ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو | شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ موجود درس |
جي ايم سيد | پيغامِ لطيف |
عبدالواحد آريسر | وريا واهرو |
رنڌير سنگھه | ڏونگر نيٺ ڏُرن |
استاد بخاري | هي گجرا هي گولا |
استاد بخاري | بخاريءَ جا قطعا |
راشد مورائي | دل جو شهر |
ڪنهن به قوم جي ذهني اوسر ۽ قومي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار اهم هوندو آهي. تعليمي ادارا قومن جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ بنيادي اهميت رکن ٿا. تعليمي ادارن ۾ روشني جنم وٺي ٿي، تعليمي ادارا ڪنهن به قوم جو قومي مورچو هوندا آهن. تعليمي ادارن ۾ انقلاب پلجن ٿا. دنيا جي تواريخ جو اڀياس ڪبو ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته هر قوم ۾ ڪو نه ڪو مقدس تعليمي ادارو ضرور ملندو، جيڪو قومي آزادي ۽ انقلاب لاءِ روشني جو مينار ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن ”آمريڪن يونيورسٽي بيروت“ نه هجي ته عربن ۾ ڪڏهن به قومپرستي جي لهر نه اڀري ها، بنگلاديش ۾ ڍاڪا يونيوسٽي نه هجي ها ته بنگالي پنهنجي ماڳ تي نه پهچن ها، تهران يونيورسٽي نه هجي ها، ته شايد ايران مان شهنشاهيت جو خاتمو نه اچي ها ۽ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي نه هجي ها ته سنڌين جي جان ون يونٽ مان نه ڇٽي ها ۽ سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو جذبو پيدا نه ٿئي ها. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن، ڪاليج آهن، هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن، پر جيڪڏهن اسان ايمانداري ۽ غير جانبدارانه نموني انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺنداسين ته، خبر پوندي ته سنڌ جا سڀ تعليمي ادارا اهو ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به قوم کي مهذب ۽ ترقي يافته بنائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. شاگردن جي گروهه بندي ۽ اناپرستيءَ جي ڪري يونيورسٽيون مقتل گاهه بنيل آهن، يونيورسٽين ۾ هر ٻئي ٽئي ڏينهن شاگردن طرفان ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ٿو. جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي زبردستي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي يونيورسٽين جي اها صورتحال سنڌ جو تعليمي ماحول تباهه ڪري ڇڏيندي، ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته مائٽ پنهنجا ٻار يونيورسٽين ۾ موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندا. سرندي ورا ته پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ وڃي تعليم حاصل ڪندا، پر مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ۽ محنت ڪش طبقي جي ٻارن تي تعليم جا دروازا هميشه بند ٿي ويندا. سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ خاص طور تي حڪومت سنڌ کي هن اهم مسئلي تي توجهه ڏيئي سنڌ جي يونيورسٽين مان بدامني کي تڙڻ لاءِ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر ۾ قائم ٿيل ڪاليجن جي حالت به ڪا قابل رشڪ ناهي. ماضيءَ ۾ جيڪي عوام دشمن ۽ آمريت جي ڪک مان پيدا ٿيل حڪومتون هيون، انهن ته ڄاڻي واڻي سنڌ جي ڪاليجن کي نظرانداز ڪيو، ان جي نتيجي ۾ ٻهراڙي جا بوائز توڙي گرلز ڪاليج مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. گذريل ٻن سالن کان سنڌ اندر عوامي حڪومت آهي، پر عوامي حڪومت به هنن ڪاليجن جي بهتري لاءِ ڪي مثبت قدم نه کنيا آهن. اڳوڻو سيڪريٽري تعليم ته پنهنجي آفيس تائين محدود رهيو. هن ٻن سالن جي عرصي دوران ڪنهن به تعليمي اداري جي صورتحال جو جائزو نه ورتو. هاڻ نئون سيڪريٽري تعليم آيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ٻهراڙي جي ڪاليجن ۾ وڃي پاڻ ڏسي ته انهن جون ضرورتون ڪهڙيون آهن؟ هي دور ميرٽ جو دور آهي. يونيورسٽين يا پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ جيڪو داخلا جو سسٽم رائج آهي. اهو انٽري ٽيسٽ جي ذريعي آهي. جيڪڏهن ٻارن وٽ سائنس جا استاد نه هوندا ته صحيح معنيٰ ۾ ڪيئن تعليم حاصل ڪري سگهندا؟ انٽري ٽيسٽ جو امتحان ڪيئن پاس ڪري سگهندا!؟ ساڳي صورتحال هاير سيڪنڊري اسڪولن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي آهي. ٻه سال گذري ويا، پر هنن تعليمي ادارن جي صورتحال به نه سڌري آهي. جڏهن اسان پنجاب جي تعليمي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته اتي ٻن سالن ۾ تعليمي ادارن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪرتا ڌرتائن کي به سنڌ جي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ کپي. اڄڪلهه صورتحال اها آهي ته هر هنڌ پرائيوٽ تعليمي ادارا برساتي کنڀين جيان گهر گهر، گهٽي گهٽي کلي رهيا آهن، جتي تعليم مهانگي آهي. غريب طبقي جا ماڻهو، جيڪي ٽن وقتن جي مانيءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ڪن ٿا، اهي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سوچي به نٿا سگهن. ڪراچي ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دروازا بند آهن، گلگت بلتستان، ڪشمير، فاٽا جي ٻارن لاءِ ته سيٽون مخصوص آهن، پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ٻار ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جو سوچي به نٿو سگهي! ڪاليج سطح تي پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪاليجن منجهه جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي، انهن ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ آرٽس جون فيڪلٽيون شامل آهن، جيئن ته دنيا جديد علوم جي ميدان ۾ ترقي ڪري رهي آهي ته سنڌ سرڪار جو اهو به قومي فرض بنجي ٿو ته جيڪي فيڪلٽيون آهن، انهن جي حالت بهتر بنائي وڃي ۽ ڪاليجن ۾ جديد علوم جا شعبا پڻ کوليا وڃن ته سنڌ جا ٻار دنيا سان ميرٽ جي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن وقت سنڌ صوبي ۾ هوم اڪنامڪس جي شعبي ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آهي، جيڪو صرف ڪراچي ۾ آهي، جيئن ته هوم اڪنامڪس جو شعبو جديد علوم جو هڪ حصو آهي. صوبي جي مختلف ڪاليجن ۾ گريجوئيٽ سطح جي تعليم نياڻين کي ڏني وڃي ٿي، پوسٽ گريجوئيٽ هوم اڪنامڪس ڪاليج ڪراچي ۾ هئڻ ڪري، سنڌ جون نياڻيون ڪراچي ۾ ويندي گهٻرائين ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڪراچي بارود جو ڍير هئڻ ڪري بدامني جي آماجگاهه بنيل آهي. 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي پهرئين دور حڪومت ۾ ڪراچي کان ٻاهر هوم اڪنامڪس جي شعبي ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ منظور ٿيو ته جيئن ٻهراڙي جون نياڻيون پوسٽ گريجوئيٽ جي تعليم حاصل ڪري، زندگي ۾ باعزت مقام ماڻي سگهن. بلڊنگ تيار ٿي ويئي، پر 1990ع ۾ لساني فسادن جي ڪري ان بلڊنگ ۾ ڪاليج نه کلي سگهيو. ارباب دور ۾ ان وقت جي وزير تعليم جي هدايت تي هن بلڊنگ ۾ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، پر قاسم آباد جي باشعور ماڻهن جي احتجاج سبب پوليس ٿاڻو نه کلي سگهيو، بعد ۾ سياسي رشوت عيوض هي بلڊنگ هڪ پرائيوٽ اسڪول کي ڏني ويئي. تازو ٻيهر هن بلڊنگ جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ٿاڻو کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو قاسم آباد جي رهواسين جي احتجاج ڪري ختم ڪيو ويو. هي تعليمي ادارو سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي، عوام جي پگهر ۽ پورهئي تي لڳايل ٽيڪس جي آمدني مان جڙيو آهي، جيڪڏهن هن بلڊنگ ۾ نياڻين لاءِ هڪ نئون گرلز ڪاليج کوليو وڃي ۽ ان ۾ جيڪي فيڪلٽيون قائم ڪرڻ گهرجن، انهن ۾ ايم اي هوم اڪانامڪس، ايم ڪام، ايم سي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، بي بي اي ۽ ايم بي اي شامل هئڻ گهرجن ته سنڌ جي هزارين نياڻين کي تعليم جهڙي اهم زيور سان آراسته ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هي بلڊنگ سنڌ سرڪار پنهنجي قبضي ۾ وٺي، نياڻين لاءِ گرلز ڪاليج نه کوليو ته اها سنڌ جي عوام سان ناانصافي ٿيندي. منهنجي راءِ موجب جيڪڏهن هن گرلز ڪاليج جو نالو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ هن ڪاليج جي بلڊنگ اندر ٻهراڙي جي نياڻين لاءِ هاسٽل پڻ تعمير ڪئي وڃي ته جيئن سڄي سنڌ جون نياڻيون جديد علوم جو فيض حاصل ڪري سگهن. قاسم آباد ۾ رهندڙ قومي اسيمبلي، سينيٽ توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ چونڊيل عوامي نمائندن جو اهو اخلاقي ۽ قومي فرض بڻجي ٿو ته هن تعليمي اداري کي فنڪشنل بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جڏهن ته هن اداري جي کولڻ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ سنڌ جي تعليم کاتي وٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي. |
The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com |
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهڻي عرصي کان وٺي مقرر وقت تي شروع ناهي ٿيو. وقت تي اگر پهچندا آهن ته اسيمبليءَ جا ملازم، صحافي ۽ پوليس وارا، باقي ميمبر صاحبان پنهنجي مرضي سان ايندا آهن ۽ ان حوالي سان ڪافي ڀيرا اسپيڪر نصيحتون به ڪندو رهندو آهي، پر عمل ناهي ٿيندو. اڱاري ڏينهن وارو اجلاس به پوڻا ٽي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، پر جيترا ڪلاڪ هليو، پي پي جي حوالي سان انتهائي گرم رهيو. اجلاس شروع ٿيندي ئي آغا سراج دراني پهريون ڀيرو ايوان ۾ ڪراچي شهري سرڪار تي تنقيد ڪئي. ناظم ڪراچي جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهايو ۽ چيو ته مفاهمت جي پاليسي تحت خاموش آهيون. ڪراچي شهري حڪومت پنهنجون حدون نه اورانگهي، پنهنجي حدن ۾ رهي. آغا سراج جي اهڙي موقف بعد ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ دٻيل ڪاوڙ تان ڍڪ لاٿو. ان کي تيزي وري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تقرير ڏني. جنهن مسلم ليگ ق جي ايم پي اي شهريار مهر جي بدامني واري بيان تي ڪاوڙجي اسپيڪر کان ڳالهائڻ جو وقت گهريو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شروعات ته شڪارپور ۾ پيدا بدامني کان ڪئي، پر هو ڳالهائيندو ڪراچي ۾ موجوده ٽارگيٽ ڪلنگ تي پهتو ته ڳالهيون تلخين تائين پهتيون. اڻ سڌي ريت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ جاري بدامني کي سڌي ريت سياسي پٺڀرائي قرار ڏنو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته، ڪراچي ۾ رستي جي ڀر ۾ ويٺل معصوم ٻار ته قتل ٿي وڃي ٿو پر هڪ به ايم پي اي يا ايم اين اي قتل نٿو ٿئي. ذوالفقار مرزا سمورن ايم پي ايز جا چٺا ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي اها به اپيل ڪئي ته سمورن ايم پي ايز کان پاڪ ڪتاب تي واعدو ورتو وڃي ته هو ڏوهارين جي پٺڀرائي نه ڪندا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به آغا سراج دراني وانگي مفاهمت واري پاليسي کان بيزاري جو اظهار ڪندي چيو ته ”ڪاش اسان کي مفاهمت واري پاليسي بنا ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ها ته هر چوڪ تي سياسي بدمعاشن کي لٽڪايان ها. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي اها تقرير ڪري ته هليو ويو، پر جڏهن پوائنٽ آف آرڊر تي ميمبر ڳالهائي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد سنڌ اسيمبلي اندر پنهنجو پاليسي بيان ڏيڻ چاهيو. ڊاڪٽر صغير احمد نالو کڻڻ بنا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آغا سراج دراني جي تقريرن کي سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي وارا ايڪشن قرار ڏنو. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کيس روڪيندي چيو ته گهرو وزير ذوالفقار مرزا ايوان ۾ موجود ناهي، ان ڪري اسيمبلي قانون مطابق ڪنهن به وزير جي غير موجودگي ۾ ان جي تقرير تي راءِ نٿي ڏئي سگهجي. شهلا رضا جڏهن ڊاڪٽر صغير احمد جي مائيڪ بند ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ته ايم ڪيو ايم جا سمورا ميمبر اٿي بيهي رهيا ۽ انهن ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا تي جانبداري جو الزام هنيو، جنهن بعد ايم ڪيو ايم جا ميمبر سيد سردار احمد ۽ ڊاڪٽر صغير احمد جي سربراهي ۾ پهريون ڀيرو ايوان جو واڪ آئوٽ ڪري ”وڏيره شاهي مرده باد“ جا نعرا هنيا. سنڌ اسيمبلي ۾ ٻن سالن دوران هي پهريون موقعو هو، جو ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم ارباب غلام رحيم کي جوتو لڳڻ دوران بائيڪاٽ ڪيو هو. تنهن ڪري هن ڀيري ٻنهي جماعتن جي اندر هڪ ٻئي سان جيڪا ”محبت“ آهي، اها وائکي ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هن وڏي تلخي کانسواءِ اهم بحث ايم پي اي شهريار مهر جي بيان تي به ٿيو. شهريار مهر جو چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي سان 4 صوبائي وزير، 2 صلاحڪار تعلق رکن ٿا، پوءِ به ضلعي ۾ بدامني آهي. چورن هڙتال ڪرائي هڪ ٿاڻي جو ايس ايڇ او رکرايو. شهريار مهر جي ان موقف تي سخت گوڙ ٿيو، جنهن تي ذوالفقار مرزا مٿيون بيان ڏنو. اسيمبليءَ جي اڄوڪي اجلاس ۾ فنڪشنل مسلم ليگ (ق) جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ٽنڊو باگو سول اسپتال جي حالت تفصيل سان بيان ڪئي، جنهن تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اتفاق ڪندي چيو ته، ٽنڊي باگي اسپتال جي ايم ايس کي آئون چيف منسٽر سان ملي بدلي ڪرايان ٿو، واقعي ٽنڊو باگي تعلقي اسپتال جي حالت انتهائي خراب آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي هن اجلاس ۾ جڏهن آغا سراج دراني مڪاني ادارن بابت اسيمبلي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيئي رهيو هو ته نصرت سحر عباسي، حاجي منور عباسي، هير سوهو ۽ نديم ڀٽو ڪراچي ماسٽر پلان، حيدرآباد شهري حڪومت ۽ ڪراچي جي فريئر هال بابت سوال ڪيا. نصرت سحر عباسي کي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ پير مظهرالحق ”امان“ چئي پڪاريندو آهي. اڄ ان جو فائدو آغا سراج دراني ورتو ۽ هر جواب ۾ هلڪي مزاح به شامل ڪئي. آغا سراج دراني پير مظهرالحق کي مخاطب ٿي چيو ته، آئون نصرت سحر عباسي کي امان چوان يا ادي؟ پير مظهرالحق ناظمن واري نظام کي راڄ واڙي سڏيو ۽ دادو جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ”اتي هڪ شهزادو ناظم هو، جنهن ڪي به ڪم نه ڪرايا.“ جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته مون وٽ سمورن ناظمن جا حق آهن، اسيمبلي ۾ 2 چار ڪلاڪ وقت ڏيو ته تفصيل سان ٻڌايان، جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته ”اگر ڪنهن ناظم خلاف ڪرپشن جا تفصيل آهن ته ان خلاف قدم کڻو، هي اجلاس جي ڪارروائي اڳتي هلڻ ڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪجهه ذڪر قاسم آباد حيدرآباد ۾ جاري بدامني جو به ٿيو. مسلم ليگ جي ايم پي اي نزهت پٺاڻ ايوان جو ڌيان ڇڪايو ته قاسم آباد ۾ بدامني عروج تي آهي، ڀتا خوري عروج تي آهي، قاسم آباد جا رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن. جنهن تي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو ته هو خميس ڏينهن قاسم آباد ۾ کلي ڪچهري ڪري بدامني ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو. اجلاس ۾ نواب تيمور ٽالپر پنجاب اسيمبليءَ ۾ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جي حمايت ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ طرف ڌيان ڇڪايو ۽ چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، اسان جي وڏي ڀاءُ کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. سخت اختلافن ۽ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ باوجود هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ته اويڪيو ٽرسٽ جا انتظامي اختيار وفاق کان صوبن حوالي ڪيا وڃن. هيءُ ٺهراءُ به ايوان متفق راءِ سان پاس ڪيو. اجلاس ۾ آخر تائين ايم ڪيو ايم جا ميمبر شريڪ نه ٿيا، جنهن تي اجلاس ختم ٿيڻ بعد مخالف ڌر جي اڪثر ميمبرن شهريار مهر ڏي اشارو ڪندي چوندا رهيا ته شڪارپوري پنهنجو ڪم ڏيکاريو، ڇاڪاڻ ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هي اختلاف شهريار مهر جي بدامني واري سخت موقف کانپوءِ ٿيا، جن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. dodochandio@yahoo.com |
The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com |