عورتن تي ٿيندڙ تشدد جو خاتمو ۽ نوجوانن جو ڪردار

پرڀات وومين ڊولپمينٽ سوسائيٽي سنڌ پاران ”يونيفيم“ جي سهڪار سان پرڀات ڪانفرنس هال شهدادڪوٽ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاءِ نوجوانن سان هڪ ويهڪ ٿي گذري. جنهن ۾ صحافين، سماج سڌارڪ اڳواڻن سميت عورتن جي هڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.

پروگرام جي شروعات ۾ پرڀات اڳواڻ مسرت مستوئي پروگرام جا مقصد بيان ڪندي چيو ته هن ويهڪ جو مقصد نوجوانن اندر ان جي خرابين بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي، شعوري ڄاڻ ڏيڻ سميت نوجوان ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار به ادا ڪن ته جيئن تشدد جي خرابين کان معاشري کي بچائجي. ان موقعي تي مسرت مستوئي شرڪاءُ کان سوال پڇيو ته ”تشدد ڇا آهي ۽ ان جا ڪهڙا قسم آهن“؟ شرڪاءُ ۾ شامل افشان کهاوڙ چيو ته ”تشدد“ منفي رويي جو نالو آهي. جيڪو هر انسان ۾ شامل هجي ٿو. توڙي جو اهو پڙهيل يا اڻ پڙهيل ڇو نه هڪي. جڏهن ته جسماني، جنسي، ذهني يا ڪنهن کي ڇيهو رسائڻ تشدد جا مختلف قسم آهن. اين ڊي ايس اڳواڻ حاجل سليم چيو ته عورت کي گهٽ درجو ڏيڻ مت ڀيد جو رويو رکڻ، تعليم کان محروم رکڻ به تشدد ۾ شمار ٿين ٿا. علي شير چانڊيو چيو ته تشدد ڪريل قسم جو ڪم آهي. جنهن سان انسان جي شخصيت تي منفي اثر پون ٿا. تشدد انسان جي ذهن ۾ منفي اثر وجهن ٿا. جتان منفي سوچون جنم وٺن ٿيون. ان منفي سوچن کي مثبت سوچن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ تمام آهي، ته جيئن پنهنجي گهر ۽ معاشري کي تشدد کان پاڪ ڪري سگهجي. جنت کوسو چيو ته منهنجو واسطو اهڙي علائقي سان آهي جت عورتن سان تشدد ۽ مت ڀيد رويا رکيا پيا وڃن.

خالد کوسو چيو ته تشدد کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين اسين پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ جي شروعات ڪريون. پنهنجي گهر، شهر کي تشدد کان پاڪ ڪريون ته جيئن تشدد کان معاشري کي پاڪ ڪجي.

ارشاد ناز چانڊيو چيو ته تشدد سبب معاشري ۾ منفي اثر پهجي رهيا آهن، تعليم کي عام ڪجي ته جيئن شعور آڻي سگهجي هن چيو ته تشدد جهالت جي نشاني آهي. تشدد سبب معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. تشدد جو خاتمو آڻڻ بي حد ضروري آهي، سماج ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ نوجوانن تي فرض آهي.

نوجوان منصور چانڊيو چيو ته جيڪڏهن اسين پٽ کي اهميت ڏيون ٿا ۽ پنهنجي نياڻي کي اهميت نه ڏيئي انهن تي هڪ قسم جو تشدد ڪري رهيا آهيون. مت ڀيد جي اهڙي رويي سبب تشدد جنم وٺي ٿو. اسان کي مت ڀيدي رويو ختم ڪرڻو پوندو. پٽن ۽ نياڻين کي برابر جي بنياد تي حق ڏيڻا پوندا. عورتن کي به اڳتي وڌڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.

شانل کوسو چيو ته عورت به هن معاشري جو حصو آهي تنهن ڪري عورت کي سمورا حق ڏيڻا پوندا. هن چيو ته عورت تي تشدد معاشري تي تشدد ڪرڻ جي برابر آهي. پنهنجي گهر کي تشدد ۽ مت ڀيد روين کان پاڪ رکڻ لاءِ تبديلي آڻڻ گهرجي. ان جي شروعات پاڻ کان ڪرڻ گهرجي.

اصغر مگسي چيو ته اسان کي کپي ته پنهنجن ڀيڻن ۽ مائرن ۽ ٻين عورتن سان سٺو رويو رکون. هن چيو ته تشدد سبب معاشري ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون ۽ معاشري کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ تشدد کي نندڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن جي شموليت کان سواءِ ۽ ترقي جو تصور بيڪار آهي.

جنيد سومرو ويهڪ ۾ ڳالهائيندي چيو ته نوجوان معاشري جا امين آهن. انهن تي فرض آهي ته معاشري ۾ پيدا ٿيل خرابين لاءِ جاکوڙ ڪن. هن چيو ته تشدد تمام خرابين جي جڙ آهي. هن چيو ته تشدد دهشت پسند معاشري ۾ نوجوان روشني جا ڪرڻا ۽ امن جا پيغمبر هوندا آهن. تنهن ڪري تشدد جي خاتمي لاءِ نوجوان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عورتن مٿان تشدد جهالت سبب ٿئي ٿو. معاشري مان جهالت جو خاتمو آڻڻ لاءِ نياڻين جي تعليم کي عام ڪرڻ گهرجي ته جيئن تشدد جو خاتمو ممڪن بڻجي سگهجي.

ان موقعي تي ويهڪ دوران ڪافي ڀينرن ۽ ڀائرن تشدد جي خاتمي بابت ڳالهايو، جتي هنن زور ڏنو ته عورتن جي تعليم کي عام ڪرڻ گهرجي، تشدد جي خاتمي لاءِ نوجوان پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

تشدد جي خاتمي لاءِ پهريان پاڻ کان تبديلي آڻڻ گهرجي. تشدد کي هر فورم ۾ نندڻ گهرجي، خاص طور نوجوان گهر گهر وڃي شعور ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪن.

حڪومتي سطح تي جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن. ٺاهيل ۽ جوڙيل قانونن تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي، خاص طور سڄاڻ ڌريون ان ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

No comments:

Post a Comment