Shuhda-e-Sindh


(Click Pictures to large)




!!سنڌ جي سياست تبديلي جي تلاش ۾

ملڪ توڙي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار ۽ اختيار تي بظاهر مضبوط گرفت رکندڙ حڪومت پنهنجي مدت جو سال ڏيڍ خيرن سان اچي پورو ڪيو آهي. سنڌ جي عوام جنهن اليڪشن يا ووٽن وقت وڏيون اميديون وابسطه رکيون هيون ته پيپلز پارٽي کي ملندڙ يقيني ڪاميابي سان سندن تڪليفن ۽ اهنجن ۾ ڪجھه ٺاپر اچي سگھندي ۽ اُن وقت سنڌ جي ماڻهن جي خوشيءَ جا جذبات به ڏسڻ وٽان هئا جڏهن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ مان واضح اڪثريت سان چونڊ کٽي ۽ ملڪي ليول تي واحد اڪثريتي پارٽي طور اُڀري آئي. سنڌ جا ماڻهو اڃان انهي خوشيءَ ۾ ئي مگن هئا ته سندن اميدن تي پهريون راتاهو اهو هنيو ويو ته جنرل مشرف جي غير قانوني حڪمراني جي دور ۾ سندس جو ساٿ ڏيندڙ ڌُر ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ اهم حصيدار ڪري کنيو ويو، حالانڪه سنڌ مان اڪثريتي ووٽ کڻڻ تي پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هئي پر ان هوندي به مصلحتن آڏو مجبور ٿيندي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو ويو جيڪو فيصلو ڪنهن به ريت سنڌ جي عوام جي دلين وٽان نه هو. پيپلز پارٽي جي اهڙي فيصلي کان پوءِ اهو ڪنهن حد تائين واضح ٿي چڪو هو ته سندس حڪمراني جي مدت ۾ سنڌ کي ڪو ورلي سُک جو ساهه کڻڻ نصيب ۾ ملندو. ٿيو به ائين اڄ به سنڌ ۾ اهي ئي ماضي جيان انصاف جي لاءِ دانهون آهن اُهي ئي ماڻهن جا پاڻي جي لاءِ احتجاج آهن، سنڌ جا نوجوان اڄ به بيروزگاري جي وڌندڙ راڪاس جو کاڄ بنجي رهيا آهن. ماڻهو اڄ به ائين ئي پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن جهڙي طرح اهي اڳ ڪندا رهيا آهن. انتظامي حوالي سان سنڌ جو ماڻهو اڄ به پنهنجي صوبي ۾ وارثي جي احساس ۾ ناهي اچي سگھيو. حيدرآباد بورڊ ۾ ٿيل لساني بنياد جي ڀرتين، ڪراچي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ اندرونِ سنڌ جي شاگردن جي منع ٿيل داخلا ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جهِڙا ۽ ان نوعيت جا ٻيا ڪيترائي مسئلا اڄ به ائين ئي موجود آهن جهڙي طرح اڳ جنرل مشرف ۽ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ موجود هيا. نه سنڌ جي ماڻهن جا صوبائي ليول تي ڪي مسئلا حل ٿيا آهن ۽ نه ئي وري وفاقي ليول تي پاڻي، بجلي ۽ ناڻي ۾ حق جهڙن مسئلن ۾ نا انصافين جو ڪو سلسلو رڪيو آهي مرڳو حالتن جي انتها اها آهي ته اسان جي اقتداري ايوانن ۾ نمائيندگي اڪثريت سان غير سنڌين جي حوالي ڪئي ويئي آهي سنڌ جي 22 ميمبرن واري سينٽ جي نمائيندگي مان سنڌيءَ ڳالهائيندڙ صرف 7 ڄڻا آهن جڏهن باقي 13 ڄڻا غير سنڌيءَ آهن جڏهن چونڊيل نمائندن جو تعلق ان ڌرتي سان نه هوندو ۽ اتي جي ماڻهن سان ئي انهن جو لاڳاپو يا تعلق ئي نه هوندو ته اهي ڪهڙي طرح اتي جي مسئلن کي حل ڪري سگھندا ۽ ڪهڙي طرح ماڻهن جي تڪليفن ۽ اهنجن کي سمجھي سگھندا. ڇاڪاڻ ته ماڻهن سان تعلق ۽ رابطي جو اهم ذريعو هم وطن ۽ هم زبان هئڻ ئي آهي. جهڙي طرح ڪنهن ڊاڪٽر جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو بيماري جي بهتر ۽ ڪامياب علاج جي لاءِ مرض جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ ان جي پيدا ٿيڻ جي سببن کان واقفيت رکندڙ هجي ته اهڙي طرح معاشرتي ۽ سماجي مسئلن جي حل جي ذميوار ميمبر جي لاءِ به ضروي آهي ته هو ان علائقي جو رهواسي هجي اتي جي مقامي رسم و رواجن مان واقفيت رکندڙ هجي ته جئين اُتي جي مسئلن کي بهتر نموني ڄاڻي سگھي ۽ ان علائقي جي بهتر نمائندگي جو حق ادا ڪري سگھي پر هتي ته گنگا ئي اُبتي لڳي پئي آهي هڪ ته سنڌي ميمبرن جي مسئلن کان ئي ڪن لاٽار لڳي پيئي آهي ٻيو ته جيڪڏهن وري به ڪو علائقي جو ئي ميمبر آهي ته ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن واسطي سان اُن تائين پهچيو به وڃن پر هاڻ ته مورڳو اهڙن کي سنڌ مان ميمبر ۽ سينيٽر چونڊيو پيو وڃي جيڪي اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ شايد وري ڪي ڀُلجي سنڌ ڏانهن اچڻ جي زحمت به گوارا ڪن ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪوبه تڪ ناهي ۽ نه ئي انهن جي سياست جو ڪو بڻ بنياد آهي ائين پيو محسوس ٿئي ته هڪ جمهوريت جي دعويدار حڪومت اچڻ جي باوجود سنڌ جي لاءِ ڄڻ پرويز مشرف ۽ ارباب غلام رحيم واري دور ويو ئي ناهي پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي عوام کي اليڪشن جي موٽ ۾ ڇا مليو آهي؟ ايوان صدر ۾ هڪ سنڌي جي پهچڻ تي سنڌ کي ڪهرو رليف مليو آهي؟ 18 فيبروري تي جيڪو ووٽ انهن کان ”جمهوريت هڪ بهترين انتقام آهي“ جي تحت ورتو ويو ان ووٽ جي پلئه ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ڇا نصيب ۾ آيو آهي؟ اڄ جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سال ڏيڍ اچي ٿيو آهي تڏهن سنڌ جي ماڻهن وٽ حساب ڪتاب ۽ ليکي چوڪي مهل پنهنجي پاڻ کان پُڇيل ان سوال جي جواب ۾ صرف ٻيڻا ٿي ويل سور ئي بچن ٿا. سنڌ جي ماڻهن يقينن وڏيون اميديون رکيون هيون، نظام جي تبديلي جي نعرن سان کائن ووٽ ورتا ويا هئا ۽ اڄ صرف چهرن ۽ نالي جي تبديليءَ سان سنڌ جي عوام سان دوکو ٿي رهيو آهي. سال ڏيڍ جي ان ڪارگذاري کي ڏسندي باقي حڪمراني جي عرصي لاءِ به ڪا اميد جي ڪرن نظر نٿي اچي، هوئن به ته سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ”جنهن اُڀرندي سوجهرو نه ڪيو سو لهندي ڇا ڪندو“ پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي معاملن ۽ مسئلن تي به مصلحتن جو شڪار نظر اچي ٿي. جنهن جو تازو مثال اهو آهي ته جڏهن سنڌ ۾ سوات جي پناهگيرن جي آمد تي سڄي سنڌ ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل هئي ته تڏهن وري پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي قيادت ۽ سنڌ حڪومت انهن پناهگيرن جي آجيان لاءِ وڏي واڪي اعلان ڪري رهي هئي ۽ انهي تي سنڌ جي قومپرست حلقن جنن سان ماضي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي اشوز تي گڏ جدوجھد به ڪندي رهي آهي. تن جڏهن انهن معاملن تي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت طاقت ۽ تشدد سان ان احتجاج کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مقصد ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام ۾ وڇوٽين جو جيڪو آغاز حڪومت جي جوڙجڪ جي مرحلن کان شروع ٿيو هو تنهن ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو ۽ هاڻ. سنڌ ۾ انهي سوال تي نهايت ئي سنجيندگي سان سوچيو پيو وڃي ته جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن سان خود کي نٿي سلهاڙي ته پوءِ ان جو متبادل ڇو نه تلاش ڪجي؟ سنڌ جي سياست هن وقت متبادل جي تلاش لاءِ متحرڪ ٿي چڪي آهي ۽ اهو هڪ فطرتي عمل آهي جيڪو اميدين جي موٽ ۾ مايوسين ملڻ کان پوءِ پاڻ مرادو شروع ٿي ويندو آهي. مسلسل هڪ طريقي سان ڪنهن ڪم ۾ ناڪامي نصيب ٿيڻ تي انساني ذهن پاڻمرادو انهي ڪم جي ڪنهن ٻئي ممڪن طريقي جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪري ڏيندو آهي سو سنڌ جي سماج ۾ به فطرت جو اهو اصول سرگرم ٿي رهيو آهي. باربار جي ووٽن ڏيئڻ جي باوجود پيپلز پارٽي پاران ملندڙ مايوسين ماڻهن کي هاڻ ڪنهن ٻي متبادل جي لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو متبادل ڪٿان اچي؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪرندڙ ساک کي ڏسي هڪ دفعو ٻيهر ڪجهه اقتداري وڏيرا ۽ موقعه پرست سياستدان جنن پنهنجي اقتدار ۾ هئڻ دوران ڪڏهن به سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن ۽ سورن جي پچار ڪرڻ به گوارا نه ڪئي سي سنڌ نيشنل الائنس جي طرز تي ڪو نئون اتحاد ٺاهڻ جي لاءِ سرگرم ٿيڻ جون ڪوشسون ڪري رهيا آهن. پر پنهنجي سياسي واڳ جو وارث ڳولڻ جي لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي هن وقت هوشياري کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇوته 21 صدي جي هن دور ۾ سنڌ هڪ نهايت ئي نازڪ دور مان گذري رهي آهي جتي سنڌ جي وجود سان سنجيده چئلينج درپيش آهن ته اُتي وري سنڌ جي شاهه رڳ سمجھي ويندڙ سنڌو درياءَ جي بقا تي به سواليه نشان اچي چڪا آهن ان نازڪ دور جي تقاضا آهي ته سنڌ جي سياسي واڳ اهڙي قيادت جي هٿ ۾ هجي جيڪا سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي حاڪميت اعليٰ کي تسليم ڪندڙ هجي. اها سنڌ جي قيادت سنڌ جي قومي تقاضن کي سمجھندڙ قومي شعور رکندڙ ۽ سنڌ جي لاءِ سنڌو دريا جي اهميت کان واقفيت رکندڙ هئڻ ضروري آهي سنڌ جي ماڻهن گذريل 60 سالن کان وفاق پرست سياستدانن جي حڪمراني کي آزمايو آهي جنن سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي سندن مسئلن ۽ مشڪلاتن کان لاتعلق بنجي سدائين اسلام آباد جي، جي حضوري ۾ ئي پنهنجي اقتدار جا ڏينهن پورا ڪيا آهن اهڙن سياستدانن جي اهڙي رويي اڄ سنڌي سماج کي نهايت ئي پسماندگي واري صورتحال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي نتيجن ٻين ڳالهين کي ڇڏجي رڳو بنيادي ضرورتن وارين سهولتن کي ڏسجي ته تڏهن به اسان وٽ بنيادي ضرورت وارين سهولتن تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، روڊ رستي ۽ بجلي انتهائي ابتر صورتحال ۾ آهن. سنڌ جي ماڻهن وٽ بهتر مستقبل اڄ به هڪ خواب مثل ئي آهي. سنڌ جيڪا هوئن ته وفاق کي اربين روپيه تيل، گئس ۽ ٽئڪس جي صورت ۾ ڪمائي ڏئي ٿي پر موٽ ۾ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن جي اها رپورٽ ئي ڪافي آهي ته ”سنڌ ورهاڱي کان پوءِ شديد غربت جو شڪار آهي ۽ اُتي جي ماڻهو جو معيار زندگي گھڻو گھٽجي ويو آهي. في ڪس آمدني ۾ واڌارو اچڻ جي بجاءِ گھٽتائي آئي آهي“ سنڌ ۾ اهڙي صورتحال ان ڪري جنم ورتو آهي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ نٿا ڪيا وڃن سنڌ جي وسيلن مان اسلام آباد ۽ لاهور ۾ موٽر وي ته ٺهي سگھن ٿا پر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال جي لاءِ بلڊنگ نٿي ٺهي سگھي. هڪ ته وسيلن جي ڦرمار ٿيندي رهي آهي ٻيو ته اسان جنن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت سان چونڊي پنهنجو چڱومڙس ڪري ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليون ٿا سي اُتي پهچڻ کان پوءِ اسان جي مسئلن بابت نشاندهي ڪرڻ يا آواز اُٿارڻ کان نابري واريندا رهيا آهن. سنڌي ميمبرن جي انهي لاتعلقي واري روش سنڌ جي سماج کي مسئلن جي گھر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان سنڌين جو حال به عجيب آهي هڪ ته سدائين غير نمائنده حڪومت سان پالو پوندو رهيو آهي جنن سدائين سنڌ جي مفادن تي لت هنئي آهي ٻيو ته جڏهن پارليامينٽ ۾ ڪي سنڌي چونڊجي پهچن ٿا سي به سنڌ جي مفادن ۾ ڪي اکر ڪڇڻ کان لاچار آهن. پارليامينٽ ۾ لساني طور تي اي اين پي پٺاڻن جي جڏهن متحده قومي موومينٽ مهاجر ووٽرن جي مفادن جي سپورٽ ڪنديون ۽ انهن جي فائدي جي لاءِ سرگرم رهن ٿيون جڏهن ان حوالي سان سنڌي بلڪل لاوارث بڻيل آهن قومي هم آهنگي ۽ قومي مفاد جي نالي تي سنڌي وڏيرو سنڌ جي مفادن جي ڪهڙي به ڀينگ ٿئي سدائين خاموشي جي روزي سان ئي رهيو آهي. ڪير به سنڌ جي مفادن خاطر سوچڻ جي لاءِ تيار نه آهي. شايد اهڙن ئي وطن وساريندڙ ڪردارن جي نالي ڀٽائي سرڪار هي بيت چيو هو
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
سنڌ هميشه مسئلن کان ڪن لاٽار واري ان وڏيرڪي روش واري سياست ۾ وڃايو ۽ لٽايو آهي. قطع نظر ان جي ته وڏيري جو تعلق ڪهڙي پارٽي سان آهي هو چاهي پيپلز پارٽي جو هجي يا مسلم ليگ جو بنيادي طور تي هو وري به هڪ ئي ذهنيت جي پيداوار هوندا آهن کين ڌرتي ۽ قوم کان وڌيڪ فڪر پنهنجي اقتدار جي حصول جي ۽ ان جي بقا جي هوندي آهي. باقي ٻه چار سفارشي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي اسان جا وڏيري ٽائيپ ليڊر عوام کي وڏي واڪي ٻڌائيندا آهن ته اسان غريبن کي روزگار ڏيئي رهيا آهيون. هن وقت حالت اها آهي جو صوبي جي عوام ته هئن بگھڙن وات آهي پر خود پيپلز پارٽي ۾ عهدا رکندڙ به پارٽي حڪومت جي ڪارگذاري تي ڪاوڙ ۾ آهن. وزير ڪٿي کلي ڪچهري ڪن ٿا ته عام ماڻهو کان وڌيڪ دانهون پارٽي جي ماڻهن جون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ ۾ هيٺئين ليول تي ڪجھه وجود رکي ٿي ان جو حڪومت ۾ اچي پنهنجي ورڪرز کي وساري ڇڏڻ ڪارڪنن کي دانهون ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اسان جي لاءِ سوچڻ جي گهڙي اچي ويئي آهي ته آخر وڏيرڪي سياست جي ڪوڙڪي ۾ اسان ڪيترو ڪجھه اڃان لٽائينداسين.؟ اسان وٽ نه وسيلا رهيا نه خودداري رهي نه عزت ۽ آجپو جو ڪو اهڃاڻ باقي بچيو آهي هر ايندڙ ڏينهن اسان جي لاءِ وڌيڪ مصيبتن جو سامان تيار ٿيندو پيو وڃي. شاهوڪار سنڌ جنهن وٽ تيل ۽ گئس جي اڻ کٽ دولت آهي اتي جا رهواسي غريب آهن، پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. اهي سڀ ڳالهيون اسان کي پنهنجي ضمير کي بيدار ڪري بحيثيت هڪ قوم جي پنهنجو پاڻ کي متحد ٿيئڻ جي دعوت ڏيئي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته جڏهن اسين متحد هونداسين قوميت جي شعور سان واڳيل هونداسين ته نه ڌاري دشمن ۾ اها جرئت ٿيندي جو سنڌ ڏانهن ڪنهن ميري نطر سان نهاري سگھي ۽ نه ئي وري سنڌي وڏيري ۾ اها همت پيدا ٿيندي جو هو سنڌ کي بازار جي سودي جيان استعمال ڪري پنهنجن خصيص مفادن خاطر ڌرتي ۽ قوم جو سودو ڪري سگھي. سنڌ ۾ مايوسي واري موجوده صورتحال جي پس منظر ۾ سنڌ ۾ قومي سياست ڪندڙ يا قومپرست حلقن انهي اميد سان متحرڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته شايد هاڻ سنڌ جو عوام مسلسل ملندڙ مايوسين مان سبق سکندي کين ڪا بهتر موٽ ڏيندو ۽ هو پارلياماني سياست جي ذريعي اسيمبلين ۾ پهچي سنڌ جي نمائندگيءَ جو حق ادا ڪندا. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جو عوام ماضي ۾ قوم پرستن طرفان ٿيندڙ احتجاجن ۾ ته شرڪت ڪندو رهيو آهي پر اليڪشن جي ٽائيم تي وري به هُن جو ووٽ پيپلز پارٽي ڏانهن ئي ويو آهي جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته سنڌ جي قوم پرست سياست جون دعويدار پارٽيون پنهنجو پاڻ کي صحيح نموني سان منظم نه ڪري سگھيون آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي پيپلز پارٽي جي متبادل طور اُڀاري نه سگھيون آهن. هڪ ته قومي سياست تمام گھڻين تنظيمن ۾ ورهايل آهي جنن ۾ معمول ڳالهين سان اختلاف هوندي به گڏ ويهڻ واري روايت تمام گھٽ رهي آهي پر هن وقت احتجاجن توڙي سياسي سرگرمين ۾ قومپرست پارٽين ۾ ڪافي هم آهنگي اچي رهي آهي شايد قومپرست پنهنجي ماضي جي سياست جي تجربن مان ڪجھه سکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هن وقت سنڌ جون ڪيئي قومپرست پارٽيون پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري چڪيون آهن جنهن جي ڪري ئي پيپلز پارٽي ۽ قومپرستن جي وچ ۾ ڪي بهتر تعلقات نه رهيا آهن ۽ قومپرست جي پارلياماني سياست جي اعلان بعد ”وٽيءَ تي نالو نه هئڻ جي وڏي وزير جي بيان يا قومپرستن جي پيرن ۾ ڏانوڻ“ وجھڻ جهڙا وزير داخلا جا بيان توڙي قومي سياست ڪندڙن خلاف جاري ڪاروايون پيپلز پارٽي ۾ ان حوالي سان موجود ڳڻتي جي لهر کي ظاهر ڪن ٿيون. ضروري ناهي ته هڪ دفعي جي اليڪشن ۾ قومپرست ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري وٺن پر اهو ضرور آهي ته قوم پرستن جو سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ قدم رکڻ جي اعلان سان جيڪڏهن ڪنهن ڌُر کي ڪو نقصان پهچي سگھي ٿو ته اها پيپلز پارٽي ئي آهي ڇاڪاڻ ته انهن قوم پرست پارٽين جو تعلق به گھڻي ڀاڱي اندرونِ سنڌ جي علائقن سان آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي کي به ووٽ اڪثريت سان انهن ئي علائقن مان ملندا رهيا آهن. پر ان سلسلي ۾ هڪ گڏيل قومي اتحاد جي بيحد ضرورت آهي جنهن پليٽ فارم تان نه رڳو ڌارين جي آبادڪاري خلاف جاکوڙجي پر سنڌ جي ٻين قومي مسئلن لاءِ به مسلسل جاکوڙ جاري رکي سنڌ جي عوام جي اڳيان پنهنجن جي ويساهه گھاتين ۽ پيپلز پارٽي تي لڳل ”سنڌ ۽ عوام دوستي“ جي نام نهاد ليبل کي پڻ وائکو ڪجي. ان سان گڏوگڏ ان اتحاد کي سنڌ ۾ پارلياماني سياست ۾ به متحرڪ ڪجي. جيڪي پارٽيون سنڌ جي مڪمل آزادي واري نظرئي ۾ يقين رکن ٿيون سي به پنهنجن اصولن تي ڪاربند رهندي انهن پارٽين جي حمايت ڪري سگھن ٿيون جيڪي پاڪستان جي دائري ۾ رهندي وڌ کان وڌ خودمختياري جون حامي آهن ان سان ائين ٿيندو ته سنڌ ۾ غدار ۽ پيٽ پرست وڏيري جي پارلياماني سياست تي قائم اجاراداري ختم ٿي سگھندي ماڻهن جي اڳيان ناٽڪي ڊرامي واري سياست ۽ واڳون جي ڳوڙهن واري همدردي جا پول پڌرا ٿي پوندا ۽ سنڌ جو سياسي ميدان موقعه پرستن کي مفت ۾ نه ملي سگھندو پر کين مقابلي ڪرڻ سان گڏ تلخ حقيقتن کي ٻڌڻ تي به مجبور ٿيڻو پوندو.. سو جئين ته بازار مان ڪو ڏهن روپين جو ٺڪر جو ٿانءُ وٺبو آهي سو به ٺاهي ٺُڪائي وٺبو آهي هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا سياسي وارث منتخب ڪرڻ جو موقعو اچڻ تي اکيون پوري پنهنجي سياسي مُهار ڪن نااهلن جي هٿن ۾ ڏيئڻ جي بجاءِ اسين ٺاهي ٺُڪائي سياسي قيادت جو انتخاب ڪريون ته جئين ايندڙ ڪنهن شاعر کي اهي سِٽون ٻيهر نه ورجائڻون پون ته ”نااهل اسانجو جو مالهي آ، هن منهنجي چمن جو ڇا ٿيندو؟“

” منهنجي امڙ “

ماءُ عظيم ڇو آهي؟ سندس قدمن ۾ جنت ڇو رکي وئي آهي؟ پيغمبرن، رسولن، مفڪرن ۽ ڏاهن ماءُ جي احترام کي مذهبي رتبو ڇو ڏنو آهي؟ ...
اچو ته اڄ هڪ اهڙي پٽ جي ڪهاڻيءَ تي ويچار ڪريون جنهن پنهنجي ماءُ کي سندس لاءِ ڪئي ڪوڙ ڳالهائيندي محسوس ڪيو...
1. مون هڪ مسڪين ۽ غريب گھراڻي ۾ هوش سنڀاليو ... غربت ايتري جو ڪڏهن ڪڏهن کائڻ لاءِ ايترو به نه جو اسين سڀ کائي ڍئو ڪري سگھون ... جڏهن کاڌي جو وقت ٿيندو هو ته امان پنهنجي ڀاڱي جا چانور به منهنجي ٿالهيءَ ۾ وجهي چوندي هئي؛
”منهنجا ٻچڙا هي چانور به تون کاءُ، مونکي بک ناهي“
امڙ جو هي پهريون ڪوڙ هو ...
2. آءُ جسماني طور وڌڻ لڳس، مونکي وڌيڪ طاقتور کاڌن جي ضرورت هئي ... ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ امڙ پنهنجي گھر جي پوئين پاسي وهندڙ واهوندي ۾ وڃي مڇي ماري ايندي هئي ... پوءِ ان مڇيءَ کي چڱي طرح پچائي مونکي ڏيندي هئي ... جڏهن آءُ مڇي کائيندو هوس ته امڙ منهنجي ڀر ۾ ويهندي هئي ... مڇيءَ جي ڪنڊن سان لڳل ماس مون کان رهجي ويندو هو ته امڙ اهي ڪنڊا کڻي چوسيندي هئي ۽ انهن تي بچيل ماس مان مزو وٺندي هئي ... مونکي احساس ٿيو ته مون هڪ ثابت مڇي کڻي امڙ کي ڏني ته هوءَ کائي پر امڙ مڇي مان ماس پٽي منهنجي وات ۾ وجھندي چيو؛
” هيءَ مڇي تون کاءُ، انجي توکي ضرورت آهي، مونکي مڇي اصل وڻي ئي ڪونه“
امڙ جو هي ٻيو ڪوڙ هو ...
3. آءُ جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجي پڙهائيءَ لاءِ اوڌارن پئسن جي ضرورت پئي ته امڙ ڳوٺ وارن جا ڪپڙا سبڻ شروع ڪيا ۽ صبح شام ان ڪم ۾ مشغول رهندي هئي ته جيئن ڪجھه وڌيڪ پئسا ڪمائي سگھي ... هڪ سياري جي رات جو آءُ پڙهندي پڙهندي سمهي رهيس ... ڪجهه دير کانپوءِ اک کلي ته ڏسان امڙ اڃان ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ڪپڙن جي سلائيءَ ۾ لڳي پئي آهي ... مون کيس چيو ”امڙ اچ ننڊ ڪر، ڪافي دير ٿي وئي آهي، سڀاڻي وري ڪم ڪرڻو اٿي“ امڙ مسڪرائيندي جواب ڏنو؛
” منهنجا پيارا پٽ، تون سمهي رهه، آءُ اڃان ٿڪي ناهيان “
امڙ جو هي ٽيون ڪوڙ هو ...
4. پرائمري اسڪول جو آخري امتحان آيو ته امڙ مونسان گڏجي اسڪول تائين ايندي هئي ۽ امتحاني پرچو ختم ٿيڻ تائين ٻاهر نٽهڻ اُسَ ۾ بيهي منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ جيئن ئي پرچي ختم ٿيڻ جو گھنڊ وڄندو هو ته ڀڄي اچي ڳراٺڙي پائي، پهريان سان تيار ٿيل شربت جو گلاس وڏي محبت سان ڏيندي هئي ته جيئن آءُ پي تازو ٿيان ... هڪ ڏينهن ان شربت جي گلاس مان ڪجھه بچائي مون امڙ کي موٽائي ڏنو ته هوءَ پڻ پيئي ... پر امڙ گلاس موٽائيندي وراڻيو؛
” تون پي ڇڏ پٽ، مونکي اڃ ناهي“
امڙ جو هي چوٿون ڪوڙ هو ...
5. بابا ڊگھي بيماري کانپوءِ گذاري ويو ته امڙ ويچاريءَ کي ٻئي مٿا سنڀالڻا پيا ۽ گھر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي ... اسانجا ڏينهن وڌيڪ ڏکيا ٿيڻ لڳا ۽ تڪليفون وڌڻ لڳيون ... اسانجي ڏکن تي ترس کائي گھر جي ڀرسان رهندڙ منهنجو چاچو ايندو هو ۽ اسانجي وس آهر مدد ۽ همدردي ڪندو هو ... پاڙي وارا پڻ ڪهل ڪري امڙ کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏيندا هئا ته کيس ڪو سهارو ۽ پيار ملي پوي پر امڙ منهنجي مٿي تي هٿ گھمائي هيئن چوندي هئي؛
” مونکي ڪنهنجي سهاري يا پيار جي ڪا ضرورت ناهي “
امڙ جو هي پنجون ڪوڙ هو
6. ڪاليج ختم ڪرڻ کانپوءِ مونکي شهر ۾ هڪ نوڪري ملي وئي ۽ امڙ به هاڻ اچي ڪراڙپ کي پهتي هئي پر تنهن هوندي به ٽافيون، بسڪٽ ۽ ٻاراڻا رانديڪا وٺي گھر جي ٻاهران وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي کپائي گذارو ڪندي هئي ... مونکي پگھار ملي ته کيس ڪجھه پئسا ڏياري موڪليا ته جيئن کيس ڪجھه آساني ٿئي ... پر امڙ پئسن سان گڏ اهو چوائي موڪليو ته؛
” مون وٽ پئسا آهن، ڳڻتي نه ڪر، اهي پئسا وڌيڪ پڙهائي تي خرچ ڪر “
امڙ جو هي ڇهون ڪوڙ هو
7. گريجيوئيشن ڪرڻ کانپوءِ مون ماسٽر ڪرڻ لاءِ هڪ اداري کان اسڪالرشپ ورتي، مونکي پنهنجي شهر کان گھڻو پري هڪ بهترين يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي، ماسٽر ڪرڻ کانپوءِ ان ئي اداري ۾ مونکي هڪ سٺي نوڪري ملي وئي جنهن ۾ سٺي پگھار سان گڏ رهائش، گاڏي ۽ ٻيون ضروري سهولتون پڻ ملي ويون ... مون پنهنجي ئي ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي پڻ ڪري ورتي ... خيال آيو ته ڇونه امڙ کي به شهر وٺي اچان ۽ کيس ڪجھه آرام جي زندگي ميسر ٿئي ... پر منهنجي پياري امڙ مونکي ڪا تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهندي يا وري منهنجي ازدواجي زندگي ۾ ڪو خلل نه پوي واري خيال کان هي چئي انڪار ڪيو؛
” منهنجا سهڻا پٽ، آءُ وڏن شهرن ۾ رهڻ جي عادي ناهيان .. خوامخواه بيمار ٿي پوندس “
امڙ جو هي ستون ڪوڙ هو...
8. امڙ جي آخري عمر ۾ کيس ڪينسر جي بيماري ٿي پئي، جنهنڪري کيس اسپتال ۾ داخل ڪري مون ڏانهن نياپو ڪيو ويو، آءُ انهن ڏينهن ۾ سمنڊ پار هيس، امڙ جو ٻڌي تڪڙي جهاز ذريعي اچي پهتس، سندس حالت انتهائي نازڪ هئي ، ڪمزوري ايتري جي کائنس ڳالهايو نه ٿي ٿيو، تڪليف سندس همٿ ٽوڙي وڌي هئي ... ايتري جاندار ۽ همٿ واري عورت جي اهڙي حالت ڏسي منهنجي ڳلن تان ڳوڙها وهي نڪتا ... امڙ جي نظر منهنجن ڳوڙهن تي پئي ته هڪدم پاڻکي سنڀاليندي، پنهنجي سموري طاقت گڏ ڪندي... هڪ مسڪراهٽ منهن تي آڻيندي، منهنجي اکين سان اکيون ملائيندي چيائين؛
”نه روو منهنجا پيارا پٽ، ڪا تڪليف ناهي ۽ نه ئي ڪو سور آهي، آءُ ٺيڪ آهيان “
امڙ جو هي اٺون ۽ آخري ڪوڙ هو ...

Shaikh Ayaz Shayari. Download book free


تي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري

tribute Muhtarma Benazir Bhutto

Sindhi Cuture



The culture of Sindh ( سنڌي سڀيتا ) has its roots in the Indus Valley Civilization. Sindh has been shaped by the geography of the largely desert region, the natural resources it had available and the continuous foreign influences. The Indus or Sindhu River that passes through the land, and the Arabian Sea (that defines its borders) also supported the sea-faring traditions among the local people.[1] The local climate also reflects why the Sindhis have the language, folklore, traditions, customs and lifestyle that are so different from the neighbouring regions.
(Life Style Of Sindhi Women)


History:
The roots of Sindhi culture and civilization go back to the distant past. Archaeological researches during 19th and 20th centuries showed the roots of social life, religion and culture of the people of the Sindh: their agricultural practices, traditional arts and crafts, customs and tradition and other parts of social life, going back to a ripe and mature Indus valley civilization of the third millennium B.C. Recent researches have traced the Indus valley civilization to even earlier ancestry.


Archaeological discoveries:
Archaeological discoveries sometimes help to unfold the certain latent aspects of a specificculture. The excavations of Mohenjo-daro have unfolded the city life of a civilization of people with values, a distinct identity and culture. Therefore, the first definition of the Sindhi culture emanates from that over the 7000 year old Indus Valley Civilization. This is the pre-Aryan period, about 3,000 years B.C., when the urban civilization in Sindh was at its peak.

(Mohen Jo Daro)
In Sir Mortimer Wheeler's book, Civilization of the Indus Valley and Beyond, it is said that; "Civilization, in a minimum sense of the term, is the art of living in towns, with all that the condition implies in respect of social skills and disciplines." When people speak of Sindhi civilization, they have to concern themselves, mainly with the material and concrete side of human habitation of which Sindhi culture is the only essence called the superstructure.[original research?] The present day Sindh, along with the Northern part of the Indus Valley Civilization (around 3000 to 2500 B.C.) is located on its urban civilization.
Ranikot Fort is also a landmark of the Indus valley civilization. It is the world's largest fort, with walls extending to 20 km. It has been called a "second Wall of China", and it attracts many visitors.


(RaniKot Fort)


Language:
Sindhi language is an ancient language spoken in Pakistan and many other parts of the world. It is an Indo-Aryan language spoken by approximately 41 million people in Pakistan, and 12 million people in India; it is the second most spoken language of Pakistan, mostly spoken in the Sindh province. It is a recognized official language in Pakistan, and also an official language in India. Government of Pakistan issues National Identity Cards to its citizens only in two languages; Sindhi and Urdu.


Poetry:
Sindhi poetry is also prominent in Sindhi culture. Poetry of Shah Abdul Latif Bhittai. Sachal Sarmast is very famous amongst all of Pakistanis. Regional poets are Shaikh Ayaz, Ustaad Bhukhari, Ahmed Khan MAdhoosh. Many Sindhi poets are doing their poetry work continuously.


(Abida Parveen Performing Live in Oslo)


Islam in Sindh:
From the beginning of Muslim rule of the Sindh in 713 CE, the Muslim technocrats, bureaucrats, soldiers, traders, scientists, architects, teachers, theologians and Sufis travelled from the rest of the Muslim world to the Islamic Sultanate in Sindh, and settled there permanently. The majority of Sindhis converted to Islam by the Sufi mystics from Middle East and Central Asia. The Sindh became distinct in its identity and culture, and many contemporary writers in medieval age referred to Sindh and Hind as two different countries. The Sindhi culture flourished with a new stimulus from Islamic sources from Persia and Afghanistan. Many Baloch and Afghan tribes also settled in Sindh, adopting Sindhi culture.


Sports:
There are many regional sports that are played in Sindh. Malakhiro(Malakhra) is one of the famous sports of Sindh. Other sports include Wanjh wati, Kodi Kodi, Beelarhoo, Thipai Rand, Notinn and Biloor.


(Malakhra Wrestling)


Sindhi Topi and Ajrak:





Sindhi topi and ajrak have been symbols of the Sindhi culture and civilisation for thousands of years .
and all the people of Sindh have an emotional attachment with these cultural symbols.