سي جي ڪئنال ۽ سنڌ حڪومت جي حيران ڪندڙ ڪارڪردگي : قربان بلوچ

پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود جي 6-جولاءِ تي هڪ طرفي جاري ڪيل حڪم تي واپڊا پاران عملدرآمد ڪري تڪراري چشما- جهلم لنڪ ڪئنال کولي 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻت تي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ارسا جي وقتي چيئرمين جي غير قانوني طرح ارسا ايڪٽ جي خلاف صادر ڪيل حڪم، جنهن تي عملدرآمد شروع آهي، تنهن خلاف سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي ساڳئي ڏينهن کان دانهون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن کان تدارڪ هميشه ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر رهيو آهي. سي جي لنڪ ڪئنال پنجاب پاران سنڌ ۽ وفاق جي ميمبرن جي مخالفت باوجود  کولڻ واري عمل جي پسمنظر ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ جي طرز حڪمراني تي به نظر ڦيرائڻ جي ضرورت آهي. هتي گڊ گورننس ته پري جي ڳالهه آهي، پر معمول واري گورننس جا حال به پورا آهن. صورتحال اها آهي ته هاڻي اها ڳالهه به ميڊيا، خاص ڪري سنڌي ميڊيا جي ذميواري ۾ شامل ٿي وئي آهي ته اها سنڌ جي حڪمرانن کي آگاهي ڏئي ته ساڻن ڪهڙي ويڌن ڪئي پئي وڃي. هن سال پهرين اپريل کان شروع ٿيل 6 ماهي خريف سيزن لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي ۾ خريف سيزن دوران پاڻي ورڇ عرصي کانپوءِ 1991ع واري ٺاهه جي پيرا-2 تحت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تي فقط ٻه هفتا عمل ٿي سگهيو، جنهن بعد تاريخي حصي تحت ورڇ واري فارمولي (جنهن فارمولي کي 2003ع ۾ ٽه رخي فارمولي جو نالو ڏنو ويو هو) تحت صوبن ۾ پاڻي ورڇ جو عمل شروع ڪيو ويو، جنهن جي شاهدي ارسا جا 30 جون تي جاري ڪيل واٽر اڪائونٽ ڏين ٿا، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان سموري عرصي ۾ سنڌ حڪومت توڙي ان جي نمائندن، جيڪي ميڊيا ۾ صوبي سان ڪنهن زيادتي جي نشاندهي ڪرڻ تي اخبارن جا پنا به ڪارا ڪن ٿا ته، ڪيمرا تي وڌ کان وڌ وقت وٺڻ جي مقابلي کان باز نٿا اچن، تن ارسا يا پنهنجي آبپاشي کاتي کان پڇا نه ڪئي آهي ته آخر ايڊوائيزري ڪاميٽي جي فيصلي باوجود پاڻي ورڇ 1991ع واري ٺاهه تحت ڇو نٿي ٿئي؟
ان کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ مئي ۽ جون مهينن دوران ساڳئي سنڌي ميڊيا چشما کان تونسا توڙي تونسا کان گڊو تائين 40 کان 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي لاسز ۽ ان جو ڪارڻ سنڌو دريا جي ڪنارن تي پنجاب جي حدن ۾ هزارين لفٽ مشينون هڻي پاڻي چورائڻ جي مسلسل نشاندهي ڪئي، پر ڪنهن سنڌ حڪومت جي ڪابينا ميمبر يا چونڊيل ميمبر جي ڪنن تي جونءِ به نه سري. ڀلا ڪنهن حڪومتي نمائندي کي ان جي ڳڻتي هجي به ڇو؟ پ پ جي حڪومت ۾ ان جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پاڻي نه ملي، اهو ته ممڪن ناهي، باقي خلق خدا رڙيون ڪري ته ڀل ڪري، جن کان چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري قرباني جو پتو ڪافي آهي. سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي  مامري تي ميڊيا جي هاءِ گهوڙا کانسواءِ پ پ جا نمائندا ڪن ڏين به ڇو؟ ڇو ته انهن وٽ ته وزارتون ۽ صلاحڪاريون وٺڻ لاءِ هلندڙ مقابلي واري ڪرت کانسواءِ ٻين مامرن لاءِ ته وقت ئي ناهي.
