ڪتاب مان کنيل ٽڪرا. . .
تاريخ 8 آڪٽوبر 1958ع مارشل لا ڊڪليئر ٿيڻ بعد حالتن جي ناساز گاريءَ ڪري ارادو ڪيو ھوم ته طبيعت کي آرام ڏيڻ، علمي معلومات وڌائڻ، بگڙيل خانگي ڪاروبار کي درست ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ اچي رھان. يوناني حڪيم افلاطون (پليٽو) به اھڙين حالتن جي موجودگيءَ ۾ مشورو ڏنو ھو ته:”جڏھن ملڪ ۾ جمھوريت جي جاءِ ڊڪٽيٽرشپ والاري ته ان حالت ۾ سمجھدار ماڻھوءَ کي گھر جي چوديواري ۾ بند ٿي لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي، جيسين تائين وڃي ناموافق ھوائون مُلڪ تان گذري وڃن!“ٻئي ڏينھن ڳوٺ اچڻ جو ارادو ھوم، ليڪن جيئن چوڻي آھي ته، ”بندي جي مَن ۾ ھڪڙي، صاحب جي مَن ۾ ٻي!“ وانگر 10 تاريخ اڌ رات جو گرفتار ڪري اچي جيل ۾ بند ڪيائون. مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ ارادا دل ۾ ئي رھجي ويا.وارنٽ ۾ ڄاڻايل ھو ته، ”تنھنجو ٻاھر رھڻ پاڪستان جي داخلي خواہ خارجي سلامتيءَ لاءِ نقصان ڪار ھو، ان ڪري سيڪيورٽي ائڪٽ ھيٺ توکي ڇھن مھينن لاءِ جيل ۾ موڪلجي ٿو.“جيل ۾ 15 مھينا رھڻا پيا. ان کان پوءِ سَن ۾ مارچ 1968ع تائين نظربند رھيس.ان سموري عرصي ۾ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيم. جنھن بعد ڪيترن مسئلن تي غور ڪري ڪي احوال قلم بند ڪيم. ان عرصي ۾ 24 کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي سگھيس.سنڌ جي ڪلچر تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن جي سلسلي ۾ حاصل ڪيل معلومات کي ھن ننڍي پمفليٽ جي صورت ۾ ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.ھر قوم کي ھزارن ورھين جي تجربي، تاريخي روايات، مُلڪي ماحول وغيرہ ڪري ڪي بنيادي ورثا ميراث ۾ ملن ٿا، جن جي حفاظت ۽ ترقي ھو سندس مکيه فرض سمجھي ٿي، جن مان مکيه ورثا ھيٺيان آھن:1. وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.2. قومي زبان.3. قومي ڪلچر.4. قومي اقتصادي مفاد.(1) وطن ۽ اُن ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.سنڌ ھزارين ورھين کان ھڪ جدا مُلڪ ٿي رھي آھي. جنھن جا رھاڪو باوجود جدا جدا نسلن، ٻولين ۽ مذھبن جي آخري طور ھڪ اھڙي قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کي ويجھا ٿي ويا ھئا، جنھن جھڙو مثال ساري برصغير ھندوستان ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھنن وٽ ھڪ زبان، ڪلچر، قومي روايتون ۽ مذھب جي بنيادي وحدت جو تصور موجود رھيو ھو. جيڪڏھن ھنن ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ھيٺ اچي وقتي سندن آزادي وڃائي ٿي ڇڏي ته سگھوئي ھمت ۽ ڪوشش سان اھا وري ھٿ ٿي ڪيائون.مٿن مختلف دورن ۾ ايرانين، يونانين، عربن، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن جي حڪومت جو قبضو ٿيل ھو، جن سندن زبانن، ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد کي مٿانئن زوريءَ مڙھيو ھو. ليڪن ٿوري وقت بعد اھي ڌارين جا تسلط ۽ قبضا ختم ٿي ويا. سنڌ، ان جي زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ مفاد سلامت آھن. دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر ھنن کي به پنھنجي نموني آزاد زندگي گذارڻ جو پورو حق آھي. ڊنمارڪ، فنلئنڊ، سويڊن، پورچوگال، ھالينڊ، سائپرس، لبنان، جارڊن، سريا، يمن، وغيرہ قومون ۽ ملڪ، آزاد ۽ قومن جي سڀا جا ميمبر آھن، سي ڪيترين ڳالھين ۾ ھن کان نه ايراضي نه آباديءَ ۾ وڏا آھن.اھو ھڪ تاريخي حادثو ھو ته انگريزن ساري ھندوستان تي قبضو ڪري، ان کي انتظام خاطر صوبن ۾ ورھائي ۽ وڃڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت جي صورت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو. ان سان سنڌ جي ھندن جي گھڻي ڀاڱي کي حالتن جي ناموزون ھئڻ ڪري لڏي وڃڻو پيو. ٿوري وقت بعد سنڌ جي صوبي کي ڪن مستقل مفاد جي مدنظر مغربي پاڪستان جي طاقتور صوبي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو.ھن وقت ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت مروج آھي. دنيا جون طاقتور حڪومتون سندن مصلحت خاطر اھڙي طرز حڪومت جون طرفدار آھن. سنڌ جي ڪيترن ھندن کي لڏي وڃي پرديس وسائڻو پيو آھي. باقي پوئتي رھيل سنڌي بي يار و مددگار ھئڻ ڪري ڪجھ ڪرڻ کان مجبور آھن. منجھن اھڙي طاقت نه آھي، جو ھي سنڌ جي اندروني آزادي حاصل ڪرائي سگھن. تنھن ڪري ھنن لاءِ ٻيو طريقو نه رھيو آھي ته سندن باقي ورثن جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش وٺن.ليڪن اُن ڏس ۾ به کين ڪيتريون مشڪلاتون درپيش ھيون. ملڪ جو تسلط ھڪ غير ھمدرد گروھه جي ھٿ ۾ وڃڻ ڪري، جن جي زبان، ڪلچر، مذھبي تخيل، سياسي ۽ اقتصادي مفاد علحدہ آھن، حالتن کي درست ڪرڻ آسان نه ھو. پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جي حالتن، وري سنڌ کي نئين مشڪلات جي مقابل ڪيو آھي، لکھا سنڌي ڄاڻندڙ ۽ ڳالھائيندڙ سنڌي ڪلچر جا حامل ھندو مُلڪ ڇڏي ڀارت ھليا ويا، انھن جي جاين تي لکھا ماڻھو ڀارت کان لڏي سنڌ ۾ آيا. انھن جي ٻولي، لباس، ڪلچر، مذھبي نقطئه نگاھه علحدہ آھن. ازانسواءِ ون يونٽ ٿيڻ بعد، سنڌي مفاد سان ھٿ چراند ٿيندي رھي آھي، تن نھايت مايوس ڪن حالتون پيدا ڪيون آھن. تاريخ جي اڳين واقعن کان ھي حالتون مختلف آھن. اڳي يوناني، ايراني، مغل ۽ انگريز مالي نفع حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا. ھنن قديم باشندن کي لکن جي تعداد ۾ لڏائي، انھن جي جاءِ گھڻي تعداد ۾ ڪانه ڀري ھئي. انھن جي ڪلچر، زبان ۽ نون عقيدن جو سنڌ تي ايتري قدر اثر نه پيو، جيترو ھِن حالت ۾ پئجي رھيو آھي. ھن وقت ته سنڌ جي جداگانه وجود کي ختم ڪيو ويو آھي. ان جي زبان کي صوبائي زبان تسليم ڪري، ان ۾ اعليٰ تعليم نٿي ڏياري وڃي. ريڊيو ۽ سئنيما وغيرہ جي ذريعي سنڌي زبان جي ايتري به ھمت افزائي نه ٿي ڪئي وڃي، جيتري ڀارت ۾ سنڌين جي صوبي نه ھئڻ جي باجود ڪئي وڃي ٿي. اُتي سنڌي زبان کي صوبائي زبان جو درجو ڏنو ويو آھي، جنھن مطابق اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم تائين، ھو ان کي پڙھي سگھن ٿا. دھلي ريڊيو تان سنڌي زبان ۾ خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون. سنڌين طرفان صوبي جي ون يونٽ کان پوءِ آزاديءَ کي ڇڏي، صرف زبان ۽ ڪلچر جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ته به اُن کي نا پسنديءَ جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.ٻئي طرف اسان جي مٿاھين طبقي جو ڪردار ڪِري پيو آھي ۽ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق ۽ بزدلي منجھن ايترو گھر ڪري ويل آھي، جو ڊپ وٺيو وڃي ته اسان ھن نئين آزمودي مان ڪھڙي طرح نڪري پار پونداسون. اسان جي ماڻھن جو زيادہ تعداد سادہ مزاج، علم ۾ گھٽ، مذھب جي غلط تشريح جي نالي ۾ ڌوڪو کائيندڙ، تعداد ۾ ٿورو، محنت کان گُسائيندڙ، لالچ ۾ لُڙھي ويندڙ، جھڳڙي فساد کان گوشي ڪرڻ ڪري، مقابل حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اھل ثابت ٿي نه سگھيو آھي. وٽن ايندڙ ماڻھن مان ڪيترا پاڻ کي فاتح، مھذب ۽ بھتر سمجھن ٿا. وٽن اسلام جو فسطائي تخيل، پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت جو نعرو، اتحاد مسلمانان وغيرہ جھڙا دلڪش ڀُلائيندڙ نظريا موجود آھن. سندن خيالات جي پرچار لاءِ جديد قسم جي پروپيگنڊا جا جملي ذريعا، جھڙوڪ اخبارون، رسالا، ڪتاب، ريڊيا، ٽيليويزن، سئنيما، مذھبي عالمن جا پرچارڪ گروہ موجود آھن.اُن حالت ۾ سنڌ جي ورھايل، وڇڙيل، پٺتي پيل ڳوٺاڻن، اڻ پڙھيل، مختلف ھنگامي نعرن ھيٺ ڀنڀلجي ويندڙ ماڻھن جي ڪلچر ۽ زبان جي ڪاميابيءَ جا آسرا رکڻ ڪيتري قدر درست آھي. اھي ۽ اھڙا ٻيا خيال ڪمزوري پيدا ڪندڙ ھئا. اڳي دنيا جا مُلڪ وڏن دريائن، سمنڊن، رڻ پٽن، جبلن، نسلن، وطني ماحول، طاقتور حڪومتن جي مُلڪن ۾ ورھايل ھئا.ليڪن ھاڻ سائنس جي ايجادن، جھڙوڪ: ھوائي جھاز، ٽيليگراف، اخبارن، ڪتابن، ريڊين انھن ملڪن جا سَنڌا ھڪ طرف مٽائڻ شروع ڪيا ھئا، ته ڪيترن ملڪن جي وفاقي طور ملڻ جي رجحان ۽ سامراجي طاقتن جي انھن کي مِلائڻ لاءِ ڪوشش جاري ھئي.ساڳيءَ طرح ٻولين جي جدا جدا ۽ مخصوص صورت به مٽجڻ شروع ٿي ھئي. مختلف زبانن جي ڄاڻندڙن جو باھمي رابطو، ترقي يافته ملڪن، قومن ۽ زبانن کان علمي، ھنري ۽ سائنسي لفظن جي اُڌار، حڪومت وقت جي سنڌي زبان سان معاندانه پاليسي، ٻوليءَ جي بقا ۽ فروغ ۾ ڪئين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. سنڌي ٻوليءَ تي نظر ٿي ڪيم ته شاھه لطيف جي زماني کان، جنھن کي صرف ٻه سو ۽ ڪي ورھيه گذريا آھن، ته ان جو رنگ گھڻو بدلجي چڪو آھي. ان ۾ اڳيئي دراويدي، پارسي، عربي، منگول ۽ انگريزي زبان جا گھڻا لفظ داخل ٿي ويا ھئا. ھاڻ ھنري ۽ سائنسي دور شروع ٿيڻ ڪري ڪيترا لفظ اُڌارا وٺڻا ھئا.ٽئين طرف مُلڪي ڪلچر تي نظر ٿي ڪيم، ته ان لاءِ به حالتون اطمينان بخش نظر نٿي آيون. ڪلچر ڇا آھي، اُن بابت حقيقت اڳتي ڏني ويندي، انھن حالتن تي غور و فڪر ڪرڻ بعد معلوم ٿيڻ لڳو ته حالتون آسان نه آھن. حڪومت ۽ نئين حالات سان گڏ، تاريخي ۽ ارتقائي رجحان اسان جي کڙي ڪيل قومي ديوار ۾ سوراخ وجھي، انقلاب آڻڻ جي پويان ھئا.ھر شيءَ کي پنھنجو دور ۽ موسم ٿيندي آھي. ان وقت ان جي حفاظت يا پرورش ڪرڻ ڦل دائڪ ٿيندي آھي، پر موسم کانپوءِ ڪھنه پودا ڪري، نوان ڄمندا آھن.اکين اڳيان ڏٺو اٿئون ته بمبئيءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرائي، اڃان ٺيڪ طرح ھلائڻ مس شروع ڪيو ھئوسون، ته وري اسان کي پنجاب سان گڏي، ان جي مڪاني آزاديءَ کي سلب ڪيو ويو آھي. زبان تيزيءَ سان بدلجي رھي آھي، مڪاني ڪلچر تي ٻاھرين ڪلچرن جو اثر پئجي رھيو آھي. مڪاني ماڻھن جي اقتصادي حالت خراب ٿي رھي آھي. انھن نون پيدا ٿيل حقيقتن ۽ مسئلن جي روشنيءَ ۾ سموري سوال تي نئين سر غور ڪرڻو ھو.صرف گذشته تاريخ جي چند مثالن ۽ جذباتي اثرن ھيٺ خوش فھميءَ ۾ مبتلا رھڻ مان ڪو فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه ھو. انھن ڳالھين کي مدنظر رکي مون ڪي نتيجا ڪڍيا آھن، جي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌائيندس. قوميت جو تخيل جدا جدا زمانن ۽ ماڻھن جي گروھن ۾ مختلف پئي رھيو آھي. جنھن ۾ نسلي، شھري، سامراجي، مذھبي ۽ وطني قوميت جا تخيل مکيه رھيا آھن.ھن وقت جنھن قوميت جو تخيل دنيا ۾ عام طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو وطني قوميت جو آھي. ھر ملڪ (وطن) ۾ آب و ھوا، جاگرافيڪل حالات، ماحول، تاريخي روايات، نسلي رجحانات جي بنياد تي ڪي خصوصيتون پيدا ٿين ٿيون. جن جي بنياد تي قومي جوڙجڪ، ان جي گذر معاش جا ذريعا، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان شڪل وٺن ٿا.گذريل پنج ھزار ورھين کان سنڌ جي جداگانه جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تسليم ٿيل آھي. دنيا جي ٻين قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن وانگر ھن کي زماني جا لاھا چاڙھا ڏسڻا پيا آھن. ھتي جا رھاڪو جڏھن غير مُلڪي تسلط کان آزاد رھي، مڪاني حڪومتن جي ھٿ ھيٺ رھيا آھن، ته ان وقت سندن قومي شيرازو متحد ڪرڻ، معاشي ذريعن جي ترقي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي واڌاري لاءِ ڪوشش پئي ٿي آھي.پر جڏھن سنڌ سياسي آزادي وڃائي، ڌارئين تسلط ھيٺ آئي آھي، ته اُن وقت سندس معاشي ذريعي کي ڌارين جي مفاد لاءِ ڪتب پئي آندو ويو آھي. زور، لالچ ۽ غلط تعليم جي ذريعي سندن قومي ڪردار، ڪلچر کي بگاڙڻ ۽ ڌارئين زبان کي مُلڪي زبان تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿي آھي.اُھو مسئلو بحث طلب آھي، ته ملڪ جي سياسي آزادي، زيادہ اھم آھي يا قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي آزادي ۽ حفاظت ۽ ترقي وڌيڪ اھميت رکي ٿي.ھڪڙن ماھرن جو چوڻ آھي ته مُلڪ جي سياسي غلامي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان کي معزول ۽ معدوم ڪريو ڇڏي.ٻين ماھرن جو رايو آھي ته جي ماڻھو پنھنجا قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان کي محفوظ ۽ سلامت رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، سي گھڻو وقت سياسي غلاميءَ ۾ رھي نٿا سگھن.سياسي غلاميءَ جو ڌَڪ عارضي آھي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي، دائمي قسم جي آھي.ھن مضمون ۾ آئون ڪلچر ڇاکي چئجي؟ ان جا جوڙجڪي عنصر ڪھڙا آھن؟ ھر ھڪ مُلڪ جو ڪلچر ڪھڙي طرح ٺھي ٿو؟ اُن جي ٺھڻ تي ڪھڙين ڳالھين جو اثر رھي ٿو؟ سنڌ جي جدا گانه ڪلچر جا مُکيه جزا ڪھڙا آھن؟ تي بحث ڪندس.مون کي مُلڪ جي مکيه سياسي ليڊرن جا تازو ڪڍيل گفتا اڃا تائين ڪَنن ۾ گونجي رھيا آھن.ھڪ چيو ته، ”ننڍو صوبو ننڍن دماغن جي ماڻھن سان ڀَريل آھي.“ (سردار پٽيل)ٻئي چيو ته، ”سنڌين جو ڪلچر گڏھه ھڪلڻ ۽ اُٺن ڪاھڻ وارو آھي.“ (لياقت علي خان)تنھن ڪري آئون ھن وقت سياسي آزاديءَ جي حصول کان قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت ۽ سلامتيءَ کي زيادہ اھم سمجھي، اُن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.- غلام مرتضيٰ –- 1963ع
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)
مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment