قسط 1


سنڌ جيڪا تاريخ جي هڪ امير ترين مملڪت رهي آهي، پنهنجي ارتقا کان وٺي هيل تائين سدائين ڏکن جي ڏيل ۾ پيئي پِسي آهي. سنڌ تي ڪيترن ئي ڌارين قومن ڪاهون ڪيون جنن مان صرف ڪجھ جي اسان کي خبر آهي ۽ ڪيترن ئي ڪاهن جي باري ۾ اسين ڪجھ به نٿا ڄاڻون.
سنڌ دراصل برصغير جو هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن کي قدرت هزارن ورهين کان زرخيز، لائق آباد زمين ۽ سنڌو درياھ جي اڪيچار پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي ڪناري سان پئي نوازيو آهي. جنهن ڪري هتي جي رهاڪن گھڻي وقت اڳ کان شهريت ۽ تهذيب جا درجا طئي ڪرڻ شروع ڪيا هئا. آثارِ قديمه جي کوٽائي جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته اٽڪل پنجن هزارن ورهين کان هن ملڪ دنيا جي قديم تهذيبن؛ جھڙوڪ مصر، سمير، اَسيريا ۽ بابل وغيره ملڪن جي تهذيب جي وقت کان وٺي، تهذيب ۽ تمدن طرف وک وڌائي آهي.
تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هتي جا قديم رهاڪو، جن تهذيب ۽ تمدن جا مرحلا طئي ڪيا هئا، تن مان ڪيترا درواڙي نسل سان واسطو رکندا هئا. اٽڪل 15 سؤ ورهيه اُهي ماڻهو سنڌ تي حاوي رهي، ترقي ڪندا رهيا. ان کان پوءِ اٽڪل 17 سؤ ورهيه (ق.م) يعني 37 سؤ ورهيه اڳي، وچ ايشيا کان آريا قوم جا ڪثير تعداد ماڻهو لڏي، هتي اچڻ شروع ٿيا. انهن درواڙي قوم جي ماڻهن مان ڪن کي ڌڪي، سنڌ کان ڌار ڪري ڏکڻ هند طرف روانو ڪيو، ته ڪي اُنهن سان وڙهندي وڙهندي پنهنجي سنڌ خاطر مارجي ويا. ۽ باقي جي نه پنهنجي جيجل کي ڇڏي سگھيا ۽ نه ئي وڙهي سگھيا، سي نئين آيل قوم جا غلام بنجي، اَڇوتن ۽ داسن جي درجي تي وڃي پهتا. نون آيل ماڻهن اڳوڻن دراوڙي ماڻهن جي جاين تي قبضو ڪري، نئين شهريت ۽ ڪلچر برپا ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي هاڻوڪن رهاڪو ماڻهن ۾ درواڙن (ڀونچ نسل) جي ماڻهن ۽ آريا قوم ٻنهي جي تهذيبن جي ملات جا آثار پرکي سگھجن ٿا.
شروع کان وٺي سونهاري سنڌ جا رهاڪو امن پسند هئا ۽ امن پسند رهيا. شايد انهيءَ جي ڪري وقت به وقت طاقتور جنگجو ٻاهرين سامراجي قوتن جي حملن هنن کي پست ڪري ڇڏيو. جي چِتائي ڏسجي ته سنڌ گھڻي وقت کان ٻاهرين سامراجي طاقتن ۽ مڪاني رهاڪن جي درميان تصادم جو ميدانِ ڪارزار پئي رهيو آهي.
ڌارين جي ڪاهن جي باري ۾ اسان کي صرف مصرين جي ڪاهن کان وٺي هيل تائين جي خبر آهي. انهيءَ کان اڳ واري زماني جي ڪنهن کي به خبر ناهي. البت هِتي اسين صحيح طور تي عربن جي ڪاهن کان سنڌ جي سُورن جي تذڪري جي ابتدا ڪنداسين.
حضرت عيسى کان پنج هزار ورهيه اڳ مصر دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو. 14 صديون ق.م ٿيبس جي فرعونن مان راميس ثاني ۽ اسيرز هندوستان تي حملا ڪيا ۽ سنڌ تي به قبضو ڪيائون. مصرين جي ڪاهن بابت اسان کي وڌيڪ ڄاڻ نه آهي پر ايترو قياس ڪري سگھجي ٿو ته قديم زماني ۾ جڏهن انسانيت جي ڪا وقعت نه هوندي هئي تڏهن فرعونن جي ڪاهن سان سنڌ جي ڪهڙي حالت ٿئي هوندي ۽ هِتي ڪيتري تباهي ۽ بربادي ٿئي هوندي. انهيءَ جو صرف تصور ئي ڪري سگھجي ٿو.
مصرين کان پوءِ ڪلدانين ڪاھ ڪئي. هُنن کان پوءِ بابل ۽ اشور وارن ڪاهون ڪيون. بابل جو بنياد نمرود وڌو هو. بابل وارن به سنڌ تي ڪافي عرصو پنهنجو قبضو جاري رکيو ۽ پوءِ ايرانين جا ڪاهن جي ڪري بابل ويران ٿي ويو ۽ ائين سنڌ ايرانين جي قبضي هيٺ اچي وئي.
ايرانين هفتِ اقليم تي شهنشاهي ڪئي. سنڌ به ايران جو صوبو هو. فردوسيءَ شاهنامه ۾ هنڌ، سنڌ، ڪابل، ڪشمير، ملتان، سندل ۽ چندل ايراني شهنشاهت جا مقبوضات ڏيکاريا آهن. ايران کي سنڌ جي صوبي مان 1،078،272 پائونڊ ساليانو آمدني ملندي هئي. (ايران جو بادشاھ دارا هو. جيڪو تاريخ ۾ هڪ سفاڪ ۽ ظالم بادشاھ طور سڃاتو وڃي ٿو.)
تنهن کان پوءِ سڪندر مقدونيءَ اربيلا جي خونريز معرڪيءَ ۾، دارا اعظم (ايراني بادشاھ) کي شڪست ڏني ۽ وچ ايشيا ۽ ڪابل تي قبضو ڪيو. سڪندر سال 327 ق.م جي اپريل مهيني کان پوءِ هندوڪش پار ڪري هندستان جو رستو ورتو، ۽ سنڌو نديءَ جي الهندي وارين جابلو قومن تي ضابطي آڻڻ ۾ هن کي سڄو سارو سال اتي گذارڻُ پيو. هن جي لشڪر نيٺ وڃي مارچ سن 326 ق.م ۾ ”اوهند“ وٽان سنڌو ندي پار ڪئي. اهڙي ريت هُن سنڌ کي، دريائن جي سنگم کان وٺي ويندي سمنڊ تائين، پنهنجي شهنشاهت جي هڪ ئي ماتحت صوبي جي حيثيت ڏيئي ڇڏي.
*عربن جو ڪاهون
عربن جي ڪاهن بابت اِها ڳالھ مِلي ٿي ته اُهي حملا صرف اسلام جي فروغ لاءِ هئا. اِها ڳالھ روزِ روشن جيان پڌري آهي ته عربن کي مذهبي تعليم سان حضرت محمد صلعم روشناس ڪرائي، انهن مان اختلاف دور ڪري، کين متحد قوم بنائڻ لاءِ قدم کنيو هو. عربن جون ڪاهون اسلام جي فروغ متعلق صرف ۽ صرف حضرت عمر ۽ حضرت عثمان رضه جي دؤر ۾ ٿيون. البت انهن کان پوءِ واري دؤر يعني بني اميه جي دؤر ۾ ٿيل ڪاهن جي مقصد کي اسلام جو فروغ نٿو چئي سگھجي.
پهرين ڪاھ
حضرت عمر رضه سامونڊي ڪاهُن جي خلاف هو، مگر جنهن صورت ۾ عربن جو واپار هندستان سان هزارين ورهين کان جاري هو، ان ڪري واپار جي حفاظت لاءِ بحرين جي عامل عثمان بن ابي عاصي ثقفيءَ پنهنجي ڀاءُ حڪم کي جھازن جي دستي سان سنڌ جي بندر ٿاڻي ڏانهن موڪليو. جيتوڻيڪ ان ۾ مسلمان ڪامياب ٿيا، مگر حضرت عمر رضه عثمان کي لکيو: ”قسم آهي خدائ لايزال جو، جيڪڏهن هي مسلمان ڪنهن آفت جو شڪار ٿين ها، ته هنن جو عيوضو آءُ تنهنجي قوم کان وٺان ها!“
ٻيو حملو:
خليفته المسلمين جي سختيءَ هوندي به عثمان ثقفي پهنجي ارادي کان باز نه آيو. هن پنهنجي ڀاءُ مغيره کي جھازن جي دستي سان ديبل ڏانهن مُڪو. ”چچ نامه“ جي بيان موجب، مغيره ديبل جي حاڪم ساميا بن ديوائج سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو.
ٽيون حملو:
عثمان ثقفيءَ جي ڀاءُ حڪم ٻيو گھمرو گجرات جي بندر ڀڙوج (بروص) تي ڪاھ ڪئي.
چوٿون حملو:
سنه 38ھ ڌاري خلافت حيدريءَ جي زماني ۾ حارث بن مره عبدي ڪوڪن جي ڪناري تي، ٿاڻي تي سامونڊي حملو ڪيو ۽ لاتعداد سنڌي قيدي هٿ ڪري سلامتيءَ سان موٽيو. بلاذريءَ جو بيان آهي ته هر هڪ عرب فوجيءَ کي مالِ غنيمت جي حصي ۾ سؤ سؤ سنڌي غلام هٿ آيا. سامونڊي حملن کان سواءِ عربن خشڪي جي رستي به سنڌ تي حملا ڪيا.
بني اُميه جو دؤر، انهن جي سنڌ تي ڪاھ ۽ راجا ڏاهر:
بني اُميه جي دؤر ۾ سنڌ تي جيڪا ڪاھ حجاج بن يوسف ڪرائي هئي تنهن بابت مؤرخن جا مختلف رايا آهن. ڪن جي خيال ۾ راجا ڏاهر هڪ وطن پرست هو. هُن جيڪا ويڙھ ڪئي اُها هن پنهنجي سنڌڙي کي بچائڻ لاءِ ڪئي هئي. تنهن ڪري هو هڪ قومي هيرو آهي. پر ٻين جي رائي ۾ راجا ڏاهر اسلام دشمن ۽ ڪافر راجا هو. اُنهن جي نزديڪ محمد بن قاسم هڪ هيرو مڃيو وڃي ٿو. جنهن هن ننڍي کنڍ ۾ اسلام کي پکيريو. پر ان سلسلي ۾ اِها غلط فهمي آهي ته اسلام محمد بن قاسم کان پکڙيو بلڪه سنڌ ۾ اسلام جي ابتدا ان کان ڪافي اڳ ٿي چڪي هئي. برصغير ۾ اسلام عرب واپارين جي ذريعي پکڙيو جيڪي سنڌ سان سامونڊي رستيءَ ذريعي واپار ڪندا هئا.
جنهن وقت عربن سنڌ تي ڪاهون ڪيون اُن وقت سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حاڪم راجا ڏاهر جي حڪومت هئي. ديبل تي محمد بن قاسم جي ڪاھ متعلق مؤرخن جا ٻه مختلف رايا آهن. اسين هيٺ اُهي ٻيئي ڏيون ٿا.
سنڌ جي تاريخ جي هڪ مستند ڪتاب جنت السنڌ جو مؤرخ مولائي شيدائي لکي ٿو ته انهيءَ وقت اسلامي سلطنت جون حدون سنڌ جي سرحدن تائين پهتيون هيون. ڪابل، قنڌار، سيستان، جھالاوان ۽ مڪران اسلامي جھنڊن هيٺ اچي ويا هئا. ملتان، پنجاب ۽ ڪڇيءَ جا ميدان فاتح عربن جي گھوڙن لاءِ جولانگاه بنجي چڪا هئا، پر عربي حڪومت جي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ جي هرگز مرضي ڪانه هئي. ڏاهر عربن کي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. جنگِ قادسيه ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ڪيترن مجوسين سنڌ ۾ پناه ورتي هئي، جي ڏاهر کي اسلامي سلطنت خلاف ڀڙڪائي رهيا هئا. علافي ڀائرن جي سازشن ۽ ديبل تي سرانديپ جي جھازن جي لٽجي وڃڻ ڪري دمشق ۽ الور جا تعلقات ٽٽي پيا. انهن ئي جھڳڙن جي ڪري عربن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ ديبل کي فتح ڪيو.
جڏهن ته ٻئي طرف ڪجھ مؤرخن جي مطابق راجا ڏاهر سنڌ جو هڪ هيرو آهي.
جي.ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌو جي ساڃاھ“ ۾ بيان ڪري ٿو ته حضرت علي، نبي جو سوٽ ۽ نياڻو، جڏهن حڪومت جو مالڪ ٿيو ته بني اُميه ان جي پوئلڳي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري، نيٺ اُن کي شهيد ڪرايائون. امير معاويي پوءِ حڪومت پنهنجي حوالي ۾ وٺي، پنهنجي پٽ يزيد لاءِ بيعت وٺائڻ شروع ڪئي. جڏهين يزيد تخت تي ويٺو ته اُن امام حسين کان زوري بيعت وٺڻ گھري، پر امام سڳوري جي اِنڪار ڪرڻ تي هُن کي عزيز اقربا سميت، شهيد ڪرائي، سندس سر مبارڪ نيزي تي گھمارايو ۽ اهلِ بيت ڪرام جي بيعزتي ڪرائي. حضرت عبدالله بن زبير کي ڪعبي شريف ۾ قتل ڪرائي، ٿنڀي ۾ ٽنگائي ڇڏيو. ڪوفي جي مسجد ۾ بني اميه جي سپهه سالار حجاج بن يوسف، هزارين مسلمانن کي جمعي نماز مهل قتل ڪرايو، ۽ پوءِ ڪعبي تي پٿر اُڇلارائي، اُن کي نقصان پهچارايو. اُنهن جو ڪم ڦرلٽ، عيش عشرت، شرابخوري ۽ بدڪرداري هئا.
( اُنهن جي دؤر ۾ سر به وڏي سفارش سان لهندو هو. حضرت عبدالله بن زبير رضه جيڪو حضرت علي کان پوءِ خليفو ٿيو ۽ جنهن کي مڪي شريف تي بمباري ڪرائي جلائيندڙ، صحابه ڪرام ۽ ٻين لکين مسلمانن جي قاتل، سنڌ تي چڙهائي ڪرائيندڙ ۽ اسلامي تاريخ جي چنگير، حجاج بن يوسف، شهيد ڪرائي، کيس سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو، تنهن جي لاش کي ڪيترن ڏينهن بعد به ٽنگيل ڏسي، ماڻس بيبي اسماء رضه هي دل ڏاريندڙ مشهور جملو چيو هو : ”هي شهسوار اڃا گھوڙي تان نه لٿو آهي!“ سوار ڏينهنَ جا ڏينهن گھوڙي تان نه لٿو. حڪم ڪونه هو. تنهن وقت ۾ عوام جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ يا سياسي اختلاف رکڻ واري کي تلوار جي هڪ ڌڪ سان سسي لاهي يا ڦاسيءَ جي جھٽڪي سان پورو ڪرڻ جي نرم سزا ڪا ورلي ۽ وڏيءَ سفارش ۽ اثر رسوخ سان ملندي هئي. ) لطيف سائين چوي ٿو ته:
حقيقت هن حال جِي، جي ظاهر ڪريان ذري،ته لڳي ماٺ مِرن کي، ڏونگر پون ڏري،وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀڙي ڪين ڪي. (لطيف)
اُهي صحيح طور مسلمان ئي ڪونه هئا. تن لاءِ چوڻ ته اُنهن اسلام جي فروغ لاءِ جنگيون ڪيون هيون، سراسر ڌوڪو ۽ فريب آهي. هڪ پارسي مقولو آهي ته ”جو پاڻ گمراھ آهي، سو ٻين جي ڪهڙي رهبري ڪري سگھندو!“ اُن ڪري، جنهن صورت هو ظالم، غاصب ۽ بداخلاق هئا، ته اُنهن جي جنگين کي جھادِ اسلامي قرار ڏيڻ، اسلام جي بي عزتي آهي.
سنڌ تي بني اميه جي ڪاهن جا ڪيترائي دليل ڏنا وڃن ٿا. ٻيون دليل ته سرانديپ (سيلون يا سري لنڪا) جي طرف کان موڪليل ٻانهين ۽ تحفن جي کسجڻ جو انتقام وٺڻ، به من گھڙت ۽ غلط آهي. جي کڻي اِها قبول به ڪجي ته واقعي دريائي ڦورن اُهي زالون يا تحفا ڦر ڪيا هئا، ته اُن لاءِ راجا ڏاهر کي ڪهڙيءَ طرح ڏوهاري ٺهرائي سگھجي ٿو. سو به مفت جي مال لاءِ جنگ ڪري، ملڪ فتح ڪرڻ ڪهڙيءَ طرح جائز ٿي سگھي ٿو!
انهيءَ حوالي سان ٽيون دليل ته ڏاهر ڪجھ باغين کي سنڌ ۾ جاءِ ڏني تنهن ڪري اُنهن کي پڪڙڻ لاءِ سنڌ تي حملو ڪيو ويو. انهيءَ جي جواب ۾ ته محمد بن علافيءَ، قبيلي سميت، حجاج بن يوسف جي ظلم کان تنگ ٿي، راجا ڏاهر وٽ اچي پناھ ورتي هئي. اُن کي موٽائڻ جي گُهر کي راجا ڏاهر رد ڪري ڇڏيو هو، جو هن جو چوڻ هو ته ملڪ جي دستور موجب سام (مهماني) ۾ ورتل ماڻهوءَ کي موٽائڻ لامناسب هو. ۽ انهيءَ صورت ۾ ته هُو ظالمن جي ظلم کان بچڻ لاءِ اچي پناھ گھُري ته پوءِ اسين ڪئين انهيءَ کي ظالمن جي حوالي ڪنداسين.
راجا ڏاهر جي ملڪ ۾ رواداريءَ سبب سڀنيءَ مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا. اُنهن کي مذهبي آزادي حاصل هئي. اُتي هندن جا مندر هئا. پارسين جا آتشڪدا هئا، ٻڌ ڌرم وارن جون خانقاهون هيون ۽ مسلمانن جون مسجدون هيون. هوڏانهن، بني اُميه جي عرب حاڪمن جي اِها حالت هئي، جو هنن رسول صلعم جي اولاد کي به اختلاف راءِ يا بيعت نه ڪرڻ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. سندن ظلمن جو ثبوت ڏيڻ ائين آهي جئين سج جي روشنيءَ جو ثبوت ڏيڻ. ان ڪري کين هيءَ رحمدل راجا، ڪهڙي طرح آيل مهمان موٽائي ڏيئي سگھيو ٿي. راجا ڏاهر ته خود امام حسين کي چوائي موڪليو هو ته جيڪڏهن عربن جي ملڪ ۾ کين اَمن سان رهڻ نٿو ڏنو وڃي، ته سنڌ ۾ اچي پناھ وٺي سگھن ٿا. اَمام عالي مقام جي اولاد، سندن اهل النساءِ سميت، ڪوفي کان سنڌ طرف اچڻ جي ويچار ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ اهو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد، پنهنجي ڪتاب ”انسانيت موت جي دروازي تي“ ۽ مولانا سيد سليمان ندويءَ پنهنجي ڪتاب ”عرب و هند ڪي تعلقات“ ۾ لکيو آهي ته ”امام صاحب يزيد جي عملدارن کي چيو هو ته کيس اجازت ڏني وڃي ته هو سنڌ طرف هليو وڃي.“
اهڙي صورت ۾ ڏاهر کي ظالم، اسلام دشمن ۽ ٻيا اهڙا القاب ڏيڻ صرف ۽ صرف هڪ پروپيگڊا آهي. دراصل تاريخ اُها ناهي جيڪا اسين پڙهون ٿا. جيڪا تاريخ اڄ اسان وٽ عام آهي انهيءَ ۾ ڪافي حد تائين ڪوڙ ۽ وقت جي حاڪمن جي مرضي مطابق لکيل آهي. هن ۾ ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو. ظالم کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم ڪري سڏيو ويو آهي. ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سخي ۽ ڏاتار ڪوٺيو ويو آهي. نام نهاد تاريخي ڪهاڻين ۽ تاريخي ناولن ۾ ٻيون سڀ ڳالهيون آهن سواءِ انهن ٻه ٽَڪا اصلي ڳالهين جي، جيڪي ان دور جي تاريخين ۾ قسمت سانگيءَ لکجي ويون آهن.
اڳين قسط ۾ اسان سنڌ تي ڌارين جي قبضن متعلق ڪجھه وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
مددگاري ڪتاب: جنت السنڌ، تحفته الڪرام، سنڌوءَ جي ساڃاھه

No comments:

Post a Comment