سنڌ، تعليم ۽ تعليمي ادارا ... لياقت عزيز

ڪنهن به قوم جي ذهني اوسر ۽ قومي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار اهم هوندو آهي. تعليمي ادارا قومن جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ بنيادي اهميت رکن ٿا. تعليمي ادارن ۾ روشني جنم وٺي ٿي، تعليمي ادارا ڪنهن به قوم جو قومي مورچو هوندا آهن. تعليمي ادارن ۾ انقلاب پلجن ٿا. دنيا جي تواريخ جو اڀياس ڪبو ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته هر قوم ۾ ڪو نه ڪو مقدس تعليمي ادارو ضرور ملندو، جيڪو قومي آزادي ۽ انقلاب لاءِ روشني جو مينار ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن ”آمريڪن يونيورسٽي بيروت“ نه هجي ته عربن ۾ ڪڏهن به قومپرستي جي لهر نه اڀري ها، بنگلاديش ۾ ڍاڪا يونيوسٽي نه هجي ها ته بنگالي پنهنجي ماڳ تي نه پهچن ها، تهران يونيورسٽي نه هجي ها، ته شايد ايران مان شهنشاهيت جو خاتمو نه اچي ها ۽ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي نه هجي ها ته سنڌين جي جان ون يونٽ مان نه ڇٽي ها ۽ سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو جذبو پيدا نه ٿئي ها.
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن، ڪاليج آهن، هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن، پر جيڪڏهن اسان ايمانداري ۽ غير جانبدارانه نموني انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺنداسين ته، خبر پوندي ته سنڌ جا سڀ تعليمي ادارا اهو ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به قوم کي مهذب ۽ ترقي يافته بنائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. شاگردن جي گروهه بندي ۽ اناپرستيءَ جي ڪري يونيورسٽيون مقتل گاهه بنيل آهن، يونيورسٽين ۾ هر ٻئي ٽئي ڏينهن شاگردن طرفان ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ٿو. جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي زبردستي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي يونيورسٽين جي اها صورتحال سنڌ جو تعليمي ماحول تباهه ڪري ڇڏيندي، ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته مائٽ پنهنجا ٻار يونيورسٽين ۾ موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندا. سرندي ورا ته پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ وڃي تعليم حاصل ڪندا، پر مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ۽ محنت ڪش طبقي جي ٻارن تي تعليم جا دروازا هميشه بند ٿي ويندا. سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ خاص طور تي حڪومت سنڌ کي هن اهم مسئلي تي توجهه ڏيئي سنڌ جي يونيورسٽين مان بدامني کي تڙڻ لاءِ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر ۾ قائم ٿيل ڪاليجن جي حالت به ڪا قابل رشڪ ناهي. ماضيءَ ۾ جيڪي عوام دشمن ۽ آمريت جي ڪک مان پيدا ٿيل حڪومتون هيون، انهن ته ڄاڻي واڻي سنڌ جي ڪاليجن کي نظرانداز ڪيو، ان جي نتيجي ۾ ٻهراڙي جا بوائز توڙي گرلز ڪاليج مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. گذريل ٻن سالن کان سنڌ اندر عوامي حڪومت آهي، پر عوامي حڪومت به هنن ڪاليجن جي بهتري لاءِ ڪي مثبت قدم نه کنيا آهن. اڳوڻو سيڪريٽري تعليم ته پنهنجي آفيس تائين محدود رهيو. هن ٻن سالن جي عرصي دوران ڪنهن به تعليمي اداري جي صورتحال جو جائزو نه ورتو. هاڻ نئون سيڪريٽري تعليم آيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ٻهراڙي جي ڪاليجن ۾ وڃي پاڻ ڏسي ته انهن جون ضرورتون ڪهڙيون آهن؟ هي دور ميرٽ جو دور آهي. يونيورسٽين يا پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ جيڪو داخلا جو سسٽم رائج آهي. اهو انٽري ٽيسٽ جي ذريعي آهي. جيڪڏهن ٻارن وٽ سائنس جا استاد نه هوندا ته صحيح معنيٰ ۾ ڪيئن تعليم حاصل ڪري سگهندا؟ انٽري ٽيسٽ جو امتحان ڪيئن پاس ڪري سگهندا!؟ ساڳي صورتحال هاير سيڪنڊري اسڪولن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي آهي. ٻه سال گذري ويا، پر هنن تعليمي ادارن جي صورتحال به نه سڌري آهي. جڏهن اسان پنجاب جي تعليمي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته اتي ٻن سالن ۾ تعليمي ادارن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪرتا ڌرتائن کي به سنڌ جي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ کپي. اڄڪلهه صورتحال اها آهي ته هر هنڌ پرائيوٽ تعليمي ادارا برساتي کنڀين جيان گهر گهر، گهٽي گهٽي کلي رهيا آهن، جتي تعليم مهانگي آهي. غريب طبقي جا ماڻهو، جيڪي ٽن وقتن جي مانيءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ڪن ٿا، اهي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سوچي به نٿا سگهن. ڪراچي ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دروازا بند آهن، گلگت بلتستان، ڪشمير، فاٽا جي ٻارن لاءِ ته سيٽون مخصوص آهن، پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ٻار ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جو سوچي به نٿو سگهي!
ڪاليج سطح تي پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪاليجن منجهه جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي، انهن ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ آرٽس جون فيڪلٽيون شامل آهن، جيئن ته دنيا جديد علوم جي ميدان ۾ ترقي ڪري رهي آهي ته سنڌ سرڪار جو اهو به قومي فرض بنجي ٿو ته جيڪي فيڪلٽيون آهن، انهن جي حالت بهتر بنائي وڃي ۽ ڪاليجن ۾ جديد علوم جا شعبا پڻ کوليا وڃن ته سنڌ جا ٻار دنيا سان ميرٽ جي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن وقت سنڌ صوبي ۾ هوم اڪنامڪس جي شعبي ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آهي، جيڪو صرف ڪراچي ۾ آهي، جيئن ته هوم اڪنامڪس جو شعبو جديد علوم جو هڪ حصو آهي. صوبي جي مختلف ڪاليجن ۾ گريجوئيٽ سطح جي تعليم نياڻين کي ڏني وڃي ٿي، پوسٽ گريجوئيٽ هوم اڪنامڪس ڪاليج ڪراچي ۾ هئڻ ڪري، سنڌ جون نياڻيون ڪراچي ۾ ويندي گهٻرائين ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڪراچي بارود جو ڍير هئڻ ڪري بدامني جي آماجگاهه بنيل آهي. 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي پهرئين دور حڪومت ۾ ڪراچي کان ٻاهر هوم اڪنامڪس جي شعبي ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ منظور ٿيو ته جيئن ٻهراڙي جون نياڻيون پوسٽ گريجوئيٽ جي تعليم حاصل ڪري، زندگي ۾ باعزت مقام ماڻي سگهن. بلڊنگ تيار ٿي ويئي، پر 1990ع ۾ لساني فسادن جي ڪري ان بلڊنگ ۾ ڪاليج نه کلي سگهيو. ارباب دور ۾ ان وقت جي وزير تعليم جي هدايت تي هن بلڊنگ ۾ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، پر قاسم آباد جي باشعور ماڻهن جي احتجاج سبب پوليس ٿاڻو نه کلي سگهيو، بعد ۾ سياسي رشوت عيوض هي بلڊنگ هڪ پرائيوٽ اسڪول کي ڏني ويئي. تازو ٻيهر هن بلڊنگ جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ٿاڻو کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو قاسم آباد جي رهواسين جي احتجاج ڪري ختم ڪيو ويو. هي تعليمي ادارو سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي، عوام جي پگهر ۽ پورهئي تي لڳايل ٽيڪس جي آمدني مان جڙيو آهي، جيڪڏهن هن بلڊنگ ۾ نياڻين لاءِ هڪ نئون گرلز ڪاليج کوليو وڃي ۽ ان ۾ جيڪي فيڪلٽيون قائم ڪرڻ گهرجن، انهن ۾ ايم اي هوم اڪانامڪس، ايم ڪام، ايم سي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، بي بي اي ۽ ايم بي اي شامل هئڻ گهرجن ته سنڌ جي هزارين نياڻين کي تعليم جهڙي اهم زيور سان آراسته ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هي بلڊنگ سنڌ سرڪار پنهنجي قبضي ۾ وٺي، نياڻين لاءِ گرلز ڪاليج نه کوليو ته اها سنڌ جي عوام سان ناانصافي ٿيندي. منهنجي راءِ موجب جيڪڏهن هن گرلز ڪاليج جو نالو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ هن ڪاليج جي بلڊنگ اندر ٻهراڙي جي نياڻين لاءِ هاسٽل پڻ تعمير ڪئي وڃي ته جيئن سڄي سنڌ جون نياڻيون جديد علوم جو فيض حاصل ڪري سگهن. قاسم آباد ۾ رهندڙ قومي اسيمبلي، سينيٽ توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ چونڊيل عوامي نمائندن جو اهو اخلاقي ۽ قومي فرض بڻجي ٿو ته هن تعليمي اداري کي فنڪشنل بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جڏهن ته هن اداري جي کولڻ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ سنڌ جي تعليم کاتي وٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment