عالمي سرمائيداري ۽ پاڪستان جي ٽٽڻ

سرمائيدارن جي عالمي چيمپيئن آمريڪا پاران دنيا تي قبضو ڪرڻ جي خيالن ۽ معدني وسيلن ذريعي عالمي مارڪيٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ واري حڪمت عملي دنيا سامهون اگهاڙي ٿي بيٺي آهي، عوام جي حقن ۽ محنت جي پامالي ذريعي سرمايو حاصل ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ سرمائي يا منافع کي عوام جي مفادن ۾ خرچ ڪرڻ بدران، عوام جي محنت واري سرمائي سان دنيا جي ڪمزور ملڪن ۾ فوجي طاقت ذريعي قبضي ڪرڻ واري پاليسي تي آمريڪا لاطيني آمريڪا کان وٺي آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا تائين هٿيارن جي ڦهلاءَ سبب دهشتگرد قوم پرست ۽ مذهبي انتها پسند پيدا ڪيا آهن، جيڪي هاڻي سڄي دنيا لاءِ خطرو ٿي ويا آهن.

صوماليا ۽ ٻين آفريڪي ملڪن ۾ عليحدگي پسند تحريڪن ۾ شدت پسندي ۽ هٿيارن ذريعي قبضي ڪرڻ جي پاليسي سڄي دنيا جي امن پسندن لاءِ هڪ اهڙو عذاب ٿي چڪا آهن، جنهن سان جان ڇڏائڻ هاڻي سرمائيدارن جي وس جي ڳالهه به نه رهي آهي، جيتوڻيڪ انهن شدت پسندن ۽ عليحدگي پسند گروپن کي هٿي ڏيڻ ۾ سرمائيداري دنيا ئي هٿ ونڊايو، پر هاڻي جڏهن هي دهشتگرد ۽ شدت پسند گروپ سرمائيدارن جي هٿان نڪري چڪا آهن ته آمريڪي جي سرمائيدارن دنيا جي وسلين کي لٽڻ جي حڪمت عملي ۾ تبديلي آندي آهي.

هاڻوڪي شدت پسند دنيا ۾ ملڪن جي وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سرمائيدارن دنيا ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ تنگ نظر قوم پرستي کي پنهنجو ساٿاري ٺاهي اتان جي حڪومتن کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، جنهن سان سرمائيدار ملڪ وسيلن وارن ملڪن ۾ تنگ نظر قوم پرستي ۽ شاونسٽ تحريڪن کي هٿي ڏيئي ”آزادي“ جي نالي تي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي پاليسي کي نئين طريقي سان ٻيهر دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي.

سرمائيداري جي تاريخي جدليات جي جائزي موجب اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان لڪيل نه آهي ته سرمائيدار عالمي ادارن ۽ سرمائيدار ملڪن جو پهريون ڪم وڌ ۾ وڌ منافعو حاصل ڪرڻ آهي، منافع جي هن ڊوڙ ۾ سرمائيدار دنيا عوام جي پرامن تحريڪن کي سدائين پئسي ۽ طاقت ذريعي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هينئر تائين سرمائيدار دنيا اها ڪاميابي نه ماڻي سگهي اهي، جنهن جي اميد سرمائيدار دنيا کي هئي.

آمريڪا جي ٽٽڻ جي باري ۾ ماهرن جي راءِ:

آمريڪي سرمائيدارن جي منافع کي سمجهڻ ۽ ان جي اثرن مان عام ماڻهو جي متاثر نه ٿيڻ جو جائزو وٺندي روس جي سياسي ماهر ۽ روس جي ڊپلوميٽڪ اڪيڊمي جي پروفيسر ڊاڪٽر اگور پينارل چيو آهي ته آمريڪا جو صدر بارڪ اوباما روس جي صدر گورباچوف جهڙو ثابت ٿيندو، جنهن رڳو ڳالهن کان علاوه عملي طور ڪجهه نه ڪيو آهي.

اگور پينارل جو خيال آهي ته آمريڪا تي عالمي قرضي جو دٻاءَ وڌندو ٿو وڃي ۽ ايندڙ سالن ۾ جڏهن ڊالر جي قيمت گهٽ ٿيندي ته آمريڪا وٽ انهي مسئلي مان نڪرڻ جو واحد حل اهو بچندو ته هو آمريڪن اسٽيٽ کي ٽوڙي ڇڏن، هن پروفيسر جو چوڻ آهي ته 1980ع ۾ آمريڪا تي ڪو به قرض نه هو جڏهن ته 1998ع ۾ آمريڪا 2 ٽرلين ڊالرن جو قرضائي ٿي چڪو هو.

جڏهن ته 2009 ۾ آمريڪا 12 ٽرلين ڊالرن جو مقروض ملڪ ٺهي ويو آهي اگور جو چوڻ آهي ته روس جي تباهي جو سبب به پرڏيهي قرض هو ۽ هاڻي آمريڪا به پنهنجي معاشي بحران کان نجات نه ماڻي سگهندو. اهو خيال به آهي ته ڊالر جي جاءِ تي ٻيون ڪرنسي وٺي آمريڪا جي تباهي جو سبب ٿينديون.

اگور پينارل جو چوڻ آهي ته معاشي بدحالي جي سبب آمريڪا ۾ 1865 وانگر سول وار ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن ذريعي آمريڪا 6 رياستن ۾ ورهائجي ويندو، ياد رهي ته 1865ع ۾ سائوٿ آمريڪا، ٽيڪساس آمريڪا

ايٽلانٽڪ ڪوسٽ ۽ ناردرن اسٽيٽ ۾ ورهايل هو.

روسي تجزئي ڪار اگور پينارل موجب هاڻي معاشي بدحالي ۽ عالمي قرضن جي ڪري آمريڪا ڇهن رياستن ۾ ورهائجي ويندو جنهن ۾ (1) ڪيليفورنيا ريپبلڪ ۾ ڪيليفورنيا، واشنگٽن، نواڊا، ايريزونا، بوٽا ۽ اواهو شامل هوندا. انهي کانپوءِ (2) ٽيڪساس ريپبلڪ آهي جنهن ۾ ٽيڪساس، نيو ميڪسيڪو، اوڪلوهاما، لوئزنا، ارڪنساس، مسپي، الباما، جارجيا ۽ فلوريڊا شامل هونديون. (3) سينٽرل نارٿ ريپبلڪ ۾ مونٽانا يومنگ ۽ ڪوليريڊو آهن (4) اٽلانٽڪا آمريڪا ۾ نارٿ ايسٽرن آمريڪا ڪينٽڪي، ٽيننسي، نارٿ ۽ سائون ڪيلورينا شامل آهن. (5) الاسڪا اسٽيٽ متعلق اگور جو چوڻ آهي ته هي روس کي واپس ملي ويندي جڏهن ته هوائي کي چين ۽ جاپان واپس وٺي سگهن ٿا.

اگور پينارل جي تجزئي موجب آمريڪا ۾ سرمائيداري نظام بنيادي طور عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي تنهن ڪري آمريڪا جي اها ڪوشش آهي ته هو پنهنجي ملڪي دٻاءَ کي ٻين خطن ۾ منتقل ڪري، اهوئي سبب آهي ته آمريڪا عراق کان پوءِ افغانستان ۾ پنهنجا سرمائيداري مفاد وڌائڻ ۾ مصروف آهي ۽ ان ڏس ۾ خطي جي دهشتگردي ۽ عليحدگي پسند گروپن کي Direct ۽ In Direct طريقي سان هٿي ڏيئي رهيو آهي.

افغانسان ۾ 30 هزار فوجين کي موڪلڻ جو اشارو بنيادي طور خطي ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين کي وڌائڻ سان گڏ انهن قومپرستن جي پٺ ڀرائي ڪرڻ آهي جيڪي پاڪستان کي ٽوڙڻ ۾ مصروف آهن، اهو ئي سبب آهي ته بلوچستان کان وٺي سنڌ ۾ قومپرست تنظيمون عوام جي بنيادي مسئلن تي سياست ڪرڻ بدران عوام کي Non issue سياست ۾ گهلي عوام ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ جو سبب ٿي رهيون آهن.

ذريعن موجب افغانستان جي پاليسي تيار ڪرڻ وقت آمريڪي پاليسي ساز ادارن پاڪستان جي ٽٽڻ متعلق غور ڪيو ۽ آمريڪي حڪمت عملي ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت بار بار آمريڪا کان افغان پاليسي تي وضاحت گهري رهي آهي.

ٻئي پاسي اسان جي سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست جماعتون انهي ڳالهه تي سهمت آهن ته هنن کي آزادي ڏيارڻ ۾ آمريڪي حمائت تي ڪنهن به قسم جي ڳڻتي نه ٿيندي، اهو ئي سبب آهي ته بلوچستان جي قومپرست جماعتن کان وٺي سنڌ جي قومپرست جماعتن آمريڪا جي کلي مدد يا حمائت ڪرڻ بجاءِ پاڪستاني رياست کي ناڪام سمجهندي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ آزادي جي گهر ڪري رهيون آهن، جيتوڻيڪ اهي قومپرست تنظيمون آمريڪي مفاد ۽ سرمائيداريءَ جي عوام دشمن نظام کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

پر ٻئي پاسي اهي ساڳئي قومپرست تنظيمون عوام کي ”قوميت “ جي دل فريب نعري هيٺ اڃا تائين بک، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي کان نجات جو ڪو به اهڙو بنيادي نظام يا فلسفو نه ڏئي سگهيون آهن. جنهن سان اهو ثابت ٿئي ته آزادي کان پوءِ سنڌ يا بلوچستان جي عوام جو استحصال نه ٿيندو ۽ اڄ تائين اهي قومپرست ۽ آمريڪا نواز جماعتون اهو به ٻڌائڻ ۾ ناڪام آهن ته آزادي کان پوءِ ڪهڙي نظام هيٺ آزاد ٿيل رياست کي هلائبو.؟

آمريڪا جي نئين افغان پاليسي تحت 30 هزار فوجين کي موڪلڻ جو سبب پاڪستان کي دهشت گردن جي مقابلي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ انهن قومپرستن کي هٿي ڏيڻ آهي جيڪي آمريڪي ايجنڊي تي ڪم ڪري رهيا آهن.

سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي بک ۽ بيروزگاري سان گڏ انهن جي معاشي خوشحالي ۽ انهن جي تعليم لاءِ آمريڪي نواز قومپرست تنظيمون ڇا ڪري رهيون آهن. هي هڪڙو اهڙو سوال آهي جنهن ۾ لڳي ٿو ته آمريڪي ايجنڊي تي هلندي موجوده جمهوري حڪومت ۾ آمريڪي نواز ڌر ۽ قومپرست هڪ ٿي سنڌ ۽ بلوچستان کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. انهن جو بنيادي مقصد اهو آهي ته عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهن، ڇو ته سرمائيداري نظام ۾ اها سگهه نه آهي ته عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهي.

هاڻي جڏهن سرمائيداري جو چئمپين آمريڪا 12 ٽرلين ڊالرن جو مقروض ٿي ڪري جنگ جي حڪمت عملي تي هلي پنهنجي سرمائي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪي عوام ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي ته آمريڪا جنگي طاقت ذريعي معدني وسيلن جي ملڪن ۾ آمريڪي نواز قومپرستي کي هٿي ڏيئي رياستي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.

اسان جا قومپرست آزادي جي نالي تي عوام جي مسئلن کان پاسيرو ٿي ڇا عوام جي بک ۽ بدحالي جو حل آمريڪي خواهشن تي پوري ڪري سگهندا.؟ اهي قومپرست ڌريون جيڪي آمريڪي اشارن ۽ هٿيارن جي قوت تي سمجهن ٿيون ته هو سرمائيداري نظام کي برقرار رکي سگهنديون ته انهن کي خبر هجڻ کپي ته سرمائيدارن جي چئمپين آمريڪا ۾ نومبر 2009 ۾ هڪ لک 72 هزار ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، چيو ٿو وڃي ته هي بيروزگاري 27 سالن ۾ وڌي آهي.

انهي سڄي صورتحال ۾ سرمائيداري نظام جي شڪست ان جو مقدر ٿيڻ ڏانهن وڃي رهي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نئي سر عالمي ۽ خطي جي سياسي صورتحال جو نظرياتي جائزو وٺي عوام جي بک، بيروزگاري ۽ بهتر تعليم جا ذريعا يا نظام ٺاهجي جيڪو عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجي، ڇو ته سرمائيداري نظام هن ئي دنيا جي عوام جي بک، بيروزگاري ۽ قوميتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ هي سرمائيداري نظام پاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي.


وارث رضا

No comments:

Post a Comment