ــــــــــــــــــــــــ امر جليل
(27 جنوري 2009ع تي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڏنل ليڪچر)
مون کي ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. جڏهن به ڳالهائڻ جي نوبت ايندي هي، تڏهن لکي ڳالهائيندو آهيان. انيڪ ڪوتاهين مان منهنجي هڪ ڪوتاهي اها به آهي جو ڳالهائيندي مان وڦلندو آهيان. مورن کي چور، ۽ چورن کي مور چئي ويندو آهيان. رهبر کي رهزن ۽ رهزن ڱي رهبر سڏيندو آهيان. ڪنهن وقت ائين به ٿيندو آهي جو ڳالهائيندي منجھي پوندو آهيان، تڏهن رحمان ملڪ کي رحمان ڊڪيت ۽ رحمان ڊڪيت کي وزيراعظم جو صلاحڪار رحمان ملڪ سمجھي ويندو آهيان. هونءَ به لياري وارو رحمان ڊڪيت، صلاحڪار رحمان ملڪ کان لکين دفعا وڌيڪ هينڊسم آهي. هينڊ سم وزيراعظم جو صلاحڪار به هينڊسم هئڻ گھرجي ورنه ڪنڊوليزا رائيس ۽ جارج بش جهڙي جوڙي، عراق ۽ افغانستان جهڙا ممڻ مچائي وجھندي آهي.
ڪنهن ڪنهن وقت وڦلڻ ۾ ان کان به اڳتي نڪري ويندو آهيان تڏهن گھرواريءَ تي ٻاهر وري ۽ ٻاهر واري تي گھر واري هئڻ جو گمان ٿي پوندو آهي.
منجھي مرڻ اتي دنگ نه ڪندو آهي، جڏهن گھر ۾ هوندو آهيان، پاڻ کي گهر وارو سمجهندو آهيان، جڏهن گهر کان ٻاهر هوندو آهيان تڏهن پاڻ کي ٻاهر وارو سمجهندو آهيان ڪنهن ڪم سانگي گهر فون ڪرڻي پوندي آهي، ۽ گهر واري جواب ۾ جڏهن، ”هلو“، چوندي آهي، تڏهن مان چئي ويهندو آهيان، ”الله وسائي مان تنهنجو ٻاهر وارو پيو ڳالهايان.“
هڪ دفعي ته ڦاهي چڙهڻ کان بچي ويس. سمجهو ته ڄڻ معجزو هو. زرداري جو ذڪر ڪندي منهنجي وات مان نڪري ويو، ”زرداري الله منهنجي زاري.“
بچي ان ڪري ويس جو مون ڊاڪٽر لائق زرداري ۽ ڊاڪٽر لائق زرداري جي ڪتاب تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، تي پئي ڳالهايو. سندس ڪتاب پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي. تنهن ڪري ڪتاب ۾ اسان ڪهاڻيڪارن واري يخي هنيل ناهي. ڪُنبائي ڇڏڻ جهڙو ڪتاب آهي. اعتقادن جو ڀرم ڀوري ڇڏڻ جهڙو ڪتاب آهي.
سچ پڇو ته وڦلڻ ۽ منجهي مرڻ واري مرض کان مان ڏاڍو بيزار ٿي پيو آهيان. ان قسم جي ماجرا کي دماغ جو خلل سجهي مون هڪ دفعي پاڻ کي ڏاڍي نامي گرامي نيورالاجسٽ جي سپرد ڪري ڇڏيو هو. نامي گرامي نيورالاجسٽ ڪنهن به صورت ۾ اسان جي محترم ۽ مهربان سائين غلام محمد گرامي هو. هن مون کي قبر جهڙي مشين ۾ وجهي منهنجي کوپري جا هر زاويي کان انيڪ فوٽا ڪڍيا. ان کانپوءِ، هن سوين تارون منهنجي مٿي سان چنبڙائي دماغ جو اليڪٽرو ڪيفلو گرام ڪڍيو، جنهن جون چٻيون ڦڏيون ليڪون ڇاونجاهه صفحن تي پکڙيل هيون.
ڊاڪٽر رزلٽ ٻڌائيندي چيو، ”تون پاڻ ته پوڙهو آهين، پر تنهنجي کوپڙيءَ ۾ ڪنهن ٻار جو مغز آهي.“
”ڪمال آهي!“ حيران ٿيندي چيو هوم، ”مان جڏهن ٻار هوس، تڏهن مائٽ مٽ ۽ اوڙي پاڙي وارا چوندا هئا ته منهنجي مٿي ۾ ڪنهن خبيث پوڙهي جو مغز آهي.“
نامي گرامي نيورالاجسٽ مون کي ڪنهن سائڪيا ٽرسٽ سان مشورو ڪرڻ جي صلاح ڏني. سائڪيا ٽرسٽ کي مون پنهنجو مرض سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر، سائيڪاٽرسٽ سنڌي نه هو. هن کي وڦلڻ، منجهي مرڻ، ۽ پٽڙي تان لهي وڃڻ واريون نوبتون سمجهه ۾ نه آهيون.
بيزار ٿيندي سائڪيا ٽرسٽ پڇيو، ”آخر تنهنجو پرابلم ڪهڙُ آهي؟“ سائڪياٽرسٽ کي مون پنهنجي آتم ڪٿا ٻڌائي. چيم، ”ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ انيسه منهنجي ڪلاسميٽ هوندي هئي. سهڻي، موهڻي هئي. مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.“
مون پاز (Pause) ڏنو. سائڪياٽرسٽ پڇيو، ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
سائڪياٽرسٽ کي مون پنهنجو پرابلم ٻڌايو. چيم، ”مان جڏهن به انيسه سان ڳالهائيندو هوس. هوءَ مون کي نفيسه لڳندي هئي.“
سائڪياٽرسٽ پڇيو، ”نفيسه ڪير هئي؟“ چيم ”الائي ڪير هئي“
سائڪياٽرسٽ پڇيو، ”ته پوءِ تون انيسه کي نفيسه ڇو سمجهندو هئين؟“
ڪاوڙ لڳي. چيم، ”ان ڳالهه جي خبر مون کي هجي ها ته پوءِ تو وٽ ڌوڙ پائڻ ڇو اچان ها!“ سائڪياٽرسٽ خاني مان ڪجهه نوٽ ڪڍي منهنجي هٿ تي رکيا. چيائين، ”مان تو کان في نه وٺندس. تون هي خرچي کڻ، ۽ منهنجي جند ڇڏ.“
اها تمهيد انڪري ٻڌي اٿم ته جيئن اوهين اندازو لڳائي سگهو ته بنا اسڪرپٽ جي ڳالهائڻ منهنجي لاءِ ڪيتري قدر نه هاڃيڪار آهي خاص طرح سان انڪري به جو جڏهن کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو منتقل ٿي آهي، اڄ پهريون دفعو مون کي هن يونيورسٽي ۾ اچڻ جي اجازت ملي آهي، بلڪه اچڻ جو سڏ مليو آهي. اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي. مان سائين مظهرالحق صديقي صاحب جن جو شڪرگذار آهيان جن ڪجهه مهينا اڳ هڪ ميٽنگ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو هو. اڄ هنن مون کي اوهان سڀني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ گهرايو آهي. هنن منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان. Thank You Sir
ويسر جي ڊپ کان، ته بنا اسڪرپٽ جي ڳالهائيندي ڪٿي ڪو گهپلو ڪري نه ويهان ۽ سائين مظهرالحق صديقي کي مظهرالحق خان صديقي سڏي وڃان. هي اسڪرپٽ لکي آيو آهيان ته جيئن ڪنهن به قسم جي ڀُل چڪ جو انديشو باقي نه رهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه باقي رهي، ته نالو الله جو باقي رهي.
ٻاونجاهه سال اڳ، 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي، پشاور يونيورسٽي جا نوَ رانديگر آئوٽ ڪري مون پاڪستان ورسٽيز جو نئون وڪيٽ ڪيپنگ رڪارڊ قائم ڪيو هو. نوَن رانديگرن مان پنج يا ڇهه رانديگر مون ليفٽ آرم ليگ اسپنر قمر احمد جي بالنگ تي آئوٽ ڪيا هئا. هن يونيورسٽي جو گريجوئيٽ قمر احمد گذريل ويهن ٽيهن سالن کان بي بي سي لنڊن ۾ سينئر اسپورٽس جرنلسٽ آهي.
ويهن سالن وارو اوهان جو وڪيٽ ڪيپر، اڄ، ٽيهتر سالن جي ڄمار ۾ اوهان آڏو حاضر آهي. ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ لاءِ، اندر جو حال اورڻ لاءِ.
اوهان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جو موقعو مون کي سائين مظهرالحق صديقي جن ڏنو آهي. ان ڳالهه جو مون کي احساس آهي. تنهن ڪري ڳالهائڻ لاءِ ڪاغذي ڪاروائي ڪري آيو آهيان. ايئن ڪرڻ سان اهو انديشو به ٽري ويو آهي ته وڦلندي يا ويسر سبب مان ڊاڪٽر نور افروز خواجا کي نورالنساءِ سمجهي ويندس. لکيل اسڪرپٽ سبب هينئر ان غلطي جو امڪان نه رهيو آهي. هونءَ به پروفيسر نور افروز خواجا ڊاڪٽر آهي. ويچاري نورالنساءِ نرس هئي. پريمي جوڙن جا داغ ڌوئيندي هئي. هڪڙي ڏينهن نورالنساءِ نرس پاڻ هن دنيا مان ڌوپجي وئي ۽ وڃي عرش تي پهتي. الله شل کيس پنهنجي امان ۾ رکي. مون جڏهن پهرين دفعي فقير خان قريشي جو محاورو ٻڌو هو، تڏهن اچرج ۾ پئجي ويو هوس. ماڻهو جڏهن اچرج ۾ پئجي ويندو آهي تڏهن فلاسافي جي برن ۽ بحرن ۾ وڃي پوندو آهي. فلاسافي جي دڳ تان ڪو سچل سرمست ڍڪ لاهيندو آهي. تڏهن راز ۽ رمزون سمجهه ۾ اينديون آهن. نالن ۽ ذاتين جي گڊمڊ فلاسافي واري ديڳ جو ڍڪ اسان جي پياري صدر آصف علي زرداري لاهي ڏيکاريو، جڏهن پنهنجي پٽ جو نئين سر نالو رکيو: بلاول ڀٽو زرداري، تڏهن مون کي فقير خان قريشي واري فلسفي جي رمز سمجهه ۾ آئي. جيڪڏهن اوهين چاهيو، پاڻ کي سيد فقير خان قريشي به سڏائي سگهو ٿا. الله سائين جو شڪر ٿو ڪريان، جو اسڪرپٽ لکي آيو آهيان. وڏو بچاءُ ٿي ويو آهي. ورنه، عين ممڪن آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو ذڪر ڪندي، صدر مملڪت کي آصف ڀٽو زرداري چئي وڃان ها، ۽ اجايو فلم ڳچي ۾ پئجي وڃي ها.
اهي ڳالهيون ان ڪري لکيون اٿم جو اڄ ڪلهه هوائون قاسم آباد کان هن طرف هلي رهيون آهن. شانتي نڪيتن ٺاهي ڏيکارڻ کان اڳ رابندر ناٿ ٽيگور اڪثر شانتي نڪيتن جي باري ۾ ڳالهائيندو رهندو هو. جڏهن ماڻهن جو تجسس وڌي ويو، ۽ پڇيائونس ته شانتي نڪيتن ڪيئن هوندو، تڏهن رابندر ناٿ ٽيگور شانتي نڪيتن جو ننڍڙو ماڊل ٺاهي ماڻهن کي ڏيکاريو هو. ان کانپوءِ شانتي نڪيتن ٺهي راس ٿيو هو.
مون کي خبر ڪونهي ته سنڌو ديش ڪيئن هوندو؟ ڇو جو ڪنهن به اسان کي سنڌو ديش جو ماڊل ٺاهي نه ڏيکاريو آهي. باقي هڪ ڳالهه جي مون کي پڪ آهي ته اسان جي خواب کي جيڪڏهن به تعبير ملي ۽ سنڌ آزادي ماڻي ته آزاد سنڌ هوبهو قاسم آباد جهڙي هوندي. قاسم آباد آزاد سنڌ جو ماڊل آهي. آزاد سنڌ جو ماڊل ڏسي دل خوش ٿي ويندي آهي.
مان اڄ ڪلهه ان کوجنا ۾ سرگردان آهيان ته قاسم آباد جهڙو عاليشان سيٽلائيٽ شهر ڪهڙي قاسم جي نالي پٺيان آباد ڪيو ويو آهي. قاسم ڪريلو، يا قاسم ماڪا، يا منهنجو دوست سائين قاسم ٻگهيو؟ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته قاسم آباد جو نالو محمد بن قاسم جي نالي پٺيان رکيو ويو هجي! پر، ان جو امڪان گهٽ آهي.
قاسم آباد مون کي سنڌين جي تاريخ ۾ يادگار شهر لڳندو آهي. اسان ٻاهران آيل سنڌين جي ابن ڏاڏن سنڌ جي اصلي باشندن کي، جن جي نسل جو سڌو سنئون تعلق موهن جي دڙي سان هو، تن کي 1947ع ۾ سنڌ مان لوڌي ڪڍيو هو. تاريخ پاسو ورايو. اسان اڳ ٻاهران آيل سنڌين کي بعد ۾ ٻاهران آيل سنڌين حيدرآباد مان لوڌي ڪچڍيو. قاسم آباد تاريخ جي ورجاءَ جو ثبوت آهي.
مان وهمي ناهيان. منهنجو قدرت جي ڪايا ۾ يقين آهي. اسين جيڪي پوکندا آهيون، فصل به سوئي لڻيندا آهيون. اسان جي وڏن پنهنجيون گروي پيل جاگيرون، ملڪيتون ۽ زمينون عيش عياشين لاءِ کنيل ڳاٽي ڀڳا قرض هضم ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي وارثن، اصلوڪن سنڌين کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ شيطاني قوتن جو ساٿ ڏنو هو. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن، 1947ع کان پوءِ سنڌ زوال پذير ٿي وئي آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تباهه ٿي ويو آهي.
1947ع جي فسادن ۾ لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا هئا. لکين ماڻهو مارجي ويا هئا. لکين ٻار اغوا ٿي ويا هئا. لکين عوررتن جي بيحرمتي ٿي هئي. ڪو سبب ته آهي جو گذريل ٻاهٺ سالن ۾ هن ملڪ سک جو ساهه نه کنيو آهي. محمد علي جناح وارو اصلي پاڪستان 1971ع ۾ ٽٽي پيو. اوڀر پاڪستان بنگلاديش جي نئين نالي سان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو.
ذوالفقار علي ڀٽي اولهه پاڪستان جي نالي مان لفظ اولهه خارج ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح اولهه پاڪستان 1971ع کان پوءِ فقط پاڪستان ٿي پيو. ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش ناهي ته 1971ع کانپوءِ وجود ۾ اچڻ وارو پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي جو پاڪستان آهي. اها تاريخي حقيقت آهي. 1971ع کانپوءِ عالم وجود ۾ اچڻ واري پاڪستان لاءِ به لکين ماڻهو مارجي ويا هئا. 1947ع واري خونريزي ۽ 1971ع واري خونريزي ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. 1947ع واري خونريزي ۾ هندو، مسلمان ۽ سک مارجي ويا هئا. 1971ع واري خونريزي ۾ فقط مسلمان قتل ٿيا هئا. تاريخ ايتري سچائي ۽ بيباڪي سان 1971ع جي واقعن کي قلمبند نه ڪيو آهي، جيتري سچائي ۽ بيباڪي سان 1971ع جي قتلام ۽ سياسي غنڊه گردي کي بنگالي ادب، شاعري، ڪهاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهڙي ادب کي سنڌي ۾ نعريباز ادب چئبو آهي ۽ باقي دنيا جي ٻولين ۾ اهڙي ادب کي مزاحمتي ادب، يعني لٽريچر آف ريزسٽنس چئبو آهي.
مان ٻيهر، ٽيهر ورجايان ٿو ته مان وهمي ناهيان پر ڪي واقعا، ڪي وارداتون، ڪي گهٽنائون اهڙيون به اسان جي تجربي ۾ اينديون آهن. جن جي سائنٽيفڪ سمجهاڻي امڪان کان ٻاهر محسوس ٿيندي آهي.
1947ع واري پاڪستان جا ٻه مکيه باني، محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان قتل ڪيا ويا هئا. محمد علي جناح کي بيماري جي حالت ۾ جڏهن ڪوئيٽا کان ڪراچي آندو ويو هو. تڏهن ماڙيپور ائيربيس تي سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ به ننڍو وڏو وزير موجود نه هو. جيتوڻيڪ سندس ذاتي موٽون ۽ ڪرسچن ۽ پارسي اسپتالن جون ايمبولينسونشهر ۾ موجود هيون، پر محمد علي جناح کي ڪنهن نامعلوم بااثر شخص جي حڪم تي هڪ ڇڪڙي قسم جي ايمبولينس ۾ ايئرپورٽ کان گورنر هائوس روانو ڪيو ويو هو. ڪجهه ديرکان پوءِ ايمبولينس جي نامعلوم ڊرائيور انجڻ ۾ خرابي جو بهانو ڪري نٽهڻ اُس ۾ گاڏي ماڙيپور روڊ جي ويرانن ۾ بيهاري ڇڏي. سيپٽمبر 11 جو سج ڄڻ سوا نيزي تي لهي آيو هو. ٻه اڍائي ڪلاڪ ملڪ جي گورنر جنرل ۽ ملڪ جي باني بيمار ۽ لاچار محمد علي جناح کي کوري جهڙي ايمبولينس ۾ ڇڏي ڏنو ويو. شام جو ساڍي ڇهين لڳي کيس ٻي ڪنهن گاڏي ۾ گورنر هائوس آندو ويو. چئن ڪلاڪن کانپوءِ رات جو ڏهه وڄي ويهن منٽن تي قائداعظم گذاري ويو. مان سوچيندو آهيان ته ڪراچي شهر قائد آهي، يا شهر قائداعظم آهي؟ قائد جي نالي مان اعظم ڪيڏانهن ويو؟
16 آڪٽوبر 1951ع، وزيراعظم لياقت علي خان راولپنڊي جي باغ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ اُٿيو. پهرين قطار ۾ ويٺل سيد اڪبر روالور ڪڍي سڌو سنئون لياقت علي خان کي گولي هڻي ماري وڌو. عين انهي وقت سيد اڪبر پٺيان ويهاريل نامعلوم شخص سيد اڪبر کي پٺي وٽان دل ۾ گولي هڻي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو.
1971ع وارن واقعن جا ٽي مکيه ڪردار هئا: ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب الرحمان ۽ اندرا گانڌي، ٽيئي غير طبعي موت مئا. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائي جنرل ضياءُ الحق سپريم ڪورٽ جي ججن هٿان ڦاهي ڏياري ڇڏي هئي. شيخ مجيب الرحمان کي، هڪ ڌي حسينه کان سواءِ، سڄي ڪٽنب سميت فوج ۾ باغي ٽولي ماري وڌو هو. ۽ اندرا گانڌي پنهنجي باڊي گارڊ هٿان قتل ٿي هئي.
اهڙن واقعن کي دليلن سان سمجهڻ لاءِ ڪو سائنسي پيمانو ڪونهي. عقيدي ۽ ايمان جي حوالي سان ايتريون ته ڪهاڻيون ۽ قصا آهن، جن کي اگر سائنسي دليلن سان سمجهڻ جي ڪبي ته ڀرمن جون ڀتيون ڪري پونديون.
موجوده سنڌ جي تباهي ارغونن، ترخانن، مغلن، منگول ۽ تاتارين نه ڪئي آهي. نادر شاهه، محمود غزنوي ۽ محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه نه ڪئي هئي. سڄي سنڌ سياست ۽ سياستدانن تباهه ڪئي آهي. حاڪمن جي حڪم تي تيار ڪيل تاريخ قومن سان هاڃا ڪري ڇڏيندي آهي. ان جي ابتڙ ادب پوري سچائي سان پنهنجي دور جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪندو آهي. تاريخ جي چالاڪين تي گواهي ڏيندو آهي.
پاڪستان تحريڪ ۽ نتيجي ۾ برپا ٿيل خونريز فسادن جي حوالي سان آل انڊيا مسلم ليگ جي بقايات ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ جيڪا تاريخ تيار ڪرائي آهي، سا بنهه جڙتو ۽ ڪوڙي آهي ان تاريخ ۾ ٻن ڳالهين کي شدمد سان بيان ڪيو ويو آهي؛ هڪ ته پاڪستان تحريڪ هندستان جي مسلمانن جي لاءِ ڀلائي جي تحريڪ هئي، ته جيئن هندستان جا مسلمان عزت ۽ سک سانت واري زندگي گذاري سگهن. برصغير ۾ مسلمانن جي موجوده حالت زار آل انڊيا مسلم ليگ جا پول پڌرا ڪري وڌا آهن. هندستان جي پنجين حصي تي مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪري آل انديا مسلم ليگ هندستان ۾ رهجي ويل ارڙهن ڪروڙ مسلمانن کي هندستان جو ٻيون نمبر شهري ڪرائي ڇڏيو آهي. خاص طرح مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ٿيڻ کانپوءِ، گذريل ٻاهٺ سالن ۾ ڪو هڪ ڏينهن اهڙو نه گذريو آهي جو پاڪستان ۾ مسلمانن هڪ ٻئي کي وحشي نموني سان قتل نه ڪيو هجي. آل انڊيا مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن کي دوکو ڏنو هو. اصل ۾ هنن کي حڪومت ڪرڻ لاءِ هندستان جي هڪ حصي جي ضرورت هئي.
1947ع ۾ ٿيل فسادن کي آل انڊيا مسلم ليگ جي باقيات پاڪستان لاءِ برصغير جي قرباني جو نالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هنن مطابق فقط مسلمان مئا هئا. ايڏو وڏو ڪوڙ شايد ئي ڪنهن تاريخ ۾ لکيل هجي. ورهاڱي متعلق دنيا ۾ انيڪ تاريخون لکيون ويون آهن. سڀني تاريخن ۾ هڪ ڳالهه لکيل آهي ته ورهاڱي دوران هندستان ۾ خونريز فساد برپا ٿيا جن ۾ لکين هندو، مسلمان ۽ سک مارجي ويا هئا. پر آل انڊيا مسلم ليگ جي تيار ڪرايل تاريخ ۾ اسان جي ٻارن کي نسل در نسل پڙهايو ويو آهي ته لکين مسلمانن پنهنجي جان جي قرباني ڏئي پاڪستان قائم ڪرايو هو! هنن اسان جي ٻارن کي هندستان ۽ هندن کان نفرت جو درس ڏنو آهي.
هر قوم ۾ پوءِ کڻي هندو هجي يا مسلمان، پارسي هجن يا ڪرستان، برا ڀلا ماڻهو موجود هوندا آهن. اسان جي اولاد کي اهڙي ملڪ کان نفرت ڪرائي وئي آهي جنهن جي چپي چپي تي مسلمانن جي ٽي چار سئو سالن جي دور حڪومت جي ڇاپ ڇڏيل آهي. تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي آثار اڄ تائين اُتي موجود آهن ۽ جتي رهندڙ مسلمانن جو تعداد پاڪستاني مسلمانن کان وڌيڪ آهي. آل انڊيا مسلم ليگ جي باقيات کي ان ڳالهه جي قطعي پرواهه ناهي ته هو پاڪستان ۾ هندستان ۽ هندن لاءِ نفرت جي جيتري باهه ڀڙڪائيندا ان جو سڌو سنئون اثر هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن تي پوندو جن کي ليگ وارن اڳ ئي هندستان جو ٻيو نمبر شهري ڪرائي ڇڏيو آهي.
ورهاڱي جي سچي ۽ زندهه تاريخ ان دور ۾ لکيل ادب، شاعري، ڪهاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾ موجود آهي. قيامت جڏهن ايندي، سا ته ايندي، پر برصغير، ورهاڱي دوران، قيامت ڏسي ڇڏي هئي.
لفظ ”ڇو“ معمولي لفظ ناهي، لفظ ”ڇو“ ماڻهو کي سوچڻ ۽ جواب تلاش ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري وجهندو آهي. ورهاڱي مهل ايڏا هيبتناڪ فساد ۽ خونريزي ڇو ٿي هئي؟
شهر ۾ جاءِ ٺهرائيندي اوهان جي پلاٽ جو جيڪڏهن اڌ فٽ پاسي وارو پاڙيسري کڻي ورتو. يا اوهان هن جي پلاٽ جو اڌ فٽ ڦٻائي ورتو ته پوءِ معاملو جهيڙي جهٽي کان شروع ٿي عدالتن تائين وڃي پهچندو. ٻئي ڌريون جيڪڏهن جنون ۾ وٺجي ويون ته پوءِ اڌ فٽ زمين لاءِ سالن تائين ٻئي ڌريون هڪٻئي جا ماڻهو مارينديون رهنديون.
هندستان ۾ اسين مسلمان ملينمس (هزارين سالن) کان آباد نه هئاسين. هونءَ به اسان مسلمانن جي ڪُل تاريخ هڪ هزار، چار سئو ٽيهه سالن تائين محدود آهي. جڏهن ته سنڌو، جمنا ۽ گنگا ندين واريون تهذيبون هزارين سال پراڻيون آهن. موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، هڙپا ۽ گذريل هفتي سکر ويجهو لڌل قديم آثار، ست کا ڏهه هزار سال پراڻا آهن. هندستان ۾ اسين مسلمان ڇهه سو سالن کان آباد هئاسين، فقط ڇهه سو سالن کان! ٻي مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ 1945ع ۾ اڍائي سو سالن کان هندستان تي قابض انگريزن جڏهن هندستان ڇڏي وڃڻ جو پڪو فيصلو ڪري ورتو تڏهن اسان جا مسلم ليگي ليڊر کين چنبڙي پيا، عرض ڪيائون ته سرڪار، اوهين ته وڃو پيا، پر هندستان جو هڪ ڀاڱو اسان مسلمانن کي علحده وطن لاءِ ڏيئي وڃو. اسين ۽ هندو ٻه مختلف قومون آهيون، اسين گڏ رهي نه سگهنداسين.
ڪنهن به ساڃهه وند انگريز اسان جي ليڊرن کان اهو نه پڇيو ته توهين ۽ هندو گذريل ڇهه سئو سالن کان گڏ رهندا آيا آهيو. هينئر اوهين هندن کان علحده ٿيڻ ڇو ٿا چاهيو؟ هونءَ به هر قوم ٻي قوم کان مختلف ٿيندي آهي. مسلمان ۽ هندو جيڪڏهن عليحده قومون آهن ته پوءِ مسلمان ۽ يهودي به ٻه جدا قومون آهن. مسلمان ۽ ڪرستان به ٻه مختلف قومون آهن، مسلمان ۽ سک به ٻه مخالف قومون آهن، مسلمان ۽ پارسي به ٻه مختلف قومون آهن. اسين ڪنهن ڪنهن کان ڌار ٿي پنهنجو علحده وطن ٺاهڻ جو مطالبو ڪندا رهنداسين؟
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مسلمانن ساڍا ٽي سو سالن کن هندستان تي حڪومت ڪئي هئي. ان جي برعڪس مسلمان اسپين تي ذري گهٽ ساڍا ست سئو سال حڪومت ڪئي هئي. اسپين ۾ مسلمانن ڪڏهن به اسپيني مسلمانن لاءِ اسپين ۾ علحده وطن جو مطالبو نه ڪيو هو. پر، ساڍا ٽي سئو سال هندستان تي حڪومت ڪرڻ ۽ اائي سو سال انگريز جي غلامي ۾ رهڻ کانپوءِ اسان هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ورتو جنهن کي انگريزن قبول ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح، هندستان جي پنجين حصي تي اسان پنهنجو وطن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.، جتي اسين نهايت آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ پنهنجن ڪارنامن سان دنيا کي حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ڪري رهيا آهيون.
جيڪڏهن ڇهه انچ زمين لاءِ فساد ۽ ڦڏا ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ڪنهن ملڪ جي پنجوڻي حصي جي ورهاڱي مهل فسادن جو برپا ٿيڻ ڪنهن به سياسي زاوئي کان رد ڪري نه ٿو سگهجي. تهن ڪري هندستان جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ انسانيت کي پائمال ڪري ڇڏڻ جهڙا فساد ٿيا. فسادن ۾ جتي مذهب جي نالي ۾ ماڻهو ماڻهو کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇيڏيو، سوين سالن جي رشتن ناتن کي ميساري ڇڏيو، اتي انسانيت ۽ انسان دوستي جا اهڙا اهڙا مثال دنيا آڏو آيا، جو مجروح روحن کي مرهم ملي ويو. ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين فسادن جي پسمنظر ۾ انيڪ ادب تخليق ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو.
هندستان جو ورهاڱو تاريخي موضوع آهي. ساڳي طرح پاڪستان جو ٺهڻ به تاريخي موضوع آهي. تنهنڪري تاريخ جي هر موضوع وانگر هندستان جو ورهاڱو ۽ پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ هميشه بحث هيٺ ايندا رهندا. ڪنهن به موضوع کي تقدس جو درجو ڏيئي بحث کان مبرا سمجهڻ تاريخ جي نفي آهي.
ٻي مهاڀاري جنگ دوران هٽلر جي فوج يهودين جي وڏي انگ کي گيس چيمبرن ۾ وجهي، ٻوساٽي ساڙي ماري وڌو هو. يهودين ان واقعي کي هولو ڪاسٽ Holocaust (انسانن جو اجتماعي سڙي مرڻ) نالو ڏئي، تقدس جو درجو بخشي ڇڏيو آهي. خاص طرح سان مئل يهودين جي تعداد بابت شڪ شبهو ظاهر ڪرڻ ڏوهه آهي. يهودين جي دعويٰ مطابق سٺ لک يهودين کي گيس چيمبر ۾ ٻوساٽي ساڙي ماريو ويو هو. بعد ۾ کوجنا ڪندي ڪجهه تاريخدانن سٺ لکن جي تعداد تي اعتراض اٿاريو ۽ لکيو ته 1943 – 44ع ۾ يهودين جو ڪل دنيا ۾ تعداد سٺ لک نه هو. يهودين هڪدم تقدس سان گڏ هولوڪاسٽ کي قانوني تحفظ ڏيئي ڇڏيو. هينئر اسرائيل ۽ اسرائيل جي ڪجهه حامي ملڪن ۾ هولو ڪاسٽ جي تعداد تي ڳالهائڻ ڏوهه آهي. ازل کان انسان اهڙن عقيدن ۽ نظرين کي قانوني تحفظ ڏيندو آهي. جيڪي عقيدا ۽ نظريا ڪمزور هوندا آهن ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ ۾ ڊهي پوندا آهن.
پر، قانوني تحفظ ملڻ جي باوجود محقق ۽ ليکڪ اهڙن موضوعن تي غدار، اي ٽرين ٽو پاڪستان جهڙا ناول، ٽوبه ٽيڪ سنگهه جهڙيون ڪهاڻيون ۽ فريڊم ايٽ مڊ نائيٽ جهڙا تاريخي ڪتاب لکندا رهيا آهن، ۽ لکندا رهندا. سياسي چالبازين جو ادب جي گرفت مان نڪري وڃڻ امڪان کان ٻاهر آهي.
پندرنهن وار نيوز ميگزين ”افيئر“ جي ٿورن سان
No comments:
Post a Comment