ڪشمور کان ڪراچي تائين
توھان،
سنڌ جون ٻنيون وڪيون
جي توھان سنڌي ھئا
توھان سنڌ جا
تيل وڪيا،
ريل وڪيا،
گيس وڪيا،
ويسَ وڪيا،
زمين جا خزانا وڪيا،
ڪُل ڪارخانا وڪيا،
اَڱر وڪيا،
سڱر وڪيا،
ڀريل گدام وڪيا،
صبح ۽ شام وڪيا،
ڪوئلا وڪيا،
مسئلا وڪيا،
ڀاڻ وڪيا کاڻ وڪيا،
موتي ۽ ھيرا وڪيا،
سون جا سويرا وڪيا،
درگاھون وڪيون،
مارن جون پناھون وڪيون،
ڳوٺ وڪيا ڪوٽ وڪيا،
شھر وڪيا بحر وڪيا،
ٿر وڪيا بَر وڪيا،
جبل جھنگ وڪيا،
سنڌ جا رنگ وڪيا،
سنڌ جا سمنڊ ست وڪيا،
ٻيٽ ڊيلٽا ھٽ وڪيا،
باقي سنڌ اسان لاءِ خالي بچي،
باقي سرحد سوالي بچي؟
اھا به ھڪو ھڪ وڪڻي ڇڏيو،
وڪڻي ڇڏيو تڪڻي ڇڏيو،
ڇو جو اسان نڌڻڪا آھيون،
ڇو جو اسان ڪَڻا ڪَڻا آھيون،
سڄي دنيا ۾،
مان سمجھان ٿو،
سؤ ڏيڍ کرب پتي ھوندا،
انھن مان پندرھن ويھ،
توھانجو اشتھار ڏسندا،
اچي سنڌ تي واڪ ڏيندا،
توھان کان اچي سنڌ وٺندا،
توھان جا خزانا ڀرجي ويندا،
توھان جا کِيسا ڀرجي ويندا،
پوءِ توھان جھاز خريدي،
سڄي دنيا ۾ گھمندا وتو،
ھر مُلڪ ۾ محل وٺندا وتو،
پنھنجن مائٽن ٻارن کي،
پنھنجي دوست ڀاڱي ڀائيوارن کي،
عياشيون ڪرائيندا وتو،
پنھنجون ڌيون پرڻائيندا وتو،
ھتي رھيل،
بچيل ڪچيل،
سيٺ وڏيرا سردار ڪامورا،
وڏي ورديءَ پوليس وارا،
نون حاڪمن جا طبلچي ٿيندا،
جيئن ھُيا انگريزن جا،
ڌاريا دھلچي ٿيندا،
جيئن ھُيا انگريزن جا،
ڌاريا دھلچي ٿيندا،
جيئن ھُيا سابق حاڪمن جا،
باقي رھياسون اسان،
سنڌي ھاري ناري،
پورھيت ڪمي ڪاري،
سنڌي قوم قديم،
تاريخن ۾ عظيم،
موھن جي دڙي کان مون تائين،
بچندڙ وڌندڙ ترقي ڪندڙ سنڌي ٻولي،
اسان جي پورھيت ماءُ جي لولي،
جيستائين اسان سان آھي،
تيسين اسان سان ڪجھ ٿيڻو ناھي،
اسان کي،
نوان حاڪم غلام سمجھندا،
اسان پاڻ کي،
انھن جو غلام ٿيڻ نه ڏينداسي،
جياپي جي جنگ جوٽينداسي،
جنگ شروع کان،
جاري آھي،
جاري رھندي،
جيئڻ ڪارڻ جنگ ڪنداسي،
بچڻ خاطر وڏا وس ڪنداسي،
پراڻا نظام ڊاھينداسي،
نوان نظام ڏينداسي،
قومي رنگ رنڱاوت جا،
محبت ۽ مساوات جا.
No comments:
Post a Comment