جڏھن ساڍن ستن سالن جي قيد ۽ نظربنديءَ بعد مون کي پاڪستان سرڪار ٻاھر گھمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏني ته گھڻي غور ۽ فڪر بعد ملڪي سياست کان مون ھيٺين سببن ڪري ڪنارہ ڪشي ڪري طريقت (ڪلچر) جي راھه ۾ خدمت ڪرڻ جو ارادو ڪرو.(1) ملڪي حالات سياسي طرح اھڙي ڪڙيءَ تي بيٺل ھئا جو انھن جي قائم رھندي سياست ذريعي ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ڪري سگھڻ کان مجبور ھئاسون.(2) گذشته چاليھن سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ تجربي بعد معلوم ٿيو ھو ته: (الف) عوام ۾ قومي شعور پيدا ٿي نه سگھيو ھو. خواص ۾ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق، بزدلي ۽ فرض ناشناسي جون عادتون گھر ڪري ويل ھيون.سنڌ جي سياسي خودارادي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي راھه رڪاوٽون پئجي ويون ھيون، جي ظاھري طرح نه آئيني طور ڇاڪاڻ ته اسان اقليت ۾ ھئاسون ۽ نه غير آئيني طور دور ڪري سگھياسون ٿي جو نه اتحاد، نه قومي شعور ۽ نه ھمت ھئيسون. ان ڪري سياسي خلفشارن کان ڪنارہ ڪش ٿي عوام ۾ اصلاح نفس، قومي شعور، اخلاقي درستي، حب الوطني، ايثار ۽ پراپڪاري جي پيدا ڪرڻ لاءِ بزم صوفيائي سنڌ جو بنياد وجھي ڪانفرنسون ڪوٺائي مذڪوره بالا مقصدن لاءِ پرچار ڪرڻ شروع ڪيوسون.ان جي پروگرام ۾ ھڪ جزو اھو به ھو ته سنڌ جي گذريل قومي سورمن جي زندگيءَ جي قربانين جو احوال لکي نوجوانن کي سندن شاندار ماضيءَ جي ڪارنامن کان واقفيت لاءِ پيش ڪيو وڃي. ان ڪم جي سرانجاميءَ جو ڪم مختلف اصحاب تي رکيل ھو، پر بزم صوفيائي سنڌ جي تعليم کي ملڪي امن لاءِ خطرناڪ سمجھي حڪومت طرفان مون تي جولاءِ 1967ع کان دوبارہ نظربنديءَ جو حڪم جاري ڪيو ويو، ان ڪري ھڪ جاءِ تي ويھڻ سبب مون کي وقت ملي ويو ته ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ننڍڙو پمفليٽ سنڌ جي آزادي، آزاد خيالي، عزت ۽ ناموس لاءِ قربان ٿيندڙ پنجن شھيدن جي حياتيءَ تي لکي ناظرينن جي خدمت ۾ پيش ڪريان.
تي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري