معشوق اوڍاڻو



هائوس لاڙڪاڻو جي لان ۾ اڳ جڙيل لال حويلي ۾ 5 جنوري 1928ع تي جنم ورتو. ڀٽو خاندان جا پراڻا ملازم ٻڌائين ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيدائش بابت سندس ڀيڻ نورجهان بيگم ٻڌايو ته ذوالفقار ڀٽو جڏهن پيدا ٿيو ته هو ٽن مهينن تائين اکيون نه پيو کولي، ان وقت لاڙڪاڻي،سکر ۽ جيڪب آباد جي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ويو پر ڪوبه فائدو نه ٿيو. بعد ۾ هڪ حڪيم سر شاهنواز ڀٽو کي صلاح ڏني ته ذوالفقار ڀٽو جون اکيون سندس ماءُ چٽيندي ته هو اکيون کوليندو، پوءِ اهڙو عمل دهرايو ويو، جنهن بعد هن اکيون کوليون. بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪيترن مهينن تائين نواب امير علي لاهوري جي لاهوري محلا واري بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ رهايو ويو هو. بعد ۾ هو پنهنجي والد سان گڏ هندستان ويو، جتان کيس بعد ۾ پرڏيهه تعليم لاءِ اماڻيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب دور ۾ جڏهن پرڏيهي وزارت جو وزير بڻيو ۽ ايوب سان اختلافن بعد هن پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو. 60 جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو المرتضيٰ هائوس ۾ جيڪو اندران زيڊ جي نقشي تي ٺهيل آهي، ۾ پنهنجي سالگرهه سادگي سان ملهائيندو هو. ان وقت هو پنهنجي 30، 40 لاڙڪاڻي جي دوستن جنهن ۾ عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي خان جوڻيجو، ڊاڪٽر اشرف عباسي ۽ ٻين کي سڏائي ڪيڪ ڪپڻ جي رسم ادا ڪرڻ کانپوءِ چانهه ۽ ڪڏهن مانيءَ جو دور به شروع ٿيندو هو، جڏهن ته عورتن جو جدا فنڪشن ٿيندو هو، جنهن ۾ ٻارڙا به شامل هوندا هئا. پر 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ جڏهن هو ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ٿيو ته سندس مصروفيتون وڌي ويون، جنهن ڪري هن پاڻ پنهنجي هڪ به سالگره نه ملهائي. ذوالفقار ڀٽو بدران سندس پارٽيءَ جا ساٿي ۽ عوام مختلف هنڌن تي سالگره جون تقريبون ڪندا هئا. ذوالفقار ڀٽو جنهن جي شخصت اڄ به لاڙڪاڻي جي ماڻهن کان نه وسري آهي. پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ ايوب دور ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد 1967ع دوران لاڙڪاڻي جي موجوده ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڏاند گاڏيءَ تي چڙهي المرتضيٰ هائوس پهتو هو. اهڙي طرح هن جي عوامي شخصيت جا ڪيترائي قصا ڪهاڻيون اڄ به ان وقت جي ماڻهن کان نه وسريا آهن. جڏهن ته هو پنهنجي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو کي نصرتو ۽ پنهنجي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو کي نائله ۽ پنڪي جي نالن سان سڏيندو هو. هو انسانن سان گڏ وڻن ۽ جانورن سان به محبت ڪندو هو. المرتضيٰ هائوس ۾ تحفي طور مليل هڪ ننڍڙو ڪتو ”هپي“ جيڪو اڇي رنگ جو هو، جڏهن هو جيل ۾ ڦاسي جي سزا هيٺ آيل هو ته ان وقت به هن پنهنجي هڪ ملازم ذريعي ”هپي“ ڪتي کي گهرائي هڪ ڀيرو ڏٺو هو. المرتضيٰ هائوس ۾ ان وقت ٻين گلن سان گڏ ڪاري گلاب جا ٻوٽا به هوندا هئا. جڏهن ته هو اڪثر پرڏيهي ملڪن جي بادشاهن ۽ ٻين جي مان ۾ لاڙڪاڻي ۾ دعوتون جهليندو هو. ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي ۽ سندس گهر واري کي لاڙڪاڻي ۾ گهرائي سندس مان ۾ هڪ ميوزيڪل پروگرام ڪراچي آرٽ ڪائونسل طرفان ڪرايو، جنهن ۾ ميڊم نورجهان، اقبال بانو، فريده خانم، روبينه قريشي، مصطفيٰ قريشي ۽ ٻين فنڪارن حصو ورتو هو. اهڙي پروگرام وقت ضياءَ محي الدين ڪمپيئرنگ ڪندي چيو ته پنجاب آرٽ ڪائونسل پاران ٽيبلو پيش ڪيو پيو وڃي ته ڀٽو تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته نو پنجابي نو سنڌي ۽ پوءِ هن روبينه قريشي کي فرمائش ڪئي ته ”مور ٿو ٽلي راڻا مور ٿو ٽلي“ ۽ ”پيرين پوندي سان”، چوندي سانءِ رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“ گيت چوڻ جي فرمائش ڪئي. ان سان گڏ ميڊم نورجهان کي چيو ته فارسي ۾ نغمو ٻڌاءِ، جنهن چيو ته مون ريهرسل نه ڪئي آهي، پوءِ هن قلندر شهباز جي ڌمال ٻڌائي. بعد ۾ ڀٽو صاحب ”هو جمالو“ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پنهنجي دوستن کي به اسٽيج تي نالا وٺي سڏ ڪري گهرايو، جنهن ۾ ڄام صادق علي، مير رسول بخش ٽالپر، حفيظ پيرزادو، غلام مصطفيٰ جتوئي
۽ ٻيا شامل هئا. ان وقت رئيس ديدار علي اسراڻ يڪتاري تي ”هو جمالو“ چوڻ لڳو جنهن تي سڀني جهمريون هنيون. اهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت سياسي توڙي اخلاقي لحاذ کان پنهنجي خاص اهميت رکندي هئي. ذوالفقار ڀٽي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته المرتضيٰ هائوس ۾ سريلنڪا جي صدر بندرا نائڪي کي دعوت ڏئي گهرايو هو جنهن هڪ ٻير جي وڻ جو ٻوٽو پوکيو، جنهن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ذوالفقار ڀٽو سمورن نوڪرن کي هدايت ڪندو هو. هو ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو شوقين هو، ننڍ پڻ کان ڪرڪيٽ جي وڏن رانديگرن کي دعوتون ڏئي انهن کان بيٽن تي صحيحيون ڪرائيندو هو، جيڪي اڄ به المرتضيٰ هائوس توڙي 70_ڪلفٽن ۾ رکيل آهن. اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو گهڻ پاسائتي شخصيت هو، جنهن پنهنجي حياتي ۾ ملڪ توڙي قوم جي ترقي لاءِ انيڪ خواب ڏٺا، پر کيس ڦاهي چاڙهڻ کان پوءِ اهي خواب خواب ئي رهجي ويا، پر اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هن ملڪ خاص طور لاڙڪاڻي جا ماڻهو انتهائي احترام واري نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ پ پ جي هر جلسي ۾ اڄ به اهو ئي نعرو لڳي ٿو ته ”زندهه هي ڀٽو زندهه هي، تم ڪتني ڀٽو مارو گي هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا“

No comments:

Post a Comment