سائين جي ايم سيد جي جدوجهد عبدالخالق جوڻيجو

جي ايم سيد پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه سياسي اڳواڻ رهيو آهي. اهو ان ڪري ته هو ماڻهوءَ کي يا موقعي کي ڏسي ڳالهه نه ڪندو هو پر هر وقت، هر هنڌ، هر صورتحال ۾ ۽ هر ڪنهن جي سامهون سچ چوندو هو.
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،
۽ ان ڳالهه تي سڀ ماڻهو، دوست دشمن، حامي توڻي مخالف، متفق آهن ته هو سچ ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن جي گهڻائي ان ڳالهه جو به اظهار ڪري ٿي ته اها سندس ”خامي“ آهي ۽ هڪ لحاظ کان انهن جي اها ڳالهه درست به آهي ڇاڪاڻ ته سياست ۾ خاص ڪري پاڪستان جي سياست  سچ ڳالهائڻ خطري جو سودو ته آهي ۽ واقعي به پاڪستان ۾ ۽ سنڌ ۾ سياستدان ماڻهوءَ جو منهن ۽ حالتن جي نزاڪت ڏسي ڳالهه ڪندا آهن هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪئي ته ٻئي ڏينهن ٻي ڪندا. هڪ هنڌ هڪڙي ڳالهه جي حمايت ڪين ته ٻئي هنڌ ساڳي ڳالهه جي مخالفت ڪندا. ۽ اهي ”ڪامياب“ ليڊر سڏجن ٿا. وري جنهن ۾ اها ”خوبي“ جيتري وڌيڪ رهي آهي اهو اوترو ”وڏو “ سياستدان سمجهيو ويو آهي.
اها به حقيقت آهي ته جي ايم سيد رڳو سياستدان ڪو نه هو پر هو هڪ مدبر ۽ دانشور به هيو ۽ دانشور جي سڀ کان وڏي خوبي اها هوندي آهي بلڪ ائين چئجي ته ان جو فرض هوندو آهي ته هر صورت ۾ سچ چوي ۽ سچ جو ساٿ ڏئي. سچ چوڻ سان بحيثيت سياستدان جي ايم سيد جي مقبوليت کي جيڪو ”نقصان“ پهتو ته ان کان گهڻو وڌيڪ فائدو بحيثيت دانشور، سندس سچ ڳالهائڻ سان سنڌي قوم، سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن کي ٿيو آهي. نه رڳو ايترو پر خود سچ کي به فائدو ٿيو ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهن کي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ سولو ٿيو ۽ ان سان ماڻهن جو سچ ۾ اعتماد وڌيڪ پختو ٿيو. هونءَ به سياڻن جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن توهان مان هر ماڻهو خوش آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان زندگي  ۾ تمام گهڻا ٺاهه (compromises) ڪيا آهن.“
سچ جي سڀ کان وڏي پرک اها هوندي آهي ته اهو نه صرف ٻين جي باري ۾ پر پنهنجي لاءِ به ڳالهايو وڃي ۽ نه رڳو پراون لاءِ پر پنهنجن بابت به چيو وڃي. سيد پنهنجو پاڻ کي به سچ چيو ۽ پنهنجي باري ۾ به سچ دنيا کي ٻڌايو ته پنهنجي ”محبوب“ جي باري ۾ به سچ ڳالهايو جيڪا ڳالهه هڪ روايتي انسان جي وس کان ٻاهر آهي. اها ته هر سنڌ واسيءَ کي خبر آهي نه ته سيد جو محبوب ڪير هيو؟ ها، سونهاري سنڌ.
پنهنجي باري ۾ ايڏو ڪڙو سچ ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجي شخصيت جو اهڙو بي رکاڻو تجزيو ڪيائين جهڙوڪو ورلي ماڻهو سگهندو. پاڪستان جي ٺهڻ لاءِ جدوجهد سندس زندگيءَ جي پهرئين اڌ جو سڀ کان وڏو ”ڪارنامو“ هو. پر پوءِ جڏهن احساس ٿيس ته چيائين ته اها منهنجي زندگيءَ جي عظيم ترين غلطي  هئي ۽ پوءِ زندگيءِ جو پهريون اڌ حصو پنهنجي ان عمل کي ننديندو رهيو. ٻين جي طرفان ڪيل تنقيد برداشت ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر پاڻ پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪرڻ مشڪل تر ڪم آهي. سيد اهو نهايت آسانيءِ سان ڪندو هو. جڏهن سندس سامهون ون يونٽ ٺهرائڻ جي حوالي سان محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشديءَ تي تنقيد ڪئي ويندي هئي ته چوندو هو ته ”کهڙي ۽ راشديءِ ون يونٽ ٺهرايو پر مون ته پاڪستان ٺهرايو، ٻڌايو ته ڪنهن جو ڏوهه وڏو آهي.“ ان تي هڪڙي دفعي مون چيومانس ته ” سائين! ائين برابر آهي پر هڪڙو وڏو فرق آهي ٻنهي ۾ .... توهان پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ قوم کان معافي ورتي جڏهن ته هنن ائين ڪو نه ڪيو“ پنهنجي ڪيل ان ڏوهه جو اظهار، اقرار ۽ اعتراف هنن لفظن ۾ ڪندو رهندو هو ته ”مان جيڪو هيترو ڊگهو قيد ۽ نظر بندي گهاري رهيو آهيان اها ڪيل ڏوهه جي (فطرت جي طرفان) سزا آهي.“
نه رڳو هن زباني طور پنهنجي غلطيءَ کي تسيلم ڪيو پر عملي طور پنهنجي باقي سموري زندگي ان غلطيءَ جي ازالي جي ڪوشش ۾ گذاري ڇڏيائين. ۽ اهو سندس زباني اعتراف ۽ اها سندس عملي جدوجهد ئي هئي جنهن جي ڪري سنڌي قوم نه رڳو کيس معاف ڪري ڇڏيو پر کيس پنهنجي رهبر جي حيثيت ڏني.
اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جي ايم سيد سنڌ سان ۽ سنڌي قوم سان ڪيتري محبت ڪندو هو ۽ اهو به اسان ڄاڻون ٿا ته محبت ٿي وڃڻ کان پوءِ انسان کي محبوب ۾ رڳو خوبيون ۽ چڱايون نظر اينديون آهن ۽ خامين ۽ ڪساين تي نظر ئي نه ويندي آهي پر جي ايم سيد اتي به حق سچ جو رستو ورتو. هڪ پاسي هن سنڌي قوم جي انهن خوبين ۽ خاصيتن کي ڳولهي ڪڍيو، اجاگر ڪيو ۽ ڇنڊي ڦوڪي دنيا جي آڏو پيش ڪيو جن سان سنڌي قوم دنيا جي مهذب ۽ روشن خيال قومن جي صف ۾ فخر سان بيهي سگهي پئي ته ٻئي طرف انهن خامين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي به چٽي طرح نشاندهي ڪئي جن جي ڪري سنڌي قوم سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي ميدان ۾ گهربل مقابلو نه ٿي ڪري سگهي ۽ ڌارين جي عددي ۽ اقتداري لحاظ کان بالادستي وڌندي پئي وڃي. سنڌ ۾ ماضي قريب ۾ اهڙا سياستدان به ٿي گذريا آهن جن مٿي بيان ڪيل چوڻيءَ مطابق هر ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هارين چيو ته زمينون توهان جون آهن ته وري ساڳئي وقت هارين سان هاڃا ڪندڙ وڏيرن جاگيردارن کي پارٽي ۽ حڪومت ۾ اهم عهدا ڏئي انهن جي هارين مٿان حاڪميت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، سنڌين کي تاثر ڏنو ته سڀ ڪجهه توهان جي پيو ٿئي جڏهن ته عملي طور پنجاب جي بالادستي ۽ ڦرلٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. اهڙن طريقن سان انهن ليڊرن کي اقتداري سياست ۾ ته وقتي طور وڏي مقبوليت حاصل ٿي پر مستقل مفادن ۽ مستقبل جي ترقيءَ جي لحاظ کان سنڌي سماج کي بي انتها نقصان پهتو. ان جي ڀيٽ ۾ جي ايم سيد جي حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ واري ڪردار جي ڪري کيس وقتي سياسي مقبوليت جي قرباني ته ڏيڻي پئي پر ان سان هو سنڌ جي ايندڙ نسلن کي قومي بقا، نجات ۽ ترقي جا گس ڏيکاري ويو. جن جو احساس وقت گذرڻ سان گڏ سنڌي ماڻهن کي ٿيندو پيو وڃي. شايد اهڙي ئي صورتحال لاءِ ڪنهن چيو آهي ته ” هڪ سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي جڏهن ته هڪڙو مدبر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي.“
ان پس منظر ۾ اڄ جي ڳنڀير صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ۽ گهڻ طرفن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿيڻ خاطر اسان سنڌين کي جي ايم سيد جي حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سچ چوڻ وارو رستو وٺڻو پوندو. ”تون مون کي حاجي چئه ته مان توکي غازي چوان“ واري روش ترڪ ڪرڻي پوندي. اسان چوندا ٿا رهون ته سنڌ جي خلاف حڪمران ۽ ڌاريا ماڻهو سازشون ڪندا ٿا رهن.“ اهو ته درست آهي ۽ ظاهر آهي ته اسان جا مخالف اسان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۽ منصوبن تي ئي عمل ڪندا پر انهن جون اهي سازشون ۽ انهن جا اهي منصوبا ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان ۾ ڪي ڪمزوريون آهن اسان ۾ ڪي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار جون ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون ته ڪي حڪمت عملين جون غلطيون به ٿي سگهن ٿيون. ڌارين جي ڏاڍاين، ٺڳين، سازشن، بالادستي ۽ ڦرلٽ تي اسان ڪافي ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو آهي. اهو درست آهي. اڃا به وڌيڪ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کپي. پر وقت اچي ويو آهي ته هاڻي اسان تصوير جي ٻئي پاسي تي به نظر وجهون. اسان پنهنجي اندروني صورتحال تي به تنقيدي نگاهه وجهون. اسان بحيثيت فرد، گروه، تنظيم ۽ بحيثيت قوم پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون ۽ پوءِ ان کي انهن قومن جي ڪردار سان ڀيٽيون جن انقلاب آندا، جن آزاديون ورتيون، جيڪي سياسي غلامي ۽ سماجي بستيءَ جي کڏ مان ڪر موڙي اٿيون ۽ اڄ نه رڳو آزاد آهن پر ترقيءِ جي شاهراهه تي ڊوڙون پائي رهيون آهن. اسان يا ته ڌارين، جابرن جي جبر، ظلم ۽ ناحق جون دانهون ڪندا آهيون ته اهڙي ڪا هوا لڳي جو اسان جا سڀ دک درد دور ٿي وڃن ۽ اسان به ترقي يافته قومن جهڙا ٿي پئون.
دنيا جي تاريخ ۾ سنڌي ڪا پهرين يا واحد قوم ڪونهي جيڪي غلام ٿي هجي ۽ جنهن کي ڌارين جي غلامي ۽ اندروني استحصال ۽ ٻنهي ڳٺ جوڙ ڪمزور ۽ ڪنگال ڪيو هجي. جيڪي به قومون غلام ٿيون آهن انهن ۾ اسان واريون يا انهن جهڙيون ڪمزوريون اچي ويون هيون تڏهن ئي انهن کي ڌاريا غلام بڻائي سگهيا. پر  پوءِ انهن پاڻ کي سنڀاليو ۽ پنهنجي قومي زندگي ۽ اجتماعي ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، پنهنجون صفون سڌيون ڪيون ۽ ڌارين غاصبن ۽ انهن جي ديسي دلالن خلاف فيصلائتي ويڙهه وڙهي ۽ پوءِ پنهنجي تاريخ ۽ ڪلچر جي بنياد تي جديد علمن جي مدد سان نئين سر قومي زندگي جي مهارت سان تعمير ڪئي.
ٻئي طرف اهي قومون جن يا ته شڪست خورده ذهنيت اختيار ڪندي حاڪمن جي خيرات تي زنده رهڻ جو رستو اختيار ڪيو يا وري ”شاندار“ ماضيءَ ۾ پناه وٺندي دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کان منهن موڙيو ۽ انهن تبديلن جي نتيجي ۾ آڏو ايندڙ چئلينجن کي پٺي ڏني اهي دنيا جي گولي تان يا ته مڪمل طور ميسارجي ويون يا ٻئي درجي جا شهري بڻجي محتاجيءَ واري زندگي گهاري رهيون آهن.
اهڙي صورتحال ۾ حق سچ جي راهه تي هلڻ ۽ قومي نجات لاءِ جاکوڙ واري رستي تي قوم جي قيادت ڪرڻ جو سڀ کان اولين فرض دانشورن ۽ ليکڪن جو هوندو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ته سنڌ جي دانشورن ۽ ليکڪن جي وڏي اڪثري پنهنجو اهو فرض نڀائي نه سگهي آهي. جيڪڏهن سياستدان ڪڏهن ڪٿي عملي سياسيت جي ضرورتن تحت ٺاهه (compromise) ڪندا به آهن ته دانشور ۽ ليکڪ واضح موقف اختيار ڪندي اڇي ۽ ڪاري جي فرق کي ظاهر ڪندا آهن ۽ سچ کي سچ ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط چوندا آهن ۽ ائين ڪندي اهي ڌاريي ۽ پنهنجي هم قوم ۾ فرق نه ڪندا آهن. جديد دور جي پهرئين انقلاب، انقلاب فرانس جي پويان ٻين عنصرن سان گڏ والٽيئر ۽ روسو جي لکڻين جو به هٿ آهي. يا وري فرانس جي ڪالونيل ڪردار جي خاتمي ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سارتر جهڙن اديبن ۽ دانشور جي ڪردار کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ساڳئي نموني الجزائر جي غلاميءَ کان آزادي ڏانهن سفر جي ڪهاڻي فرانز فينن جي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه ٿي ٿي سگهي هن سامراجي طاقت جي ڪردار سان گڏوگڏ الجزائري سماج جي اندروني صورتحال جو جهڙي نموني تجزيو ڪيو اهو ذهني ۽ عملي آزادي جي خواهشمند انسانن لاءِ نسخه ڪيميا جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي ريت حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم، حق ۽ ناحق ۽ سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ازل کان هلندڙ جنگ جي انساني تاريخ جي شايد سڀ کان وڏي معرڪي ويٽنام جي جنگ آزادي دوران انگريز دانشور  برٽرينڊر رسل جو پنهنجي ملڪ سميت سامراجي طاقتن خلاف قلمي ۽ عملي جهاد سمورن آزادي پسند انسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي.
ان لحاظ سان سنڌ جي قومي تاريخ جي هن اهم ۽ سنگين مرحلي تي نظر وجهجي ٿي ته صورتحال ڪا حوصلا افزا نظر نه ٿي اچي. اسان جا اڪثر دوست صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪرڻ کي يا ته ضروري نه ٿا سمجهن يا وري ان جي اظهار جي همٿ نه ٿا رکن. سچ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ڪوڙ جي خلاف علم کڻڻ ته ٺهيو پر اهي سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ لاءِ به تيار ناهن. اهي سچ چئي ڪنهن کي به ناراض ڪرڻ نه ٿا چاهين. اهي اجتماعي مفاد خاطر انفرادي لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿا چاهين. اهي سنڌ جي مظلوميت ۽ محڪوميت جو ته تذڪرو ڪن ٿا پر ان جي ڪارڻن ۽ ذميدارن جو ذڪر نه ٿا ڪن. سنڌ ٻاهرئين ۽ اندرئين ٻنهي طرح جي ظلم، جبر ۽ ناانصافين جو شڪار آهي جنهن  ۾ ڪيترن ئي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردارن جو حصو آهي، ان لاءِ ڪيترائي فرد، گروپ طبقا، تنظيمون ۽ ادارا ذميوار آهن پر ڪنهن جو به نالو نه ٿو کنيو وڃي. جيڪو چوي ٿو ”نه کپي“ اهو به صحيح آهي ۽ جيڪو چوي ٿو ”کپي“ اهو وڌيڪ صحيح آهي. جيڪو قتل ٿئي ٿو يا بک مري ٿو ان سان به همدردي آهي ۽ جيڪو قتل ڪري ٿو يا بک مارڻ جو سبب آهي اهو به ”قابل احترام“ آهي. جي ايم سيد جهڙا يونيورسٽيون قائم ڪرائيندڙ ۽ قلم ڪتاب ذريعي جنگ ڪندڙ به عظيم آهن ته يونيورسٽين کي تالا هڻندڙ ۽ ڪتاب ساڙيندڙ ۽ قلم ڀڃندڙ به سٺا آهن. يا وري اهڙو رويو اختيار ڪبو ته ٻاهران اچي سنڌ جي شهرن تي قبضو ڪندڙ ته سنڌ دشمن آهن پر انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ سڀ کان وڏا سنڌ دوست، سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ تي دانهون ڪوڪون ڪبيون پر انهي ڦرلٽ ۽ قبضي گيريءَ کي آئيني تحفظ ڏيندڙن جا به گيت ڳائبا.
ڪي ته ”ڏاها“ اهو به ڏس ٿا ٿين ته حڪمرانن سان هرو ڀرو جهيڙو نه ڪجي انهن جي آڏو پنهنجا ڏک سور رکجن ۽ پوءِ جيتري به ”رعايت“ ڏين اها وٺجي جڏهن ته دنيا جا سمورا ڏاها، دانشور ۽ انقلابي اهو ٿا چون ٿا ته جيڪي رعايتون وٺندا آهن اهي ڪڏهن به حق حاصل ڪري نه سگهندا آهن. ڪي ته اڃا به ٻه قدم اڳتي ويندي چون ٿا ته حق وٺڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته دنيا جو واحد سپر پاور جنهن جو گذريل 65 سالن کان ڌنڌو ئي ٻين کي غلام بڻائڻ، ٻين جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ حقن جي جاکوڙيندڙ کي قتل ڪرڻ رهيو آهي ان جي آڏو فرياد کڻي هلجي. سنڌ جي لوڪ عقل جي روشنيءَ ۾ اهو ته ائين ٿيو ته ”ڀينگ به ڪئي جهان خان، انصاف لا به هلو جهان خان وٽ.“
جڏهن ته حق سچ جي ڳالهه ۽ سنڌ جي نجات جو ذڪر جي ايم سيد جي حوالي سان ٿيندو هجي ته پوءِ ان جي چيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ، ان جي ڏيکاريل دڳ تي هلڻ ۽ ان جي قائم ڪيل ڪردار جي پوئواري ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ فرض ۽ سڀ کان اولين ذميواري انهن ماڻهن تي ٿئي ٿي جيڪي سندس پوئلڳ هجڻ جي دعوا ڪن ٿا يا ان جي نالي تي سياست ڪن ٿا (جن ۾ ليکڪ به شامل آهي) پر جڏهن عملي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته معاملو مختلف نظر ٿو اچي. انهن جي گهڻائي نه رڳو سيد جي ڏسيل رستي ۽ اختيار ڪيل ڪردار تي عمل نه ٿي ڪري پر ڪيترين حالتن ۾ قصو ان جي ابتڙ هجي ٿو. سڀ کان پهرين جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سيد پنهنجي ذات جو سنڌي سماج جو تنقيدي جائزو ورتو ۽اڇي ڪاري ۽ سچ ڪوڙ کي وائکو ڪري رکيو نه رڳو ايترو پر سچ جو ساٿ نتيجن کان بي پرواهه ٿي ڏنائين ۽ هر وقت ڪوڙ جي خلاف ڪات ڪهاڙا تيز رکيائين. پر هي همراهه پنهنجو پاڻ کي ته سچ ڇا چوندا پر سنڌي سماج ۽ ان کي درپيش مسئلن جو تجزيو ڪرڻ به گناهه ٿا سمجهن. انهن کي هر ڳالهه جي پويان ”سازش“ نظر ايندي آهي. سيد ڌارين حڪمرانن سان گڏ سنڌ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به سنڌ جي مصيتبن جو ڪارڻ قرار ڏيندو هو جڏهن ته هي انهن جي اوطاقن تي سلاميون ڀريندا آهن سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب سان ڪئي پر هي ڪتاب ساڙيندا آهن، سيد جو اصول هو ته نيڪ مقصد صرف صحيح طريقن سان حاصل ڪري سگهجي ٿو پر هتي چيو وڃي ٿو ته ”مقصد“ حاصل ڪرڻ لاءِ ”هر طريقو“ جائز آهي.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته جي ايم سيد هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال رهنما ۽ سماج ۾ تبديليءَ جو سڀ کان وڏو وڪيل هئو. جڏهن ته هي همراهه قدامت پسند ۽ تبديليءِ جا دشمن آهن. ايتري تائين جو انهن قدامت پسنديءَ کي قومپرستيءَ جو نالو ڏنو آهي جيڪا ڳالهه، جيڪا شئي، جيڪا رسم، جيڪا سوچ ۽ جيڪو عمل جيترو قديم آهي اوترو اهو سنڌ جي عظمت جي علامت ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. سيد ته تبديليءَ جو ايترو حامي هو جو سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان پهرين هن ئي نئين عالمي سرشتي جي تجويز پيش ڪئي جڏهن ته ان جي نالي تي سياست ڪندڙ سنڌ جي قومي تحريڪ کي اڃا سرد جنگ جي دائرن ۾ قيد ڪيا ويندا آهن. سيد جو چوڻ هوندو هو ته مذهبن جي اهميت ۽ افاديت به وقت سان تبديل ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي شروع ۾ انساني سماج جي ترقي لاءِ اهم هيون هاڻي انساني سماج اڳتي وڌيو ويو آهي تنهن ڪري انهن ۾ تبديلي ضروري آهي پر هي دوست جاگيرداراڻي سماج جي نشانين، انا، ڪوڙي غيرت ۽ انسانن هٿان انسانن جي تذليل جهڙن عملن کي سنڌ جي ثقافت چئي حمايت ٿا ڪن. سيد ته ايتري تائين به چيو ته پيغمبر به غلطين کان پاڪ ڪو نه هئا پر هي چوندا آهن ته جي ايم سيد غلطين کان پاڪ هئو ۽ ان جي چيل هر ڳالهه تي مذهبي تقدس سان عمل ڪيو وڃي (اها جدا ڳالهه آهي ته عمل پاڻ به ڪندا ڪونهن)  اصل مقصد اهو هوندو آهي ته اهي پاڻ کي بحيثيت ليڊر ڪارڪنن جي تنقيد کان آجو رکڻ چاهيندا آهن. اهو ائين ئي آهي جيئن ڪارل مارڪس انساني سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ تبديليءَ کي بنيادي ۽ لازمي عنصر سمجهندو هو ۽ سندس چوڻ هو ته هر شيءَ، هر ڪردار ۽ هر سوچ هر وقت تبديليءَ جي اثر هيٺ هجي ٿي. پر ان جي ڪيترن پوئلڳن کيس تبديليءَ واري سندس سوچ جي بلڪل ابتڙ ڪري پيش ڪيو. انهن چيو ته مارڪس جيڪي ڪجهه چئي ويو اهو مڪمل سچائي ۽ حرفِ آخر آهي، ان ۾ هڪ اکر جي تبديلي ڪفر آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ مارڪس سان سڀ کان وڏي زيادتي ۽ ناانصافي اها آهي ته جيڪا ڪنهن ٻئي نه پر سندس نالو وٺندڙن طرفا ڪئي ويئي.
۽ اهڙيون ناانصافيون دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان ٿينديون رهيون آهن ”پيغمبر“ پنهنجي پنهنجي دور جا وڏا انقلابي ۽ مدبر هئا اهي روايتون ٽوڙيندا هئا. انهن تي پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي به تبديل ڪري ڇڏيو. پرپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪيترا ماڻهو سندن نالي کي تبديليءَ کي روڪڻ ۽ اسٽيٽس ڪو (status quo) بحال رکڻ خاطر استعمال ڪندا ٿا رهن. نتيجو اهو ٿو ٿئي ته انهن عظيم انسانن جي عظيم جدوجهد، مدبرانه سوچ ۽ شاندار ڪردار اڄ جي انساني سماج جي ترقيءَ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪري نه ٿا سگهن. ها البته ايترو ضرور آهي ته انهن جو پاڻ کي پڪو ۽ سچو پوئلڳ چورائيندڙن جي ذاتي ترقي ضرور ٿي رهي آهي.
سو سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم انسان جي ايم سيد کي ياد ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان سنڌ جي نجات ۽ انسان ذات جي فلاح لاءِ ڏسيل رستن ۽ اختيار ڪيل طريقن کي پنهنجي سوچ ۽ عمل جا رهنما اصول بڻايون ۽ سندس ڇڏيل ڪردار کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستي جي روشني بڻايون.

No comments:

Post a Comment