مجيد ڪيريو نالي ڳوٺ هو. سنڌ جي ڳوٺن جي حساب کان هن ڳوٺ جون سٺيون ۽ پڪيون جايون هيون. لڳو ٿي ته هتي جا ماڻهو واقعي سکيا ستابا آهن. جيئندل شاهه ٻڌايو ته ان ڳوٺ ۾ ميمڻ رهن ٿا جيڪي سالن کان سعودي عرب ۾ پورهيو ۽ نوڪري ڪن ٿا.
سياري جي ڪري درياهه لٿل هو. هتي اهو ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته سنڌونديءَ جو پيٽ ٻارهوئي هڪ جيترو ناهي. سياري ۾ جڏهن جبلن تي ڪريل برف پگهري نٿي ته پاڻي گهٽجيو وڃي. ڪجهه بئراجن ۽ ڊئمن ڪري پاڻيءَ جي روڪ ٿام ٿئي ٿي. ان ڪري سياري ۾ سنڌو نديءَ جو پيٽ ميل اڌ به ڪو مس رهي ٿو. ۽ ان پيٽ ۾ به ڪٿي ڪٿي مٿاهين زمين آهي ته اتي ننڍا ننڍا ٻيٽ ٺهيو پون. ڄام شوري جي پل کانپوءِ ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻي بنهه نٿو بچي جو عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري. درياهه سڪو ٺوٺ ٿيو پيو هوندو آهي. درياهه جي پيٽ مان ڌوڙ پيئي اوڏامندي آهي.
اونهاري ۾ برف وٽڙي ٿي. مينهن پون ٿا ۽ دريا فل ٿيو وڃي. پاڻيءَ کي رکڻ بدران جنهن تنهن ڊئم جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ پوءِ دريا ٻوڙ ٻوڙان لاهيو ڏئي. مهراڻ جي ٻوڙ ٻوڙان ۽ اٿل پاٿل ڪري ان جو پيٽ پنجن کان ستن ميلن تائين ٿيو وڃي ۽ مٽيءَ جي بند تائين وڃيو پهچي.
سياري ۾ پاڻي جي لهڻ ڪري ان زمين تي پوک ڪئي وڃي ٿي. ان کي ڪچي جي زمين سڏجي ٿو. ۽ مٽي جي بند کان وٺي درياهه تائين ڪٿي ڪٿي گهاٽا ٻيلا پڻ آهن. ڪي جي علائقي ۾، جيڪو سکر لاڙڪاڻي دادو حيدرآباد، خيرپور ۽ ٺٽي نواب شاهه ضلعي ۾ اچي وڃي ٿو، اٽڪل لک کن ماڻهو رهن ٿا. جن جي پوک، مال چارڻ ۽ ٻيلن مان ڪاٺ، ماکي، کونئر، لاک جهڙين شين تي گذر سفر ٿئي ٿو. گهاٽو ٻيلو ڪافي عرصي کان ڏوهارين لاءِ پناه گاه رهندو اچي. پر هن کان اڳ انهن جو ڏوه مال جي چوريءَ تائين محدود رهيو ٿي. پر پوءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته 1982ع کان جڏهن سکر جيل مان پرو چانڊيو موت جي سزا کان پاڻ بچائي ڀڳو ته هن دوادو ضلعي جي ڀر واري ٻيلي ۾ ٻه سوء کن ماڻهن جي ٽولي سميت پنهنجو اڏو اچي ٺاهيو. ان بعد 1983ع ۾ ايم ار ڊي جي تحريڪ جي ناڪاميابيءَ بعد، جنهن جو شڪار فقط سنڌي ٿيا. بي روزگاري ۽ ظلمن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪيترن کي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن به اچي ٻيلي ۾ پناه ورتي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي ناليرن ڌاڙيلن جا نالا اخبارن ۽ ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. هاڻ هن ٻيلي ۾ سون بدران هزارين ماڻهو روپوش آهن.فقط علي گوهر چانڊيو جي ٽولي جو انگ پنج سو کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. ان کان علاوه ٻين وڏن ٽولن ۾ علي گوهر ڏيپراڻي، وزير خشڪ، جمعو خشڪ، قادو، اڪبر کوسو، ڪارو ماڇي، الهه ڏنو ماڇي، بقادار شاهه ۽ حضور بخش رند جا نالا مشهور آهن.
