http://www.muhtarma-benazir.blogspot.comڪنهن وارياسيءَ صحرا جو ڏيک ڏيندڙ مٿينءَ تصوير هن وقت ڇولين کان محروم ۽ ماضي ۾ شاه درياءَ سڏيو ويندڙ سنڌوءَ جي آهي. هي اُهوئي درياءَ آهي جنهن جي پاڻي جي دهشت کي شاه سائين هن طرح بيان ڪيو آهي:
دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ جايوُن جانارَنِ؛نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ؛دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ؛سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛
اڄ جڏهن سنڌوءَ ۾ پاڻي جي جاءِ تي واريءَ جي دڙن والاري آهي تڏهن وري سڄي سنڌ ۾ سرسبزي، خوشحالي، جي جاءِ تي غربت، بدحالي، پسماندگيءَ جي ڪارن ڪڪرن جا پاڇا ڇائينل آهن. سنڌوءَ جي پيٽ ۾ واريءَ جي دڙن بجاءِ وهندڙ مست ڇولين ۽ انهن جي وجود سان وابسطه سنڌڙيءَ جون رونقون ۽ ماروئڙن جون مُرڪون واپس آڻڻ لاءِ تاريخ هن موڙ تي سنڌين کي پاڻ مان اختلاف، جھيڙا جڳهڙا، قبيلائي تڪرار، حسد، بغض، ڪوڙ، فريب، مڪاري ۽ منافقيءَ جھڙن ڊگھيءَ غلامي مان جنم وٺندڙ قومي خامين کي پاڻ مان تڙي، قومي ٻڌي ۽ ايڪيءَ جي لاءِ سڏ ڪري رهي آهي. پاڻيءَ کان خالي سنڌوءَ جي هن واريءَ ڀريل پيٽ ۾ انهن قومي خامين بابت وقت جو وڏو درد ۽ انهن خلاف تاريخ جي هڪ صدا سمايل آهي.

No comments:

Post a Comment