ٿر جي ڪوئلي جي قرباني ڏيڻ سان ئي ڌرتي بچي سگهندي؟

. بنگلا ديش ۾ هڪ تباهه ڪندڙ سامونڊي طوفان اچڻ سبب اتي سال 1991ع ۾ لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
1992ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پاڪستان جي ماٿرين ۾ زبردست مينهن پوڻ ۾ جي ڪري درياهه اٿلي پيا ۽ درياهن ۾ ڪل وهڪرو اٽڪل 22 لک ڪيوسڪ ٿي ويو. ياد رهي ته سانوڻي جا مينهن گهڻو ڪري جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ پوندا آهن ۽ گڊو بيراج 12 ڪيوسڪ جي ٻوڏ لاءِ ڊيزائين ٿيل آهي ۽ سکر بيراج جا 10 گيٽ بند ٿيڻ کانپوءِ ٻوڏ پاس ڪرڻ جي گنجائش 9 لک ڪيوسڪ آهي. بچاءُ انهيءَ ڪري ٿيو جو درياهن جا چوٽي وارا وهڪرا اڳتي پوئتي ٿيڻ ڪري گڏجي نه سگهيا، جنهن ڪري بيراج تي رڳو ڏهه لک 86 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو.
. سال 1998ع ۾ بنگلاديش 67 سيڪڙو ٻوڏ اچڻ ڪري ٻڏي ويو ۽ ٻن ڪروڙن کان مٿي ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿي.
. سال 1999ع ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ سائيڪلون A-2  آيو، جنهن ڪري ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ وڏي تباهي ٿي.
. سال 1999ع کان 2001 ع تائين پاڪستان ۾ سوڪهڙي سبب ڏڪار واري صروتحال رهي.
. سال 2001ع جي جولائي مهيني ۾ اسلام آباد ۾ طوفاني بارش پئي، جنهن جو انگ ڏهن ڪلاڪن ۾ 621 ملي ميٽر يا 24 انچ هو. جنهن اسلام آباد کي ذري گهٽ مفلوج ڪري چڏيو.
. سال 2004ع جي جون جولائي ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ زبردست برساتن ۽ درياهه اُٿلڻ ڪري تباهه ڪن ٻوڏ آئي، جنهن ڪري بنگلادش جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو پاڻي هيٺ اچي ويو. اٽڪل 3 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن کي بک ۽ بيماري جو منهن ڏسڻو پيو. وري ساڳي سال سيپٽمبر مهيني ۾ 5 ڏينهن سامونڊي مينهن پيو، جنهن پنجاهه سالن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ساڳي سال ۾ ٻه دفعا سانوڻيءَ جون برساتون بنگلاديش ۾ ڪو ورلي ٿين ٿيون.
. سال 2006ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ حيدرآباد شهر ۾ زبردست مينهن پيا. 18 ڪلاڪ بنا وقفي واري برسات ۾ 180 ملي ميٽر يعني 7 انچ مينهن ريڪار ٿيو. جنهن حيدرآباد جي سهڻي ۽ هوادار شهر کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ پاڻي ڪڍڻ ۾ 15 ڏينهن لڳا.
هي سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ چون ٿا ته هي سڀ ڌرتي جي ڳولي جي گرم ٿيڻ ۽ موسمن ۾ ڦير گهير جي نتيجي ۾ ٿئي ٿو. پر ڌرتي جو گولو ڇو ٿو گرم ٿئي؟ جڏهن ڪروڙها سالن کان اهو نه پيو ٿئي ته پوءِ هينئر ڇا ٿيو آهي، يا ڇا ڪيو ويو آهي، جو هي گرم پيو ٿئي؟ اچو ته ڪجهه ڄاڻ وٺون.
اڄوڪو دور سائنسي دور آهي. نيون نيون ايجادون پيون ٿين، کوجنائون ڪري پراڻيون ٿيوريز غلط ثابت ڪري نيون ٿيوريز ڏنيون ٿيون وڃن. حالتن جو جائزو ۽ معائنو ڪري نيون ۽ دليلن واريون وضاحتون ڏنيون ٿيون وڃن، جيڪي عقل ۽ دانش تي فٽ ٿين ٿيون. سائنسدانن ڏٺو اُتر ۽ ڏکڻ قطب ۾ برف پئي رجي، گليشئرن جي ايراضي پئي گهٽجي، موسمون پيون ڦرن، ٻوڏون پيون اچن، سوڪهڙي سبب ڏڪار پيا اچن. اڻ مندائتا ۽ تکا تيز مينهن پيا پون، شديد طوفان ۽ سونامي پيا اچن، سمنڊ جي ليول پئي چڙهي. مطلب ته سڄي وايومنڊل ۾ تبديلي پئي اچي، ضرور انهيءَ جو ڪو ڪارڻ هوندو. سال 1988ع ۾ گڏيل قومن جي ٻن ادارن، جن جو موسم ۽ ماحوليات سان واسطو هو. انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو. انهيءَ مان هڪڙو ادارو آهي عالمي موسمي ادارو ياWMO  ۽ ٻيو آهي گڏيل قومن جو ماحولياتي ادارو يعني UNEP. انهن دنيا جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري سائنسدانن جو هڪ پينل جوڙيو، جنهن کي بين السرڪاري موسمي تبديليءَ جو پينل چيو ويو. ان کي مختصر ڪري يعني مخفف ۾IPCC  چيو وڃي ٿو. انهيءَ پينل کي ٽي مول متا ڏنا ويا، جيڪي هن ريت آهن.
(1) موسمي ڦير گهير جو سائنسي بنيادن تي جائزو وٺڻ.
(2) موسمي  ڦير گهير جي اثرن جو جائزو وٺڻ.
(3) انهن اثرن جي تدراڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ.
اهو پينل پاڻ ريسرچ نٿو ڪري، پر دنيا ۾ ٿيندڙ ريسرچ جي چپيل مواد جو جائزو وٺي رپورٽ جوڙي ٿو. انهيءَ پينل هن وقت چار رپورٽون ٺاهيون آهن، جيڪي سال 1990ع، 1996ع، 2001ع، ۽ 2007ع ۾ پڌريون ڪيون ويون. پينل جي سائنسدانن ثابت ڪيو آهي ته موسمن ۾ غير معمولي ڦير گهير ۽ ٻيا اثر ڌرتي جي گولي جو گرمي پد وڌڻ سبب آهن. اهو گرمي پد قدرتي طرح نه، بلڪه هٿرادو ٿيندڙ اثرن ڪري پيو وڌي ۽ اهو صنعتي انقلاب جي سرگرمين جي نتيجي ۾ آهي. فيڪٽرين، ڪارخانن، بجلي گهرن ۽ موٽرڪارن ۽ ٻين گاڏين کي هلائڻ  لاءِ ٻارڻ استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ پيٽرول، ڊيزل، ڪوئلو، گئس ۽ ڪاٺيون وغيره استعمال ڪيا ٿا وڃن. انهن جي ٻرڻ ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ ٻيون گيسون پيدا ٿين ٿيون. اهي گيسون ڌرتي جي چوڌاري هڪ گول چڪرو ٺاهين ٿيون، جيڪي سج جي ڌرتي کان موٽندڙ شعائن کي روڪين ٿيون ۽ انهيءَ ڪري ڌرتي جو گرمي پد وڌي ٿو. انهن گيسن کي گرين هائوس گيسون (GHG) چون ٿا. گرين هائوس انهيءَ شيشي جي ٺاهيل سائي ڀاڄي جي گهر کي چون ٿا، جنهن ۾ سياري جي مند ۾ به اونهاري واريون ڀاڄيون پيدا ڪبيون آهن. انهيءَ ۾ شيشن کي رنگ ڏئي روشني اندر اماڻي وڃي ٿي، جيڪا ٻاهر موٽ نٿي کائي ۽ شيشي جي گهر جو گرمي پد وڌائي ٿي. ساڳي نموني ۾ مٿيون گيسون گرين هائوس جي شيشي جو ڪم ڪن ٿيون ۽ سج جون شعائون موٽڻ بدران ڪجهه رڪجي وڃن ٿيون ۽ ائين ڌرتي جو گرمي پد وڌي ٿو. گرمي پد وڌڻ ڪري ڪٿي برف ۽ گليشيئر رجن ٿا، هوا ۾ بخارات وڌن ٿا، هوائن تي اثر پوي ٿو، مينهن تي اثر پوي ٿو وغيره وغيره.
IPCC جو چوڻ آهي ته، جنهن نموني هينئر گرين هائوس گيسون پيدا ٿين ٿيون ته مختلف هنڌن تي ڌرتي جو گرمي پد هن صدي جي پڇاڙي تائين 0.6 کان 6.4 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي سگهي ٿو. گذريل صدي ۾ هي واڌ 0.74 ڊگري سينٽي گريڊ هئي. هنن جو چوڻ آهي ته 5 ڊگري جي واڌ تمام گهڻي آهي ۽ دنيا وارا انهيءَ کان مٿي برداشت نه ڪري سگهندا، ڇو جو انهيءَ کان مٿي موسمن ۾ ايتري ڦير گهير ايندي، جو انسان سهي نه سگهندا.
پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟
ظاهر آهي ته انهن سببن جو تدارڪ ڪجي، جن ڪري گرين هائوس گيسون پيدا ٿين ٿيون. بجلي وارين شين جهڙوڪ ايئرڪنڊيشنر، فرج، ٽي وي اسان کي تمام گهڻيون سهولتون ڏنيون آهن، ٻئي پاسي هوائي جهازن، ٽرڪن، سامونڊي جهازن ماڻهن ۽ مال جي چرپر تمام آسان ڪري ڇڏي آهي، پر انهن سڀني سرگرمين ۾ گرين هائوس گيسون، جن ۾ مک ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ آهي پيدا ٿين ٿيون. پوءِ يا ته اسان انهن جو استعمال نه ڪريون يا اهڙا ذريعا استعمال ڪريون، جن ۾ گرين هائوس گيسون پيدا نه ٿين يا گهٽ پيدا ٿين. اسان جو طرزِ زندگي (Life Style) اهڙو ٿي ويو آهي ۽ اسان سهولتن جا ايترا عادي ٿي ويا آهيون، جو انهن جو ڇڏڻ ڏکيو آهي. مثال طور
ڇا اسان ڪارون ۽ هوائي جهاز ڇڏي وري اٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي سگهون ٿا؟ ڇا گهڻ ماڙ بلڊنگن ۾ رهندڙ لفٽ، ايئرڪنڊيشن ۽ فرج کانسواءِ رهي سگهون ٿا؟ منهنجي خيال ۾ اهو ممڪن ناهي. پوءِ ٻيو حل اهو آهي ته گرين هائوس گيس جو اخراج  (Emission) گهٽايون. يعني توانائي پيدا ڪرڻ جا اهڙا ذريعا ايجاد ڪيون، جن جي استعمال سان پيٽرول، ڪوئلي ۽ گئس جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪاربان ڊاءِ آگسائيڊ خارج ٿئي. اهي پن بجلي، هوا ۽ سج ذريعي جيو ٿرمل، نيوڪليئر ۽ ٻين متبادل ذريعن مان پيدا ڪجي. پر انهن تي سواءِ پن بجلي جي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو. معنيٰ ائين ڪرڻ سان مهانگائي وڌندي. وري اهو چئي ته ترقي ڪندڙ ملڪ ڇا ڪن؟ گرين هائوس گيس جا ذميوار ته ترقي يافته ملڪ آهن، جيئن آمريڪا، يورپ وغيره، پر اثر انهن ملڪن تي به پوي ٿو، جيڪي اهي گيسون وڌائڻ ۾ شامل ناهن ۽ هنن کي ترقي به ڪرڻي آهي. جيڪڏهن رواجي ٻارڻ يعني پيٽرول، ڪوئلي ۽ گئس جي استعمال کي بند ڪبو يا گهٽائبو ۽ انهيءَ بدران متبادل ذريعا استعمال ڪجن ته انهن جو خرچ ڪير ڀري؟ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ته اها طاقت ناهي اهو خرچ ڀري سگهن، پر ڪجهه ڪرڻو ته پوندو.
مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي گڏيل قومن جي مدد سان 1997ع ۾ جاپان ۾ ڪيترن ملڪن جي گڏجاڻي ٿي ۽ هڪ فيصلو ڪيو ويو ته سال 2012ع تائين هرڪو ملڪ گرين هائوس گيس جو اخراج 1990ع واري ليول کان 5 سيڪڙو گهٽائيندو. انهيءَ فيصلي کي Kyoto protocol نالو ڏنو ويو. سال 2001ع ۾ انهيءَ فيصلي تي  40 ملڪن صحيح ڪئي، پر دنيا جي ٻئي نمبر وڌ ۾ وڌ GHG اخراج ڪندڙ ملڪ يعني آمريڪا انهيءَ  تي صحيح نه ڪئي. جاپان جتي اها ڪانفرنس ٿي، تنهن 5 سيڪڙو گهٽائڻ بدران انهيءَ گيس جو اخراج وڌايو. برطانيا، جرمني ۽ فرانس ڪافي ڪوشش ڪئي ته گيسون گهٽايون، پر وري به گهربل 5 سيڪڙو گهٽائي نه سگهيا.
جيتوڻيڪ Kyoto protocol تي عمل نه ٿيو، پر پوءِ به سڀني ملڪن کي انهيءَ بابت ڳڻتي رهي. جيڪڏهن دنيا جا وڏي ۾ وڏا ماحول کي خراب ڪندڙ ملڪ يعني چائنا، آمريڪا ۽ هندستان ڪجهه ڪري ڏيکارين ته ٻيا ملڪ به انهن جي نقشِ قدم تي هلن. انهيءَ مامري کي وري روشني ۾ آڻڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري وري گذريل ڊسمبر 7 کان وٺي 18 تائين ڊيمنارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ 194 ملڪن جي نمائندن حصو ورتو. چين جو صدر ۽ آمريڪا جو صدر بارڪ حسين اوباما به اتي آيو، پر اتفاق راءِ سان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا، ڇو ته اهي ملڪ پنهنجو لائيف اسٽائيل تبديل ڪرڻ ڏکيو پيا سمجهن. فيصلو اهو ڪرڻو هو ته ماحول کي سڀني کان وڌيڪ خراب ڪندڙ ملڪ سال 2020ع ۽ 2050ع تائين گئسن جو اخراج ايترا سيڪڙا گهٽائيندا ۽ جن ملڪن تي انهيءَ جو اثر ٿئي ٿو، جيئن بنگلاديش، مالديپ انهن کي هڪ پلان تحت مالي مدد ڏيندا. گهڻي گوڙ گهمسان ۽ بحث مباحثي کانپوءِ به سڀئي ملڪ ڪنهن اتفاق راءِ واري فيصلي تي نه پهچي سگهيا ۽ اها ڪانفرنس مقصد وارو معاهدو ڪرڻ ۾ فيل ٿي. پر پوءِ به آمريڪا، چين، هندستان، برازيل ۽ ڏکڻ آفريڪا هيٺين ڳالهين تي راضي ٿيا.
. دنيا جي گولي جو گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌڻ کپي.
. سال 2020ع يا 2050ع تائين گيسون گهٽائڻ جا حدف مقرر نٿا ڪري سگهجن.
. انهن غريب ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ 100-ارب ڊالرن جو فنڊ قائم ڪيو، جيڪي گهربل وارمنگ جي ڪري متاثر ٿيندا.
ايندڙ ٽن سالن لاءِ آمريڪا 3.6، جاپان 11 ۽ يورپين يونين 10.6 ارب ڊالر ڏيڻا ڪيا، پر انهيءَ جو ڪو پروگرام نه ڏنو. خيال هو ته جيڪڏهن ڪوپن هيگن ڪانفرنس ۾ گيسن گهٽائڻ جا حدف مقرر ٿي ويا، بجلي پيدا ڪندڙ انهن ٻارڻ جو  استعمال گهٽائڻو پوندو، جيڪي تمام گهڻي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پيدا ڪن ٿا. جيئن ڪوئلو.
ائين ڪرڻ سان سنڌ جي ٿر جي ڪوئلي جي ترقي تي اثر نه پوي، جو عالمي مالياتي ادارا انهيءَ لاءِ پيسا ڏيڻ ۾ نه ڪيٻائين. ڪوپن هيگن ڪانفرنس ۾ اهڙو ڪو به فيصلو نه ٿيو، جو آمريڪا، چين، هندستان پنهنجي ڪل پيدا ٿيندڙ بجلي جو ترتيب وار 23، 67 ۽ 55 سيڪڙو ڪوئلي مان پيدا ڪن ٿا، جڏهن ته پاڪستان رڳو اڌ سيڪڙو ڪوئلي مان پيدا ڪري ٿو. پر ڪاوش جي 7 جنوري جي خبر مطابق عالمي بينڪ ٿر جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ واري رٿا لاءِ 2 ڪروڙ 80 لک ڊالر قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ  نه ته ڪو گلوبل وارمنگ تي اثر پوندو، پر انهيءَ لاءِ ته ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه اين جي اوز عالمي بينڪ کي خط لکي انهيءَ رٿا تي اعتراض واريا آهن، ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کڏ کوٽي ڪڍڻ (Open Mining) سبب هڪ تمام وڏو ماحولياتي مسئلو پيدا ٿيندو. پر اهو اعتراض اجايو آهي، هر ڪنهن ترقياتي سرگرمي مان ڪجهه نه ڪجهه منفي اثر ٿين ٿا، جيئن نئون روڊ ٺاهڻ سان ماڻهن جو زمينون روڊ جي سٽ  ۾اچن ٿيون. واهه کوٽڻ سان سم پيدا ٿئي، پر هر ڪنهن مسئلي جو حل موجود آهي. ڀلا آمريڪا، چين، هندستان ۾ جتي بجلي تمام گهڻي ڪوئلي مان پيدا ٿئي، اتي اهڙا مسئلا نه ٿيا هوندا؟ ضرور ٿيا هوندا، انهن ملڪن انهن جو حل ڪڍي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي. ساڳي نموني ماحولياتي مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ انهن اين جي اوز ملڪ جي ڪا خدمت ڪرڻ بدران ٿر جي ڪوئلي جي ترقي ۾رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا مناسب نه آهي.
سنڌ جي ڪوئلي ۽ توانائي واري سيڪريٽري جناب اعجاز علي خان چيو ته عالمي بينڪ جي قرض نه ملڻ باوجود سنڌ حڪومت اها رٿا ختم نه ڪندي ۽ صوبائي حڪومت اها رٿا پنهنجن وسيلن سان مڪمل ڪندي سنڌ وارا انهيءَ دلير ۽ جرئتمنداني فيصلي کي تحسين جي نظر سان ڏسن جو انگريزي ۾ چوندا آهن ته:  You need resistance to fly. يا جيئن علامه اقبال چيو آهي:
بادِ مخالف سي نه گهبرا اي عقاب،
يه تو چلتي هي تجهي اونچا اڙاني کيلئي!

idrisrajput@hotmail.com

No comments:

Post a Comment