درياهه جي ڀر واري گهاٽي ٻيلي مان گذري جيپ اچي اسان کي درياه جي ڪناري تي ڇڏيو. ٻيڙي تيار بيٺي هئي پر اها ننڍي قد بت جي هئي. اسان جيپ کي به درياهه جي هن پار ٽپائڻ چاهيو ٿي. پوءِ ان ٻيڙي وارا ملاح ٻي ڀر ويا جتي اها ٻيڙي ڇڏي ٻي وڏي ٻيڙي ۽ مٿس جيپ چاڙهڻ لاءِ ڪاٺ جا ڊگها تختا کڻي آيا. دريا جو ميل کن ٽپي هن پار وڃڻ، جتان ٻيڙي کڻي اچڻ ۽ پوءِ جيپ چاڙهي ٻي ڀر پهچڻ ۾ ايترو وقت لڳو جيترو ڪراچيءَ کان هوائي جهاز رستي جدي تائين پهچڻ ۾ لڳندو آهي.
ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ ان کان ٻيڻو ٽيڻو درياه آهي. پينانگ ۽ بٽرورٿ جي وچ ۾ ان کان پنجوڻو پاڻيءَ جو پنڌ آهي پر فيريون ۽ لانچ_ٻيڙيون ڏهه_پنڌرهن منٽن ۾ ڪراس ڪريو وڃن. پر دنيا جي هن جهوني ۽ تواريخي درياه مٿان، هن هنڌ تي، ڪوبه اهڙو سرڪاري بندوبست عوام لاءِ ٿيل ناهي. درياه جي ڪناري جا ويچارا غريب ڪلاڪن کان ٻيڙيءَ جي آسري ۾ ڪناري تي ويٺل هئا. سندن چهرا ايترو هيسيل جو جيل ۾ رهندڙ قيدين جا به نه هجن، پوليس جي هر وقت جي مار موچڙي، ڌاڙيلن جي خوف خطري ۽ بي روزگاري ۽ بيماري جي راڪاس کين هيڻو بڻائي ڇڏيو آهي. اسانجي ملڪ جي وڏن شهرن جي وڏين عمارتن ۾ رهندڙ ٿر جي ڏڪاريلن ۽ درياهه جي ڪپر تي رهندڙ هنن ماڻهن جي غربت جو سوچي نٿا سگهن.
ٻيڙي اچڻ جي انتظار ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ پيرسن پنهنجي جوان نينگر کي ٻانهن کان وٺيو پئي آيو. ههڙيءَ سيءَ ۾ سندس مٿو اگهاڙو ۽ پير اگهاڙا هئا. بدن ٿي فقط هڪ ڦاٽل قميص۽ ڦاٽل سئيٽر هو. ويجهو اچڻ تي خبر پيئي ته نينگر اکين کان بي نور آهي.
”چاچا هي ڄائي ڄم کان ائين آهي يا پوءِ ٿيو؟“ مون پيرسن مرد کان سندس پٽ بابت پڇيو.
”پوءِ ٿيو. اکيون اٿي پيس. اسين غريب ماڻهو ڪٿان ڊاڪٽر کي ڳوليون ۽ ڪٿان ان جي فين لاءِ پئسو آڻيون. هِن هُن جا ڏس پتا ۽ ڦڪيون ستيون اکين ۾ وجهندا رهاسين. اکيون ڇٽڻ بدران ڪڙهي پيس ۽ آهستي نور به چٽ ٿي ويس. ڪو چوي ٿو ته جنڙيءَ جو اثر اٿس. ڪو چوي ٿو ته مٿس ڪنهن ڪامڻ ڪيا آهن. پهچ آهر ڪوبه فقير بزرگ يا درگاهه مقبرو نه ڇڏيو اٿئون پر ڇوڪرو اکين ڏسڻ لاءِ آيو هو تنهن چيو ته اکين جون نسون سڙي ويون آهن، نور واپس موٽي نٿو سگهي.“
هڪ ٻه همراهه ڪاٺين جي ڀري سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا. جيئندل شاهه ٻڌايو ته هي ماڻهو سن جا آهن. هن پاسي ٻيلي ۾ ڪاٺين ۽ ڇوڏن لاءِ ايندا آهن. جيڪي ميڙو چونڊو ڪن اهو واپس سن ۾ وڪڻن.
”هن ڪاٺين جي لڏ مان ڀائو گهڻوڪمائين__؟“ مون هڪ کان پڇيو.
”بس پنج رپيا کن مليو وڃن.“
”پوءِ ان مان ٻه رپيا ته ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ٿيو.“
”ها. پر ٻيڙي وارو اسان کان ڀاڙو ڪونه وٺي. هفتي سوا ۾ هڪ اڌ ڪاٺين جي لڏ پاڻ رکي ڇڏيندو آهي.“
”ٽيهه رپيا به ڪٿي ٿا ٿين. پوليس ۽ ٻيلي کاتي وارن جي به پٺيان کٽِ ڦٽ لڳي رهندي آهي. جيڪي ملي ان مان ڪجهه هنن کي به ڏيون. تنهن هوندي به ڪنهن ڏينهن ڪاٺيون چونڊڻ لاءِ ڇڏين ته ڪنهن ڏينهن موچڙا هڻي ٻيلي مان ڀڄايو ڪڍن.“
سڄي ٻيڙيءَ ۾ جي اڇي اجري پوشاڪ وارو هو ته هڪ ڌاريون پٺاڻ هو جنهن کي ٻيڙيءَ ۾ باقي ويٺلن مان ڪنهن به سڃاتو نٿي. کيس ناسي رنگ جي سٿڻ قميص هئي. ٻانهن ۾ ڪا اوچي واچ ۽ ساڄي هٿ جي ٻن آڱرين ۾ ٿلهيون سونيون منڊيون. مون هن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي اڙدو ته ڇا پشتو به نٿي آئي ۽ نه هن پسند ٿي ڪيو ته ڪو هن سان ڳالهائي يا هن ڪو دلچسپي وٺي. مون سان گڏ ٻين آيل همراهن ٻڌايو ته هو افغاني ٿو لڳي. ٻيڙيءَ واري کان پڇيم ته هي ڪير آهي ۽ ڪٿي ٿو ڪم ڪري.
”سائين خبر ناهي. اهي افغاني ايندا رهن ٿا ۽ هتي ٻيلي ۾ ئي لهيو پون. الله کي خبر ته ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي اٿن. اسان غريب ماڻهو کانئن ڇا پڇون ته ڇو پيا اچو وڃو. ٿي سگهي ٿو سرڪاري نوڪري وارا هجن يا فوجي هجن.“
مون کي ٻيڙي واري جي معصوميت ۽ سادگيءَ تي تعجب لڳو ته ڪو اجنبي اچيو وڃي ته هنن کي اها به خبر نٿي پوي ته هو ڪير آهي. پٺاڻ، افغاني، ملڪي يا غير ملڪي، آمريڪي، روسي، سڄڻ ويري__ڪا ڄاڻ نه. ۽ نه ان ڄاڻ جي ولوڙ. هنن لاءِ هر هڪ ماڻهو ائين آهي جيئن اسان لاءِ انگريزن جي دور ۾ هر گورو ماڻهو انگريز بهادر برابر هو. پوءِ چاهي کڻي اهو رومنيا بلغاريا جهڙي ڪنگال ملڪ جو هجي يا آسٽريليا ڪئناڊا جهڙي بيٺڪي راڄ جو. اسان جي لاءِ هر اڇي کل وارو انگريز صاحب هو. جنهن اڳيان جهڪي ٿي پياسين. ساڳي طرح ٻيلي ۽ درياه جي ڪناري تي رهندڙ هنن غريب ماڻهن جي لاءِ هر اڇي اجري پوشاڪ وارو سرڪاري عملدار آهي يا فوجي. اٽي لٽي ۽ اجهي جهڙين بنيادي ضرورتن هي پڙن ۾ حال بي حال هي اسانجا ڳوٺاڻا، پنهنجين ئي پريشانين ۾ ايڏو مشغول رکيا ويا آهن جو سندن سڄي زندگي چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر پنهنجي اردگد ئي گذريو وڃي.
دريا جي ٻي پار، يعني دادو ضلعي واري پاڻ ۽ جيپ کي ٻيڙيءَ تان لاٿوسين. جنهن ۾ چڙهي سن شهر روانا ٿياسين___جيڪو ان پتڻ کان ڪو ميل کن به مس هو.
سن اچڻ کان اڳ سن شهر جو نقشو منهنجي دماغ ۾ ڪجهه ٻيو ئي هو. سن شهر جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جهڙي طاقتور هستي رهي ٿي___جنهن هستي جو سياست، سماج، ادب ۽ فالوشپ ۾ قدبت، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي تمام وڏو آهي. سن شهر جيڪو دريا جي ڪناري تي آهي ۽ ايامن کان هن جي هڪ بندرگاهه واري حيثيت رهي آهي. انهن ڳالهين ڪري مونکي هي شهر آمريڪا جي دريائي شهرن: نيو اور لينس ۽ هيوسٽن جهڙو کڻي گهڻو ٽيڪنيڪل ۽ ترقي يافته نٿي محسوس ٿيو پر ته به پنجاب جي ساڳي پوزيشن وارن شهرن جهڙو لڳو ٿي. ۽ پڪ هيم ته درياهه ته درياهه جي ڪناري هجن ڪري ۽ سائين جي ايم سيد جي اهم رتبي ۽ سمجهه ڪري هن شهر ۾ ڪيترائي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هونديون جن ۾ شهر جو هڪ هڪ ماڻهون سُکي زندگي گذارڻ لاءِ پئسو ڪمائڻ ۾ مشغول هوندو. پر افسوس جو پري کان ئي سن شهر جي به sky-line اهرڙي نظر آئي جهڙي سنڌ جي ٻين غرين ڳوٺن جي آهي. ڪنهن به ڪارخاني فئڪٽري جي چمني ۽ ان مان نڪرندڙ دونهون نظر نه آيو. ڪارخاني جي ڪنهن انجن يا مشين جي پرزن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. ڪنهن به ڪچي مال جي يا فئڪٽريءَ ۾ تيار ٿي نڪرندڙ سامان جي ڀريل ٽرڪ لاري يا ڊڳي گاڏي نظر نه آئي. سنڌ جي ٻين پٺتي پيل ۽ غريب شهرن وانگر هي شهر سن پڻ هو جنهن جا واندا ماڻهو هوٽلن جي منجن ٿي ۽ دڪان جي اڳيان ڌڪين تي ويٺا هئا ۽ ٻار ڪرفتيءَ سان اٿلندڙ نالين جي ڪپر تي بلورن راند کيڏي رهيا هئا.
پر ان هوندي نه هن شهر سن جا ماڻهو پاڻ کي سنڌ جي ٻين شهرين کان وڌيڪ خوش نصيب سمجهن ٿا. موجوده حالتن جي ڀيٽ ڪري هنن شڪر ڪيو ٿي، بقول هڪ ميمڻ دڪاندار جي: ” سائين سنڌ ۾ فقط سن ئي آهي جتي سڪون آهي. چوري چڪاريءَ کان آجا آهيون، ڪا ڌاڙيلن يا اغوا جي واردات نٿي ٿئي. رات جو ننڍو وڏو سمهيو ننڊ ڪري ٿو. ڪو هندو مسلمان جو فساد نٿو ٿئي. ڪو شيهي سنيءَ جي ويڙهه نٿي ٿئي. ڪو پوليس وارو صوبيدار غريب کي نٿو ستائي. ۽ اهو سڀ ڪجهه جي ايم سيد جي ڪري آهي.“
سائين وٽ هڪ ته بنا اطلاع جي اچي چڪو نڪتو هوس ۽ ٻيو جڏهن پهچڻ سان خبر پيئي ته ملڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو اڳهين ويٺا آهن ۽ ڪيترا ٻيا پڻ اچڻا آهن ته مون ٿوري دير وهڻ جو سوچي اٿڻ جو ارادو ڪيو. پر سائينءَ جا قرب چئجن جو مونکي ائين جهٽ ۽ مانيءَ بنا وڃڻ نه ڏنائون ۽ سڄو ڏينهن سندن قريب رهڻ جو موقعو مليو جيڪا زندگي جي هڪ بي بها دولت سمجهان ٿو.
سائينءَ سان ملڻ لاءِ سڄو ڏينهن سياسي ماڻهو. شاگرد ۽ ٻيا اهم ماڻهو ايندا رهيا. هر دفعي مون اٿڻ چاهيو ٿي جيئن ايندڙ مهمان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي پر سائين مون کي پاڻ ئي وٽ رهڻ ڏنو ۽ هر هڪ مهمان سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندو رهيو. سندن هن عمر ۾ مختلف آيل مهمانن سان منهن ڏيڻ، سندن ڳالهيون ۽ مسئلا ٻڌي انهن جا ڪارائتا جواب ڏيڻ، آيل مهمانن کي انهن جي شان وٽان ماني کارائڻ ۽ کين خوش ڪري روانو ڪرڻ___سندن هن سٺي وهنوار کي آئون داد ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهان. هيستائين مون ان قسم جي مهمان نوازيءَ جو ٻڌي هو. هي پهريون ڀيرو اکين سان ڏٺم
منجهند ڌاري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان سڄي بس ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن جي اچي پهتي. اهي پڻ بنا اطلاع جي آيا هئا. ان وقت سائين پنهنجي انگريزي ڪتاب religion and reality بابت ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. شاگردن جي اڳواڻن کي اڌ ڪلاڪ کن ترسڻ لاءِ چيو ويو پرن انهن مان هڪ شاگرد ممتاز کوسو وري انهي ئي پيرين موٽي آيو.
”سائين شاگرد چون ٿا ته بس توهان فقط چنڊ منٽن لاءِ ديدار ڪرايو جيئن اسان اڳتي هليا وڃون. ٺٽي پڪنڪ لاءِ پيا وڃون.“
”بابا هي الطاف پري کان آيو آهي. هن سان ٿوري دير ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيو پوءِ توهان کي گهريان ٿو. پر هن ڪمري ۾ هيترا شاگرد ته اچي نه سگهندا.“
”سائين اسين ٽولا ٽولا ٺاهي اينداسين.“ ممتاز چيو.
”چڱو بس مان لهي ٿوري فرحت وٺو. تيسين ماني به تيار ٿي ويندي.“
سائين گهنٽي وڄائي. گهر ۾ اندر سندن وڏي ڌيءَ فون کنيو ۽ کيس ٽيهه ڄڻن جي مانيءَ لاءِ اطلاع ڪيو. سائين ٻڌايو ته سندن وڏي ڌيءَ ان سلسلي ۾ کانئن هدايتون وٺي پوءِ واسطيدارن نوڪرن چاڪرن ۽ رڌ پچاءَ وارين ماين تائين پهچائي ۽ خرچ پکو هلائي.
سائين ان بعد ڇڏيل ڳالهه جو وري ذڪر شروع ڪيو ته چانڊڪا ڪاليج جو امام دين کوسو، بدردين سومرو ۽ ممتاز کوسو وري ڪمري ۾ آيا ۽ هٿ ٻڌي سائين کي عرض ڪيائون: ”سائين سڀ ڇوڪرا اهوئي ٿا چون ته مانيءَ جي تڪليف نه ڪئي وڃي. ان جو بندوبست حيدرآباد ۾ ٿيل آهي ۽ اسانکي جيئن ته ٺٽي شام تائين پهچڻو آهي ان ڪري اسان لاءِ هن وقت سائينءَ جو ديدار ڪافي ٿيندو.“
سائين اچي چڙيو ته مانيءَ بنا ائين ڪيئن ويندائو. ۽ حيدرآباد جي هوٽلن ۾ ڪهڙي ماني وڃي کائيندائو. سچ ته اهو آهي ته سائينءَ جي ڪاوڙ ڏسي آئون به پريشان ٿي ويس. پر نيٺ ڇوڪرن سائين کي ان تي راضي ڪيو ته هو مانيءَبدران ڀلا چانهه پي ويندا.
سائين واري گهر فون ڪيو. چانهه هيترن ماڻهن جي جي هينئر جو هينئر ۽ بسڪٽ به موڪلجو. ۽ پوءِ شاگردن کي ڪمري ۾ ٽولن ۾ گهرائڻ بدران پاڻ پر واري وڏي ڪمري ۾ هنن ڏي هلڻ لڳو. ڌڪي جي ڪري سائينءَ کي هلڻ کي هلڻ ۾ اڃان تڪليف ٿي جيئندل شاهه ۽ مون سائينءَ جي اٿڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ لٺ جي آڌار تي آهستي آهستي ٿي پاڻ ٻئي ڪمري تائين آيا. ڇوڪرا سائينءَ کان ڪيترائي سوال ۽ نصيحتون وٺڻ لڳا. ايتري ۾ چانهه به اچي ويئي ۽ ان سان گڏ بسڪٽن جا ويهارو کن پئڪيٽ پڻ. ڇوڪرا ماني لاءِ تڪلف کان ڪم وٺي رهيا هئا. سيءَ ۽ سفر ڪري کين بک ڏاڍي هئي. جيڪي ٻاهر نڪتا هئا سي آيل سڀ پئڪيٽ چٽ ڪري ويا ۽ اڌ کان وڌيڪ جيڪي اندر سائينءَ سان ڳالهائي رهيا هئا انهن لاءِ وري ٻي کاري پڙن جي کڄي آئي. رڌ پچاءَ کان سو بچاءُ ٿي ويو باقي خرچ جو حساب لڳائجي ته ٻيڻو ٿئي.
سائينءَ جي هڪ نوڪر کان پڇيم ته هي مهمانن جو سلسلو اڄ آهي يا روز جي ڳالهه آهي.
”هفتي ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن هجي جنهن ۾ ٺاپر هجي نه ته سائينءَ وٽ روز مهمان اچن ٿا.“ هن وراڻيو.
سائينءَ جا ڪجهه ڦوٽو پنهنجي ڪئميرا سان ڪڍيم ۽ۡ ڪجهه سائينءَ پنهنجي collection مان منهنجي چوڻ تي آٽو گراف سان گڏ ڏنا. هڪ ٻه سائينءَ جا فريم ٿيل فوٽو تمام سٺا نڪتل هئا. جن لاءِ پاڻ ٻڌايائون ته ويجهڙائيءَ ۾ پير پاڳارو صاحب آيو هو. ان اهي فوٽو ڪڍي موڪليا آهن.
ساڄي پاسي واري ورانڊي ۾ ڪجهه اهم سنڌي سياسي شخصيتن جا ڦوٽو ٽنگيل هئا. محمد ايوب کهڙو. الهه بخش سومرو، هارون عبدالله، عبدالمجيد سنڌي، ذوالفقار علي ڀٽو، سر هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو، پير پاڳارو (موجوده جو والد صاحب) وغيره ڪجهه ٻيا به هئا جيڪي هن وقت ياد نه پيا اچن.
سائينءَ جي لئبرري پڻ ڏسڻ جهڙي آهي. پاڻ هن عمر ۾ به مطالعو ڪندا رهن ٿا. لکندا رهن ٿا. اها هڪ قابل داد ڳالهه آهي جيڪا کين سنڌ جي ڪيترن سيدن پيرن وڏيرن سياستدانن کان منفرد شخصيت بنائي ٿي . کين اتم درجو بخشي ٿي ۽ مون جهڙا شاگرد ڏورانهن پنڌن کان ڪهي ان روشن سج جي جوت ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ سدا بهار چهري رت پسن ٿا.