(سنڌ-پيپلز پارٽي ۽ ميڊيا (عزيز الله عزيز

ملڪي سياست جي تاريخ جو اهو تاريخي پهلو رهيو آهي ته جڏهن به پيپلز پارٽي کي اقتدار ملندو آهي ته باقي سڀ سياسي پارٽيون مڙي مٺ ٿي وينديون آهن، ايتري قدر جو هڪ ٻئي پٺيان نماز نه پڙهندڙ جماعتون به لادين قوتن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهنديون آهن، سندن سوچ، فڪر ۽ عمل جو صرف هڪ ئي محور هوندو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ختم ڪجي! ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، انهن سان سندن ڪو غرض نه هوندو آهي، ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءَ جي اشاري تي سڀني قوتون گڏجي پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ٻاهر ڪيو، ان جو نتيجو اسان اڄ به ڀوڳيون پيا، ملڪ ڪلاشنڪوف جي ور چڙهي ويو، ايجنسين جا ماڻهو ڳوٺن تائين وڏيرن، ڌاڙيلن ۽ پاٿيدارن کي جديد اسلحو محفوظ طريقي سان، رعايتي اگهن تي پهچائيندا رهيا، اها ڪلاشنڪوف اڄ به سنڌ ۾ پنهنجا ناڪاري ۽ سماج دشمن اثر ڏيکاري رهي آهي، ته ٻئي طرف هيروئن ۽ ٻين نشيدار شين جو واهپو وڌيو، جنهن ۾ لکين نوجوان لڙهي ويا، گهر تباهه ٿي ويا، اسٽريٽ ڪرائيم وڌيو، ٽئين طرف شدت پسندي ۽ دهشتگردي پنهنجي عروج تي رسي، جنهن جو اثر اڄ سڄي ملڪ تي پئجي رهيو آهي ۽ پوري دنيا ۾ ملڪ بدنام ٿي رهيو آهي.

انهيءَ ٽولي جا فڪري وارث، اڄ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن ته اچو وري گڏجون، پيپلز پارٽيءَ جي عوامي حڪومت کي ڊاهيون، اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي، سندن منافقانه سياست جو اندازو ان مان لڳايو ته هڪ طرف هو وڏا سيمينار ڪوٺائي زوردار مطالبو ڪري رهيا آهن ته بلوچستان جي ”قوم پرست قيادت“ کي راضي ڪريو، انهن سان ڳالهيون ڪريو، کين ٻاهران گهرايو، مٿن مڙهيل ڪيس، بنان تفتيش جي ختم ڪريو، نه ته ملڪ هٿن مان ويو پيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي هڪ وزير جي اخباري بيان جي آڌار تي وڦلجي وڃن ٿا ته گهوڙا گهوڙا، سنڌ حڪومت ”قوم پرستن“ آڏو هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا، حڪومت ۽ متحده وچ ۾ ٿيل معاهدو ختم ٿي ويو، حڪومت سنڌ جي قوم پرستن سان لاڳاپا وڌائي ڇڏيا، جيڪي ملڪي مفاد جي سراسر خلاف آهن، اهڙي ٻيائي واري سياست ڪيترو وقت هلندي!

ساڳي لابي جا تشهيري قاصد صبح شام پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ صدر مملڪت جي خلاف ڀنڊڻي ٻاريون بيٺا آهن ته ڦلاڻي تاريخ حڪومت جو آخري ڏينهن آهي، ان تاريخ گذرڻ کان پوءِ وري سندن هيانءُ ٿو ڦاٽي ۽ 15 ڏينهن وري پوءِ جي تاريخ اوڳاڇي ٿا ويهن پر ناڪامي سندن مقدر بڻجي وڃي ٿي، صدر صاحب پوري آب تاب سان مسند ٿي ويٺو آهي ۽ ويٺو حڪم هلائي، انهن احمقن جي جهنم واسين کي صبح شام افسوس جا شوڪارا ڀرڻا پون ٿا ۽ سندن ننڊ حرام ٿي وئي آهي، مٿان وري صدر صاحب جو اهو فڪر انگيز جملو ته ”روز ميرا نوحه لکهني والون ڪو مايوسي هوگي“ ان جملي ته گهڻن ئي پگهاردار دانشورن ۽ اينڪر پرسنز کي دل جا دورا وجهي ڇڏيا آهن.

صحافت جي مقرر اصولن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي نومبر ۾ ڪيل پيشنگوئين جي ناڪاميءَ کان پوءِ مخصوص پ پ دشمن چينل پورا ست ڏينهن شهه سرخيءَ سان پروگرام هلايا ته ”ان ڪو ڪهه دو ڪهه ڊسمبر آ رها هي“ ڊسمبر به خيرن سان گذري ويو پر هو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ نٿا گهرن. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ٻڌائڻ ۾ ڪن سببن ڪري چار پنج ڪلاڪ دير ڪئي ته سڀني چينلن تي پٽي لکجي آئي ته ” ٿوري دير ۾ اين آر او خلاف فيصلو اچڻ وارو آهي“ پر پ پ دشمن چينل بار بار اهو جملو ورجائيندو رهيو ته ”اين آر ۽ صدر آصف زرداري خلاف سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ وارو آهي“ فيصلو ته صرف اين آر او خلاف آيو، سوئس حڪومت واضع طور چيو ته جيڪڏهن پاڪستان سرڪار صدر خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ اسان جي حڪومت به ڪا ڪارروائي ڪا نه ڪندي، ايڏي ناڪامي کان پوءِ هاڻي وٽن ايتري اخلاقي جرئت آهي جو پ پ کان معافي وٺن ۽ مستقبل ۾ صحافت جي مڃيل عالمي اصولن مطابق ڪم ڪن.

حقيقت اها آهي ته هنن کي هر ڀيري مذاق ڦٻندي رهي آهي، وڻين ته سر عام سنڌي ماڻهن کي جاهل چون، وڻين ته کين چٽا ڀيٽيءَ کان ڀڄندڙ چون! کين وري هڪ مذاق سجهي آئي ۽ پورو هڪ ڪلاڪ صدر صاحب جي خلاف سنڌي ٽوپي پائڻ تي ويٺي تنقيد ڪيائون، جنهن جو مک ڪردار يهودي لابيءَ جو سرواڻ ساڳيو اينڪر پرسن هو.

سندن وهم گمان ۾ به نه هو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ثقافت سان، ايترو انس رکن ٿا، ڪروڙين ماڻهن جو مسلسل ٽي ڏينهن خاص طور 6 ڊسمبر تي ڪيل جشن ڏسي سندن جيرا ئي جلي ويا، اڃان به هو نڪ جي پڪائي سان پروگرام ڪري رهيا آهن! ان جاءِ تي ڪو با ضمير صحافي هجي ها ته صحافت ملڪ ئي ڇڏي وڃي ها، مٿان وري سنڌ حڪومت 6 ڊسمبر کي سنڌي ثقافت جو ڏينهن مقرر ڪري، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي ترقي جو اعلان ڪيو آهي، اهو به اغيار جي برداشت کان ٻاهر آهي، هنن سمجهيو هو ته سندن تنقيد کان پوءِ شايد آصف سان گڏ ٻيا سنڌي ماڻهو ٽوپي پائڻ ڇڏي ڏيندا، اهي اينڪر پرسن نه صرف عقل کان ڪورا آهن بلڪه کين تاريخ جي پوري ڄاڻ نه آهي ته ”اها ٽوپي حضور صلي الله عليه وسلم جن شام ملڪ ۾ هڪ واپاري کي پاتل ڏسي پسند فرمائي هئي ۽ ساٿين کي چيو هئائين ته ”اها محرابي ٽوپي نماز لاءِ سڀني ٽوپين کان افضل آهي“

”مين نه مانون“ واري صحافتي ٽولي، جنهن جو اٿڻ ويهڻ آفيسن ۽ گهر کان علاوه ڪجهه نه آهي، انهن کي ڪهڙي خبر ته عوامي احساس ۽ جذبا ڇا ٿيندا آهن، پبلڪ ڪهڙي رخ ۾ سوچي رهي آهي، موسمن جي تبديلي سان ذهني ڪيفيتن تي ڪهڙو اثر ٿيندو آهي، اتر لڳندا آهن ته عوام ڇا سوچيندو آهي ۽ ڏکڻ واءُ سان دلين ۾ ڪهڙا ڌڌڪا مچندا آهن، هنن ويچارن جي سڄي زندگي اڪبر الله آبادي جي شعر مطابق گذري ويندي آهي:

ڪيا ڪهين احباب ڪيا ڪار نمايان ڪر گئي،

بي اي ڪيا، ڊپٽي بني، پينشن ملي، پهر مرگئَي.

سندن زندگي جا معمولات چاڪيءَ جي ڏاد جيان مقرر آهن، گهر کان نڪتا، آفيس آيا، ايڊيٽر وٽان موضوع مليو پوءِ ڪٻٽ کولي پوءِ پنهنجي ئي اخباري تراشن مان حوالا ڪڍي، مضمون ڪمپوزر حوالي ڪري وري گهر، نه کين اهو اونو هوندو آهي ته ان مضمون کي ڪير پڙهي ٿو، ان جو رد عمل ڇا نڪرندو، پبلڪ راءِ ڪهڙي بيهندي، ان سان هنن پگهاردار بلڪه گهڻي قدر پينشن دار صحافين جو واسطو نه آهي، سندن زندگي جو وڏو لاڀ وقت سر پگهار ملڻ آهي.

بنياد پرست ٽولو، پنهنجي سياسي ڪوتاهي سبب اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ سبب ملڪي پارليامينٽ جو حصو نه ٿيڻ ڪري، هاڻي پريشر گروپ واري سياست ۾ سموئجي ويو آهي، ملڪ جي ٻين سياسي اشوز کي ڇڏي، سندن مرغوب مشغلو پيپلز پارٽيءَ خلاف ڀنڊي ٻارڻ رهيو آهي، ان ۾ هو ڪا به ڪسر نه ٿا ڇڏين، اهي سياسي جماعتون جيڪي هڪ به صوبائي سيٽ کٽي نه سگهيون سي سندن ڀرجهلو ۽ حمايتي پارٽيون بڻيون بيٺيون آهن، انهن سان گڏجي پريس ڪلب جي ڪنڌيءَ تي سيلن تي هلندڙ لائوُڊ اسپيڪرن ذريعي پبلڪ جو موڊ تبديل ڪرڻ گهرن ٿا، پنهنجي محدود بنياد پرست سوچ جو اظهار پنهنجن ئي مخصوص اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪرڻ گهرن ٿا، تازو ئي هفتيوار ”تڪبير“ رسالي لکيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت متحده جي انڪاري روين کان پوءِ قوم پرستن ڏانهن لاڙو رکيو آهي ۽ انهن کي بيساکي بڻائڻ گهرن ٿا، ليکڪ کي ذاتي راءِ ڏيڻ وقت حالتن جي حقيقي رخ جو به پتو پئجي نه سگهيو آهي ته قوم پرستن جا اسيمبليءَ ۾ ڪيترا ميمبر آهن جن تي هو آڌاريندا، قوم پرستن ۽ پ پ جي سياست ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، ٻنهي پارٽين جو ملڻ في الحال نا ممڪن آهي. 13 سالن کان پوءِ موجوده حڪومت وڏين ڪوششن کان پوءِ اين ايف سي ايوارڊ چئني صوبن کان متفق راءِ سان منظور ڪرايو. اين ايف سي بابت ان کان اڳ، چئني صوبن ۾ تفصيلي سيشن ٿيا، هر صوبي جي عام راءِ کي نظر ۾ رکيو ويو، اهڙي ڪارنامي تي به سنڌ جي مکيه پنجن قوم پرست جماعتن منفي رد عمل ڏيکارو ۽ هفتي ۾ اين ايف سي ايوارڊ بابت ڪارو ڏينهن ملهايو. نه صرف ايترو بلڪه ماضيءَ ۾ ممتاز ڀٽي پنهنجي نگران دور ۾ پاس ڪرايل اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ کي 122 ارب رپين جو نقصان ڏنو، جيڪو تاريخ جو هڪ حصو آهي، اڄ اهي قوم پرست قوتون، چئني صوبن پاران اتفاق راءِ سان منظور ڪيل ايوارڊ خلاف هلچل هلائي رهيون آهن.

بهر حال پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي مثبت روين سان پنهنجي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي بصيرت (Vision) مطابق، مفاهمتي اصولن کي آڏو رکندي، سياست به ڪري رهي آهي ته حڪوم تپڻ ”سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي، ڪوڙي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي“ تازو سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجي مثبت جمهوري سياست ڪندا رهنداسين، ڪوڙن ڪيسن کان نه اڳ ڊنا آهيون نه هاڻي ڊڄون ٿا، چند ڪوتاهين اينڪر پرسنز جي ڪري ملڪي سياست پنهنجو رخ ڪو نه بدلائيندي، عوامي سياست جا رنگ ۽ ڍنگ نرالا ٿين ٿا، جن تائين پهچ انهن محدود ماڻهن جي ٿي نه ٿي سگهي، پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد عوامي پارٽي آهي جنهن جا چئني صوبن ۾ چونڊيل نمائنده آهن. ان جون پاڙون عوام ۾ آهن، اها عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪري ٿي ،ا هو ئي سبب آهي جو موجوده پ پ حڪومت سڀني صوبن ۾ چونڊجي آيل سياسي پارٽين کي حڪومت ۾ مناسب حصو ڏنو آهي، سنڌ ۾ متحده کان سواءِ فنڪشنل ليگ، اي اين پي ۽ ڪنهن حد تائين ”ق“ ليگ کي به اڪموڊيٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي به وقت جي گهرج مطابق پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ ڪن ناڪاري قوتن جي چوڻ تي تنقيد براءِ تنقيد ڪري ماحول ۾ بگاڙ پيدا نه ڪن، حالانڪه ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پ پ کي هر لحاظ کان عددي برتري حاصل آهي، پوءِ به صوبي ۾ مفاهمتي اصولن کي اوليت ڏني وئي آهي.

مخصوص ۽ محدود سوچ واري لابيءَ جي ترجمانن کي سوچڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي شروع کان وٺي محترمه جي شهادت تائين، پنهنجي بنيادي فلسفي تي قائم آهي ته ملڪ کي هر سطح تي مضبوط رکڻ گهرجي، جنهن جو ورجاءُ تازو صدر صاحب سي اي سي جي گڏجاڻي ۾ ٽي دفعا ”پاڪستان کپي، پاڪستان کپي، پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي ڪيو، هاڻي انهن اينڪر پرسنز کي ڏينهن جا ڏيئا وسائڻ گهرجن ۽ سج جي روشنيءَ ۾ حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment