ارسا" هڪ مفلوج ادارو" : ايم بي ابڙو

وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ چشما لنڪ بئراج کي غير قانوني طور تي کولڻ خلاف نوٽيس وٺندي سنڌ جي نمائندي ۽ وفاق جي نمائندي جن ٻنهي جو تعلق سنڌ سان آهي، بشير ڏهر ۽ محمد خان ميمڻ جون استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جڏهن ته وقتي چيئرمين شفقت مسعود کي غير قانوني طور تي چشما لنڪ ڪئنال کولڻ تي عهدي تان لاهي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو صرف پنجاب جي نمائندي طور تي ڪم ڪندو رهندو. اهڙو فيصلو پڻ تمام گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ ڪيو ويو، هڪ لمحي ته ملڪ جو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني هلندڙ اجلاس مان ڪاوڙجي اٿي هليو ويو ۽ هدايتون ڏيندي چيو ته چئني صوبن جا وزير اعليٰ گڏجي ويهي هي معاملو حل ڪن، ٻه اجلاس وزيراعظم جي موجودگي ۾ ٿيا پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو، ايئن ٽيون اجلاس آبپاشي وزيرن جو ٿيو جنهن اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته چشما لنڪ بئراج سنڌ جي مرضيءَ کان سواءِ نه ٿو کولي سگهجي ۽ وقتي چيئرمين شفقت مسعود جو ڪيل فيصلو سراسر غلط هو تنهن ڪري ان کي ارسا جي چيئرمين شپ تان هٽايو وڃي، افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي جو جنهن ماڻهو پنهنجي غلط فيصلي سان باقي ٻين صوبن جي زراعت کي تباهه و برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ صوبي جي حصي جو 67 هزار ڪيوسڪ پاڻي غير قانوني طور تي کڻي پنجاب کي فائدو ڏنو، ان کي بجاءِ ڪنهن وڏي سزا جي صرف ۽ صرف چيئرمين شپ تان هٽائي ان کي ارسا ۾ پنجاب صوبي جو نمائندو مقرر ڪيو آهي، پنجاب هميشه ڏاڍ ۽ زور تي سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هنيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جون زمينون سڪي خشڪ ٿي ويون آهن ۽ ٻئي طرف وري پنجاب صوبي ۾ هميشه ”بمپر“ فصل لهندا آهن، هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي حصي جو چورايل پاڻي 67 هزار ڪيوسڪ پنجاب جي حصي مان واپس ڪٽي ڏنو وڃي پر اهڙي جرئت شايد سنڌ جي حڪمرانن ۾ نه آهي، هن وقت ملڪ جو صدر صاحب پڻ سنڌ صوبي سان تعلق رکي ٿو ان کان علاوه ٽنهي صوبن ۾ حڪومت پڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي آهي پوءِ به سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا لڳندا هجن ته پوءِ آخر اسان ڪڏهن ۽ ڪهڙي ٽائيم پنهنجي حصي جو پاڻي وٺي سگهنداسين، جنهن جو جواب ته شايد چونڊيل نمائنده ئي ڏئي سگهن پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنهن ڏينهن کان اسين هن ملڪ پاڪستان ۾ شامل ٿيا آهيون ان ڏينهن کان وٺي سنڌ صوبي جي پاڻيءَ تي ڌاڙا لڳڻ شروع ٿي ويا آهن، پنجاب پنهنجا ٽي درياهه انڊيا کي کپائي ڏنا ۽ هاڻي لٺ کڻي سنڌو درياهه تي بيهي رهيا آهن ته هي پاڻي اسان جو آهي ۽ اسان جي مرضي آهي ته ڪيترو به پاڻي کڻون. ٻئي طرف وري انڊيا آهي جيڪو سنڌ طاس معاهدي جي کلئي نموني ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ ڊيمن جي مٿان ڊيم ٺاهي رهيو آهي ۽ پنجاب صوبي جي ٽن درياهن جهلم، راوي ۽ چناب جيڪي مقبوضه ڪشمير مان ايندڙ پاڻيءَ سان ڀربا آهن، انهن ٽنهي درياهن جي پاڻيءَ کي روڪرائڻ لاءِ ڊيم ٺاهي رهيو آهي، جن ۾ بگهليار ڊيم، گنگا ڪشن ڊيم ۽ وولم ڊيم شامل آهن. انهيءَ کان علاوه به ٻيا ڪيترائي ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر پاڪستان حڪومت سنڌ طاس معاهدي جي کلم کلا ڀڃڪڙي تي خاموش تماشائيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ بنا ڪنهن فڪر جي خاموش آهي، جڏهن ته سنڌ پاڻي جي جائز حصي گهرڻ تي سراپا احتجاج بڻجي پيو وڃي. سنڌ کي 1991ع واري ٺاهه موجب جيڪو پڻ نواز شريف جي دور حڪومت ۾ طئي ڪيو ويو هو ۽ 1991ع ٺاهه موجب سنڌ جي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ 10 ملين فوٽ پاڻي مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڳتي اچڻ کان روڪڻ هو ۽ تمر جي ٻيلن کي قائم رکڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ هو. ان کان علاوه آبي جيوت توڙي اتي رهندڙ ماڻهن کي صاف ۽ مٺو پاڻي ڏيڻ هو پر افسوس جو هن عوامي حڪومت جي هوندي جيڪي پاڻ کي سنڌ جا وارث سڏرائي رهيا آهن، گذريل اڍائي سالن ۾ 1991ع جي معاهدي تي عمل ڪرائي نه سگهيا آهن، صرف سکڻا دلاسا ۽ آسرا ڏئي ٽائيم پورو ڪري رهيا آهن ٻئي طرف وري انهن جا نمائندا چئنلن تي ويهي چون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جو ڪو به بحران نه آهي ۽ سنڌ جا فصل بمپر فصل ٿي لهندا، ٺيڪ ٻئي ڏينهن تي ارسا جي چونڊيل دستوري ميمبر عبدالرقيب چارج سنڀالڻ کان هڪدم پوءِ چشما لنڪ بئراج کولڻ جو حڪم ڏنو ۽ اڳ ۾ 13000 هزار ڪيوسڪ چورايو پيو ويو پر هن جي اچڻ سان 15000 هزار ڪيوسڪ پاڻي چشما لنڪ بئراج ۾ ڇڏيو ويو آهي، جڏهن هن کان پڇيو ويو ته چشما لنڪ بئراج سنڌ جي اجازت کان سواءِ نه وهائڻو آهي ته هن چيو ته انهن جي اجازت کان پوءِ اهو لنڪ کوليو اٿئون هاڻي خبر نه آهي ته انهن ڪهڙن سنڌ جي نمائندن کان اجازت ورتي آهي جن احتجاجن استعيفائون ڏنيون آهن اهي ڪيئن اجازت ڏيندا اهي ڳالهيون سمجهه کان بالاتر آهن، جيڪڏهن سنڌ جا نمائندا چشما لنڪ ڪئنال بئراج کولرائڻ لاءِ راضي هئا ته پوءِ ٽائيم زيان ڪرڻ جي يا استعيفائون ڏيڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي بهرحال ڳالهه سنئين سڌي آهي ته زور اڳيان زاري آهي، سنڌ جا چونڊيل نمائندا هن وقت وفاق جي لولي پاپ اڳيان خاموش آهن ۽ صدر صاحب سڀ سَي پهلَي پاڪستان واري فارمولي تي عمل ڪندي سنڌ جي عوام جي احتجاج کي پٺي ڏئي بيهي رهيو آهي، هڪ طرف سنڌ جا فصل گهٽ پاڻيءَ سبب سڪي رهيا آهن، سنڌ جو عوام سڙيل ٻيجارو کڻي روڊن ۽ رستن تي سراپا احتجاج آهن ۽ بک، بدحالي سبب ٻچا کپائي رهيا آهن، نوجوان نوڪريون نه ملڻ سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ڪي مجبور انسان گڙدا ۽ جگر جا ٽڪرا کپائڻ لاءِ چونڪن تي سرعام هوڪا ڏئي رهيا آهن سنڌ جا هاري مسلسل 50 سالن کان پاڻيءَ جي هٿرادو قلت سبب پريشان آهن ۽ انهن سوچيو هو ته هي عوامي حڪومت ايندي ئي اسان جا مسئلا حل ٿي ويندا، بيروزگارن کي روزگار ملندو ۽ سڪي ويل خشڪ زمينن کي پاڻي ملندو، رهيل قرض لاهي وٺبا پر افسوس جو گذريل اڍائي سالن کان صرف ۽ صرف آسرا ملندا رهيا، پاڻيءَ تي ڌاڙا جيڪي اڳي جنرلن جي حڪومتي دور ۾ لڳندا هئا اهي ڌاڙا هينئر به جاري آهن، پاڻيءَ جي هٿرادو قلت اڳي به ساڳئي هئي ۽ هاڻي به ساڳئي آهي، ماڻهن جون اميدون ۽ خواهشون ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي ويون آهن، فل مئنڊيٽ سان چونڊيل نمائندا ۽ انهن جي بي حسي ڏسي وفاق پرستي تان ارواهه ئي کڄي ويو آهي، هن وقت سنڌ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي، سنڌ جون زمينون سڪي رهيون آهن، سنڌ ۾ مردن کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي ڪو نه ٿو ملي، سنڌ جا هاري وڏيرن جا قرضي بڻايا ويا آهن، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو مقرض نه ٿو لهي، تنهن ڪري هينئر سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته هو سنڌ جي عوام جي جذبن جو احترام ڪن ۽ پاڻيءَ جي معاملي تي پنجاب سان احتجاج ڪن ۽ پنهنجو ڦريل حق حاصل ڪن ته جيئن سنڌ جا هاري ناري فصل پوکي خوشحال بڻجن، ارسا کي صحيح نموني آزاد ادارو بڻائين.

www.awamiawaz.com

No comments:

Post a Comment