(سنڌي ٻولي، سنڌي ٻار (قربان شيخ

سموري دنيا جون سڌريل قومون هميشه ان ڳالهه جو تعين ڪنديون آهن ته سماج جي بنيادي ايڪي ”ٻار“ جي تعليمي، ادبي، ثقافتي ۽ شعوري آبياريءَ لاءِ اهڙا ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جو سڀاڻي اُهو ٻار، پنهنجي ملڪ، قوم، سماج، ڪلچر، تاريخ ۽ ڌرتيءَ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي. سڄيءَ دنيا جي تعليمي ماهرن جو اهو يڪراءِ فيصلو آهي ته تعليم ۽ تدريس جي ڏس ۾ شروعات صرف ۽ صرف مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڪرڻ صحيح آهي ۽ ان سان ئي ٿيڻ کپي. اهڙيءَ ريت ”يونيسڪو“ توڙي ٻين عالمي ادارن جي پڌرنامن ۾ واضح آهي ته بنيادي تعليم صرف مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏيڻ بهتر آهي. ماضيءَ ۾ ته سنڌي ٻولي، سنڌ جي ٻارن جي بنيادي تعليم جو ذريعو رهي آهي، پر موجوده دؤر ۾، خانگي اسڪولن جي رسم و رواج ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريس کي نيڪالي ڏيئي، ”آسان سنڌي“ جي نالي ۾ ٻارن کي نالي ماتر سنڌي پڙهائي پئي وڃي. اسيمبلين جي پاس ڪيل ائڪٽن ۽ حڪومتي اعلانن باوجود، خانگي اسڪولن جي انتظاميه سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس کي برملا ختم ڪري، سنڌ جي ٻار کان اهو بنيادي ۽ قانوني حق کسي رهي آهي.
اسان وٽ مختلف وقتن تي مختلف تعليمي پاليسيون لاڳو ٿينديون رهنديون آهن، جن مطابق ڪڏهن پهرئين درجي پرائمريءَ کان مادري ٻوليءَ سان گڏ انگريزي پڙهائڻ، ته ڪڏهن ڇهين درجي کان ثانوي تعليم جو ذريعو صرف ۽ صرف انگريزي بڻائڻ ۽ وري ڪڏهن استادن کي انگريزيءَ جي سکيا ڏيئي، انگريزيءَ کي تعليم جو ذريعو بنائڻ جا اعلان ٿيندا رهيا آهن، پر ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي ته مادري زبان سان گڏ پرائمري کان انگريزي زبان پڙهائڻ سان ٻارن جون تخليقي ۽ ذهني توانايون متاثر ٿينديون.
تازو ملڪ ۾ اٺين قومي تعليمي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن موجب مادري ٻولي صرف پنجين ڪلاس تائين پڙهائي ويندي ۽ پهرئين ڪلاس کان انگريزي پڻ لازمي تدريس جو حصو هوندي، جنهن تي پڻ بحث مباحثا جاري آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته جتي سڄيءَ دنيا جا تعليمي ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته مادري ٻوليءَ ئي بنيادي تعليم جو واحد ذريعو هئڻ گهرجي ۽ ٻار کي تعليم فقط ان ٻوليءَ ۾ ئي ڏيڻ گهرجي، جيڪا ان جي نيم شعوري ۽ خوابن جي زبان هُجي، ته پوءِ آخر سنڌ جي ٻار جي اها ڪهڙي بدقسمتي آهي، جو اڄ ڏينهن تائين اٺ قومي تعليمي پاليسيون اچي چڪيون آهن، پر ان ڳالهه جو تعين نه ٿي سگهيو آهي ته سنڌ جي ٻار کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جو حق ڏجي يا نه!
دنيا جي ٻين قومن جي ٻارن جي ڀيٽ ۾  ٻين سمورن حقن، سهولتن ۽ آسائشن کان قطئه نظر، سنڌ جو ٻار اڄ اهو مطالبو ڪري ٿو ته کيس گهٽ ۾ گهٽ تعليم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏيڻ گهرجي، جنهن لاءِ ضرورت آهي ته وفاقي توڙي سنڌ حڪومت اٺين قومي تعليمي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪن ۽ ٻوليءَ ۽ تعليم جي ماهرن کي ويهاري، سنڌ جي ٻار لاءِ مادري ٻوليءَ جي تعليم واري حق جي حاصلات لاءِ قدم کنيا وڃن.  خانگي اسڪولن ۾ مادري ٻوليءَ جي تعليم هڪ مضمون جي حيثيت واري هئڻ گهرجي ۽ جيڪي خانگي اسڪول سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس کان نابري وارين، تن جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment