عظيم پيءُ جي عظيم نياڻي

الهوڪو ڏينهن آهي جڏهن اسانجي عظيم قائد شهيد وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اٺن سالن جي طويل جلاوطني کانپوءِ 18 آڪٽوبر 2007 تي پنهنجي وطن ورڻ جو اعلان ڪيو. ايئن پئي لڳو جيئن ماروي پنهنجي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي سڪ ۽ اڪير وچان انهن سان ملڻ لاءِ بيتاب هئي تيئن اسانجي محبوب قائد پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ مائن سان ملڻ لاءِ بيچين هئي. هوءَ ڏاڍي خوش هئي ۽ هر هر چئي رهي هئي ته ”مان پنهنجي ڌرتيءَ تي ويندس ۽ پنهنجي ڀائرن، ڀينرن، ۽ امڙين سان ملندس.“

پنهنجي محبوب قائد جي انتظار ۾ ويٺل هن ملڪ جي غيور عوام جي مرده جسم ۾ ڄڻ ته روح ڦوڪجي ويو ۽ جان اچي وئي ۽ 18 آڪٽوبر 2007ع تي عظيم قائد جي هڪ جهلڪ ڏسڻ توڙي هنکي ڀليڪار چوڻ لاءِ لکن ماڻهن جو سمنڊ اٿلي ڪراچي پهتو ۽ ان ڏينهن ڪراچي شهر کي رنگين بينرن ۽ پوسٽرن سان ڪنوار وانگر سجايو ويو هو. پر وقت جي ويرين ۽ جمهوريت جي دشمنن ۽ محترمه جي قداور ۽ عظيم شخصيت کان خوفزده وحشي صفت درندن، هنجي تاريخي جلوس ۾ ٻه آپگهاتي بم ڌماڪا ڪرايا جنهن ۾ 50 جانثاران بينظير سميت 180 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا. شهيد راڻي جي حوصلي ۽ جراتمنديءَ کي سلام آهي جو ٻئي ڏينهن بغير ڪنهن سيڪيورٽي ۽ بن ڌماڪن جي پرواه نه ڪندي اسپتالن ۾ وڃي، زخمي ڪارڪنن جي عيادت ڪئي ۽ لياري ۾ وڃي شهيد ڪارڪنن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن کي آٿت ۽ حوصلو ڏنو. شهيد راڻي پنهنجي آخري جلسن ۾ اڪثر چوندي هئي ته ”منهنجي راه ۾ ڀل پهاڙ جيڏيون رڪاوٽون کڙيون ڪيون وڃن، بمن جا ڌماڪا ڪرايا وڃن ۽ گوليون هلايون وڃن پر مونکي منهنجي عوام کان پري نٿا رکي سگهن. منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ انهن سان گڏ آهي.“ شهيد راڻي پنهنجي تقريرن ۾ اهو به چوندي هئي ته ”اسانکي جڏهن به ڪا مشڪل نظر ايندي آهي تڏهن اسان بيبي زينب خاتون کان حوصلو گهرندا آهيون.“ عجيب اتفاق آهي ته 27 ڊسمبر 2007ع تي چنڊ جي مهيني جي تاريخ 16 ذوالحج هئي جنهن ڏينهن تي جناب زينب خاتون به شهيد ٿي هئي ۽ عجيب هڪجهڙائي اها به آهي ته سانئڻ زينب خاتون به مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شهيد ٿي هئي ۽ بيبي زينب جي عقيدتمند شهيد راڻي به مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب شهيد ٿي هئي. ان رات جڏهن شهيد راڻيءَ جو مڙهه موئن جو دڙو ايئرپورٽ تان ڳڙهي خدابخش ڀٽو آندو پئي ويو ته هجوم ۾ هزارين ڪارڪنن ياحسين، يا حسين جو ماتم برپا ڪري ڇڏيو. هڪ عجيب اتفاق اهو به آهي ته اڄ شهيد راڻيءَ جي ٻي ورسي به 9 محرم الحرام تي آهي ۽ هر طرف مجلسون ۽ عزاداريون برپا ٿي رهيون آهن.

سنڌ جي سهڻي ۽ ملير جي ماروي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پيءُ شهيد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏلي ڌيءَ هئي جنهن کي هو پيار منجهان ”پنڪي“ چوندو هو. شهيد راڻي پاڪستان کي مضبوط، مستحڪم، طاقتور، خوشحال، امن پسند ۽ ترقي يافته ملڪ ڏسڻ پئي چاهيو ۽ هنجي خواهش هئي ته هن ملڪ جو هر ماڻهو شاد، آباد ۽ خوشحال هجي، بي بي صاحبه پنهنجي جلاوطنيءَ دوران پنهنجي ملڪ جي بقا ۽ استحڪام لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ عوامي رابطا قائم رکيا. شهيد راڻيءَ انساني حقن لاءِ به پاڻ پتوڙيو ۽ جدوجهد ڪئي جنهن جي اعتراف ۾ کيس گڏيل قومن طرفان ”انساني حقن جو ايوارڊ“ ڏنو ويو.

موئن جي دڙي جي لازوال تهذيبي رنگن جي اهڃاڻ ”شهيد بينظير ڀٽو“ 21 صديءَ جي جديد سنڌ جي ماروي هئي. هوءَ جڏهن اجرڪ اوڙهي پوري دنيا جي هر محاذ تي آواز اٿاريندي هئي ته ايئن لڳندو هو ته ڄڻ سنڌ جو آواز انهن ملڪن ۾ گونجي رهيو آهي جتي سنڌ جو ٻيو ماڻهو وڃڻ لاءِ سوچي به نه پئي سگهيو. اتي هوءَ سنڌ جو آواز هئي، هوءَ هن ملڪ جو ارمان جستجو هئي ۽ هن ملڪ جو اهو رستو هئي جنهن سان هن ملڪ جي عوام جي رهنمائيءَ جو هر رستو ملي پيو. هن پنهنجي دور حڪومت ۾ اهي انقلابي قدم کنيا جيڪي هن ملڪ جي بقا جو سبب بڻيا. ملڪ جي هر غريب ماڻهوءَ کي جيئڻ جو حق ڏنو ۽ عورتن جي فلاح بهبود لاءِ جوڳا قدم کنيا جيڪي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ عورتن لاءِ کنيا وڃن ٿا. بي بي صاحبه روزگار جا دروازا ڪڏهن به بند نه رکيا. هن لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ ملڪ جي لکين عورتن کي گهر جي چلهه ٻارڻ جو موقعو ميسر ڪيو.

1988ع جي جهاز حادثي ۾ آمر جنرل ضياءَ جي موت کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اسلامي ملڪن ۾ جمهوري طور چونڊجڻ واري پهرين مسلمان عورت وزيراعظم بڻي جيڪا 1953ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي هئي.بي بي صاحبه سال 1988ع ۾ پهريون ۽ 1993ع ۾ ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجي آئي، پر ٻئي ڀيرا جمهوريت دشمن قوتن هنکي هلڻ نه ڏنو ۽ سندس حڪومت کي برطرف ڪيو ويو. جنهن بعد سال 1999ع ۾ هو مڪ کان ٻاهر هلي وئي ۽ دبئي ۾ پنهنجي ٻارڙن سان گڏ رهي.

شهيد راڻي عظيم پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏلي ڌيءَ هئي، جنهن جي زندگي به پنهنجي عظيم شهيد والد وانگر هن ملڪ جي عوام لاءِ وڙهندي گذري ته شهادت به ان عوام جي راه ۾ ٿي. اهو ئي ”ڀٽو“ جنهن لاءِ خود شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي عوامي جلسن ۽ ميڙاڪن ۾ نعره لڳرائيندي چوندي هئي ته:

زنده هي ڀٽو زنده هي،

ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا،

آج ڀي ڀٽو زنده هي.

شهيد راڻي پاڻ کي آخري سالن ۾ پنهنجو پاڻ کي مارئي جي روپ ۾ ڏٺو هو. پنهنجي ساڻيهه لاءِ سندس سڪ ۽ تڙپ ڪنهن به لحاظ کان مارئيءَ جي سڪ کان گهٽ نه هئي. هن ارڏائپ ۽ بيباڪيءَ سان سر جو سانگهو لاهي، هن ڌرتي تي پيرپاتو. هنکي خبر هئي هت جمهوريت دشمن قوتون هنجي ايڏي عوامي مقبوليت ڏسي پريشان آهن ۽ هنکي زنده ڏسڻ نٿيون چاهن. پنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ آخري تاريخي جلسي دوران هوءَ جنهن خوشي ۽ مسرت سان سرشار نظر ٿي آئي، انکي 27 ڊسمبر 2007ع واري جلسي جي جهلڪين مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پنهنجي تقرير ۾ بيباڪ انداز ۾ چئي رهي هئي هت ”مونکي ڌرتي پڪاري رهي آهي ۽ مان انڪري هن تاريخي لياقت باغ ۾ آئي آهيان“ ۽ آخرڪار هوءَ عوام سان گڏ، انهن جي وچ ۾ 27 ڊسمبر 2007ع جي ڪاري شام ۾ شهادت ماڻي ۽ اهڙي طرح اسان کان جدوجهد جي سرواڻ ۽ لکين دلين جي ترجمان ڌار ڪئي وئي ۽ سنڌ ماتا هڪ دفعو ٻيهر يتيم ٿي وئي. ٻن سالن جي گذرڻ جي باوجود بي بي صاحبه جي وڇوڙي جو سور اڃان تازو آهي. پاڻ امام حسين ۽ سائنڻ زينب خاتون سان سچي محبت ۽ عقيدت رکندي، انهن کان حوصلو گهرندي، غاصبن، غدارن ۽ وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪائيندي، شهد ٿي وئي ۽ 28 ڊسمبر جي شام مغرب جي نماز کان ٿورو اڳ سنڌ جي هيءَ سون ورني نياڻي سنڌو ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي چڪي.

جو رڪي تو ڪوه گران ٿي هم،

جو چلي تو جان سي گذر گئي،

ره يا رهم ني قدم قدم،

تجهي يادگار بناديا.


محمد اياز سومرو (صوبائي وزير قانون)

No comments:

Post a Comment