پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم درميان مفاهمت جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ اختيار کوکر

 سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ اڱاري ڏينهن گهرو معاملن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ مڪاني ادارن واري وزير آغا سراج دراني پاران ڪراچي جي صورتحال تي سخت بيان ڏيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت ۾ شامل ٻن اتحادي ڌرين پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مقامي قيادت وچ ۾ ناتا هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا. ايم ڪيو ايم مطالبو ڪري ڇڏيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آغا سراج دراني جي بيانن تي معافي وٺي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ انهي سوال جي جواب ۾ وڃڻ کان پهرين اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇڪتاڻ واري تازي صورتحال ڪيئن پيدا ٿي؟ سنڌ اسيمبلي جو اڱاري ڏينهن وارو اجلاس ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ بلاول هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪور ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي. انهي گڏجاڻي ۾ اهو طئه ٿيو ته صوبي ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ کان پهرين ناظمن جي جاءِ تي سرڪاري آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو. ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيڻ سان گڏ مڪاني ادارن جي نين چونڊن جي تاريخ جو پڻ اعلان ڪيو ويندو. انهيءَ کانپوءِ سومر واري رات ٻي وڳي تائين سي ايم هائوس ۾ حڪومت ۾ شامل اتحادي ڌرين جي گڏجاڻي ٿي. انهي گڏجاڻي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ کي پڻ شامل ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ طئه ٿيو ته شهر اندر امن امان قائم ڪرڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي هلندڙ سلسلي کي روڪڻ لاءِ اتحادي ڌرين جا اڳواڻ گڏجي ڇڪتاڻ وارن علائقن جو دورو ڪندا ۽ گڏجي حالتن کي ڪنٽرول هيٺ آندو ويندو. ساڳي وقت اهو پڻ طئه ٿيو هو ته ايڊمنسٽريٽر مڪاني ادارن جي چونڊن جي اعلان کانپوءِ مقرر ڪيا ويندا. پر مڪاني ادارن جون چونڊون ڪهڙي نظام هيٺ ٿينديون؟ ايس ايل جي او 2001ع وارو موجوده نظام قائم رهندو يا ڪو نئون نظام ايندو؟ اهو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.
رات دير تائين ٿيل انهي گڏجاڻيءَ مان لڳي پيو ته حڪومت جي اتحادي ڌرين ۾ مڪاني ادارن ۽ امن امان وارن معاملن تي گذريل هڪ مهيني کان هلندڙ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي ويندي. پر ٻئي ڏينهن صبح جو سنڌ اسيمبلي جي ٿيل اجلاس ۾ پهرين مڪاني ادارن واري صوبائي وزير آغا سراج دراني پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي اخبار ۾ شايع ٿيل ڪراچي شهري حڪومت جي ناظم جو بيان ايوان کي ڏيکاريندي چيو ته ناظم چيو آهي ته ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران گذريل ڇهن مهينن دوران عمارتن جي تعمير جا منظور ڪيل سمورا نقشا غير قانوني آهن، ڇاڪاڻ جو انهن نقشن جي فيس شهري حڪومت کي ادا ناهي ڪئي وئي. آغا سراج دراني چيو ته شهري حڪومت کي اهڙو ڪوبه اختيار ڪونهي ته صوبائي اداري جي منظور ڪيل نقشن کي رد ڪري. هن چيو ته شهري حڪومت جو ڪراچي اسٽريٽيجڪ پلان 2020ع پڻ صوبائي حڪومت جي معاملن ۾ هڪ وڏي مداخلت آهي، جنهن جو قانون واري صوبائي کاتي کي ان پلان جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن اهو پڻ چيو ته جڏهن ته ڊي ايڇ اي ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ وارا به پنهنجا اهڙا ترقياتي پلان صوبائي حڪومت کان منظور ڪرائڻ جا پابند آهن ۽ منظور ڪرائن ٿا ته پوءِ شهري حڪومت ان قانون تي عمل ڇو نٿي ڪري. هن چيو ته اسان صدر آصف علي زرداري جي مفاهمت واري پاليسي ڪري گهڻو برداشت ڪيو آهي، وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. هن اهو پڻ چيو ته شهري حڪومت جو ناظم ٽي وي چينلن تي اچي ٻين کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي، هن جو نفسياتي علاج ڪرايو وڃي.
آغا سراج دراني جي ان بيان تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر فيصل سبزواري ڳالهائڻ گهريو، پر قانون واري وزير اياز سومري سندس سيٽ تي وڃي کيس ٿڌو ڪيو. ان کانپوءِ شڪارپور مان چونڊيل مسلم ليگ (ق) جي ميمبر شهريار مهر پاران شڪارپور ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي ڪيل ذڪر جو جواب ڏيندي گهرو کاتي واري وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شڪارپور جي امن امان جي خرابي جو ذميوار علائقي جي وڏيرن کي قرار ڏيندي ڪراچي جي امن امان جي صورتحال تي پڻ ڳالهايو. انتهائي جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي هن صاف صاف چيو ته ڪجهه ڌريون شهر اندر پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ راهه ويندڙ غريب ماڻهن جو خون وهائي رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ پڻ سرحدي علائقن جهڙي امن امان جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ماڻهن کي خدا جو خوف نٿو ٿئي جو اسيمبلي جي هڪ وڌيڪ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بي گناهه ماڻهو ٿا مارين. هن چيو ته صدر جي مفاهمتي پاليسي سبب اسانجا هٿ ٻڌل آهن، جيڪڏهن مونکي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي ته ٽن مهينن اندر ڏوهارين جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. هن چيو ته مون صدر ۽ وزير اعظم کي به سڌو ٻڌايو آهي ته شهر اندر رتو ڇاڻ ڪير پيو ڪرائي. هن چيو ته اسان سڀ انهي رتوڇاڻ جا ذميوار آهيون. هن چيو ته ڪراچي جو ايم پي اي يا ايم اين اي ڇو نٿو قتل ٿئي، صرف غريب ڇو ٿا ماريا وڃن. هن چيو ته مان فوج کي درخواست ڪندس ته هو اچي شهر جو ڪنٽرول سنڀالين. ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن اسان مٿان ڪو ڏنڊي وارو اچي ويهي رهندو. هن چيو ته جڏهن به اسان ڪا ڪارروائي ٿا ڪيون ته ڏوهارين کي چونڊيل نمائندا ٿا ڇڏائي وڃن.
هن جي انهي تقرير جو ان وقت ڪنهن به جواب نه ڏنو، پر ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد جيڪو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تقرير وقت ايوان ۾ نه هيو، اهو آيو ۽ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته اسان دل تي پٿر رکي پيپلز پارٽي سان مفاهمت واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون. اسان جا هڪ سال ۾ 125 ڪارڪن قتل ٿي ويا آهن. هن ايوان ۾ ماڻهو اچي سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي واري اسٽائل ۾ تقريرون ٿا ڪن. انهن تقريرن سان ڪم نه هلندو. انهي تي اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کيس چيو ته اوهين گهرو کاتي واري وزير جي بيان تي ڳالهائي رهيا آهيو، هو ايوان ۾ موجود ناهي، ان ڪري قاعدن موجب اوهان ان جي غير موجودگي ۾ نٿا ڳالهائي سگهو. جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم وارا ”دهشتگردي نهين چلي گي“ جا نعرا هڻي ايوان مان بائيڪاٽ ڪري ويا.
سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي پارليامينٽري اڳواڻ پير مظهر الحق ايم ڪيو ايم وارن جو پاسو وٺندي ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته اوهان کي ايم ڪيو ايم جي وزير کي ڳالهائڻ ڏيڻ گهرجي. اسان مفاهمت واري سياست ڪري رهيا آهيون. هن ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته اوهين گهڻو جذباتي ٿي ويون هيون. هن درخواست ڪئي ته ڏهن منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪيو ته اسان بائيڪاٽ ڪري ويل دوستن کي راضي ڪري واپس وٺي اچون. پيپلزپارٽي جا ٽي وزير ڏيڍ ڪلاڪ تائين ايم ڪيو ايم وارن سان ڳالهيون ڪندا رهيا، پر هو ايوان ۾ واپس ڪونه آيا، جنهن کانپوءِ نائين زيرو تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ڪراچي شهر اندر رتوڇاڻ جو ذميوار گهرو معاملن واري وزير کي قرار ڏنو ۽ چيو ته پيپلزپارٽيءَ وارا ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، ان ڪري آغا سراج درانيءَ چيو هو ته ڪراچيءَ جو ايندڙ ناظم پيپلزپارٽيءَ جو هوندو. هنن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آغا سراج دراني ڊرامو ڪري رهيا آهن. اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي وارن کي وڌيڪ موقعو ڏنو ويو ته ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪامياب ٿي ويندي. هنن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن جي ڪوشش آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد ٽٽي وڃي. پر ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي ان معاملي تي اڃا غور ڪري رهي آهي. انهيءَ سياسي سرگرميءَ کانپوءِ صوبائي حڪومت ۾ شامل ٻنهي اتحادي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري گرمي پد ۾ واڌ اچي وئي آهي. سنڌ حڪومت رينجرز کي ڪراچيءَ جي امن مان جي خرابي وارن 25 ٿاڻن جي حدن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي ٻن دوست وزيرن جو اڱاري ڏينهن واريون اهي تقريرون پارٽيءَ جي مقامي قيادت ڪيترو پسند ڪيون، انهيءَ جوا ندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ذوالفقار مرزا جي تقرير دوران پيپلزپارٽيءَ جا ميمبر مسلسل ڊيسڪون وڄائي کيس داد ڏيندا رهيا. ان سان گڏ اهو پڻ ظاهر ٿي پيو ته صوبائي حڪومت جي اڪثريتي پارٽيءَ جا وزير مفاهمت واري موجوده پاليسيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسن ۽ هو پاڻ کي ڪيترو مجبور محسوس ڪري رهيا آهن. اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ته سنڌ جي گهرو کاتي واري وزير پاران سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان تي اهو بيان ڏيڻ ته هو ڪراچي جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوج کي دعوت ڏئي ٿو. هڪ چونڊيل حڪومت جي چونڊيل وزير پاران هڪ چونڊيل ايوان جي فلور تي اها ڳالهه ڪرڻ ڇا انهيءَ جي نشاندهي نٿي ڪري ته ڪراچي شهر جي امن امان جي صورتحال سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي هٿن مان ٻاهر نڪري رهي آهي؟ جيڪڏهن صورتحال هنن جي هٿن مان ٻاهر نڪري رهي آهي ته اها ڪنهن جي ناڪامي آهي؟ انهيءَ سان گڏ اها ڳالهه ڪرڻ ته ڊڄو ان ڏينهن کان ته ڪو ڏنڊو وارو اسان سڀني مٿان اچي نه ويهي رهي، جڏهن هڪ طرف اسان ڏنڊي واري کي پاڻ دعوت ڏئي رهيا آهيون ته ڏنڊي واري جي اچڻ کان ٻين کي ڊيڄارڻ جو ڇا مقصد ٿئي ٿو. گهرو کاتي واري وزير جو اهو چوڻ ته توهان جي لاءِ آخري موقعو آهي، ڇا گهرو کاتي جو وزير انهيءَ آخري موقعي ڏيڻ کانپوءِ انهن ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري سگهندو، جن کي هو سڃاڻي ٿو؟ هڪ اهم ڳالهه اها به ٿي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ کين جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هو سندن نشاندهيءَ تي ڏوهارين خلاف رينجرز ذريعي ڪراچيءَ ۾ ڪارروائي نٿو ڪرائي سگهي، ڇاڪاڻ جو اهو صوبائي معاملو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز پاران صوبائي حڪومت جي اجازت کانسواءِ لياريءَ ۾ ڪيل ڪارروائيءَ جي ٿيل عوامي احتجاج جو اثر ٿيو آهي. پر هاڻي جڏهن سنڌ حڪومت رينجرز کي ڪراچيءَ ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته اهو وفاقي فورس سنڌ حڪومت جي مرضيءَ سان ڪارروائي ڪندي يا وفاقي ادارا انهيءَ تي اثر انداز ٿيندا؟ جيڪڏهن اها ڪارروائي لياري وانگر يڪطرفي ٿي ته حڪومت جي ٻي اتحادي ڌر اي اين پي ناراض ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن گهرو کاتي واري صوبائي وزير واري ڏنل بيان موجب ٿي ته هن جي بيان تي ناراضگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ وڌيڪ ناراض ٿي سگهن ٿا. سو انهيءَ صورتحال مان نٿو لڳي ته ڪراچي شهر اندر دهشتگردن خلاف في الحال ڪا موثر ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان آهن. هاڻي اچون ٿا ان طرف ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مقامي قيادت وچ ۾ پيدا ٿيل تازي ڇڪتاڻ جو انت ڇا ٿي سگهي ٿو. پهرين ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت بيان بازيءَ جو اهو سلسلو پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آهي. انهيءَ کان پهرين اين آر او جي معاملي تي ايم ڪيو ايم پاران اين آر جي مخالفت کانپوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي هئي ته سنڌ ۾ قتل ۽ دهشتگرديءَ جا اٽڪل چار هزار ڪيس معاف ڪرائيندڙن جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري. انهيءَ کانپوءِ جنوريءَ جي پهرين هفتي ۾ ڪراچي اندر ٿيل رتوڇاڻ جي موقعي تي ايم ڪيو ايم حڪومت ڇڏڻ جو اعلان ڪندي فوج کي شهر جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي دعوت ڏني هئي، پر ٻنهي پارٽين جي اعليٰ قيادت پاڻ ۾ ڳالهايو ۽ مفاهمت وارو قافلو روان دوان رهيو. هن ڀيري به اهو ئي ٿيو جو نائن زيرو تان جاري ٿي ويو ته وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايم ڪيو ايم جي قائد سان فون تي ڳالهايو ۽ کيس ٻڌايو ته وزير اعظم صدر سان هنگامي ملاقات ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ صدر سنڌ جي گهرو کاتي ۽ مڪاني ادارن جي وزيرن سان ڳالهايو ۽ مٿن سخت ناراض ٿيو ته هڪ طرف هو مفاهمت جي پاليسيءَ تي عمل ڪندي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف اوهان ٺهيل ڪم ڊاهي رهيا آهيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن کين وڌيڪ بيان بازي ڪرڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو.
بيان موجب وزير اعظم متحده جي قائد سان سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڱاري ڏينهن واري پيدا ٿيل صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو. جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي سان مفاهمت وارو عمل جاري رکڻ جوا علان ڪري ڇڏيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ حڪومت جي ٻن وزيرن اسيمبلي ايوان ۾ بيان پارٽي پاليسيءَ جي خلاف ڏنا هجن يا اتحادين کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هنن جيڪي ڳالهيون ڪيون، ڇا اهي غلط آهن. جيڪڏهن هنن جذباتي انداز ۾ يا سياسي اڻڄاڻائي ۾ ئي سهي اصل حقيقتن تان پردو کنيو آهي ۽ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي ته انهيءَ کي وزن نه ڏئي پارٽي قيادت اتحادين کي راضي رکندي پنهنجي پارٽي ڪارڪنن ۽ ڪروڙين ووٽرن جي ناراضگيءَ جو خطرو سر تي کڻي درست فيصلو ڪندي؟
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com

No comments:

Post a Comment