ان کانپوءِ اچي ٿو مرحلو پنجاب پاران تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال کولرائڻ جي ڪوشش جو. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي اختيار ڪيل حڪمت عملي جي تعريف ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. پنجاب حڪومت طرفان سي جي لنڪ ڪئنال کولرائڻ جون ڪوششون هلندڙ سال مئي مهيني ۾ شروع ڪيون ويون، جنهن لاءِ قانوني طور تڪراري ڪئنال کولرائڻ لاءِ ارسا ۾ هر ممڪن ڪوششون ڪيون ويون، پر جڏهن اتي مامرو سنڌ جي صوبائي نمائندي، وفاق توڙي بلوچستان جي نمائندن جي مخالفت سبب حل ٿي نه سگهيو ته پنجاب جو اٿارٽي ۾ نمائندو رُسي وڃي لاهور ويٺو، جتان کان سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جي سموري حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. پنجاب حڪومت حڪمت عملي تحت ارسا ۾ وفاق جي ميمبر تي سنڌي هئڻ جا الزام هڻي کيس جهڪائي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي مهم هلائي، جنهن جي دفاع ۾ نه سنڌ حڪومت ۽ نه وري وفاق ۾ پ پ جي ڪنهن نمائندي ٻڙڪ ڪڍي. پنجاب حڪومت کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي، ته هي ڇا پيا چئو؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن سنڌي چيو ته ارسا ۾ بلوچستان جو ميمبر پنجابي آهي؟ ڇو ته پ پ جي نمائندن وٽ اهڙن مامرن لاءِ ڪو وقت ناهي.
پنجاب حڪومت فقط ارسا ۾ وفاق جي نمائندن کي سنڌي هئڻ جا الزام هڻي جهڪائڻ ۽ ڪڍرائڻ جي ڪوشش تي بس نه ڪئي، پر اٽڪل انهيءَ وقت جڏهن پنجاب جو ميمبر سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جي ارسا طرفان اجازت نه ملڻ تي رُسامو ڪري لاهور ۾ وڃي ويٺو هو، ان وقت پنجاب حڪومت باضابطه طور وفاقي حڪومت کي هڪ ليٽر لکي ارسا جي جوڙجڪ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن ۾ ارسا ۾ وفاق جي نمائندي جي سنڌ مان نامزدگي يا مقرري وارو عمل ختم ڪري ماضي جيان ملڪ جي ٻئي ڪنهن حصي مان مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ته جيئن ماضي جيان سنڌ کانسواءِ ملڪ جي ٻئي ڪنهن حصي مان مقرر ٿيندڙ وفاق جي نمائندي کي پنهنجي گرفت ۾ رکي  خواهش تحت ارسا مان فيصلا ڪرائي سگهجن. پنجاب حڪومت جي اهڙي ڪوشش جي شايد سنڌ حڪومت جي ڪنهن ذميوار کي خبر به نه هجي ۽ خبر تڏهن پوندي، جڏهن پنجاب اهو سڀ ڪجهه ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو، پوءِ سنڌ جي حڪمرانن جو ساڳيو موقف سامهون ايندو ته پنجاب سان ڳالهين ۽ مفاهمت ذريعي ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو.
سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جو پيغام ته پنجاب جي رُسي ويل نمائندي شفقت مسعود ان وقت ارسا ۾ جون جي ٻئي هفتي ۾ واپسي وقت اهو چئي ڏئي ڇڏيو هو ته پنجاب وارا شينهن آهن ۽ اهي پنهنجو حق هر صورت ۾ وٺي رهندا. پنجاب جي نمائندي اهڙي ڳالهه اٿارٽي ۾ سنڌ ۽ ٻين نمائندن جي منهن تي چئي هئي، جيڪا سنڌي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي پر وري به ڪنهن سنڌ جي نمائندي جي ڪن تي جونءِ نه سري.
پنجاب حڪومت ارسا ۾ وفاق جي نمائندي کي سنڌي هئڻ ناتي بدنام ڪرڻ باوجود جهڪائي نه سگهڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت جي مداخلت تي سي جي لنڪ ڪئنال کولرائڻ لاءِ پارليامينٽرين جي مداخلت وارو رستو اختيار ڪيو، جنهن جي روشني ۾ پنجاب جي ڏاکڻي حصي يعني سرائيڪي پٽيءَ سان واسطو رکندڙ ڪجهه ايم اين ايز جو  پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ڪرايو ويو ته جيئن مستقبل ۾ سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ کان اڳ سنڌ جي ايوان ۾ پاڻي مامرن تي ڳالهائيندڙ هڪ ٻن ايم اين اي کي ٿڌو ڪري سگهجي ۽ ائين ئي ٿيو. جيتوڻيڪ پ پ جي سنڌ جي نمائندن جي مخالفت سبب ان اجلاس ۾ ته سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جو فيصلو ته نه ٿي سگهيو، پر مستقبل ۾ اهڙي عمل لاءِ ماحول ضرور سازگار بڻايو ويو. ان کانپوءِ ساڳي حڪمت عملي تحت ارسا ۾ خيبر پختونخوا جي ميمبر امان گل خٽڪ، جيڪو اٿارٽي جو چيئرمين پڻ هو، تنهن کي پهرين جذباتي ڪري موڪل تي وڃڻ ۽ پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. ان کانپوءِ 29 جون تي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ بلوچستان جي نمائندي چوڌري محمد امين کي 6 هفتن جي ڊگهي موڪل تي موڪليو ويو ۽ ان کانپوءِ سنڌ ميمبر جي موڪل تي وڃڻ جو فائدو وٺندي پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود کي وقتي چيئرمين جي ذميواري خيبر پختونخوا جي نمائندگي ڪندڙ چيئرمين امان گل خٽڪ موڪل تي وڃڻ دوران ڏني. جنهن مان سموري حڪمت عملي جا ڌاڳا پاڻ ۾ ملن ٿا. 6 جولاءِ تي پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ارسا چيئرمين شفقت مسعود سنڌ ميمبر جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي، پهرين وفاق جي ميمبر بشير احمد ڏهر کي سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ جي اجازت ڏيڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي راضي نه ٿيڻ تي نه فقط سندس آفيس ۾ کيس ڌمڪيون ڏنيون، پر ساڻس تلخ ڪلامي ڪري هڪ حڪمت عملي تحت استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. جڏهن ارسا جي وقتي چيئرمين جي اختيار ڪيل اڳرائي واري رويي سبب وفاق جو نمائندو آفيس مان گهر هليو ويو ته وقتي چيئرمين اڪيلي سر واپڊا کي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ ۽ ان لاءِ  10 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهمي جون هدايتون جاري ڪيون، جنهن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ ارسا جي وقتي چيئرمين طرفان اڪيلي سر سي جي لنڪ کولڻ لاءِ واپڊا کي حڪم صادر ڪرڻ جي خبر به سنڌ حڪومت کي ميڊيا ذريعي پئي. ان تي صوبائي حڪومت جو ردعمل يقيني طور حيران ڪندڙ آهي. هيڏي ساري هاڃي تي سنڌ حڪومت جي ردعمل تي پنهنجي طرفان ڪجهه چوڻ بجاءِ سنڌ جي آبپاشي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف کي لکيل ٻن صفحن تي ٻڌل خط جو غور سان جائزوو ٺجي ته بهتر آهي. شاهه صاحب وفاقي وزير کي موڪليل خط ۾ پاڻ ڄاڻائي ٿو ته، 6 جولاءِ تي شام جو دير سان اڪيلي سر سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، جيڪي غير قانوني آهن. هو وفاق کي لکيل خط ۾ ساڻس مخاطب ٿي چوي ٿو ته، ”اوهان کي ساڳئي ڏينهن شام جو رابطو ڪري عرض ڪيو ويو ته واپڊا، جيڪا انتظامي طور پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪنٽرول ۾ آهي، کيس ارسا جي وقتي چيئرمين جي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ واري غير قانوني فيصلي تي عملدرآمد کان روڪيو، پر بدقسمتي سان ائين نه ٿيو ۽ واپڊا عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو.“ حقيقت ته اها آهي ته ارسا جي وقتي چيئرمين 6  جولاءِ تي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي ڏينهن 7 جولاءِ تي کيس پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت ۾ گهرايو ويو، جتي هن وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شاهد رفيع سان ملاقات ڪئي، جتي سمورا مامرا طئي ڪيا ويا. ان کانپوءِ ارسا جي وقتي چيئرمين، وفاقي وزير راجا پرويز اشرف جي گهر پهتو، جتي طئي ڪيو ويو ته سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ واري ارسا جي وقتي چيئرمين جي فيصلي جي وضاحت ٿيڻ گهرجي ۽ ان وضاحت واري پڌرائي به انهيءَ اجلاس ۾ تيار ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ اٿارٽي جي آفيس مان سادي ڪاغذ تي، ڪنهن ميمبر جي منظوري کانسواءِ جاري ڪيو ويو. شاهه صاحب کي عرض آهي ته جنهن وفاقي وزير کي اوهان 6  جولاءِ تي دانهن ڏني ته ان 7 جولاءِ تي وقتي چئيرمين جي ڪيل فيصلي جي وضاحت جاري ڪري فيصلي کي جسٽيفاءِ ڪرڻ جي سند ڏني، ته ان وفاقي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻن صفحن تي ٻڌل خط لکي ٻيهر واپڊا کي سي جي لنڪ ڪئنال تي پاڻي فراهميءَ کان روڪڻ ۽ ارسا جي وقتي چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي استدعا ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙن عام ماڻهن جي سمجهه کان ضرور ٻاهر آهي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير مراد علي شاهه جي وفاقي وزير کي خط لکڻ کانپوءِ صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو سيد قائم علي شاهه ساڳئي قسم جو خط وزير اعظم کي لکيو، جنهن جو تدارڪ اهو ٿيو ته وزير اعظم سي جي لنڪ ڪئنال تي هفتي تائين پاڻي کڻڻ جو موقعو فراهم ڪندي ايندڙ اڱاري تي اجلاس گهرايو آهي. سنڌ حڪومت جي نمائندن جي عقل جو دنگ اتي به نه ٿيو، انهن هڪ ٻيو جيڪو قدم کنيو، ان ته اسان جهڙن عام ماڻهن جو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو. هڪ طرف سنڌ حڪومت چوي ٿي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ آهي، فصل نه پيا ٿين، تنهن ڪري مهرباني ڪري تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال نه کوليو، ته ٻئي ارسا جي وقتي چيئرمين جي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ واري غير قانوني فيصلي جي ٻئي ڏينهن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ ڪجهه سئو ڪيوسڪ پاڻي جاري پنجاب ۽ ٻين کي اهو موقعو ڏنو ويو ته اهي اهو چئي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ کي جسٽيفاءِ ڪن ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم ٿي وئي، هاڻي ته پاڻي اضافي آهي، تنهن ڪري ته سنڌ حڪومت ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي جاري ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جاري ڪرڻ پڇڙي وارن جو حق آهي، پر ڪڏهن ڪي فيصلا يا عمل مخالف کي موقعو نه ڏيڻ لاءِ وقت سر مناسب حالتن ۾ ڪرڻ ئي بهتر هوندو آهي.
qrodnani@hotmail.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026 begin_of_the_skype_highlighting              +92 (22) 2780026      end_of_the_skype_highlighting,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment