عورت جي وجود سان ئي ڪائنات ۾ رنگ آهي

سنڌو علي گوهر ساريو
ڪاوش نازڪ

الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات جو شرف عطا ڪيو آهي، انسانن جي شرف ۽ عظمت ۾ مرد سان گڏوگڏ عورت جو به هڪ اعليٰ مقام آهي، جيستائين ڪائنات جو وجود قائم آهي ته مرد ۽ عورت جو وجود به قائم رهندو، هڪ عورت جا ڪيترائي روپ آهن، ڪڏهن هوءَ ماءُ جي روپ ۾ محبت ڪري ٿي ته ڪڏهن ڀيڻ جي روپ ۾ گهر جي عزت بڻجي ٿي، ڪڏهن هوءَ ڌيءُ جي روپ ۾ اکين جو نور بڻجي ٿي ته ڪڏهن زال جي روپ ۾ سهارو بڻجي ٿي، هوءَ هر لحاظ کان معزز آهي، مذهبي، سماجي توڙي انسانيت جي لحاظ کان به پر اڄ جي ترقي يافته دور ۾ اخبارون عورتن تي ظلم سان ڀريون پيون آهن، ڪٿي غيرتي ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪري ته ڪٿي مڙس زال کي ڪاري چئي ان جو ڳلو ڪٽيو، ڪٿي ڪنهن مظلوم تي تيزاب هاريو ويو ته ڪٿي عورت جا وار ڪٽيا ويا، ڪٿي عورت راڄوڻي فيصلي ۾ پوڙهي يا ڪنهن موالي سان پرڻائي وئي ته ڪٿي وري ڏنڊ چٽي يا ڪجهه پئسن خاطر کپائي وئي، اهو پڙهي حيرت ٿيندي آهي ۽ سوچيندي آهيان ته ڇا اِها اها عورت آهي، جيڪا انسان جي وجود جو سبب آهي، تڏهن دل مان آواز ايندو آهي ته ”نه“ عورت ته وڏي اعليٰ مقام واري آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا اڄ جو دور به قديم دور وانگر آهي، جنهن ۾ مرد هميشه عورت کي گهٽ ۽ پنهنجو مال ملڪيت سمجهندا هئا، پنهنجي گهر واريءَ کي قتل ڪرڻ جيترو به حق رکندا هئا، عورت کي ڪا به اهميت نه ڏيندا هئا، عرب معاشري ۾ ته عورت کي حقير سمجهيو ويندو هو، جنهن گهر ۾ ڌيءُ پيدا ٿيندي هئي ته اهي شرمندگي محسوس ڪندا هئا، ڪيترائي ماڻهو ڌيءُ پيدا ٿيڻ وقت ئي زندهه دفنائي ڇڏيندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته هاڻي اسان شرمساري ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي عزت سان زندگي بسر ڪنداسين، مصر ۾ ته عورت کي جانور سمجهيو ويندو هو، انهن لاءِ جانورن وانگر وڏيون منڊيون کلنديون هيون، جنهن ۾ عورت کي کپايو ۽ خريد ڪيو ويندو هو ۽ سرعام بازارن ۾ نيلام ڪيو ويندو هو، يورپ ۾ به عورت جي ڪا عزت نه ڪئي ويندي هئي، عورت کي گناهن ۽ براين جي جڙ سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته جيڪو عورت جي عزت ڪندو، اهو دوزخي آهي، پر جڏهن اسلام آيو ته آهستي آهستي عورت کي عزت ملڻ لڳي آهي، ڏٺو وڃي ته عورت مرد جي برابري جي حقدار آهي پر خبر ناهي ڇو ان کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو، هر سال 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پر افسوس! تنهن باوجود به عورت ظلم جو نشانو بڻجي ٿي، چيو وڃي ٿو ته هر روز ڪروڙن جي تعداد ۾ عورتون بک تي سمهي پون ٿيون، هر سال 90 سيڪڙو عورتون ظلم جو نشانو بڻجن ٿيون، هڪ رپورٽ مطابق 2007ع ۾ سنڌ ۾ 563 عورتن کي مختلف الزامن ۾ قتل ڪيو ويو ۽ 99 عورتن تي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا، اڄڪلهه به اسان جي معاشري ۾ عورتن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، اڪثر ڳوٺن ۾ اسپتالن جي ڪمي جي ڪري هر سال 30 هزار عورتون موت جو شڪار بڻجن ٿيون، ننڍين ننڍين ڳالهين تي عورت تي تيزاب هاريو وڃي ٿو، مان اهو ئي چونديس ته عورت جي عزت ڪرڻ، احترام ڪرڻ، ان جي حفاظت ڪرڻ، ان جو خيال رکڻ، ان جي خواهشن ۽ احساسن کي سمجهڻ هر انسان جو فرض آهي.

1 comment: