چشما ڪئنال بند ڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ بعد سنڌين کي ڀاشا ڊيم جو تحفو ڏيندڙ پيپلز پارٽي: اسد چانڊيو

سنڌ ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ميري اک رکي، پنهنجا درياهه ڀارت کي وڪرو ڪندڙ ”ڏاڍي مڙس“ پنجاب”ارسا“ جي سنڌ ۽ وفاق جي ميمبرن جا اعتراض پاڻ ئي رد ڪري ڇڏڻ ۽ وفاق جي نمائندي سان غنڊاگردي بعد زوري کوليل چشما جهلم لنڪ ڪئنال، سنڌي عوام جي زبردست احتجاج جي ڪري، فقط هڪ ڏينهن بند رکڻ بعد، ٻيهر کولي ڇڏيو آهي. ايئن ڪرڻ کان اڳ ”ڏاڍن مڙسن“ ان ڳالهه کي ڏسڻ جي ڪابه ضرورت محسوس ناهي ڪئي، نه وري سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ حڪومت کين اُها ڳالهه محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ته، جنهن وقت سنڌ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري، خريف جي فصلن جي پوکائي ناهي ٿي سگهي، سنڌ جا آبادگار ۽ هاري سڪل ٻيجارا کڻي، پنهنجي معاشي تباهيءَ تي روزانو روڊن تي اچي ماتم ڪري رهيا آهن، ان وقت پنجاب پوڇڙ جي زمينن کي سرسبز ڪرڻ لاءِ، چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ جو ضد ڪيئن ٿو ڪري سگهي!، ۽ جيڪڏهن اهڙو ضد ڪيو به وڃي ته پوءِ ان کي پورو ڪرڻ جو غير آئيني، غير قانوني ۽ سنڌين جي وات مان مانيءَ جو گرهه کسڻ وارو ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهجي!؟
1972ع ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي بابت ٿيل ٺاهه ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي فقط ان حالت ۾ ڇڏي سگهبو، جڏهن سنڌ جي ضرورت کان وڌيڪ پاڻي سنڌو درياهه ۾ موجود هوندو، جيئن پنجاب جي پوڇڙ ۾ ٿيندڙ فصلن کي بچائي سگهجي. اهو ڪم مڪمل طور عارضي ۽ تڏهن ڪري سگهڻ جهڙو هوندو، جڏهن سنڌ جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ٿيڻ بعد بaه، سنڌوءَ ۾ اضافي پاڻي موجود هوندو. اڄ جڏهن سنڌو درياهه ۾ سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهڻ جيترو ته ٺهيو پر ايترو پاڻي به موجود نه آهي، جو درياهه جي شروع وارن اتر سنڌ جي ضلعن ۾ فصلن جي پوکائي ته پري رهيو، پر ٻج به پوکي سگهجي، پنجاب کي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ جي اجازت ملي چڪي آهي!
ٻه هفتا اڳ ارسا جي ان وقت جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود طرفان جڏهن وفاق جي نمائندي بشير ڏهر سان منهن ماري ۽ ذري گهٽ هٿين پوڻ بعد، ٻئي ڏينهن ئي چشما سميت گريٽر ٿل ڪئنال کولڻ جهڙي ارهه زورائيءَ وارو فيصلو سامهون آيو هو ته، نه رڳو سنڌ حڪومت ان کي سنڌي ماڻهن سان سخت ناانصافي قرار ڏيندي، وفاق سان احتجاج جو اعلان ڪيو پر سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ صلاحڪارن ان زورآوريءَ جي جواب ۾ پنجاب لاءِ بندرگاهه، گئس ۽ هاءِ ويز بند ڪرڻ جو به چتاءُ ڏنو.
پنجاب جي اهڙي رويي تي هڪ طرف سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ تنظيمن جا زوردار احتجاج شروع ٿي ويا ته، ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي، پاڻيءَ تي لڳل ان ڌاڙي خلاف سنڌين مڪمل طور پنهنجو ڪاروبار بند رکي، حڪمرانن تي واضح ڪيو ته اهي پاڻيءَ معاملي تي پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين کان نه رڳو باخبر آهن پر ان خلاف آواز اٿارڻ به ڄاڻن ٿا.
ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن پنجاب سنڌ جي حقن کي لتاڙي به، پنهنجا مفاد پورا ڪرڻ لاءِ بي نقاب ٿي سامهون اچي چڪو هو، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام جي آواز ۾ ڪو فرق نظر نه پئي آيو، تڏهن پيپلز پارٽي جي ”بي باڪ“ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري فوزيا وهاب پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته: ”سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ڪابه کوٽ نه آهي، روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪندڙ سنڌي ڪوڙ پيا ڳالهائين، سنڌ جي زمينن جي بنجر بڻجي وڃڻ جون ڳالهيون نه رڳو ڪوڙيون آهن، پر سنڌ ۾ بمپر فصل به ٿي رهيا آهن، ان باوجود پاڻي نه هئڻ جي اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي“.
فوزيا وهاب جي اهڙي موقف جتي سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي نمائندگي ڪندڙ مختلف پارٽين کي چيڙائي وڌو، اتي پنهنجي پاڻ کي ڪوڙو ڪوٺيو وڃڻ تي به پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن توڙي حڪمرانن ڪو ردعمل ڏيکارڻ ۽ پنهنجي ئي پارٽيءَ جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري جي غلط فهمي دور ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي،۽ پوءِ جي واقعن ثابت ڪيو ته حڪمران پيپلز پارٽي جي پاڻي معاملي تي پاليسي اها نه آهي، جيڪا اسان قائم علي شاهه، مراد علي شاهه، قيصر بنگالي، نادر مگسي، مخدوم جميل ۽ سسئي پليجو جي واتان ٻڌي رهيا آهيون، ان عوامي پارٽي جي پاليسي اُها آهي جيڪا محترمه فوزيا وهاب صاحبه پشاور ۾ ڏني هئي، يعني پاڻي معاملي تي سنڌي ڪوڙ ڳالهائي، ويچاري پنجاب کي بدنام ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 11 جولاءِ تي ڪراچي آيو، جنهن آڏو پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ آبپاشي واري وزير مراد علي شاهه، پنجاب جي زورآوريءَ خلاف جڏهن احتجاج ڪيو ته وزيراعظم صاحب کين هڪ ڏينهن انتظار ڪرڻ جو چئي، ٻئي ئي ڏينهن ٿيندڙ سنڌ ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ اهو معاملو کڻڻ جي خاطري ڪرائي، پر ٻئي ڏينهن ڪابينا اجلاس جي هڪ صوبائي وزير طرفان ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته: ”وزيراعظم سنڌ کي چشما جهلم لنڪ ڪئنال زوري کولڻ وارو معاملو کڻڻ کان ئي روڪي ڇڏيو آهي“.
سنڌ سان جاري اهو مذاق اتي ئي پورو نه ٿيو جو، ارسا طرفان چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي زوري کولڻ سنڌ سان زيادتي قرار ڏئي، ان کي بند ڪرڻ واري فيصلي تي فقط هڪ ڏينهن عمل ٿي سگهيو ۽ اوچتو ئي اوچتو ارسا ان ڌاڙيل ڪئنال کي ٻيهر کولي پهرئين ڏينهن ئي 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کي ڏئي ڇڏيو ۽ ان تي سنڌ حڪومت طرفان ڪو احتجاج جو آواز اٿارڻ بجاءِ وڏي وزير ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنهنجي بيوسيءَ ۽ بنا ڪجهه حاصل ڪرڻ جي پنهنجي اڳ واري موقف تان هٿ کڻي اهو انڪشاف ڪيو ته: ”کيس پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته، سنڌ کي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي“. وڏي وزير جي ان معصوميت کي ڪهڙو نالو ڏجي جو هن، هر دور ۾ وفاق ۽ پنجاب جي سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين ۾ برابر جي شريڪ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت ۽ ان ۾ پنجاب جي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري رکيل راجا پرويز اشرف جي ان ڳالهه تي يقين ڪري ڇڏيو ته: ”سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي رهي، ان کي پنهنجي ضرورت کان به وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي“.
ڪجهه ڏينهن اڳ، پاڻي معاملي تي هڪ موقف پيپلز پارٽي جي ترجمان فوزيا وهاب جو هو ته ٻيو سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جو، جيڪي هڪ ٻئي کان بلڪل ابتڙ ۽ مختلف ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙ هئا، اڄ خوش قسمتيءَ سان ٻنهيءَ جو موقف هڪ ٿي چڪو آهي!، اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ جا هاري ۽ آبادگار اڄ به سڪل ٻيجارا کڻي روڊن تي ماتم ڪري رهيا آهن، آبادگارن جون تنظيمون پاڻي نه ملڻ تي احتجاج جا چتاءُ ڏئي رهيون آهن، سموريون قوم پرست تنظيمون احتجاجي تحريڪن جون تاريخون سامهون آڻي رهيون آهن، پر اسان جي سنڌ حڪومت پنهنجي عوام کي خوش خبري ٻڌائي ڇڏي آهي ته: ”سنڌ ۾ پاڻي هاڻي ضرورت کان به وڌيڪ موجود آهي، راجا پرويز اشرف جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪرڻ جو ڪو جواز آهي ئي نه، توهان اڃا به احتجاج جاري رکي، هروڀرو پيا پارٽي ترجمان فوزيا وهاب جي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪيو“.
پاڻيءَ جي معاملي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي زوري کولڻ واري معامري تي اڄ تائين جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، لڳي ٿو ته اهو فقط پنجاب جي هٺ ڌرميءَ تي پردو وجهڻ لاءِ هو، پنجاب جي شفقت مسعود، ارسا ميمبرن سان بدتميزي ڪري کين استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪري وڌو هو، سي جي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال کي ارسا جي منظوري بنا، ڏنڊي جي زور تي کولڻ واري عمل جو ڪنهن به پليٽ فارم تي دفاع ڪرڻ ممڪن نه هو، ان ڪري وزيراعظم سنڌ حڪومت ۽ ارسا کي استعمال ڪري، کانئن اهو ساڳيو فيصلو ڪرائي ورتو آهي، جنهن جو دفاع پنجاب جي حڪمرانن ۽ وفاقي حڪومت لاءِ ممڪن نه هو. سي جي ڪئنال کي زوري کولڻ بعد ٽن ڏينهن اندر 57 هزارڪيوسڪ پاڻي کنيو ويو هو، هاڻي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد، ان جو وهڪرو روزانو 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي. سنڌ ۾ سخت کوٽ دوران سي جي ڪئنال ذريعي لڳايل سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قانوني نٿو ٿي سگهي، چاهي اهو ارسا جي منظوري سان هنيو وڃي يا ان کي به باءِ پاس ڪري ”ڏاڍ مڙسيءَ“ ذريعي.
اسان سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان به ڪهڙي شڪايت ڪيون، جيڪا پارٽي ۽ جيڪا حڪومت پنجاب جي طاقتور ڌرين طرفان پيدا ڪيل غنڊن کي منهن ڏيڻ بجاءِ، ساڻن مفاهمت ڪرڻ تي مجبور هجي، اُها خود پنجاب ۽ ان جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ سگهارن ادارن ۽ فردن سان ڪيئن ٿي منهن ڏئي سگهي!؟ اسان پنهنجي ضرورت هٿان مجبور ٿي جيڪڏهن اهڙي ڪا اميد قائم ڪريون به ٿا ته، پوءِ ان جي پوري نه ٿي سگهڻ جي سئو سيڪڙو امڪان لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. پ پ جا سنڌي اڳواڻ جيڪڏهن پنهنجي پارٽي جي ترجمان فوزيا وهاب کي به قائل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ همت نٿا رکن ته، پوءِ کانئن پنجاب ۽ ان جي سگهارن ادارن کان سنڌ جون ضرورتون مڃائڻ جي اميد ڪندڙ ئي پاڻ کي ٺيڪ ڪري وٺن. موجوده رياستي وهنوار ۾ سنڌ جو ڪيس اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي مڃرائڻ جو ڪم ٿيڻو ئي ناهي، ڀلي حڪمران پارٽي ڪهڙي به هجي، اهو ڪم سنڌ جي عوام کي پاڻ ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي طاقت ۽ سگهه ذريعي ڪرڻو آهي.
سنڌ حڪومت جيڪا سي جي ڪئنال جي کلڻ کي سنڌ سان زيادتي قرار ڏئي رهي هئي، ان عجيب طريقي سان گڏيل قومن جي مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت تي به راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي! پ پ سنڌ جي قيادت کي ڪيس وڙهڻو هو پنهنجي عوام جو، پر سندن موجودگيءَ ۾ هر فيصلو ٿي رهيو آهي، پنجاب جي مفادن جو!
لڳاتار ڌَڪ کائڻ کان پوءِ هاڻي اسان کي روايتي سياست ڪندڙ سياستدانن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سوچڻ گهرجي، ڪا ڪوشش ته ڪجي، ٿي سگهي ٿو اسان کي فوري طور بهترين قيادت نه به ملي، پر ڪا نئين قيادت ته ملي سگهي ٿي، اهڙي قيادت، جنهن جو محور پنهنجي ذات نه، 5 ڪروڙ سنڌين جي خوشحالي ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪرڻ هجي.

www.awamiawaz.com

No comments:

Post a Comment