ايوان ۾ ”تکيون“ تقريرون ڪيئن شروع ٿيون؟ دودو چانڊيو

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهڻي عرصي کان وٺي مقرر وقت تي شروع ناهي ٿيو. وقت تي اگر پهچندا آهن ته اسيمبليءَ جا ملازم، صحافي ۽ پوليس وارا، باقي ميمبر صاحبان پنهنجي مرضي سان ايندا آهن ۽ ان حوالي سان ڪافي ڀيرا اسپيڪر نصيحتون به ڪندو رهندو آهي، پر عمل ناهي ٿيندو. اڱاري ڏينهن وارو اجلاس به پوڻا ٽي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، پر جيترا ڪلاڪ هليو، پي پي جي حوالي سان انتهائي گرم رهيو. اجلاس شروع ٿيندي ئي آغا سراج دراني پهريون ڀيرو ايوان ۾ ڪراچي شهري سرڪار تي تنقيد ڪئي. ناظم ڪراچي جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهايو ۽ چيو ته مفاهمت جي پاليسي تحت خاموش آهيون. ڪراچي شهري حڪومت پنهنجون حدون نه اورانگهي، پنهنجي حدن ۾ رهي. آغا سراج جي اهڙي موقف بعد ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ دٻيل ڪاوڙ تان ڍڪ لاٿو. ان کي تيزي وري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تقرير ڏني. جنهن مسلم ليگ ق جي ايم پي اي شهريار مهر جي بدامني واري بيان تي ڪاوڙجي اسپيڪر کان ڳالهائڻ جو وقت گهريو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شروعات ته  شڪارپور ۾ پيدا بدامني کان ڪئي، پر هو ڳالهائيندو ڪراچي ۾ موجوده ٽارگيٽ ڪلنگ تي پهتو ته ڳالهيون تلخين تائين پهتيون. اڻ سڌي ريت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ جاري بدامني کي سڌي ريت سياسي پٺڀرائي قرار ڏنو.
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته، ڪراچي ۾ رستي جي ڀر ۾ ويٺل معصوم ٻار ته قتل ٿي وڃي ٿو پر هڪ به ايم پي اي يا ايم اين اي قتل نٿو ٿئي. ذوالفقار مرزا سمورن ايم پي ايز جا چٺا ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي اها به اپيل ڪئي ته سمورن ايم پي ايز کان پاڪ ڪتاب تي واعدو ورتو وڃي ته هو ڏوهارين جي پٺڀرائي نه ڪندا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به آغا سراج دراني وانگي مفاهمت واري پاليسي کان بيزاري جو اظهار ڪندي چيو ته ”ڪاش اسان کي مفاهمت واري پاليسي بنا ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ها ته هر چوڪ تي سياسي بدمعاشن کي لٽڪايان ها. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي اها تقرير ڪري ته هليو ويو، پر جڏهن پوائنٽ آف آرڊر تي ميمبر ڳالهائي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد سنڌ اسيمبلي اندر پنهنجو پاليسي بيان ڏيڻ چاهيو. ڊاڪٽر صغير احمد نالو کڻڻ بنا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آغا سراج دراني جي تقريرن کي سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي وارا ايڪشن قرار ڏنو. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کيس روڪيندي چيو ته گهرو وزير ذوالفقار مرزا ايوان ۾ موجود ناهي، ان ڪري اسيمبلي قانون مطابق ڪنهن به وزير جي غير موجودگي ۾ ان جي تقرير تي راءِ نٿي ڏئي سگهجي. شهلا رضا جڏهن ڊاڪٽر صغير احمد جي مائيڪ بند ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ته ايم ڪيو ايم جا سمورا ميمبر اٿي بيهي رهيا ۽ انهن ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا تي جانبداري جو الزام هنيو، جنهن بعد ايم ڪيو ايم جا ميمبر سيد سردار احمد ۽ ڊاڪٽر صغير احمد جي سربراهي ۾ پهريون ڀيرو ايوان جو واڪ آئوٽ ڪري ”وڏيره شاهي مرده باد“ جا نعرا هنيا.
سنڌ اسيمبلي ۾ ٻن سالن دوران هي پهريون موقعو هو، جو ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم ارباب غلام رحيم کي جوتو لڳڻ دوران بائيڪاٽ ڪيو هو. تنهن ڪري هن ڀيري ٻنهي جماعتن جي اندر هڪ ٻئي سان جيڪا ”محبت“ آهي، اها وائکي ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هن وڏي تلخي کانسواءِ اهم بحث ايم پي اي شهريار مهر جي بيان تي به ٿيو. شهريار مهر جو چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي سان 4 صوبائي وزير، 2 صلاحڪار تعلق رکن ٿا، پوءِ به ضلعي ۾ بدامني آهي. چورن هڙتال ڪرائي هڪ ٿاڻي جو ايس ايڇ او رکرايو. شهريار مهر جي ان موقف تي سخت گوڙ ٿيو، جنهن تي ذوالفقار مرزا مٿيون بيان ڏنو. اسيمبليءَ جي اڄوڪي اجلاس ۾ فنڪشنل مسلم ليگ (ق) جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ٽنڊو باگو سول اسپتال جي حالت تفصيل سان بيان ڪئي، جنهن تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اتفاق ڪندي چيو ته، ٽنڊي باگي اسپتال جي ايم ايس کي آئون چيف منسٽر سان ملي بدلي ڪرايان ٿو، واقعي ٽنڊو باگي تعلقي اسپتال جي حالت انتهائي خراب آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي هن اجلاس ۾ جڏهن آغا سراج دراني مڪاني ادارن بابت اسيمبلي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيئي رهيو هو ته نصرت سحر عباسي، حاجي منور عباسي، هير سوهو ۽ نديم ڀٽو ڪراچي ماسٽر پلان، حيدرآباد شهري حڪومت ۽ ڪراچي جي فريئر هال بابت سوال ڪيا. نصرت سحر عباسي کي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ پير مظهرالحق ”امان“ چئي پڪاريندو آهي. اڄ ان جو فائدو آغا سراج دراني ورتو ۽ هر جواب ۾ هلڪي مزاح به شامل ڪئي. آغا سراج دراني پير مظهرالحق کي مخاطب ٿي چيو ته، آئون نصرت سحر عباسي کي امان چوان يا ادي؟ پير مظهرالحق ناظمن واري نظام کي راڄ واڙي سڏيو ۽ دادو جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ”اتي هڪ شهزادو ناظم هو، جنهن ڪي به ڪم نه ڪرايا.“ جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته مون وٽ سمورن ناظمن جا حق  آهن، اسيمبلي ۾ 2 چار ڪلاڪ وقت ڏيو ته تفصيل سان ٻڌايان، جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته ”اگر ڪنهن ناظم خلاف ڪرپشن جا تفصيل آهن ته ان خلاف قدم کڻو، هي اجلاس جي ڪارروائي اڳتي هلڻ ڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪجهه ذڪر قاسم آباد حيدرآباد ۾ جاري بدامني جو به ٿيو. مسلم ليگ جي ايم پي اي نزهت پٺاڻ ايوان جو ڌيان ڇڪايو ته قاسم آباد ۾ بدامني عروج تي آهي، ڀتا خوري عروج تي آهي، قاسم آباد جا رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن. جنهن تي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو ته هو خميس ڏينهن قاسم آباد ۾ کلي ڪچهري ڪري بدامني ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو.
اجلاس ۾ نواب تيمور ٽالپر پنجاب اسيمبليءَ ۾ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جي حمايت ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ طرف ڌيان ڇڪايو ۽ چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، اسان جي وڏي ڀاءُ کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. سخت اختلافن ۽ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ باوجود هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ته اويڪيو ٽرسٽ جا انتظامي اختيار وفاق کان صوبن حوالي ڪيا وڃن. هيءُ ٺهراءُ به ايوان متفق راءِ سان پاس ڪيو. اجلاس ۾ آخر تائين ايم ڪيو ايم جا ميمبر شريڪ نه ٿيا، جنهن تي اجلاس ختم ٿيڻ بعد مخالف ڌر جي اڪثر ميمبرن شهريار مهر ڏي اشارو ڪندي چوندا رهيا ته شڪارپوري پنهنجو ڪم ڏيکاريو، ڇاڪاڻ ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هي اختلاف شهريار مهر جي بدامني واري سخت موقف کانپوءِ ٿيا، جن هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
dodochandio@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment