(ڀرت ۽ سنڌي ثقافت جو امتزاج (زاهده حضور تنيو


سنڌ ثقافت، تهذيب جو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، سنڌي لباس تي اسان کي فخر آهي، سنڌ جو ڀرت اسان جي سڃاڻپ آهي، لباس تيار ڪرڻ جو هنر وقت سان گڏ بدلبو رهيو آهي، قديم زماني ۾ لباس جسم ڍڪڻ، سردي ۽ گرمي کان بچائڻ لاءِ ٺاهيو ويندو هو پر جيئن انسان ترقي ڪندو رهيو آهي، تيئن تيئن لباس ۾ به تبديلي ايندي رهي آهي، هن وقت لباس پهرڻ جو اهو به مقصد ورتو وڃي ٿو ته پائڻ واري جي شخصيت، شان ۽ شوڪت واري نظر اچي انهي ڪري اڄڪلهه سڄو ڌيان لباس کي سهڻو ۽ وڻندڙ بڻائڻ طرف وڌي رهيو آهي، اسان جون سنڌي ڀينرون ڀرت ڀريل ڪپڙن کي وڌيڪ پسند ڪنديون آهن ۽ ڀريل شالون وڌيڪ پسند ڪن ٿيون، ڀرت اسان جي سنڌ ۾ نه پر پاڪستان کان ٻاهر به ڀرت کي وڌيڪ اهميت آهي ۽ ڀرت اسان جي ثقافت جي نشاني آهي، اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جا ڪيترائي قسم اچي چڪا آهن، ڪپهه، سڻي ريشم ۽ نائلون مان ٺهيل ڪپڙو جدا جدا خاصيت جو ٿئي ٿو، انهن کي ڪٽڻ ۽ سبڻ لاءِ به خاص مهارت جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اڻڄاڻ جي هٿن ۾ ڪپڙو آيو ته ڪٽڻ ۽ سبڻ ۾ خراب ٿي ويندو، تنهن ڪري ڪپڙي جي جدا جدا قسمن کي سمجهڻ ضروري آهي، جيئن ڪچو ٽاڪو يا ڪوڪ ڪرڻ، ابتو ٽاڪو،پڪو ٽاڪو، بخيو، انڪڙو يا ڪنڊرو، زنجيري، کيل، ڪاج جو ٽاڪو، ڀرڻ (رفو) وغيره ڀرت جي ٽانڪي جو هڪ قسم آهي، ڀرت جا گهڻا نمونا سئي سان ٺاهيا ويندا آهن پر اسان جون ڪجهه ڀينرون پنهنجي سنڌ جي ثقافت وڃائي رهيون آهن ۽ ٻاهر جي لباس کي ترجيح ڏين ٿيون پر آڳاٽي وقت ۾ اهو ڪم عورتن جي سگهڙ پائيءَ ۾ لکيو ويندو هو، ڪارخانن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ هر گهر ۾ چرخا ۽ ائٽ هوندا هئا، عورتون ننڍي هوندي کان ئي، واندڪائي جي وقت ۾ ويهي سـُـٽ ڪتينديون ۽ ڪپڙو اُڻنديون هيون، سبڻ ۽ ڀرڻ جو ڪم عورتون ئي ڪنديون هيون. موجوده وقت ۾ به نئين قسم جي لباس جي تياريءَ جا مختلف شهرن ۾ مرڪز موجود آهن، جن ۾ مشين ذريعي ڪپڙو ڪٽن، سبڻ ۽ ڀرڻ سيکاريو وڃي ٿو ۽ انهن مرڪزن مان سکيل ڀينرون نه رڳو پنهنجو روزگار حاصل ڪن ٿيون پر سبڻ ۽ ڀرڻ جي هنر کي به وڌائي رهيون آهن، هر هڪ ملڪ ۽ قوم جو لباس مختلف ٿئي ٿو، گهڻو ڪري لباس مان ئي ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ٿئي، سنڌ صوبو به پنهنجي لباس ڪري پاڪستان ۾ نمايان حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ جون خاص ڪري ڳوٺاڻيون ڀينر ڀرت جو وڌيڪ ڪم ڪن ٿيون، سيم ۽ زري جو ڀرت جيڪو اڳ مقيش سڏبو هو، سو ڀرت جو اعليٰ قسم هو، جنهن جو رواج هاڻي گهٽجي ويو آهي، اهڙي طرح سبڻ ۽ ڀرڻ جو هنر نه رڳو گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي مالي حالت، سڌارڻ پر ملڪ جي لاءِ ٻاهر ناڻي ڪمائڻ جو وسيلو پڻ بڻجي چڪو آهي.

No comments:

Post a Comment