سنڌي ٽوپي سان گڏ سنڌي ٽوپي پائيندڙن کي به مانُ ملڻ گهرجي

سنڌ وڏي عظمت واري ڌرتي آهي، ڇو ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جبل تي بيهي سنڌ ڏانهن منهن مبارڪ ڪري فرمائيندا هئا ته ”مون کي سنڌ کان جنت جي هير لڳندي آهي“. سنڌ جي ثقافت اجرڪ به وڏي شان وارو آهي ان ڪري جو مديني واري سائين اجرڪ کي پنهنجن ڪلهن تي رکيو هو ۽ علي عليه السلام کي جيڪي چادر پهريل هوندي هئي اها به اجرڪ جي طرز تي ٺهيل هئي. جيتريقدر سنڌي ٽوپي جو سوال آهي ته سنڌي ٽوپي سومرن جي دور حڪومت ۾ وجود ۾ آئي. سنڌي مسلمانن مسجد جي محراب کي آڏو رکي سنڌي ٽوپي ٺاهي. اڄ به سنڌ ۾ سومرن جي گهرن ۾ عورتون تمام خوبصورت سنڌي ٽوپيون ٺاهين ٿيون. جنهن سنڌي ٽوپي جو نقشو مسجد جي محراب تي ٺهيل آهي. هن ملڪ ۾ ٻيون جيڪي به مختلف قسمن جون ٽوپيون آهن، انهن مان ڪا به ٽوپي اسلامي لحاظ کان به سنڌي ٽوپي جو مَٽُ نه آهي. جيڪڏهن هن ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان سڏيو وڃي ٿو ته ان لحاظ کان حقيقت ۾ سنڌي شلوار قميص وانگر سنڌي ٽوپي کي به هن ملڪ ۾ قومي حيثيت ملڻ گهرجي ها! اهو ته نه ٿيو پر اڃا به پاڻ کي سچو مسلمان سمجهندڙ ۽ ٽي وي تي ويهي دنيا تي تجزيا ڪندڙ پگهاردار حڪومت ۾ ڪنهن عهدي تي فائز ماڻهوءَ جي مٿي تي به سنڌي ٽوپي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن!

سنڌ ڌرتي ايتري عظمت واري ۽ سنڌ جي ثقافت ايڏي شاهوڪار آهي ان جي باوجود سنڌين ڪڏهن به آڱر کڻي ڪنهن ٻي قوم جي ثقافت تي چٿرون ناهن ڪيون ته فلاڻي قوم جون عورتون شلوار بجاءِ گوڏ ڇو ٿيون پائين. يا هندستان کان آيل مسلمان پاجامو ۽ انهن جون عورتون هندستاني ساڙهي ڇو ٿيون اوڍين!؟ سنڌي قوم هزارين ورهين کان جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري سوچ تي هلندڙ آهي. سنڌ وارا هر قوم جي روايتن، ريتن، رسمن، تهذيب، ثقافت سميت ٻين جي مذهبي خيالن جو به احترام ڪندا رهيا آهن. اها سنڌ وارن جي روشن خيالي جي عڪاسي پڻ آهي، جنهن ايوان صدر ۾ ويٺل صدر آصف علي زرداري جي ٽوپي پائڻ تي هڪ ٺڳ تجزئي نگار تنقيد ڪئي آهي. ان صدر افهام تفهيم ڪرڻ وقت جڏهن عزيز آباد جي 90 جو چڪر لڳايو هو ته سنڌ جا سجاڳ ماڻهو پ پ پاران متحده سان ڪيل اتحاد تي ايترا ناراض نه هئا پر سنڌ وارن کي گهڻو غصو ان ڳالهه تي آيو هو ته صدر صاحب پنهنجي مٿي تي ٽوپي انهن دهشتگردن کي نه پارائي ها. انهن لوڌيل ماڻهن کي سنڌ جي ثقافت جي ڪهڙي ڄاڻ؟ سجاڳ ماڻهن جي اهڙي اعتراض کي حڪمرانن ان وقت نظرانداز ڪري ڇڏيو هو پر اڄ هڪ ڌارئي پاران سنڌي ٽوپي پائڻ تي ايتري تنقيد ڪرڻ کانپوءِ هاڻي گهٽ ۾ گهٽ حڪمرانن کي اکيون پٽڻ گهرجن ته اڄ جڏهن سنڌي ٽوپي تي حملو ٿيو آهي ته حڪمرانن سان ان مسئلي تي سنڌ جا ماڻهو گڏ بيٺا آهن. اهي اتحادي جن کي صدر صاحب 90 تي وڃي اها عظيم ٽوپي پارائي، جن جا تازو ئي حڪومت دهشتگردي جي ڪيسن وارا فائيل بند ڪري ڇڏيا آهن، انهن سنڌي ٽوپي جي توهين توڙي اين آر او واري مسئلي تي پهريان اتحادي هوندي طنزيا شاعري پڙهي پ پ حڪمرانن تي ٺٺوليون ڪيون پر جڏهن سنڌ جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا، جسقم چيئرمين بشير قريشي سان فون تي رابطو ڪري سهڪار جي اپيل ڪئي ۽ پ پ جي تاج حيدر، بشير قريشي سان ملاقات به ڪري ورتي اها صورتحال جڏهن ايم ڪيو ايم قيادت ڏٺي ته فورن متحده قائد پلٽو کاڌو ۽ طنزيا شعر جي معافي به ورتائين ته سنڌي ٽوپي پائڻ جي حمايت به ڪيائين. متحده وارن جو اهو ٻهروپي چهرو پهريون ڀيرو سامهون ناهي آيو پر هر وقت هي پنهنجو نئون چهرو ظاهر ڪندا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اڃا پ پ حڪومت اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي منظور نظر ڌرين کي ناجائز رعايتون ڏيندي رهي ۽ سنڌي قوم جي جائز مسئلن کي نظرانداز ڪندي رهي ته يقين ڄاڻو حڪومت مان لهڻ کانپوءِ اڳتي سنڌ ۾ ساڻن ڪو هٿ ملائڻ لاءِ به تيار نه رهي! پنهنجا ماري به ڇانو ۾ ڦٽو ڪندا آهن پر ڌارين لاءِ لطيف سائين به فرمايو آهي ته،

ڌُريان ئي ڌاريا مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿيا،

مَندي ڏيرن مَنَ ۾ کِليو کيڪاريان،

صُبح اُٿي ساريان ته اُٺ نه اوطاقن ۾.

صرف سنڌي ٽوپي جو ڏينهن ملهائڻ سان ئي سنڌي ٽوپي جو مانُ ۽ شان نه وڌندو، حقيقي سنڌي ٽوپي جي شان ۾ اضافو تڏهن ٿيندو، جڏهن موجوده حڪمران سنڌي ٽوپي پائيندڙن جي به سار لهندا. انهن جي ڏنل مينڊيٽ جو احترام ڪندا. ان لاءِ اڄ آئون حڪمرانن آڏو سنڌي ٽوپي پائيندڙن جي حوالي سان ڪجهه گذارشون رکان ٿو ته سنڌي ٽوپي پائيندڙن کي لَپَ اَٽي ۽ چپٽي کنڊ لاءِ لٺيون نه کارايو، انهن سنڌي ٽوپي پائيندڙن جي نياڻين کي زڪوات جي ٻن روپين لاءِ دَر در جا ڌڪا نه کارايو، سنڌي ٽوپي پائيندڙن جي اولاد لاءِ آسان طريقن سان روزگار جا دروازا کوليو. انهن جي سنڌي اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي دروازن تي تذليل نه ڪرايو. سنڌي ٽوپي پائيندڙن جي ڪراچي ۾ موجود ڳوٺن ۽ وسندين کي پڪو ڪيو. سنڌي ٽوپي پائڻ وارن جي اولاد لاءِ ڪراچي جي تعليمي ادارن جا دروازا کوليو ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا دروازا کولرايو، انهن سنڌي ٽوپي پائيندڙ سنڌين جي بندرگاهه ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين ڌرين قومن جي چنگل مان آزاد ڪرائي ان جي مالڪي حقيقي وارثن ڪڇين کي ڏياريو. انهن سنڌي ٽوپي پائيندڙن جي سنڌو درياءَ جو پاڻي پنجاب چورائي رهيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ٽوپي جي وارثن جون ٺٽي ۽ بدين ۾ سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. اهو پاڻي هنن کي پنجاب کان وٺرائي ڏيو. اوهان جي ئي حڪومت ۾ اڃا وڌيڪ سنڌ کي ريگستان بڻائڻ لاءِ ٿل ڪئنال جو ڪم هلي رهيو آهي. ان جو ڪم بند ڪرائي اهو پراجيڪٽ ئي ختم ڪرائي ڏيکاريو.

انهن سنڌي ٽوپي پائيندڙ وارثن کي پنهنجي ڌرتي جي وسيلن جي مالڪي جو حق ڏيارڻ لاءِ آئين ۾ مڪمل ترميم ڪيو! ڪيڏي به اوهان پ پ حڪمران ڪوشش ڪيو لساني تنظيمن جي پيٽ ڀرڻ جي يا اسٽيبلشمينٽ جي هيٺاهين وٺڻ جي پر جڏهن به هنن جي اوهان مان منشا پوري ٿي وئي ته هو اوهان جو اقتدار ڊاهڻ لاءِ اوهان کان پُڇندا به نه! ۽ اچي اوهان جي حڪومت پَٽ پوندي ان ڪري وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته جيئن بلوچستان کي پئڪيج ڏيڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن ان کان به وڌيڪ سنڌ سان ٿيل ظلمن ۽ ستمن جو ازالو ٿيڻ گهرجي. هاڻي رعايتون نه پر سنڌي ٽوپي پائيندڙن کي ڌرتي جي مڪمل مالڪي ملڻ گهرجي ته ان کانپوءِ سنڌي قوم کي هاڻي يقين ايندو ته حڪمران خود به دل سان سنڌي ٽوپي جو احترام ڪندا.

امام حسين عليه السلام جو قول آهي ته ”زيادتين جي خلاف جيترو دير سان اٿندئو اوتري ئي وڌيڪ قرباني ڏيڻي پوندي“ سو ان وانگر گهڻو وقت ضايع ٿي ويو آهي. گهڻيون قربانيون سنڌي ٽوپي پائيندڙن ڏنيون آهن. هاڻي وڌيڪ هنن کي نه ايذايو، سنڌين کان کسيل آزادي واپس ڏياريو ته جيئن هي مٿن تي سنڌي ٽوپيون پائي دنيا کي امن، محبت ۽ رواداري جو پيغام ڏيندا رهن.


جميل گاد

No comments:

Post a Comment