هوشو شيدي: ديش پريمي

اڄ کان سئو ٻه سال اڳ تائين ماڻهن کي غلام بنائي انهن جي وڪري کي قانوني حيثيت مليل هئي. انسان جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي غلام بنائي باقاعدي انهن جا ٻيڙا ڀري نڪرندا هئا. يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا غلامن جي خريداري جون وڏيون منڊيون هيون. اڄ انهن خطن ۾ جيڪي  شيدي نسل جا ماڻهو آباد آهن، انهن جي ابن ڏاڏن کي انوقت جي مهذب سڏائيندڙن غلام ڪري اتي آندو هو. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ آفريڪا کنڊ جا ماڻهو غلامي جو شڪار ٿيا.
اڻويهين صدي ڌاري جڏهن آمريڪا ۾ گھرو ويڙهه ٿي هئي تڏهن غلام شيدين کي غلامي ختم ڪرڻ واري آسري تي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. تقريبن ڏيڍ لک شيدي نسل جا ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اسان هتي سنڌ ۾ رهندڙ شيدي نسل جي ماڻهن کي ڏسون ٿا ته انهن جي شڪل شبيهه به بلڪل آفريڪي شيدين جهڙي آهي. انهن جا وڏڙا به ڪنهن زماني ۾ وڪرو ٿي سنڌ پهتا هئا يا ڪنهن تحفو ڪري سنڌ  موڪليا هئا ۽ پوءِ سنڌ اچڻ کان بعد اهي شيدي نسل جا ماڻهو هلي هلي سنڌ جي ريتن رسمن کي اپنائي سنڌ ڌرتي جو اٽوٽ حصو بنجي ويا.
1843ع ۾ جڏهن  انگريزن ست سمنڊ پار ڪري سنڌ کي غلام بنائڻ چاهيو ته سنڌ تي ٽالپرن جي حڪمراني هئي پر انگريزن سان انتهائي جوانمردي  ۽ بيباڪي سان جنهن شخص هوش محمد عرف هوشو شيدي مهاڏو اٽڪايو اهو به ان شيدي نسل مان هو. هوشو ذات جو قمبراڻي هيو، سرچارلس نيپيئر جي ڀاءُ وليم نيپيئر پنهنجي ڪتاب”ڊي ڪانڪيوسٽ آف سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته جنگ ۾ انگريزن جي شڪست ويجھي هئي ۽ سرچارلس ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارو هو ته اوچتو ڪنهن مير شير محمد جرنيل هوشو شيدي سان غداري ڪري ناريجن جي ڳوٺ ۾ ميربحرن جي بارود خاني کي باهه ڏئي ڇڏي اها حالت ڏسي انگريزن جا حوصلا بلند ٿيا پر هوشو زندگي جي آخري گھڙين تائين وڙهندو رهيو ۽ نيٺ شهيد ٿيو. و ليم لکي ٿو ته”هوشو شيدي انتهائي منظم طريقي سان جنگ وڙهي رهيو هو ۽ هو جنگ جي فن ۾ ڪنهن به انگريز جنرل کان گھٽ نه هو.“ هڪ هنڌ جان جيڪب لکي ٿو ته ”مون سنڌ ۾ سمورين لڙاين ۾ حصو ورتو ۽  دٻي واري لڙائي پڻ وڙهيم پر مون هوشو جهڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو.“
جرنيل هوشو جنگ دوران دشمنن سان وڙهندي اهو نعرو بلند ڪيو ته ” مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ۽ اهو نعرو هوشو جي سڃاڻپ بنجي ويو اڄ به سنڌ جي حقن توڙي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جوڌا  ڌارين لٽيرن کي للڪاريندا آهن ته انهن جي زبان مان به سڀ کان اول اهي ئي هوشو وارا لفظ نڪرندا آهن ته  ” مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ۽ منهنجو ايمان آهي ته جيستائين چنڊ ستارا رهندا تيستائين هوشو وارو اهو نعرو به فضائن ۾ گوجندو رهندو ۽ سنڌ به آباد رهندي.
اهڙي دلير جرنيل هوش محمد شيدي جي ڄمڻ جي ڪا مستند تاريخ ته ڪو نه ٿي ملي پر جيئن ته هوشو، مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار خان  ٽالپرن جو گھرو دوست ۽ هم عمر هيو، ان ڪري انگريزن پنهنجن ڪتابن ۾ سندس ڄمڻ جو سن 1801ع لکيو آهي. هوشو به پنهنجي پيءُ وانگر مير فتح علي جي حويلي ۾ ملازم هيو. هوشو مير صوبدار جو جانثار دوست هيو ان ڪري هر مشڪل مرحلي تي هوشو، مير صوبدار جو ساٿ ڏنو. ايتري تائين جو جڏهن مير صوبدار پنهنجي چاچي مير ڪرم علي خان خلاف بغاوت ڪئي تڏهن به هوشو ساڻس گڏ هيو. انگريزن جڏهن سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ پنهنجون اکيون هر وقت سنڌ ڏانهن رکيون ته انهن سڀ کان اول ميرن مان انهن شهزادن کي ڳولي پنهنجي اثر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي پئسي ۽ اقتدار جي لالچ هئي اهڙي طرح ٻين شهزادن سان گڏ انگريز مير صوبدار کي پاڻ سان گڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر هوشو، مير صوبدار کي جواب ڏنو ته هاڻي توسان ڪنهن به صورت ۾ ساٿ نه ڏبو ڇو ته تون پنهنجن ماڻهن ۽ وطن سان غداري ڪري غيرن کي سنڌ جا رستا ڏيکاري رهيو آهين. هوشو مير صوبدار کي هڪ دوست جي حيثيت ۾ ڏاڍو سمجھايو ته انگريز سنڌ جا دشمن آهن، انهن جي چالن ۾ توکي نه اچڻ گھرجي! هن مير صوبدار کي چيو ته سنڌ کي خطرو آهي. هن مهل سڀ ويڇا وساري ڇڏ ۽ پنهنجي چاچي جي مدد ڪر. پر صوبدار کي انگريزن فتح کانپوءِ جيڪي اقتدار جا خواب ڏيکاريا هئا ان ڪري هن کي خوابن ۾ به صرف اقتدار نظر پئي آيو! اهڙي طرح مير صوبدار انگريزن جي هر ممڪن مدد ڪندو رهيو.
مير صوبدار ۽ ٻين شهزادن جي غداري سبب انگريزن 11 جنوري 1843ع تي حملو ڪري امام ڳڙهه وارو قلعو فتح  ڪري ورتو. جيڪو خيرپور جي ميرن جو هو. 17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان 7 ميل  پري مياڻي جي جنگ لڳي، مير صوبدار حيدرآباد واري قلعي اندر موجود هو، جڏهن مياڻي جي جنگ ۾ هن کي انگريزن جي فتح ۽ ميرن جي هارائڻ جي خبر پئي ته هن قلعي اندر مڻ مٺائي جا ورهايا، هوشو هڪ ڀيرو وري مير صوبدار کي سمجھائيندي چيو ته ”پنهنجن کي مارائي سرداري  بچائڻ ديش سان دشمني آهي، عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙهه“. هوشو جي انهن گفتن تي مير صوبدار تپي لال ٿي ويو ۽ هوشو کي سزا جا دڙڪا ڏئي چيائين ته ”منهنجي اکين آڏو ٽري وڃ“. مياڻي واري جنگ جي چئن ڏينهن بعد 12 فيبروري 1843ع تي انگريز سپاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي ويا، اتي پڄي انگريزن مير محمود خان سميت پنهنجي وفادار صوبدار کي به قلعي مان ڪڍي قيد ڪيو ۽ کيس چيائون ته ”جڏهن تون پنهنجن جو وفادار نه ٿئين ته اسان تو مان ڪهڙي اميد رکون!“.
جرنيل هوشو جئين ته ڌرتي جو سچو سپوت ۽ هڪ وطن پرست جرنيل هو، اهڙيون حالتون ڏسي هوشو جي دل ۾ انگريزن لاءِ نفرت ۽ ڪاوڙ وڌي وئي. هوشو سپاهي ساڻ ڪري حيدرآباد ڇڏي مير شير محمد  ڏانهن ميرپور خاص روانو ٿي ويو. مير شير محمد جيڪو به ديش پريمي هو ۽ اڳ ۾ ئي انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، کيس هوشو جهڙي دلير ۽ بهادر جي ته هن کي ضرورت هئي. هوش جو هن وٽ پهتو ته هن جي همٿ ۽ قوت اڃا وڌي ويئي. مير شير محمد 10 مارچ 1843ع تي فوج وٺي حيدرآباد ڏانهن روانو  ٿيو. 23 مارچ 1843ع تي سرچارلس نيپئر به پنهنجي فوج وٺي ڦليلي واهه ٽپي آيو ۽ هيڏانهن مير شير محمد ۽ جرنيل هوشو به فوج وٺي حيدرآباد کان 8 ميل پري ٽنڊو الهيار روڊ تي دٻي جي ميدان تي پڄي ويا. 23 مارچ تي سنڌي  فوج ۽ انگريزن  وچ ۾ دوبدو ويڙهه شروع ٿي. سنڌي فوج جي مقابلي ۾ انگريزن وٽ جديد ترين هٿيار هئا. سنڌي جوان  پنهنجي ڌرتي جي وجود لاءِ لاغرض ٿي وڙهندا ۽ ڪرندا رهيا، هوش محمد، جيڪو جنگي  گرن کان سٺي ريت واقف هيو، جرنيل هوشو شيدي جنگ دوران جيڪا صف بندي ڪئي هئي ان انگريزن کي پريشان ڪري وڌو هو. کاٻي پاسي سپاهين جا جٿا بيهاريا ويا هئا، ساڄي پاسي سپاهين جي جٿي پويان دٻو ڳوٺ جتي به ماڻهن کي گڏ ڪري بيهاريو ويو هو ۽  گھرن کي سوراخ ڪيا ويا هئا. کاٻي پاسي توبون هيون جيڪي ٻئي نمبر نالي جي پويان هيون سڀني جي آڏو سمورو جهنگ ڪٽي صاف ڪيو ويو هو. الگزينڊر لکي ٿو ته ”صف بندي ۾ انهي کان وڌيڪ مهارت ٻي ڪا به نه ٿي ٿي سگهي ۽ ان پٺيان صرف هڪ ذهن هيو ۽ اهو ذهن هڪ غلام هوشو شيد جو هو، ۽ اسان جي خوش قسمتي آهي جو هوشو ان جنگ ۾ ئي ختم  ٿي ويو. الينگزيڊر جي انهن مٿين چيل لفظن مان اندازو ٿئي ٿو ته جرنيل هوش محمد ڪيتري جنگي مهارت رکندو هو ۽ انگريز کانئس ڪيترو ڊنل هئا!
سرچارلس نيپئر غدارن ذريعي هوشو جي لشڪر جو اندازو لڳائڻ کانپوءِ حملي جو حڪم ڏنو انگريز فوج به پنهنجي پوري قوت سان حملو ڪيو پر سنڌي لشڪر سندن حملي کي ناڪام ڪري ڇڏيو ان مهل انگريزن محسوس ڪيو ته سنڌي فوج کين کاٻي  پاسي کان گھيري ۾ آڻن لاءِ جھنگ اندران اڳتي وڌي رهي آهي ته انگريزن پنهنجي توب خاني کي سنڌي فوج مٿان بارود جو مينهن وسائڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت جي لحاظ کان جديد هٿيارن کان محروم سنڌي فوج بارود جي برسات کان بچڻ لاءِ پناهه ڳولڻ شروع ڪئي ته مٿن انگريزن جي سنڌ هارس، بمبئي ڪيولري ۽ بنگال ڪيولري جيڪي تمام گهڻي سکيا ورتل ريجمينٽس هيون انهن حملو تيز ڪري ڇڏيو. ان دوران هوشو مير شير محمد کي صلاح ڏني ته فوج کي پٺتي هٽائي سپاهين کي هڪ ڏينهن جو آرام ڏيون ۽ پوءِ نئين سر مورچا بندي ڪيون ته جئين ٻئي ڏينهن وڌيڪ توانائي سان وڙهي سگهون پر کين اهو موقعو ئي نه مليو.
هوشو شيدي ڌرتي جي آزادي برقرار رکڻ واري جذبي سان ايترو سرشار هو جو آخر تائين سنڌي سپاهين کي سورهه ٿي سوڀ ماڻهن لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ انتهائي مشڪل گھڙين ۾  سپاهين ۾ اتساهه ۽ قومي جذبو بيدار ڪرڻ لاءِ هوشو اهو نعرو هڻندو رهيو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“. اهي هوشو جون جذبي واريو هڪلون ئي هيون جو انگريزن جي جديد هٿيارن ۽ توبن جي موجودگي ۾ سنڌي سپاهي تلوارن سان وچ ميدان ۾ لهي آيا. سرن مٿان سر ڪرندا رهيا، آخر دم تائين سنڌي وڙهندا رهيا، ان دوران هوشو، مير شير محمد کي جنگ مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ کيس اٺ تي ويهاري موڪلي ڇڏيو. ان کانپوءِ هوشو زندگي جي آخري هچڪي تائين پنهنجي ماتر ڀومي جو نمڪ ملهائيندي وڙهندو رهيو ۽ هڪ سئو جانثارن سميت نيٺ شهيد ٿي ويو پر هڪ انچ به پٺتي نه هٽيو.
اڄ 23 مارچ آهي ۽ سنڌ  جي ان سورهيه سپورت جرنيل هوش محمد شيدي جي 166 هين ورسي آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سندس وفاءِ حب الوطني کي ياد ڪندي کيس لک سلام پيش ڪيون ٿا. هوشو نسلي طور ميرن جو ملازم  ضرور هيو پر هن ۾ سنڌ ڌرتي جو  ان ۽ پاڻي گردش ڪري رهيا هئا، ان ڪري هن اها ويڙهه انگريزن سان ميرن جو اقتدار بچائڻ لاءِ نه وڙهي هئي پر سنڌ ڌرتي جي مان ۽ مريادا ڌارين جي لتاڙ کان بچائڻ لاءِ وڙهي هئي ڇو ته اڪثر مير ته انگريزن آڏو هٿيار فٽا ڪري چڪا هئا پر هي شيدي نسل جو هڪ غريب سنڌي انگريزن جي غلامي قبولڻ لاءِ تيار نه هو.
1843ع ۾ انگريز ڌاريا سنڌ لتاڙي رهيا هئا ته هوشو انهن جي ناپاڪ قدمن کي روڪيندو ويو هن موت کي ڳلي لاتو پر ڌرتي ماءُ مٿان ڌارين جو پاڇو برداشت نه ڪيو.
www.awamiawaz.com

ويڙها ويران ڪندڙ قبائلي جهيڙا

اعجاز علي کوسو
سنڌ صوفين، درويشن،ساڌن ۽ سنتن جي ڌرتي آهي.جتي هميشه پيار امن دوستي ۽ ڀائچاري جا درس ڏنا ويندا هئا ذات پات کان هٽي ڪري انسان ذات جو نعرو بلند ڪندڙ اسان جي سنڌ جا اهي عظيم صوفي بزرگ جن مذهبن کي ملائي فرقن کي ختم ڪيو ذات پات جي اونچ نيچ کي دفن ڪري انسان ذات کي هڪ ئي ڌاڳي ۾ پروڙي ڇڏيو اهو انسانيت وارو ئي درس هو جن ملن، مولوين،
پنڊتن، پادرين، سردارن، نوابن ۽ غلامن کي احساس ڏيارو ته انسان جو وجود ئي خدا جي وحدانيت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ڇو ته خدا جو اهو فرمان ته مان توهان جي نهن کان به وڌيڪ توهان جي ڪريب آهيان مان مراد ته انسان کي پنهنجو رب ايترو ته قريب آهي جيترو انسان تصور ڪري سگهي ٿو انسان جي دل ۾ ئي خدا سمايل آهي جيڪڏهن جو پنهنجي دل کي خدا جو گهر سمجهي ان ۾ نفرت، ويڇا،گلا ۽ غيبت بدران پيار محبت سچائي ۽ برداشت جو ٻوٽو پوکي ۽ مالڪ حقيقي جي تصور ۽ ان جي ذڪر ۽ فڪر سان انهي ٻوٽي جي آبياري ڪري ان مان جيڪي گل ڦٽي نڪرندا سي هن ڌرتي ۽ان تي رهندڙ انسان ذات لاءِ اهڙي هٻڪار بڻجي ويندا جنهن جي خوشبو سان انسانيت کي هڪ نئون وجود ملي سڳهي ٿو پر ان لاءِ شرط اهو ئي آهي ته انسان پهريان ئي پاڻ کي سڃاڻي ۽ پنهنجي وجود کي پروڙي ڏسي پر اڄ جو انسان خدا جي خوف کان وانجهيل آهي ڪوڙي انا ۽ خود فريبي سندس وجود کي بي پاڙي جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي جتي قانون ٻوڙو۽ گونگو هجڻ سان گڏ منڊو ۽ ٽنڊو به هجي ته اتان جو سماج انارڪي جي ڪهڙين حدن تائين پهچي سگهي ٿو اهو ڏسڻ لاءِ اسان جي سنڌ دنيا اڳيان هڪڙو مثال آهي روزانو قبيلائي جهيڙن ۾ ڪيترائي گهر ويران ٿيو ٿا وڃن ڪيترائي معصوم ٻارڙا يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿيو ٿيون وڃن اهي ٻارڙا جن جو عمر اڃا راند روند جي هجي ٿي تن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڳولين جو کاڄ بڻايو وڃي هڪ ٻئي سان خونن جا انگ اکر برابر ڪرڻ لاءِ عورتن ۽ پوڙهن کي به راڪيٽ لانچر جهڙن موت مار هٿيارن جو نشانو بڻايو ٿو وڃي انسانيت سوز اهڙيون ڪاروايون پاڻي جي واري تان،مينهن جي چوري تان،سڱاوتي تڪرار تان شروع ٿين ٿيون جنهن ۾ ڪيتريون ئي بيگناهه جانيون ذات پات جي چڪر ۾ ضايع ٿين ٿيون.
سوال هي آهي ته اهو سڀ ڪجهه آخر ڇو ٿو ٿئي؟ انهي جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟۽ اهڙين ڪارواين کي روڪڻ لاءِ حڪومت اپاءُ ڇو ڪو نه ٿي وٺي هي ۽ اِن جهڙا انيڪ سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ گردش ڪن ٿا پر بنيادي ڳاگهه اها آهي ته قانون ۽ انصاف جو بنيادي سرشتو ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو آهي جو ماڻهن پاڻ هٿيار کڻي ورتا آهن بظاهر اسان لاءِ اهي ڳالهيون ننڍڙيون ۽ بي وزن آهن ته مينهن جي چوري، پاڻي جو وارو، معمولي رقم جي ڏيتي ليتي تان انسان انسان جو خون ٿو وهائي ڇڏي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته هڪ ماڻهو جي گذر سفر ۽ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ کيس ٻه چار جريب ٻني جو سهارو آهي ۽ جڏهن ڪو هن جو پاڻي روڪيندو ته هو دانهون ڪوڪون ڪندو انصاف لاءِ پاڏائيندو سردارن، ڀوتارن،پوليس آفيسرن، ڪورٽ ۽ ڪچهرين ۾ انصاف لاءِ دانيهندو ۽ جڏهن کيس ڪو به ٻڌڻ وارو نه هوندو ۽ هر جاءِ تان مايوس ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي هٿن ۾ هٿيار ٿو کڻي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهي جو ذميوار اسان جو معاشرو آهي،اسان جو عدالتي نظام آهي، اسان جاچونڊيل نمائندا ۽ حڪومتِ وقت آهي جنهن جو ڪم پارليامينٽ ويهي قانون سازي ڪري ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي نه ڪي پنهنجا من پسند ڪامورا ۽ پوليس آفيسر مقرر ڪرائي پنهنجا جائز ۽ ناجائز ڪم وٺڻ آهي.
اڄ اسان جا ڳوٺ وسنديون ۽ واهڻ هڪ ٻئي لاءِ نو گو ايريا بڻيل آهن اهي جهيڙيندڙ ڳوٺاڻا پنهنجي بچاءُ لاءِ ۽ جهيڙيندڙ ڌر کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي برادري جي ماڻهن کي پاڻ وٽ ترسائي سڄي رات مورچن ۾ پهريدارن ۽ چوڪيدارن جيان ڄاڳي راتيون گذارن ٿا وڏي انگ ۾ ترسيل ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وٽن هڪڙو ئي دڳ باقي وڃي بچي ٿو اهو آهي ڦر لٽ ڪرڻ وارو دڳ. اڪثرجهيڙيندڙ هٿياربند سج لٿي کان پوءِ روڊن رستن تي اچو ٿا بيهن ۽ ڦر لٽ ڪري پنهنجو گذر سفر به ڪن ٿا ۽ هٿيار بارود به خريد ڪن ٿا اتر سنڌ ۾ جهيڙيندڙ اهڙين قبيلن جا چڱامڙس جهيڙا ڪرائي ماڻهو مارائي پنهنجن قبيلن کان مهوار اڳاڙيون ڪن ٿا هڪ طرف غريب پورهيت ،هاري ۽ ڪجهه ننڍا ملازم انهن جهڙين سبب پنهنجو زندگيون بچائڻ لاءِ روزگار ۽ ملازمتون ڇڏي پنهنجن گهرن ۾ محصور ٿيو ٿا وڃن بيروزگاري ۽ غربت وٽن گهر ڪريو ٿي وڃي ته ٻئي طرف انهن کي پنهنجي قبيلن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ چڱا مڙس ايترو ته مجبور ٿا ڪن جو وٽن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪو نه هجي ٿو ته پوءِ انهي جي گهر ۾ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ پيل داڻا به پاڻ سان کنيو وڃن يا سندن گهر ۾ بيٺل اها ٻڪري جيڪا ڪنهن ميصوم ٻار جي پيٽ جي بک وسائڻ لاءِ کير جو آخري سهارو هجي ٿي تنهن کي به ڪن مان وٺي ڪاهيو وڃن جيڪڏهن ڪو ڪڇي ته ان کي چڱا مڙس ۽ سردار اهو چئي خاموش ڪرائي ٿا ڇڏين ته توهان جي قبيلي جي بقا لاءِ وڙهندڙ اهي مجاهد ڪٿان کائيندا ۽ هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ به پئسه کپن توهان کي پنهنجي قبيلي جي بقاعزت ۾ ناموس لاءِ هر حال ۾ مدد ڪرڻي آهي.
آخر انسانيت جو خون وهائيندڙن جي اهڙي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪير اٿندو؟ جيڪو انهن اٻوجهه ماڻهن کي سمجهائي ته توهين جن پيرن،ميرن ۽ سردارن تان سر گهوري پنهنجي قبيلي جي ڪوڙي ناموس لاءِ هڪ ٻئي جو ناحق خون وهائي ٿا ڇڏيو خدارا ڪجهه هوش ڪريو پنهنجن ٻچن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارو نه ڪي انهن کي ننڍڙي عمر ۾ هٿيار کڻڻ سيکاريو پنهنجا ڳوٺ ڳليون ۽ وٿاڻ آباد ڪريو،ڦر لٽ ڪندڙ پيرن،سردارن ۽ جڙتو رئيسن جي چوڻ ۾ اچي هڪ ٻئي جو ناحق خون نه ڪريو. ڪير آهي جيڪو اهڙو عَلم بلند ڪري، ته عبدالرحيم گرهوڙي جي اها اڳ ڪٿي سڀني سنڌ واسين کي ياد ڏياري جنهن ۾ هن لکيو ته سنڌ کي ڪنڌاران لڳندي اڄ اسان جي چوڌاري ڪنڌاري يلغار ٿيندي پئي وڃي ۽اسين پنهنجي جيجل ماءُ سنڌڙي جي حفاظت ڪرڻ بدران ۽ هڪ سنڌي قوم بڻجڻ بدران ذات پات ۽ اونچ نيچ جهڙي نه سلجهندڙ سُٽ کي سلجهائڻ ۾ لڳا پيا آهيون پنهنجا ڳوٺ اجاڙي رهيا آهيون اسين پنهنجن ئي مستقبل جي معمارن کان تعليم ۽ قلم جهڙو هٿيار کسي انهن کي جاهل،مجرم ۽ محڪوم بڻائي رهيا آهن اسين هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پنهنجي چوڌاري بيٺل دشمن کي ڄڻ ته دڳ ڏيئي رهيا آهيون اسان بک ۽ بد حالي جي هن دور ۾ بکون ڪاٽي پنهنجي ٻچن جي وات مان گرهه کسي هٿيار ۽ بارود خريد ڪري رهيا آهيون اسين پلاند ڪري ڏاڍا سُرها ٿا ٿيون، معصوم ٻارڙن کي يتيم بڻائي،ونين کان پنهنجا ور کسي ۽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري اسين خوشي وچان فائرنگون ٿا ڪريون. قوم جي ويري سردارن،جاگيرادرن پيرن ۽ رشوت خور آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هنن سنڌ سان آخر اهڙ ڪم ڇو ڪيو آهي نالي ماتر سردارن ۽ ڀوتارن پنهنجون عدالتون لڳائي جِرڳائي نظام کي قائم ڪري پنهنجو تسلط قائم ڪري مسڪين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي هيسائي پنهنجي کوکلي سرداري نظام کي عدالتن مٿان حاوي ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙا فيصلا ڪندي کين ڪو احساس ۽ ڪهل به ڪو نه ٿو اچو ته جيڪڏهن هڪ ڌر 10 خون ڪري ٿي ۽ ٻي ڌر 9 خون ڪري ٿي ته 9 خون 9 خونن ۾ پاڙي باقي هڪ خون جو ڏنڊ رکيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو توهان جو ٺاهه ٿي ويو. او چڱا مڙس 19 گهر اجڙي ويا تون انهن لاءِ ڪجهه ڪو نه سوچيو اهي بيگناهه ۽ واٽ ويندي جيڪي ماريا ويا تن جو عيوضو ٻين خونن ۾ تو پاڙي ڇڏيو هي تنهنجي ڪهڙي عدالت آهي. ٿورو گهڙي کن لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ پاڻ کي عدل ۽انصاف جو عَلم بردار سڏائيندڙ سرپنچ اهڙا جرڳا ڪندا ۽ جيڪڏهن انصاف ڪندڙن جي حد اها آهي ته پوءِ ڏوهاري، مجرم ۽ هڪ جابر جي انتها ڇا هوندي اسان کي هاڻي قبيلائي سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو اسان کي هڪ قوم ٿيڻو پوندو جيڪا پنهنجي قديم سنڌو ندي تي راتاها هڻندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي،جيڪا سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙن جي ارادن کي پاش پاش ڪري ڇڏيندي جيڪا سردارن، جاگيردارن،ميرن ۽ پيرن جي چنگل مان آزاد ٿي پنهنجي نسلن کي باوقار سنڌي قوم جو درجو ڏياريندي جيڪا قوم شاهه،سچل،۽ سامي جي هن ڌرتي تي امن جي پکيڙن کي پاليندي ۽ نپائيندي اچو ته وچن ڪريون اچو ته وچن ڪريون....
For Feed Back: feedback_aijaz@yahoo.com هي اليڪٽرانڪ ٽپال(اي ميل) محفوظ ڪئي وئي آهي اسپيم بوٽس کان، ڏسڻ جي لاءِ توهان کي جاوا اسڪرپٽ جي اجازت(انئيبلڊ) گھربي.
  www.sindhhyd.com

ع40 جي ٺهراءُ تحت نئين قانون ساز اسيمبلي جوڙي قومن کي خودمختيار حيثيت ڏني وڃي :سنڌ ترقي پسند پارٽي جو يوم مادر وطن جلسي ۾ مطالبو

 
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن گهر ڪئي آهي ته 40ع جي قرارداد تي عمل ڪري صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪري سنڌ جا وسيلا سنڌين حوالي ڪيا وڃن. ڪالهه ايس ٽي پي جي سالگرهه جي موقعي تي ڪوٺايل مادر وطن جلسي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪري سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ جو وچن ورجايو. تقريب کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حيدر چوڪ تي لکين ماڻهن گڏ ٿي وچن ورجايو آهي ته هو رت جي آخري ڦڙي تائين وطن جي آزادي لاءِ وڙهندا رهندا. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن مان موهن جي دڙي جي مهڪ اچي ٿي، اسان سڀ گڏجي هن وطن کي هڪ باوقار ملڪ بڻائينداسين. اسان دنيا جي امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. ڇو ته اسان هن وطن جا وارث آهيون. هن چيو ته بلدياتي ، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ 5 قومپرست پارٽيون گڏجي اليڪشن وڙهنديون، سنڌ جا نوجوان ڏنڊا کڻي ووٽ ڏيڻ ايندا، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته دما دم مست قلندر ٿيندو. سنڌ جي ٽوپي ۽ اجرڪ وارن هارين ۽ مزدورن کي وطن جو مالڪ بڻائينداسين. هن چيو ته اها حڪومت جي خوشفهمتي آهي ته سنڌ جي عوام کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي چڪر ۾ ڦاسائي ساڻن اٽڪلون ڪري سندن زمين، تاريخ ۽ تهذيب کسي ويندي. هن چيو ته هزارين سالن کان اسان سنڌ جا مالڪ آهيون، هي زمين اسان جي مادر وطن آهي، جنهن جا اسان محافظ آهيون، هن چيو ته 40 جي قرارداد موجب ملڪ ۾ شامل ٿياسين پر قومن کي خودمختياري ڏيڻ وارو واعدو وفا نه ڪيو ويو. 63 سالن ۾ ملڪي تاريخ ۾ مذهب، رياست ملڪ مفادن جي بنياد تي لکين ماڻهن کي ماريو ويو آهي. اسان وڌيڪ ڏاڍ برداشت نه ڪنداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيد جلال محمود شاهه چيو ته اسان ملڪ ۾ حق حڪمراني چاهيون ٿا، اسان کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن. هن چيو ته پ پ حڪومت پراڻي آدمشماري تي صحيح ڪري سنڌ سان ناانصافي ڪئي آهي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته اسلام آباد ۽ وزير اعليٰ هائوس ۾ عهدن جي بازار لڳي پئي آهي، سنڌ ۾ غربت ايتري آهي، جو مائرون ٻچا وڪرو ڪري رهيون آهن، هن وقت مفاهمت جي نالي تي ملڪ جي سوديبازي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان مفاهت نه حق حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنداسين. سنڌ سيوو موومينٽ جي شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌ جي آزادي، خوشحالي، قدرتي وسيلن، 40 جي قرارداد تحت سنڌ کي حق ڏيارڻ لاءِ ميدان تي نڪتل آهيون. ان موقعي تي ايس ٽي پي جي اڳواڻن نند لال مالهي، حيدر شاهاڻي، حيدر شاهه، ڊاڪٽر رجب ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ٺهراءَ پيش ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ سمجهندي ان ۾ موجود پنج قومن سنڌي، بلوچ، سرائڪي، پختون ۽ پنجابي کي تاريخي پس منظر ۽ علحيده قومون تسليم ڪندي پاڪستاني قوميت واري تصور، مذهبي يا مسلم رياست کي رد ڪندي 1940ع جي ٺهراءُ جي روشني ۾ ملڪ ۾ شامل سمورين قومن جي آزاد ۽ خود مختيار حيثيت کي تسليم ڪندي ملڪ جي نئين سر تشڪيل ڪئي وڃي، جنهن ۾ سمورين قومن کي برابري واري حيثيت حاصل هجي، هن ملڪ کي سيڪيولرزم جي بنياد تي نئين سر تعمير ڪري ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه پاڪستان جي بجاءِ عوامي جمهوريه پاڪستان رکيو وڃي. يوم مادر وطن ميڙاڪي ۾ ٺهراءُ پاس ڪندي وڌيڪ گهر ڪئي وئي ته ملڪ کي هلائڻ لاءِ 62 سالن ۾ متفقه آئين ٺهي نه سگهيو آهي، 1973ع جو آئين قومن جي وجود جو انڪاري آهي، هر ايندر حڪمران پنهنجن اقتداري مفادن لاءِ1973ع جي آئين ۾ ايتريون ترميمون ڪيون آهن، جو 1973ع جو آئين پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي چڪو آهي. ملڪ ۾ قومن جي برابري جي بنياد تي نئين آئين ساز اسيمبلين جون چونڊون ڪرائي ملڪ کي نئون آئين ڏنو وڃي، جيڪو سمورين قومن لاءِ قابل قبول هجي. سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي سنڌ تي صرف سنڌين جي حق حاڪميت کي تسليم ڪرڻ 1954ع کان پوءِ آيل ڪنهن به ڌاريئي کي ووٽ داخل ڪرڻ، سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ جائيداد خريد ڪرڻ جو حق کسيو وڃي،1954ع کان پوءِ آيل ڌارين، بهارين، بنگالين، برمين، افغانين، هندستانين، پنجابين، پٺاڻن سميت سمورن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، اردو ٻولي قومي ٻولي واري تصور کي رد ڪندي چيو ويوآهي ته ملڪ ۾ شامل پنجن قومن جي مادري زبانن سنڌي، بلوچي، سرائڪي، پنجابي، ۽ پشتو کي ملڪ جو قومي ٻوليون قرار ڏئي هر صوبي جي مادري ٻولي کي صوبي جي سرڪاري ٻولي لاڳو ڪئي وڃي، موجوده اين ايف سي ايوار کي رد ڪندي گهر ڪئي ته سنڌ جي ڪوئلي، تيل ۽ گئس سميت سمورين قدرتي ۽ مالياتي وسيلن تي سنڌ جو حق تسليم ڪندي وسيلن تي سنڌ کي مالڪي جا اختيار ڏنا وڃن، سنڌ مان پيدا ٿيندڙ روينيو جي وصولي ۽ خرچ جا اختيار سنڌ جي حوالي ڪيا وڃن. سنڌو درياهه سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۽ تهذيب جو اهڃاڻ آهي، پنج ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو بنيادي ذريعو آهي. سنڌو درياهه جي پاڻي تي سنڌ جو بنيادي ۽ دائمي حق آهي، سنڌ جي پاڻي تي پنجاب گذريل ڏيڍ صدي کان ڌاڙا هڻي رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباهه ۽ سرسبز زمين بنجر بڻجي ويئي آهي،ٺهراءُ ۾ گهر ڪئي وئي ته چشما جهلم لنڪ ڪينال، تونسئه پنج ند ڪينال فور طور بند ڪري گريٽر ٿل ڪينال جو منصوبو رد ڪيو وڃي ۽ سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم نه ٺاهيو وڃي، سنڌ ۾ مهانگائي بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت جو خاتمو آني سنڌ جي ماڻهڻ کي روز مرهه جون شيون سستي اگهه تي مهيا ڪيو وڃن، سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ هر شهري جي جان مال جو تحفظ ڪيو وڃي. سنڌ ۾ امن امان لاءِ خالص سنڌي ماڻهن تي ٻڌل خودمختياري پير املٽر فورس جوڙيو وڃي. مطالبو ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي مک قاتل پرويز مشرف سميت سمورن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سنڌ ترقي پسند پارتي جي پنج نقاطي تحريڪ دوران 10 جون تي ڪراچي ۾ شهيد ٿي ويل ايس ٽي پي ڪارڪن حسن منگسي، براد ڪلمتي ۽ ڪراچي ۾ ڌارين جي مزاحمت ڪندي شهيد ٿيندڙ جمن گٽڪي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، جنرل مشرف جي اين آر بي تحت جوڙيل بلدياتي نظام کي رد ڪندي چيو آهي ته نسلي ۽ لساني بنيادن تي حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ڪيل تقسيم کي ختم ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻنهي شهرن جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي. بلوچستان ۾هلندڙ فوجي آپريشن فوري طور تي بند ڪري بلوچستان مان فوج سميت پئرا ملٽري فورسز کي واپس ڪيو وڃي. بلوچستان سميت سڄي ملڪ مان گم ٿيل سمورن سياسي ڪارڪنن جسقم اڳواڻ آڪاش ملاح، نور محمد خاصخيلي سميت سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ ڪميونٽي پوليس جي نالي ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن تي ٻڌل فورس ختم ڪيو وڃي، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي بندش، ڪراچي جي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ مقامي ڊومسائيل جي قانون کي ختم ڪري سنڌي شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن ۽ سنڌي نواجونن کي ڪراچي ۾ روزگار ڏنو وڃي، ڪراچي ۾ سنڌين جا تاريخي، قديمي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ ڌارين بهارين، بنگالين، افغانين جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ واري سازش بند ڪري ايم ڪيو ايم پاران مخلتف پراجيڪٽس جي نالي ۾ ڪراچي جي قيمتي زمينن جو نيلامي بند ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين تان گورنر جا اختيار ختم ڪري بورڊن ۽ يونيورسٽين جا سمورا اختيار سنڌ جي تعليمي واري وزارت جي حوالي ڪيا وڃن، ٺهراءُ يڪراءَ سان منظور ڪيون ويون.

سنڌوءَ جون موجون موٽائڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو...

 مظهر خاصخيلي

پاڪستان جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي آڏو سنڌ مان چونڊيل نمائندن ۽ پ پ اڳواڻ احتجاج ڪندي کيس چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي سان سنڌ جي 16 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، جڏهن ته سامونڊي پٽي سان روز لهرون ٽڪرائڻ سبب سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آهن، هي اها سنڌ آهي جنهن سنڌ سدائين هن ملڪ جي باقي صوبن کي مشڪل ويل ۾ ڪم اچي انهن جي تڪليفن کي پنهنجي تڪليف سمجهي پنهنجا سمورا وسيلا به ٻين صوبن جي حوالي ڪيا آهن. ڇا هن وقت جڏهن سنڌ جا اصل مالڪ ان ۾ رهندڙ سنڌ ڄاوا تڪليف ۾ آهن انهن کي پنهنجي حق کان محروم رکڻ ڪٿان جو انصاف آهي ۽ جڏهن سنڌ جي حصي جو سالن کان وٺي پنجاب پاڻي کنيو آهي ته پوءِ هاڻي ان پنجاب کي سنڌ جو پاڻي موٽائي ڏيڻ ۾ ڪهڙي تڪليف ٿي ٿئي.
اڄ اها صورتحال آهي جو سنڌ جا سالن کان وهندڙ واهه بند ڪيا ويا آهن ۽ پنجاب سالن کان بند ڪيل واهه کولي رهيو آهي، ان مسئلي تي پنجاب اندر موجود مسلم ليگ ن جي حڪومت خاموش ڇو ويٺي آهي، اهو سوال سنڌي ماڻهن کي ڪير ٻڌائي سگهي ٿو جڏهن ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه به وقت ٿيو هو جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ميان نواز شريف پاڻ هو ۽ ان وقت به سمورن سياسي ڌرين ان 1991ع واري پاڻي ٺاهه کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو ان وقت آبپاشي جو صوبائي وزير مسرور جتوئي هو جنهن پنهنجي زبان سان ڪافي جاين تي اهو اعتراف ڪيو آهي ته هن 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي سنڌ جي نمائندگي طور صحيح نه ڪئي هئي، ڇو ته ان ٺاهه ۾ به سنڌ سان ظلم ٿيل آهي ته پوءِ ان ٺاهه تان ميان نواز شريف ۽ ان جي مسلم ليگ ن جي باقي باقيات ڇو پنهنجو منهن موڙي رهي آهي ۽ ان 1991ع جي ٺاهه تحت به سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي ۽ جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته پوءِ اهي پنجاب اسٽيبلشمينٽ جا دادلا مسلم ليگ ن جا اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائيندا ٻڌائين ته سنڌ کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
جڏهن سنڌ سان سمورن پاسن کان ناانصافي جي انتها ڪئي وڃي ۽ جيڪي پاڻ پاڻي جا ٺاهه ڪرائڻ ۽ ان جي خلاف پاڻ ڪم ڪن پوءِ اڃا به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو صبر ڪن ته پوءِ مورڳي هن ملڪ اندر صرف پنجاب ۽ ان جا رهواسي هن ٻين صوبن ۽ اتان جي رهواسين جو هجڻ يا نه هجڻ ضروري ته ناهي، جيڪڏهن ان سڄي مسئلي تي خاص ڪري اسان جون سياسي پارٽيون سنجيدگي سان نه ٿيون سوچن ته هو نه رڳي پنهنجي قوم پر پنهنجي وطن جون به وڏي ۾ وڏيون ڏوهي آهن، ڪالهه جن ماڻهن ڳالهيون ڪيون ٿي ته پاڻي جو ٺاهه 1991ع وارو ٿيل آهي ان تي عمل ڪرايو وڃي، اڄ اهي ماڻهو پاڻ ان ٺاهه جي خلاف آهن، ڇا پنجاب اسيمبلي مان چشما جهلم پاور رٿا جي حق ۾ پاس ڪرايل قرارداد مسلم ليگ ن جو صحيح عمل آهي، يا هرو ڀرو سنڌ سان ناانصافي جي انتها آهي، ان باري ۾ به اسان جي ان پنهنجو پاڻ کي اصول پرست سڏرائيندڙ سياسي پارٽي جي انهن اڳواڻن کي پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي، ڇو ته هاڻي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي مٿان ڪافي ظلم ۽ ناانصافيون برداشت ڪيون آهن، ان جي ڪري سنڌ ۾ هاڻي وڌيڪ سهپ ناهي رهي ۽ سنڌ مڪمل مزحمت ڪرڻ جي موڙ تي اچي بيٺي آهي.
اها ڳالهه به ان پنجاب جي مٿي ڦريل اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن هاڻي سنڌ جي ڳالهه نه مڃي وئي ته سنڌ اندر اهڙو انقلاب اچي ويندو جنهن سان گهڻن جا گهر جلي ويندا ۽ پوءِ سنڌ ان جي ڏوهي نه هوندي. جڏهن ملڪن اندر ناانصافي عروج تي هوندي آهي اهي ملڪ ڪڏهن به قائم رهي ناهي سگهندا، ان جي ڪري اسان جي هن پياري پاڪستان جي انهن خااص ڪري پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ذهن مان ڪنهن به ننڍي صوبي سان هروڀرو ناانصافي ڪري پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو مڙس مڃرائڻ وارو رويو مٽائڻو پوندو ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي ته پاڻي مٿي تان وهي وڃي ۽ اسان ان کان پوءِ ويهي چئون ته اسان جي غلطي هئي ان جي ڪري هاڻي هي وقت آهي ته جيڪو به غلط هجي ان کي غلط چئجي ان کان پوءِ اسان جو ملڪ ترقي جي نئين رستي تي هلي سگهي ٿو، باقي رڳو جيڪڏهن پنجاب صوبي جي انهن ڪجهه ماڻهن جي بياري ۾ سوچيو ويندو ته پوءِ يقينن ٻين ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي ۽ هاڻي سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا رهواسي هڪ پاسي ٿي بيٺا آهن ۽ پنجاب صوبي جا عام ماڻهو به انهن صوبن جي حمايت ڪن ٿا پر پنجاب جا ڪجهه ضلعا اهڙا آهن جن مان اسٽيبلشمينٽ جي اڪثريت ان سوچ جي آهي ته هو سالن کان وٺي جيئن هن ملڪ کي هلائيندا آيا آهن ائين هي ملڪ هلندو رهندو، جڏهن ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ سنڌ جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس جيڪو وزيراعليٰ جي هائوس ۾ ٿيو ان وقت انهن سمورن ميمبرن وزيراعظم جي آڏو اها ڳالهه کليل نموني سان رکي ته پنجاب جي حڪومت سنڌ سان پاڻي جي مسئلي تي مسلسل زيادتي ڪندي ٿي اچي، ڇو ته ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ جو پاڻي پنجاب ارسا جي اجلاسن ۾ اهو چئي کڻندو آيو آهي ته جڏهن پاڻي جي کوٽ ٿيندي ۽ سنڌو ۾ لاٿ ايندي ته پنجاب پنهنجي حصي مان سنڌ کي پاڻي منگلا مان موٽائي ڏيندو، پر ان ڳالهه تان به پنجاب ڦري ويو آهي.
جڏهن ته پنجاب 31 جنوري تائين سنڌو مان 41.0 ايم اي ايف پاڻي کنيو هو جيڪو سنڌ کي پنجاب کي هن مهيني اندر واپس ڪرڻو هو پر پنجاب صرف 1.0 ايم اي ايف پاڻي سنڌ کي منگلا مان پنجند ذّريعي واپس ڪيو آهي، باقي سنڌ کي ٻيو پاڻي 3.0 ايم اي ايف منگلا مان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي ناانصافي خلاف سنڌ جي ارسا جي نمائندن اجلاس دوران بار بار ڳالهائيندي پنجاب مٿان اهو دٻاءُ وڌو ته هنن کي پنهنجو کنيل پاڻي واپس ڏنو وڃي، ڇو ته هن وقت سنڌ وٽ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي ۽ مٿان کان ڪڻڪ جي فصلن کي پاڻي ج يتمام گهڻي ضرورت آهي ۽ ان کان به وڌيڪ سنڌ جي لاءِ ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي ته سامونڊي لهرون تيزي سان سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين کارو پاڻي پائيندو ٿو وڃي ۽ هن وقت تائين لکين ايڪڙ سرڪاري انگن اکرن موجب سمونڊ پائي ويو آهي، ان صورتحال هوندي به سنڌ کي پنهنجي حصي جو صحيح پاڻي نه ڏيڻ ڪٿان جو انصاف چئبو، هي ڪهڙي مذاق سنڌ سان ڪئي ٿي وڃي ۽ خاص ڪري هڪ اهڙي حڪومت جي وقت ۾ جنهن کي سنڌي ماڻهو پنهنجي حڪومت سمجهن ۽ چون ٿا.
جڏهن اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ سان ناانصافيون ٿينديون هيون ته ان تي احتجاج ٿيندو هو پر هن حڪومت سان ته احتجاج ڪرڻ کانسواءِ به سنڌي ماڻهن جا اهي ناتا آهن ڇو ته سنڌي ماڻهن سدائين پ پ کي پنهنجي پارٽي سمجهي ان جي هر تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهيو آهي ۽ سدائين آمرن سان سنڌ جي رهندڙ سنڌي ماڻهن پ پ جي ڪري ٽڪر کاڌو آهي ۽ هن وقت جڏهن سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي ۽ ڏينهون ڏينهن سمونڊ سنڌ جون آباد ٿيندڙ زمينون پائي رهيو آهي ان وقت پ پ جي سموري قيادت کي صرف ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن پر ان جي لاءِ عملي قدم کڻڻ تمام ضروري آهي ۽ پ پ کي سنڌ جو موقف صرف ميڊيا جي آڏو نه رکڻ گهرجي پر سنڌ جو پنجاب پاران کنيل پاڻي ڦورن سنڌ کي واپس ڏيارڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ وزيراعظم جيڪا ڳالهه ڪراچي ۾ ڪئي آهي ته پاڻي جي مسئلي ۽ سي جي لنڪ ڪينال واري پاور منصوبي واري مسئلي تي بين الصوبائي رابطا ڪاميٽي واري 11 فيبروري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي ويندي ۽ ڇا جيڪڏهن پنجاب ان جي باوجود به سنڌ جو موقف نه مڃي وته وزيراعظم پوءِ ڪهڙو فيصلو ٻڌائيندو اهو ته ڪجهه ڏينهن اندر معلوم ٿي ويندو پر جيڪڏهن بين الصوبائي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ به سنڌ جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اعلان نه ڪيا ويا ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آزاد هوند ا۽ ان کان پوءِ سنڌ جي انهن سمورن جوڌن کي پنهنجي سنڌوءَ جون موجون موٽائڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو، ڇو ته خدا نه ڪري سنڌو سڪي وڃي ۽ ان کان پوءِ باقي سنڌ ڪهڙي هوندي ان جو تصور به ڪرڻ ڏکيو آهي، ان جي ڪري سنڌو جي وارثن کي سنڌ جو وجود موٽائڻ جي لاءِ روڊن ۽ رستن تي اچڻو پوندو، ڇو ته جڏهن حق ناهن ملندا ته انهن کي ڇني وٺبو آهي ۽ اهو ڪم زنده قومن جو آهي ۽ سنڌي ماڻهو هڪ زنده قوم ۽ بهادر آهي.

www.sindhhyd.com

ڪراچيءَ تي دعويدارن جون اکيون کُلڻ گهرجن

وحيد گُل ميمڻ

ڪراچيءَ جو بندر روڊ جتي ڪجهه وقت اڳ جڏهن ايم ڪيو ايم يا جماعت اسلامي طرفان ڪا ريلي ڪڍي ويندي هئي ته ان کي ملين مارچ جو نالو ڏنو ويندو هو پر 2009ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان جڏهن ساڳئي روڊ تي ريلي ڪڍي وئي ته ان ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مبصرن جو خيال هو ته ريليءَ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، پر تنهن باوجود به پاڻ کي قومي ميڊيا سڏرائيندڙ اخبارن انهي ريلي کي اها ڪوريج نه ڏني جيڪا ڏيڻ گهرجي ها، بهرحال وري ساڳئي روڊ تي عوامي تحريڪ
طرفان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ هاڻي وري سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ طرفان “ڪراچي سنڌ آهي” جي نالي سان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ به ڪراچي جي ٻهراڙين سميت ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهن سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍي شرڪت ڪئي، انهيءَ ريلي دوران بندر روڊ “سنڌ سنڌين جي آهي” ۽ “سنڌ جا وارث سنڌي ئي آهن” جا نعرا گونجي رهيا هئا ۽ سنڌ جي مالڪي جي دعويداري ڪندڙن لاءِ اهو کُليل پيغام آهي ته هو ڪنهن غلط فهميءَ جو ئي شڪار آهن ۽ سنڌ جا اصل وارث پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي واري ذميواري کان ڪنهن به ريت غافل نه ٿي سگهندا.

جسقم جي ڪراچي ۾ ڪڍيل ريليءَ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ صحافي دوست ڪچهريءَ دوران ٻڌايو هو ته ڪراچيءَ ۾ سندس دوست جيڪو ڪراچيءَ ۾ هڪ اخبار جو رپورٽر آهي، ان کي مالڪن ۽ ايڊيٽر طرفان جسقم جي ريلي واري خبر بابت هدايت ڏني وئي ته هو ان ريلي جي 150 اکرن کان وڌيڪ خبر نه ڏئي جنهن تي هُن احتجاج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ايڏي وڏي ريليءَ جي خبر150 اکرن ۾ ڪيئن ٿي پوري ٿي سگهي ۽ اهڙي صورت ۾ هو اها خبر نه ٿو ڏئي سگهي، جنهن تي کيس پهرين 50 اکر ۽ وري ٻيهر 50 اکر وڌي مليا ۽ آخر ۾ کيس اڍائي سئو اکرن تي مشتمل خبر ڏيڻ لاءِ چيو ويو. انهيءَ دوست جي انهي ڳالهه تي ڪنهن حد تائين حيرت ته ٿي پر قومي ميڊيا سڏرائيندڙن لاءِ بهرحال هڪ تصور به منهنجي ذهن ۾ ضرور جنم ورتو. اهو اتفاق آهي يا ڪنهن جي طرف کان خاص هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون جو هڪڙن جي ريلين کي ته ملين مارچ جو نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻين جي خبر لاءِ ماپا مقرر ڪيا وڃن ٿا.
سنڌ تي راتاهن جي تاريخ ته پراڻيآهي، هلاڪو کان چنگيز ۽ چارلس نيپئر تائين جي قصن سان تاريخ ڀريل آهي پر اصل وارثن جي موجودگي ۾ ڪراچيءَ تي مالڪي جون دعوائون ويجهي ماضي جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهن جنهن کي شايد حقيقت جو روپ ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهي پر سازشي عنصرن کي اهو جواب ئي ڪافي آهي ته سنڌ جو ماڻهو معاشي بدحاليءَ سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ڇو نه هجي پر اهو ڪڏهن به پنهنجن شهرن ۽ وسيلن جي مالڪي واري ويڙهه تان هٿ ڪنهن به صورت ۾ نه کڻندو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد به ڪراچي پختونن جو شهر هجڻ جي ڳالهه ڪئي. اردو ڳالهائيندڙ ته ڪراچيءَ تي مالڪيءَ جون دعوائون ڪندا رهيا آهن ۽ کانئن شايد اهو وسري ويو آهي ته کين اسان جي وڏن پاڻ وٽ پناهه ۽ پنهنجين ملڪيتن تي مالڪيءَ جو حق ڏئي اهڙو ٿورو ڪيو جنهن کي هو ته سڄي عمر نه لاهي سگهندا پر سندن اولاد به اهي ٿورا لاهي نه ٿو سگهي. اردو ڳالهائيندڙن جون اهي دعوائون ٻڌائين ٿيون ته هو شايد هتان جي اصل رهواسين جا اهي ٿورا وساري چڪا آهن ۽ هو مالڪن جي موجودگيءَ ۾ سندن گهر تي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. پشاور کي ته پختونن جو شهر چئي سگهجي ٿو پر ڪراچيءَ کي ڪهڙي بنياد تي پختونن جو شهر چيو وڃي اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي!. اها ڳالهه مڃي به وٺجي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ گهٽ آهي پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو ڌارين جي لوڌ کي هو پنهنجي شهرن تي مالڪيءَ جون دعوائون ڪرڻ جي اجازت ڏيندا. سنڌي ۾ چوندا آهن “آئي ڏنڊو کڻڻ ۽ بڻجي وئي بورچياڻي” سو شاهي سيد کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته هو جيڪڏهن اڄ ڪراچيءَ ۾ آباد به آهن ته اهي صرف ڪمائڻ خاطر هتي آيا آهن ۽ ڪراچي سنڌين جو شهر آهي، هو ۽ هميشه رهندو.
ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويدارن کي هاڻي ته اکيون کولڻ گهرجن ته ڪراچي ئي اصل ۾ سنڌ آهي ۽ سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندڙ هر ماڻهو جو ڪراچيءَ سان به اوترو ئي چاهه آهي جيترو هو پنهنجي ننڍپڻ وارا ڏينهن گذارڻ واري ڳوٺ سان رکي ٿو. ان ڪري کين اهڙيون دعوائون نه ڪرڻ گهرجن جن سان سنڌ جي اصل وارثن جا زخم وري تازا ٿين ۽ وري ڪا اهڙي لهر اڀري جو واري جي اڏيل سمورين ديوارن کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ لاءِ ڪافي هجي.
E-mail: waheedgul07@yahoo.com


 www.sindhhyd.com

ڪراچي نَه جاگير- ذاتي سندءِ....

Saeen GM SYED interview.

Interviewed by: Institute of human rights - Published in monthly Sanjah 

Sindh And Sindhu

Click image to large.
ثقافت، سياست ۽ عوام
زلف پيرزادو 

سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻولي، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان ڪيتري محبت ڪن ٿا. ان جو اندازو انهن اڌوري تاريخ پڙهيل وڏن صحافين کي ضڙور ٿي ويو هوندو.
اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جو قومپرست ۽ وفاق پرست پارٽين سميت عوام ثقافت جي معاملي تي هڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ بيروزگاري، بدامني ۽ بدحالي عروج تي آهي، ماڻهو اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان آهن مسڪين والدين بک کان بيزار ٿي ٻچا وڪڻي رهيا آهن پر انهن بنيادي ۽ اهم مسئلن تي به ڪڏهن اهڙو منظم احتجاج نه ٿي سگهيو آهي جهڙو ثقافت تي ”چٿر“ ڪرڻ خلاف ٿيو آهي ماڻهن کان بک بيروزگاري ۽ مهانگائي به وسري وئي آهي. پنهنجي ثقافت سان محبت جو اهڙو مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. اسان جي ته دلي خواهش آهي ته هي اتحاد نه صرف قائم رهڻ گهرجي پر اڃا به سگهارو ٿيڻ گهرجي. جنهن ذريعي صرف هڪ ڏينهن نه پر هميشه پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪبو رهجي ان سان گڏ مسڪين ماڻهن ۽ قوم جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ بهجدوجهد ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجي ٻولي، تاريخ، ثقافت ۽ ڌرتي سان محبت جي معاملي ۾ انتهائي حساس آهيون. ان ڪري ٻين قومن جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي به عزت ڪندا آهيون. سو اهڙي فراخدليءَ جو هر ڪنهن کي مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اڄوڪي ڏهاڙي تي سنڌي قوم متحد ٿي پنهنجي ثقافت سان محبت جو مظاهرو ڪري دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌي قومي مسئلن تي متحد آهن. اسان جي راءِ ته اها آهي ته سياسي ۽ قومپرست ڌرين کي هاڻي عوامي مسئلن جي حل لاءِ به وک وڌائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ثقافت تي چٿر ٿي آهي جڏهن ته اسان کان وسيلا کسجي ويا آهن. حڪمرانيءَ جو حق کسيو ويو آهي بيروزگاريءَ سبب اسان جا پڙهيا لکيا نوجوان ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ خودڪشيون ڪري رهيا آهن. مائرون بک کان بيزار ٿي ٻچا وڪڻي رهيون آهن. زندگي ۽ موت جهڙن مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ به اسان کي اول آخر اهڙي ئي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اڄ به اسان جي ثقافت جا ساکي قومي ڪارڪن کنڀجي وڃن ٿا، جن بابت ڪو ٻڌائڻ لاءِ به تيار نه آهي ته اهي ڪاٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن؟ وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ڪڏهن جسقم جي سڏ تي ته ڪڏهن عوامي تحريڪ جي آواز تي لبيڪ چئون ٿا پر ڪوبه اسان جي رڙ واڪو ٻڌڻ ۽ ورنائڻ وارو نه آهي. شهر اڻ اعلانيا طور کسيا ويا آهن.
سنڌ جي تخت گاهه وارن درسگاهن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ داخلا جا دربند آهن. مختلف ادارن ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو ته روزگار ڪري رهيا آهن پر ڌرتيءَ ڌڻي بيروزگاريءَ کان بيزار ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. اهي ذڪر ڪيل مسئلا به ثقافت سان ئي سلهاڙيل آهن. اسان جي ميڊيا کي ان ڏس ۾ به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪالاباغ ڊيم خلاف به سنڌي ماڻهن اهڙو ئي احتجاج جو مظاهرو ڪيو جو آخرڪار حڪومت کي منصوبو رد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. اسان جي راءِ آهي ته ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ به سياسي ڌرين ۽ ميڊيا کي اهڙو ئي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ مهانگائي ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي، تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائيءَ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. سو جيڪر هي ثقافت تي ٿيل اتحاد قائم رهڻ گهرجي ۽ ان تحريڪ جو رخ ماڻهن جا اصل مسئلو حل ڪرڻ طرف به موڙيو وڃي، جنهن سان ماڻهن کي زندگي به ملي ۽ کسجي ويل خوشيون به موٽي ملن. اها به سنڌي قوم جي بنيادي ضرورت آهي باقي سنڌ جي ثقافت تي چٿرون ڪندڙن تي ته اڄ واضح ٿي ويو هوندو ته سنڌي قوم جيڪا مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هجڻ باوجود پنهنجي ثقافت جي معاملي ۾ ڪيتري حساس آهي. ان ڪري دقيانوسي سوچ ۽ فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي به پنهنجي خصيص مقصدن لاءِ نه ڪنهن قدم جي ثقافت تي چٿر ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ ڪنهن جي ثقافت کي آڙ بڻائڻ گهرجي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ شهرن جي مالڪيءَ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي جيڪو هر ماڻهوءَ جو بنيادي فرض ۽ ذميواري آهي.

سيد جي سالگرهه قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ عيد جو ڏينهن :توفيق سومرو


17 جنوري سنڌ جي ان عظيم انسان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي جنهن زندگي جي آخري گهڙي تائين پنهنجي ڌرتي سان نيهن جو ناتو جوڙي رکندي ثابت قدمي سان پاڻ ملهايو ان ڏينهن کي نه صرف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان بلڪه پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي توڙي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سندس فڪري پوئلڳ ۽ همدرد خوشي جو ڏينهن ملهائيندي  کيس سندس فڪر تي روشني وجهي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن ۽ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجائيندا آهن 17 جنوري هجي يا 25 اپريل سائين جي ايم سيد جي ضلعي دادو ۾ قائم شهر سن جا روڊ رستا ڪهاڙي وارن ڳاڙهن  جهنڊن ۽ عوام جي وڏي پيهه سان ٻهڪندي نظر ايندا آهن  خاص طور تي سيد جي جنم ڏينهن وارو 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس  ٿيندو آهي جتي سيد سان محبت ۽  عقيد ت رکندڙ ماڻهن پاران سالگرهه جي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي، اڄ جي جديد دور ۾ ته سالگرهه واري ڏينهن تي انٽر نيٽ ۽ موبائيل ايس ايم ايس پڻ وڏي انگ ۾ استعمال ڪري هڪ ٻئي کي مبارڪباد جو ذريعو نڪري پيو آهي جڏهن ته سيد کي پنهنجو قومي رهبر ۽ پارٽي جو باني سمجهندڙ ڌرين پاران سن شهر توڙي ٻين هنڌن تي پڻ تقريبون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي پر ان ڏينهن تي ڪيتري ئي پوئلڳن جي پڻ اها خواهش هوندي آهي ته سن شهر ۾ هڪ ئي وڏي تقريب ٿئي، جيتوڻيڪ ڪجهه ڀيرا هڪ تقريب عملي طور تي ٿي به آهي پر پاڻ کي چڱو مڙس، سيد جو سچو پيروڪار ۽ خاص طور اسٽيج تي ويهڻ ۽ تقريرون ڪرڻ جو شوق ۽ خود غرضي جهڙن عنصرن سبب سن شهر ۾ سالگرهه توڙي ورسي جي ڏينهن ۾ جداجدا جلسا ۽ ٻيون تقريبون ٿيندي نظر اينديون آهن جن ۾ عهد وفا وچن ورجايو ويندو آهي پر قومي تحريڪ جي مجموعي توڙي پارٽين جي انفرادي ڪردار ۽ عمل تي جائزو پڻ نه وٺڻ جي برابر نظر ايندو آهي جيڪو پڻ بنيادي سوال آهي ماضي جي تجربن ۽ مستقبل کي نظر ۾ رکندي حڪمت عمليون جوڙڻ تي ڌيان گهٽ ڏنو ويندو آهي، اڄ سيد جيڪڏهن حيات هجي ها ته کيس پنهنجي فڪر جي تيزي سان ملندڙ ڪاميابي تي خوشي ٿئي ها پر سيد جي روح کي ان ڏينهن ضرور خوشي ٿيندي جڏهن سنڌ پنهنجي صدين کان قائم حيثيت هيٺ ٻيهر غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿي ويندي، اڄ ڪالهه سياست اڳ جي ڀيٽ ۾ سولي نظر اچي رهي آهي ڇو ته پرنٽ بعد اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تيز رفتار ڪردار سبب سياستدانن جو موقف منٽن نه پر سيڪنڊن ۾ رڳو ڪارڪنن تائين ئي  نه بلڪه پوري دنيا جي ماڻهن تائين پهچي ويندو آهي جيتوڻيڪ اڳ جي اصولن ۽ سچائي واري سياست جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ڪوڙ، ٺڳي، فنڪاري، لفاضي، ۽ لفظن جي جادوگري واري سياست ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي سياست، عبادت بجاءِ اڄ ڪلهه ڪاروبار بڻائي وئي آهي، سنڌ اندر سياست جا وري بنياد ئي عجيب نظر اچن ٿا، جنهن ۾ به نظرياتي سياست جي نالي ۾ مڪار سياستدانن پنهنجا مفاد ۽ بليڪ ميلنگ جو ذريعو سياست کي بڻائي ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ اڻ پڙهيل ۽ پڙهيل جاهلن جي فوج سندن پٺيان ڊوڙندي نظر پئي اچي اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد زنده هجي ها ته پوءِ سندس سنڌ جي عشق ۽ آزادي وارو پيغام عام ماڻهن جي وڏي حصي تائين ميڊيا جي تيز رفتار ذريعن سبب پهچي وڃي ها جيڪو اڃان تائين 50 سيڪڙو به ناهي پهتو، سائين جي ايم سيد کي تقريبن 30 سالن تائين قيد ۽ نظر بندي ۾ رکيو ويو، جنهن سبب ان جو فڪر عام ماڻهن تائين نه پهتو ۽ جن وٽ پهتو به ته اهي پنهنجي وسيلن ۽ سچائي جي بنياد تي پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ ڪي وري ان جو نالو استعمال ڪري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل پيا ڪن جيڪي گهڻي ڀاڱي هينئر ظاهر ٿيندا پيا اچن، سيد جي قوم سان عشق جي سچائي ان جي پوري زندگي ۾ سندس عملي ڪردار سان لڳائي سگهجي ٿي جنهن پيدا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ جي قتل بعد سخت ڏک ڏٺا ۽ ملڪيت هوندي به روايتي سيد گهراڻن جي مردن جي ڪردار بجاءِ هڪ سادي زندگي کي ترجيح ڏئي ڌرتي جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ واري ڪنڊن جي جدوجهد تي هلندو رهيو پر پنهنجي قول تان پٺتي نه هٽيو، جنهن سبب اڄ سندس مخالف به سچائي جو اقرار ڪري رهيا آهن پاڪستان جي قومي اسيمبلي هجي يا سنڌ جي اها صوبائي اسيمبلي جنهن پاڪستان کي ٺاهڻ واري پهرين قرار داد پيش ڪئي، اتي ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ڏاڍائين ۽ استحصال بابت هاڻي آواز جو   گونججڻ سيد جي فڪر جي پڻ ڪاميابي آهي، جنهن تي اڳ وفاق پرست پارٽين پاران مخالفت ۽ ڪفر جا الزام لڳايا ويندا هئا، هڪ ڏاهي تازو ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي پر ماءُ سان ڪجهه نافرمان پٽن جي ڪري کيس تڪليف پهچي  پئي، هر ڪنهن جو پنهنجو خيال آهي ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌ ئي پاڪستان کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي قيمت کيس ڀوڳڻي پئجي رهي آهي ۽ سائين جي ايم سيد جا دور انديشي وارا قول پڻ سچ ثابت ٿي رهيا آهن، حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته سنڌي ٽوپي پائيندڙ صدر کي به ان ئي  نشاني تي رکيو پيو وڃي جنهن نشاني تي هر هڪ سنڌي کي رکيو ويو آهي جيتوڻيڪ ان جو سائين جي ايم سيد جي فڪر سان جيتوڻيڪ ڪو به تعلق  ناهي  جنهن لاءِ هو پنهنجي هر تقرير ۾ پاڪستان کپي جا نعرا ڏئي پاڻ کي سچو پاڪستاني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر پنجاب جيڪو هن ملڪ تي اصل حڪمران ۽ قبضو ڄمايون پيو اچي ان جي ماڻهن سندس نعرن باوجود به پنهنجو شروع کان وٺي اختيار ڪيل ازلي شڪ ختم ناهي ڪيو، تازو پنجابي ۾ آصف زرداري جي  لاهور ۾ تقرير سامهون آئي آهي جنهن کان پوءِ ڏسجي ته پنجابي اسٽبلشمينٽ کيس ڪيترو ملڪ جو وفادار قرار پئي ڏئي ڇو ته هنن جي نظر ۾ سچا پاڪستاني صرف پنجابي ئي آهن انهن لاءِ نه ڪو سنڌي نه ڪو اردو نه ڪو بلوچ ۽ نه ڪوئي پشتو زبان ڳالهائيندڙ آهي ملڪ جي ٺهڻ کان پوءِ هاڻي تائين مظلوم قومن ۽ صوبن سان پنجاب جو رويئو هينئر ماڻهن کي سمجهڻ ۾ اچي رهيو آهي اهو سيد جي نظريي جو ڪمال آهي ته  جنهن  پاڪستان ٺاهڻ کان پوءِ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو ته هو ته پنجابي اسان يا ٻين مظلوم قومن سان سچا ٿيندا ئي ڪونه سندن مان سچائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي  برابرمثال آهي، سنڌ سان تعلق رکندڙ صدر هجي توڙي ڪو ٻيو عام اختيار رکندڙ ماڻهو جيستائين حقيقي انداز ۾ سنڌ سان ٿيندڙ استحصال ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ عملي طور تي ڪردار ادا نه ڪندو تيستائين سنڌي هجڻ يا نه هجڻ جي خوش فهمين ۾ نه پوڻ گهرجي ڇو ته ماضي اهڙن  ماڻهن سان ڀريل آهي جن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري سنڌ کي ڪجهه به ناهي ڏنو نتيجي ۾ اڄ سندن مقرر ڪيل پاڻي جي 1991 واري ٺاهه تي به عمل نه ٿو ٿئي سنڌ درياهه سوڪڙي جو شڪار ٿي ويو آهي پر انهن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري ٺٽي ۽ بدين جي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب زمين سمنڊ حوالي ٿي رهي آهي ۽ هينئر جنهن اين ايف سي ايوارڊ کي سنڌ جا اڪثر ماڻهو سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪو خاص عمل نه سمجهي رد ڪري چڪا آهن ان تي عمل جو باقي ڪيترو انتظار ڪجي اهو ايندڙ وقت تي ڇڏيون ٿا، سنڌ ساڳئي سورن ۾ رهندي پئي اچي انهن سورن جي خاتمو سائين جي ايم سيد سنڌ جي اڳوڻي آزاد ۽ خودمختيار واري حيثيت پڻ ٻڌائي چڪو آهي ۽ واضع ڪري چڪو آهي ته اسان غلام آهيون ۽ غلامي جو بدترين مثال موجوده سنڌ جي ماڻهن جي حال مان لڳائي سگهجي ٿو،
ملڪ، صوبي، شهر، قوم، ذات جي ماڻهن سان محبت ۽ پيار هڪ قدرتي ۽ فطري عمل آهي جنهن کي اسلام ۾ به هڪ حد تائين اجازت ڏني وئي آهي، پر ان کي تعصب ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻين قومن جي ماڻهن جا حق صلب ڪرڻ پڻ ظلم آهي، ڏاها چئي ويا آهن ته ظلم ڪرڻ ۽ ظلم سهڻ هڪ جيترو گناهه آهي، هينئر باشعور ماڻهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ظلم ڪرڻ ۽  ظلم سهڻ جي چڪر مان نڪري سائين جي ايم سيد جي ڪردار وانگر پنهنجي ڌرتي سان سچي عشق ۽ ان جي ترقي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ٿا ڪن، اهو هر ڪنهن جي ضمير تي ڇڏجي ته بهتر آهي، ڇو ته هن دور ۾ ڪنهن به ٻي ماڻهو جي گرنٽي ڪو ٻيو ماڻهو نه ٿو ڏئي سگهي، ڪنهن جي به اندر جي آواز ۽ سچ کي دٻائڻ وارو دور هينئر  ختم ٿي چڪو آهي، سائين جي ايم سيد کي سندس سالگرهه واري ڏينهن تي صحيح معنيٰ ۾ خراج عقيدت ايئن پيش ڪري سگهون ٿا جو ان جي ڏسيل واٽ تي صحيح  طريقي سان عمل ڪري سندن مشن کي اڳتي وڌائجي، اڄ شاعر جا اهي لفظن به سيد جي سالگرهه واري لکڻي لاءِ ذهن تي تري آيا آهن ته توکي ڏسندي ٿيو ويساهه ڄاڻي خدا سنڌ جيئندي سدا سنڌ جيئندي سدا.

ڪ صديءَ جو سٻاجهڙو ۽ اٽل انسان جي ايم سيد :حسن جوڻيجو


سنڌ جي هڪ صدي اکين ۾ سمائي، آخري پساهن تائين آزادي لاءِ جاکوڙ رکندڙ شخص جو قيد دوران عجيب منظر اهو به هوندو هو  جو جڏهن هن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري، ان کي قيد رکڻ جو  جواز پيدا ڪيو ويو تڏهن هو قيديءَ جي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ويندو هو ته اڪثر ڪري جج غائب هوندو هو ۽ جيڪڏهن جج عدالت ۾ حاضر رهندو هو ته پوليس اسڪواڊ نه هئڻ جو عذر ڏئي قيدي کي ڪورٽ نه پهچايو ويندو هو، حڪومت ۽ قيدي جي ايستائين اها راند جاري رهي جيستائين سيد جمهوريت جي نالي تي قائم ٿيل حڪومت ۾ قيديءَ جي حيثيت سان آخري پساهه پورا نه ڪيا سيد جيڪو پاڪستان جي جنم لاءِ جاکوڙيندڙ پهريون ننڍڙي عمر جو سياستدان هو جنهنجي ڪوششن سان سڀ کان پهريائين قرارداد پاڪستان سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي وئي، پر پاڪستان جي جنم وارن واعدن جيان، قرارداد پاڪستان جو مينار وري لاهور جي هڪ ميدان تي ٺاهيو ويو جتي پاڪستان جي قرارداد ڪڏهن پاس نه ڪئي وئي هئي پر لاهور جي ڀاڳ سان لاڙڪاڻي جي ڀيٽ ڪرڻ هن خدادا مملڪت ۾ ته ممڪن ئي ڪونهي ۽ ان لاهور جي لاڏلي راجه رجيت سنگهه جنهن کي پنجاب جو سابق وزير اعليٰ حنيف رامي پنهنجي ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ ۾ قومي هيرو ڪري پيش ڪري ٿو، پر سنڌ ان کي اڄ به انگريز سامراج جو دلال ۽ ڀاڙيتو سمجهي ٿي، جنهن خلاف سنڌ جي پير پاڳاري جنگ جوٽي ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي پر گهڻين سازشن ۽ ڪيسن داخل ڪرڻ جي ڪوششن کان پوءِ انگريز سامراج ان مٿان به بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو پر سيد جي ڪيس جيان سورهيه بادشاهه تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ان ڪيس جي شاهدن کي ڀرپور رعايتن سان نوازيو پر انگريز خوف سبب انهن کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ جڏهن سورهيه بادشاهه تي ڪيس هلايو ويو ته ان مسلمان وڪيل جي گهر ڪئي، جيڪا به سرڪار ڪنهن به صورت ۾ پوري ڪرڻ کان انڪاري هئي. جنهن کان پوءِ شاهدن کي جڏهن شاهدي لاءِ آندو ويو تڏهن به شاهدن ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ پردو ڏنو ويو ڇو ته سورهيه بادشاهه جو انگريزن تي ايترو ته خوف طاري هو جو انهن کي خطرو هو ته متان سورهيه بادشاهه کي ڏسڻ سان ئي شاهد شاهدي نه ڏئي سگهن ۽ پوءِ جڏهن سورهيه بادشاهه کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ته ڏني وئي پر ڦاهيءَ کان پوءِ کيس دفنائڻ جو وڏو مسئلو ٿي ويو انگريزن کي انهيءَ سوچ اچي پريشان ڪيو ته سورهيه بادشاهه جي ڪٿي به مزار ٺاهي وئي ته اتي هزارين لکين مٿي ڦريا حر ڪٺا ٿيندا ۽ وري انهن ۾ آزاديءَ جي سوچ سگهاري ٿيندي ۽ انگريز خلاف هو پنهنجي مزاحمت جاري رکڻ پنهنجو فرض سمجهندا ۽ جيئن ته پاڪستاني رياست به انگريزن جي قانون جو نعملبدل آهي تنهن ڪري هن رياست کي به سائين جي ايم سيد مان سورهيه بادشاهه جيترو ئي خوف ۽ خطرو رهيو، جنهن ڪري هو هر صورت ۾ سيد کي قيد ۽ نظربند رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ آخري وقت ۾ به کيس ٻاهرئين ملڪ علاج جي اجازت نه ڏني وئي پر سيد جي وصال کان پوءِ سن ۾ قائم ٿيل مزار تي لکين سندس سرفروش قومي ڪارڪن سالگرهه ۽ ورسيءَ جي ڏهاڙي تي ڪٺا ٿي نئون اتساهه وٺندا ۽ نئين جذبي ۽ جوش سان جاکوڙ جا وعده ۽ وچن ڪندا آهن قيد دوران سيد جي لاڏاڻي تي بي بي سي جي نمائندي سن جي منظر ڪشي ڪندي چيو هو ته اتي هزارين نوجوان ان هڪ صديءَ جي جهور پوڙهي جي وڇوڙي تي اهڙو ته ماتم ڪندا رهيا جو ڄڻ سندن پيءُ گذاري ويو هجي، حالانڪه هن جا هم عمر ماڻهو تمام گهٽ هئا پر گهٽ عمر جي ماڻهن جو اهو سڀ کان دنيا ۾ وڏو انبوه هو جيڪو پاڻ کان وڏي عمر جي ماڻهو لاءِ ائين ماتم ڪندو رهيو بي بي سي جي نمائندي کي ڪهڙي خبر ته سيد رڳو سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو پرجهلو ۽ ڇپر ڇانو نه پر پيءُ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اهڙو ته سٻاجهڙو ۽ جبل کان مضبوط شخص هو جيڪو هڪ طرف رياست لاءِ هڪ شخص چئلينج هو ۽ ٻئي طرف سيد جي بنگلي کي سنڌ جا قومي ڪارڪن پنهنجو گهر سمجهي نه صرف بغير ڪنهن کٽڪي جي رهڻ ايندا هئا بلڪه اچڻ کانپوءِ استعمال به ڪندا هئا گهڻو سفر ريل جو هئڻ ڪري سياري جي راتين ۾ هڪ بجي ڪڏهن ٻي ۽ ٽي بجي به ريل اچي سن اسٽيشن تي رڪبي هئي پر قومي ڪارڪنن کي اها ڳڻتي ڪو نه هوندي هئي ته بنگلي تي ماني ۽ هنڌ ڪير ڏيندو پر جڏهن ۽ جهڙي وقت به پهچندا هئا ته سياري جي پاري واري رات ۾ به سيد قومي ڪارڪنن جي سار لهڻ لاءِ پاڻ گهران نڪري اچي پڇا ڪندو ته سڀني ماني کاڌي آهي يا نه ۽ سڀني کي جدا، جدا بسترو مليو آهي يا نه ۽ پوءِ گهر هليو ويندو هو رات جو ڪيترائي ڀيرا پاڻ اچي ڪارڪنن تي هڪ محافظ ۽ ماءُ جيان ڏسندو ته ڪنهن تان سوڙ يا رلي ته نه لٿي آهي اها سڌي ڪندو ڪنهن کي ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ناهي رهي، راتين جو قومي ڪارڪنن جي جاڳي تيمارداري ڪرڻ ۽ ڏينهن جو انهن سان گڏ ماني کائڻ ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن جا مختلف انگل پيءُ جيان مڃڻ هر قيد مان آزاد ٿيندڙ قومي ڪارڪنن کي اجرڪ ڏيڻ ۽ خرچي ڏيڻ ۽ هر قومي ڪارڪنن کان پنهنجي تر ۽ آس پاس جا احوال وٺڻ ۽ بغير اميري غريبيءَ جي فرق کانسواءِ سڀني جو هڪجهڙو خيال رکڻ ڪو سيد کان سکي هو جيڪو ايڏو ته ٻاجهه ڀريو شخص هو جيڪو هر قومي ڪارڪنن جو انگل ته پورو ڪندو هو پر ڪيترائي ڪارڪن جڏهن واپسيءَ لاءِ سيد کان  ڪرايو گهرندا هئا ته هو انهن کي ڪرايو به ڏيندو هو پر هو هن رياست اڳيان ايڏو ته اٽل هوندو هو جو ڪنهن شاعر چواڻي ته ٽڪر سان آ ٽڪر پنهنجو ٽڪر بڻجي رهڻو آ، ضيائي مارشلا جي اونداهي دؤر ۾ سائين جي ايم سيد جي سن ۾ سالگرهه ملهائي پئي وئي سن کي چئو طرف فوج گهيرو ڪري ورتو ۽ سيد ڏانهن نياپو ڪيو ويو ته هو ڪنهن به صورت ۾ سالگرهه ٿيڻ نه ڏيندا، سيد پنهنجي پوئلڳن کان راءِ ورتي ڪن چيو ٿيڻ گهرجي ڪن چيو سائين وڏي خونريزي ٿيندي وغيره وغيره، سيد چيو ته جن کي ساهه پيارو آهي اهي سن ڇڏي وڃن هاڻي يا سالگرهه ٿيندي يا اسانجي لاشن تي ماتم، سيد جي اٽل ارادي تي بيهندو ڏسي فوج پوئتي هٽي وئي ۽ سيد جي سالگرهه ٿي، سيد عدم تشدد جو حامي ضرور هو پر مهاتما گانڌي ۽ سيد ۾ وڏو فرق هو، مهاتما گانڌي ڀڳت سنگهه کي ڦاهيءَ جي سزا ملڻ تي ڪو احتجاج ته نه ڪيو پر ڪو مذمتي ٺهراءُ به پاس نه ڪرائي سگهيو جڏهن سورهيه بادشاهه کي انگريز سرڪار ڦاهي ڏئي رهي هئي تڏهن به گانڌي انگريز سرڪار سان ميٽنگون پئي ڪيون پر سيد ته پنهنجي قومي ڪارڪنن جي نه صرف تحفظ پئي ڪيو پر اڪثر روپوش ٿيندڙ ڪارڪن سن کي ئي پنهنجو محفوظ جڳهه سمجهي رخ ڪندا هئا حيدر شاهه جڏهن جڏهن شيرين سومرو جي واقعي ۾ فوجين کي مارڻ جي الزام ۾ روپوش ٿيو ته سيد سندس رهائش جو رني ڪوٽ ۾ بندوبست ڪيو ويو پر هي اتان کسڪي نڪتو ۽ پوءِ گرفتار ٿيو اهڙا ڪيترائي ماڻهو سيد جي قافلي ۾ آيا ويا ۽ پوءِ سيد جي شخصيت تي سنگ زني ڪندا رهيا پر شيخ اياز جي چواڻي ته بڙ تي ڦوسڙي ويهي بڙ کي چيو بڙ هوشياري ڪجاءِ مان هاڻي اڏاءِ ٿي بڙ چيو هل ڙي ڦوسڙي تون جهڙيون ڪيئي ئي ڦوسڙيون آيون ويون آءُ اتي ئي بيٺو آهيان واقعي شيخ اياز سيد لاءِ ڏاڍو سچ لکيو هو ته ”شخصيتون تاريخ جا پير ٿينديون آهن جيڪي تاريخ کي اڳتي وٺي وينديون آهن جيڪڏهن روس ۾ لينن پيدا نه ٿئي ها ته روس جو انقلاب ڪيترو ئي وقت پوءِ اچي ها، جيڪڏهن ويٽنام ۽ ڪيوبا ۾ ڪامريڊ هوچي ۽ فيڊرل ڪاسترو پيدا نه ٿئي ها ته ڪيوبا ۽ ويٽنام جي اها صورتحال نه هجي ها پر جي سنڌ ۾ جي ايم سيد پيدا نه ٿئي ها ته اڄ جي سنڌ دولهه دريا خان واري سنڌ نه هجي ها، جي ايم سيد مذهبي جنونيت تي ڪاري ضرب هڻڻ لاءِ جيئن ڏٺو آهي مون“ جهڙو شاندار ڪتاب لکي حيدر شاهه سنائي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ پيغام لطيف جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي ڀٽائي کي مذهبي مرشد ۽ديوتا  مان انقلابي بڻائي ان کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪري سنڌي قوم تي اهڙو وڏو احسان ڪري ويو، سنڌ جا سورما سميت سنڌوءَ جي ساڃاهه يا سنڌ ڳالهائي ٿي جهڙا ڪتاب لکي سنڌ جي غلامي آزاديءَ جي راهه جا سڀ رستا به ڏسي ويو انگريز سامراج ۽ پاڪستاني رياست جي هر جبر ڏاڍ گرفتارين، تشدد ۽ ٽارچر سيلن ۾ سالن تائين قومي ڪارڪنن کي قيد رکڻ کانپوءِ به هڪ ته سن ۾ لکين سنڌ جي آزاديءَ جا مست گڏ ٿين ٿا ۽ ٻيو سورهيه بادشاهه جي مرڪز پير جي ڳوٺ ۾ اڄ به لکين حر گڏ ٿين ٿا تشدد، ڏاڍ، ڏهڪاءُ آزادي جي پانڌيئڙن کي قيد ته ڪري سگهي ٿو پر آزادي جي آواز کي روڪڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي.

جي ايم سيد جو نظريو ۽ اڄ جي عالمي صورتحال :علي نواز ٻٽ

هي دنيا ارتقا جا ڪيئي مرحلا طئه ڪري موجوده شڪل تائين پهتي آهي ۽ اڃا به ارتقا جي اصولن موجب ترقي ڪندي رهندي.
دنيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي ۾ انساني ضرورتن/گهرجن ۽ خود انسان جي ذهني اوس جو اهم رول رهيو آهي، انساني سماج جي ابتدائي مرحلن کان پوءِ هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن سوچ رکندڙ، ، ڪنهن ”پيغمبر خدا“ ڪنهن فيلسوف ۽ ڪن حالتن ۾ ڪن سپهه سالارن يا ڪنهن بادشاهن جي سوچ، پلاننگ ۽ عمل جو ڏنل پئي رهيو آهي.
دنيا جا سائنسدان هن نتيجي تي پهتا آهن ته موجوده دنيا کي ڪيئي ڪروڙ سال گذري چڪا آهن، انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون، عروج کي پهتيون ۽ جنگين، طوفانن ۽ ٻين سببن جي ڪري زوال پذير ٿي ويون.
اسان تاريخ جا ورق ورائينداسين ته معلوم ٿيندو ته سنڌ هزارن سالن کان آهي، سنڌ جي تهذيب اعليٰ درجي جي رهي آهي، ايجاد جا بنياد سنڌ مان ملن ٿا، بيل گاڏي جو ڦيٿو، ڪپڙي جو آڏاڻو، مورتيون، زندگي گذارڻ جا جديد طريقا، گريٽ باٿ، مارڪيٽ، ان جا گدام، رهڻ جون آرام ده جايون، بازارون، پاڻيءَ جا کوهه، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا ذريعا وغيره.
آخرڪار ههڙو شاندار ملڪ، ڪيئن پٺتي پئجي ويو؟ انهيءَ جو جواب خود سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جيڪا ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهي هئي ان جي انهيءَ رستي ۾ بار بار رڪاوٽ پيدا ڪئي وئي، اها رڪاوٽ آهي ”قومي غلامي“ سائين جي ايم سيد جنهن سورنهن سالن جي ڄمار کان سنڌ جي سياست ۾ پير پاتن ۽ خلافت تحريڪ کان جيئي سنڌ محاذ تائين سياست جا مختلف گس ۽ پيچرا ڀيٽيا ۽ دنيا جي مختلف علمن جو اڀياس ڪيو ته بار بار سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي پر ان جو نتيجو نٿو اچي، سائين پنهنجي سياسي جدوجهد۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، 1940ع جي قرارداد، پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ صوبائي خود مختياري، حق خود اختياري، قومي خودمختياري (فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن) جي سوالن کي کڻي جدوجهد ڪندا رهيا، 1972ع ۾ اهڙو موڙ آيو جتي پاڻ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سنڌ جي مسئلن جي حل نه ٿيڻ ۾ سنڌ جي غلامي ان جو مکيه سبب آهي، ان ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو نظريو ڏنو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي.
غلامي قومن جي ارتقائي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، طاقتور ملڪ جيڪي پنهنجن مفادن خاطر ٻين ملڪن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ويهن ٿا اهي انهن جي هر شئي جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا، اهي امن امان جو مسئلو اٿاري مظلوم قومن جو رت چوسين ٿا، اهي غلام بڻايل ملڪ جا پئسا ڦري کڻي وڃن ٿا، ايئن جيئين ايف ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جا پئسا وفاق ۽ پنجاب کڻي وڃن ٿا ٻيا بقول سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه جي ته ”سنڌ اندر 80 لک ماڻهون ٻين صوبن جا ۽ 40 لک ماڻهن ٻاهرين ملڪن جا رهن ٿا، جيڪي به پگهارن، واپار ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ اربين رپيا ناڻو سنڌ کان ٻاهر موڪلين ٿا، نتيجي طور سنڌ بدحاليءَ جو شڪار آهي،  سنڌ جي پئسن سان پنجاب ۾ ترقي ٿئي ٿي، ظاهر آهي سنڌ وٽ دولت نه هوندي ته سنڌ ۾ تعليم عام ٿي نه سگهندي، صحت گهر بهتر ٿي نه سگهندا آبپاشيءَ جو نظام بهتر ٿي نه سگهندو، اهڙي صورت حال ۾ سنڌ ترقيءَ جون ڪي به منزلون ماڻي نٿي سگهي. جيستائين سنڌي قوم جي وجود جو سوال آهي ته اهو به سنڌ جي آزاديءَ سان وابسطه آهي، ڇو ته غلام معاشرن ۾ ڌاري آباد ڪارين کي ڪا به روڪ ٽوڪ يا پابندي نه هوندي آهي، ڇو ته اهي نوان آبادڪار يا ته قابض ملڪ سان تعلق رکندڙ هوندا آهن يا وري اهي دنيا جي ٻين غريب ملڪن مان لڏائي آندا ويا هوندا آهن، جيئن آفريڪا جي اندر ڪيو ويو اهو انهيءَ لاءِ به ضروري هوندو آهي ته جيئن انهن آبادڪارن معرفت مقامي باشندن جي جدوجهد کي نقصان رسائي سگهجي، ڇو ته آبادڪارن جا مفاد حاڪم طبقن يا قابض قومن سان هوندا آهن، جيئن برطانيه پاران آئر لينڊ ۾ ڪيو ويو يا اسرائيل جي اعلان کان پوءِ فلسطينن سان ڪيو ويو يا يوگو سلواڪيه ۾ البانوي نسل جي ماڻهن کي آباد ڪرڻ سان ٿيو، يا وري ڪامريڊ لينن جي سوويت يونين ۾ بالٽڪ رياستن اندر روسي ماڻهن سان ڪيو ويو، ساڳيءَ ريت سنڌ اندر هندستان، برما، بنگال، بهار، افغانستان ۽ ايران جي ماڻهن، توڻي پنجابي سرمائيندارن ۽ بيروڪريٽس جي اچڻ سان ٿيو آهي.
سائين جي ايم سيد بار بار انهن مسئلن جي نشاندهي ڪندو رهيو پاڻ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي حق ۾ سنڌ جي ناڻي جي ڦرلٽ، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي ڪلچرل ترقيءَ کي پهتل نقصانن جا تفصيل ڏنا آهن ۽ وضاحت سان سمجهايو اٿن ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جا ڪهڙ انقصان ٿيا آهن ۽ ڪهڙن نقصانن ٿيڻ جو وڌيڪ خدشو آهي.
2009ع ۾ سنڌ جي هڏ ڏوکين سنڌ جي ڪلچرل جو ڏينهن ملهايو، سمورن سنڌين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتو ۽ گڏيل اظهار ڪيائون ته سنڌ جو ڪلچر بچايون ٿا، تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ اهڙي ريت پنهنجي هر شئي جي حفاظت لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، پر هي نه وسارڻ گهرجي ته سڀ کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ڪلچر کي تباهي کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏني ۽ پاڻ ”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب رکيائون، اهو سائين جي ايم سيد جو ڏنل شعور آهي جيڪو سنڌ واسين کي درياهه سنڌ جي پيٽ ۾ رت جا ڏيئا ٻارائي ٿو، آخرڪار سنڌ جو پاڻي ڪنهن بند ڪيو آهي؟ ۽ ڇو بند ڪيو آهي؟ سنڌو درياهه مٿان ڊئيم ۽ ڪئنال ڪنهن ٺاهيا؟ ڪنهن ڪنهن سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو؟ جڏهن وٺڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته سڀ سامان يا سڀ پاڪستاني ڀائر آهيون! جڏهن ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته پنهنجي بي چينيءَ جا قائدا ۽ قانون جوڙيا ٿا وڃن، جڏهن سنڌ تي عربن قبضو ڪيو هو ته جيڪي سنڌي مسلمان ٿيا انهن ۾ ۽ جيڪي عرب مسلمان آيا انهن جي مراعتن ۾ فرق رکيو ويو هو ۽ جيڪي مسلمان نه ٿيا انهن مٿان اهڙا ته نظريه رکيا ويا جو اهي سڄو سال ڪمائي به پيٽ ڀري نه سگهندا هئا، ڇو ته اهي غلام بڻايا ويا هئا، اڄ پاڪستان ۾ اين ايف سي بابت سنڌ جا پئسا، آباديءَ جو بنياد بڻائي پنجاب کي ڏنا ٿا وڃن، سنڌ جو پاڻي، 1960ع ۾ بنا معاهدي وڪرو ڪيو ويو، 1990ع ۾ پنجاب جي فائدي وارو معاهدو ٿيو پر انهيءَ تي به عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ 1994ع ۾ ٿيل عارضي ورهاست نامي کي زوري قانون بڻائي سنڌ جو پاڻي کنيو ٿو وڃي، اهو ضروري آهي ته اسان درياهه سنڌ جي پيٽ ۾ ويهي سنڌوءَ جي ٿڌڙي واريءَ کي پنهنجن وارن ۾ وجهون ۽ دنيا آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايون پر ان کي به واضع ڪندي، جنهن اسان جي شينهن درياهه کي سڪايو آهي ۽ ان جو مکيه سبب ڪهڙو آهي ان طرف به ڌيان ڏيون.
اڄ دنيا مذهبي جنونيت جي مخالفت ٿي ڪري ۽ خاص طور مغربي دنيا کي مسلم مذهبي جنونن کان خطرو آهي! سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ دنيا کي آگاهي ڏئي اڄ اهو سچ سڀن جي سامهون آهي، سائين انهيءَ کان پوءِ مذهبي جنونيت ۽ ملائيت خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي ننڍي کنڊ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، سندس ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ شايع ٿيو ته سيد صاحب مٿان ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون، جن قوتن سيد صاحب مٿان ڪفر جون فتوائون ڏياريون انهن کي هاڻ، ڪنهن مسجد کي ڊاهڻ ثواب سمجهه ۾ اچي ٿو، پر سيد صاحب پنهنجي مشن جاري رکي ۽ سنڌوءَ جي ساڃاهه ۾ دنيا جي سمورن مذهبن جو مقصد لکي ملائيت ۽ پنڊتن کي انساني ترقي جو دشمن سڏيو، سيد صاحب واضع ڪيو ته سمورا مذهب انسانيت جو درس ڏين ٿا، انهن جو اقتدار ۽ حڪومت سان تعلق نه آهي ۽ نه هجڻ گهرجي، ڇو ته جيڪو مذهب انسان دوستي ۽ حق ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو اهو حڪمراني ۾ شامل ٿي، صرف هڪ طبقي يا صرف ڪنهن خاص قوم يا نسل جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو، جيئن پاڪستان ۾ قومن جي وجود کان انڪار ڪري، مذهب کي بنياد بڻائي، مذهبي رياست جو ڍونگ رچائي ڪيو پيو وڃي، هاڻ ته پاڪستان جا حڪمران به چون ٿا ته پاڪستان کي مذهبي جنونين مان خطرو آهي ۽ ان هن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هنن اترين علائقن ۾ جنگ شروع ڪئي آهي! ٿيو، ”دير آيو درست آيو“ پر سوال آهي ته پاڪستان جا حڪمران پنهنجو اسلامي رياست وارو نالو ته تبديل ڪن، پر اهي في الحال اهو ڪندي ڏسڻ ۾ نٿا اچن.
هي دنيا مڃي ٿي ته دنيا جي ترقي ۾ مذهبي جنوني رڪاوٽ بڻيل رهيا آهن، جيستائين يورپ ۾ ڪليسا جو قبضو هيو اوستائين يورپ دنيا اندر گهڻو پٺتي پيل هو، پر يورپ جي اڪابرن سڀ کان اڳ ۾ ڪليسا کي حڪومت مان ڌڪي ڌار ڪيو، ڇو ته مذهب سائنسي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، انهيءَ ايجادات کي خدا جي معاملن ۾ دخل برابر سمجهيو ٿي، يورپ ۾ اڳ ۾ حاڪم جو مذهبي سربراهه هجڻ ضروري هيو، پر وڏي جدوجهد سان هنن ڪليسا کي حڪمرانيءَ کان ڌار ڪيو، نتيجي ۾ هنن، ايجادون ڪيون، ترقي ڪئي۽ اڳتي هلي سرمائيدارانه مفادن خاطر دنيا کي ڳيجهو بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جا حڪمران جيڪي افغان جنگ ۾ شريڪ رهيا ۽ هاڻ پنهنجي ملڪ ۾ جنگ وڙهي رهيا آهن، انهن پنهنجا مذهبي بنياد ڦٽا نه ڪيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هي جنگ ختم ٿيڻ مشڪل ٿي لڳي، هي ڳالهه مڃڻي پوندي ته جيڪڏهن يورپي ملڪن پنهنجي حڪومتي نظام مان ڪليسا کي بي خدل ڪيو هيو پر ڪن سرمائيداراڻن مفادن خاطر هنن پنهنجي بنيادن تي اسرائيل کي قائم رکيو ۽ اڄ تائين ان جي مدد ڪن ٿا ۽ خود پاڪستان کي به پنهنجن مفادن خاطر ٺيڪو ڏيندا رهيا، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جنهن جي نشاندهي سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ڪئي هئي، ته مذهبي بنياد پرستي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ان جا نتيجا ڀوڳيندو. موجوده حالتن ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب اها ڳالهه ڪري ٿو ته پاڪستان عوام جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو پر انهيءَ کي مذهب جي بنياد تي هلايو ويو، اها ڳالهه به سيد صاحب جي نظرئي جي فتح آهي ۽ هاڻ وقت اچڻو آهي جڏهن اهو به قبول ڪيو ويندو ته پاڪستان ۾ شامل قومن جا حق کسيا ويندا رهيا آهن. اڄ سنڌ تڪليف ۽ مصيبتن ۾ آهي انهيءَ ڪري ته سنڌ جي ارتقا ۾ غلامي رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ وقت به ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جا مذهبي بنياد ڪنهن به ريت درست نه آهن ۽ سنڌ جي غلامي فطرت جي خلاف آهي.

www.awamiawaz.com

سائين جي ايم سيد جي جدوجهد عبدالخالق جوڻيجو

جي ايم سيد پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه سياسي اڳواڻ رهيو آهي. اهو ان ڪري ته هو ماڻهوءَ کي يا موقعي کي ڏسي ڳالهه نه ڪندو هو پر هر وقت، هر هنڌ، هر صورتحال ۾ ۽ هر ڪنهن جي سامهون سچ چوندو هو.
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،
۽ ان ڳالهه تي سڀ ماڻهو، دوست دشمن، حامي توڻي مخالف، متفق آهن ته هو سچ ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن جي گهڻائي ان ڳالهه جو به اظهار ڪري ٿي ته اها سندس ”خامي“ آهي ۽ هڪ لحاظ کان انهن جي اها ڳالهه درست به آهي ڇاڪاڻ ته سياست ۾ خاص ڪري پاڪستان جي سياست  سچ ڳالهائڻ خطري جو سودو ته آهي ۽ واقعي به پاڪستان ۾ ۽ سنڌ ۾ سياستدان ماڻهوءَ جو منهن ۽ حالتن جي نزاڪت ڏسي ڳالهه ڪندا آهن هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪئي ته ٻئي ڏينهن ٻي ڪندا. هڪ هنڌ هڪڙي ڳالهه جي حمايت ڪين ته ٻئي هنڌ ساڳي ڳالهه جي مخالفت ڪندا. ۽ اهي ”ڪامياب“ ليڊر سڏجن ٿا. وري جنهن ۾ اها ”خوبي“ جيتري وڌيڪ رهي آهي اهو اوترو ”وڏو “ سياستدان سمجهيو ويو آهي.
اها به حقيقت آهي ته جي ايم سيد رڳو سياستدان ڪو نه هو پر هو هڪ مدبر ۽ دانشور به هيو ۽ دانشور جي سڀ کان وڏي خوبي اها هوندي آهي بلڪ ائين چئجي ته ان جو فرض هوندو آهي ته هر صورت ۾ سچ چوي ۽ سچ جو ساٿ ڏئي. سچ چوڻ سان بحيثيت سياستدان جي ايم سيد جي مقبوليت کي جيڪو ”نقصان“ پهتو ته ان کان گهڻو وڌيڪ فائدو بحيثيت دانشور، سندس سچ ڳالهائڻ سان سنڌي قوم، سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن کي ٿيو آهي. نه رڳو ايترو پر خود سچ کي به فائدو ٿيو ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهن کي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ سولو ٿيو ۽ ان سان ماڻهن جو سچ ۾ اعتماد وڌيڪ پختو ٿيو. هونءَ به سياڻن جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن توهان مان هر ماڻهو خوش آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان زندگي  ۾ تمام گهڻا ٺاهه (compromises) ڪيا آهن.“
سچ جي سڀ کان وڏي پرک اها هوندي آهي ته اهو نه صرف ٻين جي باري ۾ پر پنهنجي لاءِ به ڳالهايو وڃي ۽ نه رڳو پراون لاءِ پر پنهنجن بابت به چيو وڃي. سيد پنهنجو پاڻ کي به سچ چيو ۽ پنهنجي باري ۾ به سچ دنيا کي ٻڌايو ته پنهنجي ”محبوب“ جي باري ۾ به سچ ڳالهايو جيڪا ڳالهه هڪ روايتي انسان جي وس کان ٻاهر آهي. اها ته هر سنڌ واسيءَ کي خبر آهي نه ته سيد جو محبوب ڪير هيو؟ ها، سونهاري سنڌ.
پنهنجي باري ۾ ايڏو ڪڙو سچ ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجي شخصيت جو اهڙو بي رکاڻو تجزيو ڪيائين جهڙوڪو ورلي ماڻهو سگهندو. پاڪستان جي ٺهڻ لاءِ جدوجهد سندس زندگيءَ جي پهرئين اڌ جو سڀ کان وڏو ”ڪارنامو“ هو. پر پوءِ جڏهن احساس ٿيس ته چيائين ته اها منهنجي زندگيءَ جي عظيم ترين غلطي  هئي ۽ پوءِ زندگيءِ جو پهريون اڌ حصو پنهنجي ان عمل کي ننديندو رهيو. ٻين جي طرفان ڪيل تنقيد برداشت ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر پاڻ پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪرڻ مشڪل تر ڪم آهي. سيد اهو نهايت آسانيءِ سان ڪندو هو. جڏهن سندس سامهون ون يونٽ ٺهرائڻ جي حوالي سان محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشديءَ تي تنقيد ڪئي ويندي هئي ته چوندو هو ته ”کهڙي ۽ راشديءِ ون يونٽ ٺهرايو پر مون ته پاڪستان ٺهرايو، ٻڌايو ته ڪنهن جو ڏوهه وڏو آهي.“ ان تي هڪڙي دفعي مون چيومانس ته ” سائين! ائين برابر آهي پر هڪڙو وڏو فرق آهي ٻنهي ۾ .... توهان پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ قوم کان معافي ورتي جڏهن ته هنن ائين ڪو نه ڪيو“ پنهنجي ڪيل ان ڏوهه جو اظهار، اقرار ۽ اعتراف هنن لفظن ۾ ڪندو رهندو هو ته ”مان جيڪو هيترو ڊگهو قيد ۽ نظر بندي گهاري رهيو آهيان اها ڪيل ڏوهه جي (فطرت جي طرفان) سزا آهي.“
نه رڳو هن زباني طور پنهنجي غلطيءَ کي تسيلم ڪيو پر عملي طور پنهنجي باقي سموري زندگي ان غلطيءَ جي ازالي جي ڪوشش ۾ گذاري ڇڏيائين. ۽ اهو سندس زباني اعتراف ۽ اها سندس عملي جدوجهد ئي هئي جنهن جي ڪري سنڌي قوم نه رڳو کيس معاف ڪري ڇڏيو پر کيس پنهنجي رهبر جي حيثيت ڏني.
اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جي ايم سيد سنڌ سان ۽ سنڌي قوم سان ڪيتري محبت ڪندو هو ۽ اهو به اسان ڄاڻون ٿا ته محبت ٿي وڃڻ کان پوءِ انسان کي محبوب ۾ رڳو خوبيون ۽ چڱايون نظر اينديون آهن ۽ خامين ۽ ڪساين تي نظر ئي نه ويندي آهي پر جي ايم سيد اتي به حق سچ جو رستو ورتو. هڪ پاسي هن سنڌي قوم جي انهن خوبين ۽ خاصيتن کي ڳولهي ڪڍيو، اجاگر ڪيو ۽ ڇنڊي ڦوڪي دنيا جي آڏو پيش ڪيو جن سان سنڌي قوم دنيا جي مهذب ۽ روشن خيال قومن جي صف ۾ فخر سان بيهي سگهي پئي ته ٻئي طرف انهن خامين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي به چٽي طرح نشاندهي ڪئي جن جي ڪري سنڌي قوم سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي ميدان ۾ گهربل مقابلو نه ٿي ڪري سگهي ۽ ڌارين جي عددي ۽ اقتداري لحاظ کان بالادستي وڌندي پئي وڃي. سنڌ ۾ ماضي قريب ۾ اهڙا سياستدان به ٿي گذريا آهن جن مٿي بيان ڪيل چوڻيءَ مطابق هر ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هارين چيو ته زمينون توهان جون آهن ته وري ساڳئي وقت هارين سان هاڃا ڪندڙ وڏيرن جاگيردارن کي پارٽي ۽ حڪومت ۾ اهم عهدا ڏئي انهن جي هارين مٿان حاڪميت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، سنڌين کي تاثر ڏنو ته سڀ ڪجهه توهان جي پيو ٿئي جڏهن ته عملي طور پنجاب جي بالادستي ۽ ڦرلٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. اهڙن طريقن سان انهن ليڊرن کي اقتداري سياست ۾ ته وقتي طور وڏي مقبوليت حاصل ٿي پر مستقل مفادن ۽ مستقبل جي ترقيءَ جي لحاظ کان سنڌي سماج کي بي انتها نقصان پهتو. ان جي ڀيٽ ۾ جي ايم سيد جي حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ واري ڪردار جي ڪري کيس وقتي سياسي مقبوليت جي قرباني ته ڏيڻي پئي پر ان سان هو سنڌ جي ايندڙ نسلن کي قومي بقا، نجات ۽ ترقي جا گس ڏيکاري ويو. جن جو احساس وقت گذرڻ سان گڏ سنڌي ماڻهن کي ٿيندو پيو وڃي. شايد اهڙي ئي صورتحال لاءِ ڪنهن چيو آهي ته ” هڪ سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي جڏهن ته هڪڙو مدبر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي.“
ان پس منظر ۾ اڄ جي ڳنڀير صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ۽ گهڻ طرفن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿيڻ خاطر اسان سنڌين کي جي ايم سيد جي حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سچ چوڻ وارو رستو وٺڻو پوندو. ”تون مون کي حاجي چئه ته مان توکي غازي چوان“ واري روش ترڪ ڪرڻي پوندي. اسان چوندا ٿا رهون ته سنڌ جي خلاف حڪمران ۽ ڌاريا ماڻهو سازشون ڪندا ٿا رهن.“ اهو ته درست آهي ۽ ظاهر آهي ته اسان جا مخالف اسان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۽ منصوبن تي ئي عمل ڪندا پر انهن جون اهي سازشون ۽ انهن جا اهي منصوبا ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان ۾ ڪي ڪمزوريون آهن اسان ۾ ڪي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار جون ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون ته ڪي حڪمت عملين جون غلطيون به ٿي سگهن ٿيون. ڌارين جي ڏاڍاين، ٺڳين، سازشن، بالادستي ۽ ڦرلٽ تي اسان ڪافي ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو آهي. اهو درست آهي. اڃا به وڌيڪ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کپي. پر وقت اچي ويو آهي ته هاڻي اسان تصوير جي ٻئي پاسي تي به نظر وجهون. اسان پنهنجي اندروني صورتحال تي به تنقيدي نگاهه وجهون. اسان بحيثيت فرد، گروه، تنظيم ۽ بحيثيت قوم پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون ۽ پوءِ ان کي انهن قومن جي ڪردار سان ڀيٽيون جن انقلاب آندا، جن آزاديون ورتيون، جيڪي سياسي غلامي ۽ سماجي بستيءَ جي کڏ مان ڪر موڙي اٿيون ۽ اڄ نه رڳو آزاد آهن پر ترقيءِ جي شاهراهه تي ڊوڙون پائي رهيون آهن. اسان يا ته ڌارين، جابرن جي جبر، ظلم ۽ ناحق جون دانهون ڪندا آهيون ته اهڙي ڪا هوا لڳي جو اسان جا سڀ دک درد دور ٿي وڃن ۽ اسان به ترقي يافته قومن جهڙا ٿي پئون.
دنيا جي تاريخ ۾ سنڌي ڪا پهرين يا واحد قوم ڪونهي جيڪي غلام ٿي هجي ۽ جنهن کي ڌارين جي غلامي ۽ اندروني استحصال ۽ ٻنهي ڳٺ جوڙ ڪمزور ۽ ڪنگال ڪيو هجي. جيڪي به قومون غلام ٿيون آهن انهن ۾ اسان واريون يا انهن جهڙيون ڪمزوريون اچي ويون هيون تڏهن ئي انهن کي ڌاريا غلام بڻائي سگهيا. پر  پوءِ انهن پاڻ کي سنڀاليو ۽ پنهنجي قومي زندگي ۽ اجتماعي ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، پنهنجون صفون سڌيون ڪيون ۽ ڌارين غاصبن ۽ انهن جي ديسي دلالن خلاف فيصلائتي ويڙهه وڙهي ۽ پوءِ پنهنجي تاريخ ۽ ڪلچر جي بنياد تي جديد علمن جي مدد سان نئين سر قومي زندگي جي مهارت سان تعمير ڪئي.
ٻئي طرف اهي قومون جن يا ته شڪست خورده ذهنيت اختيار ڪندي حاڪمن جي خيرات تي زنده رهڻ جو رستو اختيار ڪيو يا وري ”شاندار“ ماضيءَ ۾ پناه وٺندي دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کان منهن موڙيو ۽ انهن تبديلن جي نتيجي ۾ آڏو ايندڙ چئلينجن کي پٺي ڏني اهي دنيا جي گولي تان يا ته مڪمل طور ميسارجي ويون يا ٻئي درجي جا شهري بڻجي محتاجيءَ واري زندگي گهاري رهيون آهن.
اهڙي صورتحال ۾ حق سچ جي راهه تي هلڻ ۽ قومي نجات لاءِ جاکوڙ واري رستي تي قوم جي قيادت ڪرڻ جو سڀ کان اولين فرض دانشورن ۽ ليکڪن جو هوندو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ته سنڌ جي دانشورن ۽ ليکڪن جي وڏي اڪثري پنهنجو اهو فرض نڀائي نه سگهي آهي. جيڪڏهن سياستدان ڪڏهن ڪٿي عملي سياسيت جي ضرورتن تحت ٺاهه (compromise) ڪندا به آهن ته دانشور ۽ ليکڪ واضح موقف اختيار ڪندي اڇي ۽ ڪاري جي فرق کي ظاهر ڪندا آهن ۽ سچ کي سچ ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط چوندا آهن ۽ ائين ڪندي اهي ڌاريي ۽ پنهنجي هم قوم ۾ فرق نه ڪندا آهن. جديد دور جي پهرئين انقلاب، انقلاب فرانس جي پويان ٻين عنصرن سان گڏ والٽيئر ۽ روسو جي لکڻين جو به هٿ آهي. يا وري فرانس جي ڪالونيل ڪردار جي خاتمي ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سارتر جهڙن اديبن ۽ دانشور جي ڪردار کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ساڳئي نموني الجزائر جي غلاميءَ کان آزادي ڏانهن سفر جي ڪهاڻي فرانز فينن جي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه ٿي ٿي سگهي هن سامراجي طاقت جي ڪردار سان گڏوگڏ الجزائري سماج جي اندروني صورتحال جو جهڙي نموني تجزيو ڪيو اهو ذهني ۽ عملي آزادي جي خواهشمند انسانن لاءِ نسخه ڪيميا جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي ريت حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم، حق ۽ ناحق ۽ سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ازل کان هلندڙ جنگ جي انساني تاريخ جي شايد سڀ کان وڏي معرڪي ويٽنام جي جنگ آزادي دوران انگريز دانشور  برٽرينڊر رسل جو پنهنجي ملڪ سميت سامراجي طاقتن خلاف قلمي ۽ عملي جهاد سمورن آزادي پسند انسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي.
ان لحاظ سان سنڌ جي قومي تاريخ جي هن اهم ۽ سنگين مرحلي تي نظر وجهجي ٿي ته صورتحال ڪا حوصلا افزا نظر نه ٿي اچي. اسان جا اڪثر دوست صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪرڻ کي يا ته ضروري نه ٿا سمجهن يا وري ان جي اظهار جي همٿ نه ٿا رکن. سچ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ڪوڙ جي خلاف علم کڻڻ ته ٺهيو پر اهي سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ لاءِ به تيار ناهن. اهي سچ چئي ڪنهن کي به ناراض ڪرڻ نه ٿا چاهين. اهي اجتماعي مفاد خاطر انفرادي لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿا چاهين. اهي سنڌ جي مظلوميت ۽ محڪوميت جو ته تذڪرو ڪن ٿا پر ان جي ڪارڻن ۽ ذميدارن جو ذڪر نه ٿا ڪن. سنڌ ٻاهرئين ۽ اندرئين ٻنهي طرح جي ظلم، جبر ۽ ناانصافين جو شڪار آهي جنهن  ۾ ڪيترن ئي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردارن جو حصو آهي، ان لاءِ ڪيترائي فرد، گروپ طبقا، تنظيمون ۽ ادارا ذميوار آهن پر ڪنهن جو به نالو نه ٿو کنيو وڃي. جيڪو چوي ٿو ”نه کپي“ اهو به صحيح آهي ۽ جيڪو چوي ٿو ”کپي“ اهو وڌيڪ صحيح آهي. جيڪو قتل ٿئي ٿو يا بک مري ٿو ان سان به همدردي آهي ۽ جيڪو قتل ڪري ٿو يا بک مارڻ جو سبب آهي اهو به ”قابل احترام“ آهي. جي ايم سيد جهڙا يونيورسٽيون قائم ڪرائيندڙ ۽ قلم ڪتاب ذريعي جنگ ڪندڙ به عظيم آهن ته يونيورسٽين کي تالا هڻندڙ ۽ ڪتاب ساڙيندڙ ۽ قلم ڀڃندڙ به سٺا آهن. يا وري اهڙو رويو اختيار ڪبو ته ٻاهران اچي سنڌ جي شهرن تي قبضو ڪندڙ ته سنڌ دشمن آهن پر انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ سڀ کان وڏا سنڌ دوست، سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ تي دانهون ڪوڪون ڪبيون پر انهي ڦرلٽ ۽ قبضي گيريءَ کي آئيني تحفظ ڏيندڙن جا به گيت ڳائبا.
ڪي ته ”ڏاها“ اهو به ڏس ٿا ٿين ته حڪمرانن سان هرو ڀرو جهيڙو نه ڪجي انهن جي آڏو پنهنجا ڏک سور رکجن ۽ پوءِ جيتري به ”رعايت“ ڏين اها وٺجي جڏهن ته دنيا جا سمورا ڏاها، دانشور ۽ انقلابي اهو ٿا چون ٿا ته جيڪي رعايتون وٺندا آهن اهي ڪڏهن به حق حاصل ڪري نه سگهندا آهن. ڪي ته اڃا به ٻه قدم اڳتي ويندي چون ٿا ته حق وٺڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته دنيا جو واحد سپر پاور جنهن جو گذريل 65 سالن کان ڌنڌو ئي ٻين کي غلام بڻائڻ، ٻين جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ حقن جي جاکوڙيندڙ کي قتل ڪرڻ رهيو آهي ان جي آڏو فرياد کڻي هلجي. سنڌ جي لوڪ عقل جي روشنيءَ ۾ اهو ته ائين ٿيو ته ”ڀينگ به ڪئي جهان خان، انصاف لا به هلو جهان خان وٽ.“
جڏهن ته حق سچ جي ڳالهه ۽ سنڌ جي نجات جو ذڪر جي ايم سيد جي حوالي سان ٿيندو هجي ته پوءِ ان جي چيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ، ان جي ڏيکاريل دڳ تي هلڻ ۽ ان جي قائم ڪيل ڪردار جي پوئواري ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ فرض ۽ سڀ کان اولين ذميواري انهن ماڻهن تي ٿئي ٿي جيڪي سندس پوئلڳ هجڻ جي دعوا ڪن ٿا يا ان جي نالي تي سياست ڪن ٿا (جن ۾ ليکڪ به شامل آهي) پر جڏهن عملي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته معاملو مختلف نظر ٿو اچي. انهن جي گهڻائي نه رڳو سيد جي ڏسيل رستي ۽ اختيار ڪيل ڪردار تي عمل نه ٿي ڪري پر ڪيترين حالتن ۾ قصو ان جي ابتڙ هجي ٿو. سڀ کان پهرين جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سيد پنهنجي ذات جو سنڌي سماج جو تنقيدي جائزو ورتو ۽اڇي ڪاري ۽ سچ ڪوڙ کي وائکو ڪري رکيو نه رڳو ايترو پر سچ جو ساٿ نتيجن کان بي پرواهه ٿي ڏنائين ۽ هر وقت ڪوڙ جي خلاف ڪات ڪهاڙا تيز رکيائين. پر هي همراهه پنهنجو پاڻ کي ته سچ ڇا چوندا پر سنڌي سماج ۽ ان کي درپيش مسئلن جو تجزيو ڪرڻ به گناهه ٿا سمجهن. انهن کي هر ڳالهه جي پويان ”سازش“ نظر ايندي آهي. سيد ڌارين حڪمرانن سان گڏ سنڌ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به سنڌ جي مصيتبن جو ڪارڻ قرار ڏيندو هو جڏهن ته هي انهن جي اوطاقن تي سلاميون ڀريندا آهن سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب سان ڪئي پر هي ڪتاب ساڙيندا آهن، سيد جو اصول هو ته نيڪ مقصد صرف صحيح طريقن سان حاصل ڪري سگهجي ٿو پر هتي چيو وڃي ٿو ته ”مقصد“ حاصل ڪرڻ لاءِ ”هر طريقو“ جائز آهي.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته جي ايم سيد هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال رهنما ۽ سماج ۾ تبديليءَ جو سڀ کان وڏو وڪيل هئو. جڏهن ته هي همراهه قدامت پسند ۽ تبديليءِ جا دشمن آهن. ايتري تائين جو انهن قدامت پسنديءَ کي قومپرستيءَ جو نالو ڏنو آهي جيڪا ڳالهه، جيڪا شئي، جيڪا رسم، جيڪا سوچ ۽ جيڪو عمل جيترو قديم آهي اوترو اهو سنڌ جي عظمت جي علامت ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. سيد ته تبديليءَ جو ايترو حامي هو جو سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان پهرين هن ئي نئين عالمي سرشتي جي تجويز پيش ڪئي جڏهن ته ان جي نالي تي سياست ڪندڙ سنڌ جي قومي تحريڪ کي اڃا سرد جنگ جي دائرن ۾ قيد ڪيا ويندا آهن. سيد جو چوڻ هوندو هو ته مذهبن جي اهميت ۽ افاديت به وقت سان تبديل ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي شروع ۾ انساني سماج جي ترقي لاءِ اهم هيون هاڻي انساني سماج اڳتي وڌيو ويو آهي تنهن ڪري انهن ۾ تبديلي ضروري آهي پر هي دوست جاگيرداراڻي سماج جي نشانين، انا، ڪوڙي غيرت ۽ انسانن هٿان انسانن جي تذليل جهڙن عملن کي سنڌ جي ثقافت چئي حمايت ٿا ڪن. سيد ته ايتري تائين به چيو ته پيغمبر به غلطين کان پاڪ ڪو نه هئا پر هي چوندا آهن ته جي ايم سيد غلطين کان پاڪ هئو ۽ ان جي چيل هر ڳالهه تي مذهبي تقدس سان عمل ڪيو وڃي (اها جدا ڳالهه آهي ته عمل پاڻ به ڪندا ڪونهن)  اصل مقصد اهو هوندو آهي ته اهي پاڻ کي بحيثيت ليڊر ڪارڪنن جي تنقيد کان آجو رکڻ چاهيندا آهن. اهو ائين ئي آهي جيئن ڪارل مارڪس انساني سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ تبديليءَ کي بنيادي ۽ لازمي عنصر سمجهندو هو ۽ سندس چوڻ هو ته هر شيءَ، هر ڪردار ۽ هر سوچ هر وقت تبديليءَ جي اثر هيٺ هجي ٿي. پر ان جي ڪيترن پوئلڳن کيس تبديليءَ واري سندس سوچ جي بلڪل ابتڙ ڪري پيش ڪيو. انهن چيو ته مارڪس جيڪي ڪجهه چئي ويو اهو مڪمل سچائي ۽ حرفِ آخر آهي، ان ۾ هڪ اکر جي تبديلي ڪفر آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ مارڪس سان سڀ کان وڏي زيادتي ۽ ناانصافي اها آهي ته جيڪا ڪنهن ٻئي نه پر سندس نالو وٺندڙن طرفا ڪئي ويئي.
۽ اهڙيون ناانصافيون دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان ٿينديون رهيون آهن ”پيغمبر“ پنهنجي پنهنجي دور جا وڏا انقلابي ۽ مدبر هئا اهي روايتون ٽوڙيندا هئا. انهن تي پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي به تبديل ڪري ڇڏيو. پرپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪيترا ماڻهو سندن نالي کي تبديليءَ کي روڪڻ ۽ اسٽيٽس ڪو (status quo) بحال رکڻ خاطر استعمال ڪندا ٿا رهن. نتيجو اهو ٿو ٿئي ته انهن عظيم انسانن جي عظيم جدوجهد، مدبرانه سوچ ۽ شاندار ڪردار اڄ جي انساني سماج جي ترقيءَ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪري نه ٿا سگهن. ها البته ايترو ضرور آهي ته انهن جو پاڻ کي پڪو ۽ سچو پوئلڳ چورائيندڙن جي ذاتي ترقي ضرور ٿي رهي آهي.
سو سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم انسان جي ايم سيد کي ياد ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان سنڌ جي نجات ۽ انسان ذات جي فلاح لاءِ ڏسيل رستن ۽ اختيار ڪيل طريقن کي پنهنجي سوچ ۽ عمل جا رهنما اصول بڻايون ۽ سندس ڇڏيل ڪردار کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستي جي روشني بڻايون.