پروفيسر محبوب علي چنا :سيوستان يا سيوهڻ

جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو. (ص 22) ”تاريخي معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايو آهي. ”تحفته الڪرام“ جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجينءَ ولايت ۾ آهي. هڪ قديم شهر ”سنڌ“ جي اولاد ”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کانپوءِ پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاھ بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاھ حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو. سنڌ جلال الدين محمد اڪبر بادشاھ جي درٻار جي گورنرن حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاھ ٿيو. نواب خدا يار خان جي حڪومت جي ڏينهن کان وٺي وري اصلوڪي دستور موجب باقي سنڌ ۾ داخل آهي. سندس جبل تي واهيءَ جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترا ئي مريض انهيءَ مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا آهن. سدائين ساڳيءَ طرح ڀريل (رهي ٿو) ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانه آهي. مقرر ڏينهن تي هندو اتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. ٻي يڪ ــــ ٿنڀي جي جاءِ آهي، جو جبل ۾ هڪ وڏو صفحو هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي. عام اعتقاد موجب، قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير ۽ صفائيءَ لاءِ اتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چرهي نظارو ڏسندا آهن. چون ٿا ته چئن يارن، يعني مخدوم جلال جھانيان، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاءُ الدين، اتي ويهي مڪاشفا ڪيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽ هڪ سڳورو مڪان آهي. (ڏسو تحفته الڪرام صفحو نمبر: 248)
تاريخدانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمن، ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جو سيوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان يا سادوستان سڏيو آهي. ”هندستان جي قديم جاگرافي“ جي صاحب، مسٽر ڪننگھام، ٻين تاريخدانن سان متفق ٿيندي لکيو آهي ته ”هن سنڊيمن شهر وٽ جابلو قومن جي بادشاھ سامبوس سڪندر جي سامهون هٿيار پيش ڪيا“ (ص 264). هن سامبوس کي مسٽر جي. دبليو. سمٿ پنهنجي گزيٽيئر ۾ ”شايد سمو“ سڏيو آهي (ص 47).
”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ڪاڪي ڀيرومل وري لکيو آهي ته هي شهر راجا اشنير جي پٽ شبيءَ وسايو، جنهنڪري هن کي ”شبسٿان“ يا ”شوستان“ ڪري سڏيندا آهن. راجا اشنير رامائڻ جي زماني جيترو جھونو آهي. مگر دوارڪا پرساد ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته راجا اشنير جي پٽ شبيءَ هاڻوڪي سبيءَ جو شهر وسايو. شهر جي اپٽار ڪندي، مسٽر شرما لکي ٿو ته هن جي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندستان تي اتر ـــ اولھ کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون، تنهن وقت اتر هندستان جون (جنهن ۾ پراچين سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو اچي ٿو) ڪيتريون کتر ذاتيون هجرت ڪري ڏکڻ هندستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثلاًًً، ملتان جي دلير ماوه قوم مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين جيسلمير ۽ سبيءَ جي شوي کترين سيهوڻ اچي وسايو. وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته سيوهڻ شهر اٽڪل ٻن اڍائي هزارن سالن جو جھونو آهي. (حوالو: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“، جلد3، ص161.) جيڪڏهن ڪاڪي ڀيرومل جي ڀاونا تمام آڳاٽي آهي ته وري مسٽر پرساد جو پور به حقيقت جي حد کان گھڻو گھٽ آهي. سڪندر (356 ــــ 323 ق.م) جي ڪاھ کان اڳ سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين چوڻ ته سنڌ کان پوءِ سيوهڻ وسيو هو، سو حقيقت کان دور آهي.
رگ ويد ۾ آيو آهي ته قديم آريا پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا : پروُ، آنوُ، درهيو، يدوُ ۽ ترسؤ. ”آنوُ“ آرين مان ڪي پنهنجي ويجھي ڏاڏي ”شوي“ جي نالي پٺيان ”شوي آريه“ سڏبا هئا. انهن پنجاب ۾ ”شور ڪوٽ“، بلوچستان ۾ ”سبي“، ايران ۾ ”سبستان يا ”سيستان“ ۽ ”سيوهڻ“ آباد ڪيا . سيوهڻ پهريائين سندن نالي پٺيان ”شوستان“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ”سيوستان“ ۽ ”سهوان“ ٿيو ۽ هاڻي ”سيوهڻ“ سڏجي ٿو. ”سيوهڻ“ لفظ به ”شو واهن“ جو مخفف آهي.
مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي: ”سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي، جو اصل ۾ ”شواستان“ هو؛ يعني شِوَ جو آسٿان، پر ماڻهن جي زبان ۾ ”سيوستان“ مشهور ٿي ويو.“
”چچنامه“ ۾ آيو آهي ته سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ سيوس نالي قوم رهندي هئي. ”سيوس“ به ”شوي“ جي ئي بگڙيل بناوٽ معلوم ٿئي ٿي.
حقيقت ۾ سيوهڻ ان نالي پوڻ کان اڳ موجود هو. شوي قوم فقط هن کي وڌايو ويجھايو ۽ اهو نالو رکيو هوندو. هي ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن، انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جن ماڻهن جو کوپريون موهن جي دڙي مان لڌيون ويون آهن، اهڙن ئي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان شاھ بلاول واريءَ واٽ مان به لڌيو ويون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيوهڻ تمام قديم زماني کان آباد هو. قديم زماني کان پوءِ، نئين حَجري زماني جا نشان به سيوهڻ جي ڀرسان لڌا ويوا آهن. سر جان مارشل لکيو آهي (بحواله: ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“) ”نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪي جبلن جي قطار ۾، ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“ ان مان ثابت ٿيو ته سيوهڻ قديم زماني کان آباد ٿيندو آيو آهي. اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊهڙن جي صورت ۾ رهيو.
چچ جي ڏينهن ۾ سيوستان جو حاڪم مته نالي هوندو هو. چچ ڪشمير جي سرحد قائ ڪري، موٽي سيوستان ۾ آيو ۽ اتي جو بندوبست قائم ڪيائين. چچ جي مرڻ کان پوءِ مته قنوج ۾ ويو، انهيءَ لاءِ ته چندر (چچ جو ڀاءٌ) کان ملڪ کسي. ڏاهر جي وقت ۾ هو برهمڻ آباد مان ٿي پوءِ سيوستان ۾ آيو، ۽ اتان پوءِ راور جي قلعي ۾ ۽ پوءِ موٽي الور آيو. انهن چئن ئي هنڌن تي سال جي اندر چار مهينا گذاريندو هو. محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو، ۽ اتي جو آسپاس ملڪ هٿ ڪيائين. سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سوٽ بڇيرا ولد چندرام اتي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم منجنيق سان ڀٿ ڀڃي قلعو ورتو، ۽ بڇيرا ڀڄي ويو. انهيءَ جي جاءِ تي هن چندرام حاله کي ويهاريو، پر هن جي ٻئي پاسي وڃڻ تي چندرام فساد ڪري عربن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي محمد بن قاسم مصعب ولد عبدالرحمان کي وڏي لشڪر سان سيوستان موڪليو، جو چندرام سان وڙهيو ۽ چندرام مارجي ويو. مصعب اتي ٻيو حاڪم مقرر ڪري ۽ پورو بندوبست ڪري، موٽي محمد بن قاسم ڏانهن ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، حجاج جي حڪم موجب، قيس عبدالملڪ ۽ خالد انصاري سيوستان جا نائب مقرر ٿيا. مٿيون احوال سن 93ھ : 711ع ڌاري جو آهي. سن 416ھ : 1025 سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق لشڪر وٺي پهريائين سيوهڻ ورتو ۽ پوءِ ٺٽي ويو، جو تڏهن سنڌ جو تختگاه هو. انهي وچ ۾ عربن جي خليفن جا نائب سيوستان ۾ رهندا آيا. سن 649ھ : 1251ع ۾ ناصر الدين محمود دهليءَ مان لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي، قليچ خان کي حاڪم مقرر ڪري، پوءِ اُچ ۽ ملتان ڏانهن ويو. سن 667ھ : 1297ع ۾، جلال الدين خلجيءَ جي عهد ۾، مغلن سيوهڻ اچي هٿ ڪيو، جنهن تي نصرت خان، حڪم موجب، ملتان مان سيوهڻ آيو ۽ مغلن سان وڙهي انهن کي ڀڄائي ڪڍيائين، ۽ پوءِ بکر ويو. ”تاريخ فرشته“ مان معلوم ٿئي ٿو ته تاتارين، جن 697ھ : 1297ع ۾ دهليءَ جي حاڪم غياث الدين جي زماني ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. تن پهريائين سيوهڻ تي حملو ڪيو. جلال الدين خوارزم شاھ جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته هن پهريائين سيوهڻ قبضي ۾ ڪيو. سن 721ھ : 1321ع ڌاري، سلطان غياث الدين تغلق ملڪ علي شير کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. 752ع : 1351ع ۾ ڄام انڙ سمو سيوهڻ تي ڪاهي آيو، ۽ پوءِ دهليءَ جي بادشاھ پاران مَلَڪ رتن تُرڪ، جيڪو اتي جو حاڪم هو، تنهن سان وڙهي، انهيٰءَ کي ماريائين ۽ قلعو ورتائين. هن وقت مکيه سياح ابنِ بطوطه سيوهڻ ۾ آيو هو. وري سن (768ھ : 1367ع) ۾، ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾، سلطان علاءُ الدين جو لشڪر اچي سيوهڻ ۾ سمن سان وڙهيو ۽ انهن کي قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو. جڏهن ڄام سڪندر سمو گاديءَ تي ويٺو هو ۽ هو صغير هو، تڏهن بکر ۽ سيوهڻ جا حاڪم باغي ٿيڻ لڳا. ڄام سڪندر مٿن ڪاهي ويو، پر سگهو ئي مري ويو. سن 896ھ : 1490ع ۾ ڄام نظام الدين جي گاديءَ تي ويهڻ بعد، بکر ۽ سيوهڻ جا سڀ ماڻهو انهيءَ پاسي ٿيا. 926ھ : 1519ع ڌاري، ڄام فيروز جي راڄ ۾، مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مير عليڪ، ۽ ٻيا سنڀال لاءِ ڇڏي، پاڻ شال ڏي ويو.
سگهو ئي ڄام صلاح الدين ڄام فيروز کي ٺٽي مان ڀڄائي ڪڍيو، جو سيوهڻ ۾ آيو. شاھ بيگ جي پٽ شاھ حسن هن کي مدد ڏني، ۽ سيوهڻ جي قلعي جو پورو بندوبست ڪري هليو ويو. سن 948ھ : 1541ع ۾ حمايون بادشاھ، بکر مان نڪري، سيوهڻ ۾ اچي منزل ڪئي. مرزا شاھ بيگ جا نائب، سلطان بيگ ۽ مير محمد ساريان، جي اتي هئا، تن اڳي ئي ملڪ آسپاس ويران ڪري ڇڏيو هو ته هو اتي نه هري. مرزا شاھ حسن پاڻ به آيو ۽ اچڻ سان بادشاھ سان وڙهڻ جو سعيو ڪيائين. همايون سيوهڻ کي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو. آخر ناامدي ٿي موٽي بکر لوهري هليو. هن جي وڃڻ کان پوءِ، مرزا، سيوهڻ جي قلعي کي جيڪا شڪست وسي هئي، تنهن جي مرمت ڪرائي. سن 962ھ : 1554ع ۾ مرزا شاھ حسن، ٺٽي مان سيوهڻ ڏانهن ايندي، رستي ۾ مري ويو. سلطان محمود خان ساڻ هوس. سندس لاش ٺٽي ڏانهن نيائون. ڪيل ٺهراءُ موجب، سنڌ جو ڏاکڻيون ڀاڱو، ٺٽي وارو، سندس پٽ مرزا عيسى کي مليو، ۽ اتريون، بکر وارو، سلطان محمود خان کي. تنهن تي مرزا شاھ مسعود ۽ ڪن ٻين اميرن ناراض ٿي فساد ڪيو، ۽ سيوهڻ اچي هٿ ڪيو. مرزا عيسى پنهنجي پٽ محمد صالح سميت لشڪر وٺي اچي هنن سان وڙهيو.
سيد مير ڪلان، مير معصوم شاھ بکر واريءَ جي پيءُ، هنن جو صلح ڪرايو ۽ مرزا شاھ مسعود نااميد ٿي گجرات ڏانهن هليو ويو. ٻئي سان ۾ مرزا عيسى ترخان بکر ۾ سلطان محمود سان وڃي وڙهيو، جنهن ڀڄائي ڪڍيس ۽ پٺيان پئي سيوهڻ تائين آندائينس. اتي مرزا باهيون ڏيڻ ۽ ملڪ ناس ڪرڻ لڳو. اتي وري ٻي جنگ ٿي لڳي، پر وري سيد مير ڪلان سندن پرچاءُ ڪرايو. سن 970ھ : 1562ع ۾، مرزا عيسى جي ٻن پٽن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو ۽ هڪڙو مرزا صالح مارجي ويو، ٻئي کي، يعني مرزا باقي کي، مرزا سيوهڻ جاگير ڪري ڏنو، جتي هو وڃي رهڻ لڳو.
پر سگهو ئي خود مرزا عيسى ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ وري به هڪ جنگ سيوهڻ ۾ لڳي، ۽ ٻي درٻيلي ۾. آخر سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سن 974ھ ۾ جڏهن مرزا عيسى ترخان مئو، تڏهن، سندس وصيت جي برخلاف، سندس زال ماھ بيگم مرزا محمد باقيءَ کي سيوهڻ مان سڏائي گاديءِ تي ويهاريو، ۽ نه هن جي ٻئي پٽ خان بابا کي، جنهن جي وصيت ڪئي هئائين. سن 978ھ : 1570ع ۾ اڪبر بادشاھ، مرزا محمد باقيٰءَ جي ظلمن جو ٻڌي، پنهنجو نائب، مجاهد خان، بکر ڏانهن موڪليو. انهيءَ ڪري مرزا باقيءَ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا پٽ ويهاري ڇڏيا. سيوهڻ ۾ پنهنجي وڏي پٽ مرزا پاينده کي رکيائين ۽ ننڍو جاني بيگ به ساڻس ڏنائين. پوءِ سگهو ئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين، ۽ اميرن مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان سڏي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهاريو. 998ھ : 1589ع ۾ اڪبر بادشاھ نواب خانان کي موڪليو، جو پهريائين بکر ۾ آيو ۽ پوءِ لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو. مرزا جاني بيگ ٺٽي مان لشڪر وٺي آيو. مرزا جي پاران خسرو خان لشڪر جو مهندا هو، ۽ خان جي پاران سيد بهاءُ الدين ۽ مير معصوم شاھ بکر وارو. لڪيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. آخر مرزا جاني فقط ٻارهن ماڻهن سان ڀڄي انڙپور ڏانهن ويو. سگهوئي پوءِ سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سن 1013ھ : 1605ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاھ کان پوءِ جھانگير تخت تي ويٺو، تڏهن هن عبدالرزاق کي نواب ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مٿان موڪليو، ۽ مرزا غازي بيگ کي پاڻ وٽ سڏائي ورتائين ۽ انيهيءَ کي قنڌار ڏي نائب ڪري موڪليائين. 1059ھ : 1649ع ۾ جڏهن مغل خان دهليءَ جي بادشاھ پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن شاهجهان بادشاھ پنهنجي پٽ، شاهزادي اورنگزيب کي سيوهڻ، بکر ۽ ٽٺي جا پرڳڻا، يعني قريب ساري سنڌ جاگير ڪري ڏني. انهيءَ کان اڳي ملتان هن جي جاگير هئي. سن 1150ھ : 1737ع ۾، نواب خدايار خان (يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو) سيوهڻ، بکر ۽ ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿيو. سن 1171ھ : 1758ع ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو لوهري مان سيوهڻ آيو، ۽ اتان الھ آباد ۽ محمد آباد ۾ ويو، جتي سارو سال گذاريائين. سن 1259ھ : 1843ع ۾ جڏهن دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد خان سر چارلس نيپئر هٿان شڪست کائي پنجاب ڏانهن ڀڳو، تڏهن، مير پور خاص مان ضروري سامان کڻي، پهريائين سيوهڻ ۾ درياھ جي ڀرتي چوڌاري کاهي کڻائي ويهي رهيو، ۽ سندس ڀاءٌ مير ساھ محمد سندس سامان جي سنڀال تي هو. ڪرنل رائن، جو تڏهن سيهڻ ۾ هو، تنهن مٿس ڪاھ ڪئي. مير شاھ محمد سان جيڪي ٽي ــ چار سؤ ماڻهو هئا، سي ڀڄي ويا ۽ شاھ محمد پڪڙجي پيو، هن کي حيدرآباد ڏياري موڪليو. مير شير محمد شير سنگ وٽ پناھ ورتي. جڏهن سنڌ پنهنجي خودمختياري قربان ڪئي ته سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي دائود پوٽن، ڪلهوڙن ۽ پنوهرن جون، وڃايل طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون شروع ٿيون. ان وقت فاتح يار محمد ڪلهوڙي خدا آباد دادوءَ واري آباد ڪئي، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن درياھ جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد، ۽* هالن واري خدا آباد جا شهر تعمير ڪيا ته ويچارو سيوهڻ سڏڪيون ڀرڻ لڳو. انگريزن جي راڄ بعد، سيوهڻ نه رڳو هڪ ننڍيءَ بستيءَ جي شڪل ورتي ـــــ جئين ڊبليو. ڊبليو. هنٽر جي گزيٽيئر (ص225) مطابق، 1872ع جي آدمشماري چار هزار ٻه سؤ ڇهانوي آهي ۽ جي. ڊبيلو. سمٿ جي گزيٽيئر (ص47) مطابق، 1911ع جي آدمشماري 4749 آهي. هنٽر جي لکئي مطابق، 1881ع ۾ سيوهڻ تعلقو سنڌ جي بهتري ڪڻڪ ۽ نير پيدا ڪندڙ تعلقن مان هڪ هو. جڏهن 28 ــ نومبر 1635ع بعد، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ سان واپار جو سرشتو شروع ڪيو، ته به انهن جي لسٽن تي سيوهڻ جو نير ۽ ڪپڙو چڙهيل هئا. سيوهڻ جي نشانبر قدامت سان گڏ، ان ۾ علم و فضليت ۽ روحانيت جا ساگر سمايل هئا. هر هڪ تاريخي خواه ادبي ڪتاب م سيوهڻ جي عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.
مگر واءِ قسمت، ڪمال ۽ زوال جو فلسفو سيوهڻ جي موجوده شڪسته حاليءَ مان عيان آهي. اهي جايون جتي هندورن جو هُل هو، اتي هاڻي چٻري جي چوٻولي جو غل آهي، ۽ هاڻي هنڌ ”موئن جي دڙي“ جي بي ثباتيءَ تي دلالت ڪري رهيا آهن. سبحان الله. ”هر ڪنهن ڪمال کان پوءِ آخر زوال آهي.“ ان زوال جي زماني ۾ به، جي. ڊبيلو. سمٿ هن حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ”جيتوڻيڪ سيوهڻ پنهنجي شهرت وڃائي چڪو آهي، مگر تيرهين صديءَ جي وچ ۾ هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو، جو هي اڪابر اولياءِ ڪرام مان هڪ، بنام شيخ عثمان مروندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو. هاڻي سيوهاڻين خواه ٻاهرين کي محض هي ڪشش جو نقل آهي.“ ڇو ته ڪيترن ئي بزرگن هن ڌڻيءَ ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجھيو آهي. جئين مرحوم منشي خداداد خان صاحب ”لبِ تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته” سنڌ جي مؤلف سيوستان يا سهوان متعلق تمام گھٽ لکيو آهي. هن شهر ۾ قلندر، جو سنڌ جو بادشاھ آهي، رونق افروز آهي، ان جو ڪھڙو بيان ڪري ٿو سگھجي؟ هن موقعي تي هي ظاهر آهي ته ڪتاب جي ديباچي جي مناسبت ڪري، هن (شهباز رحه) جو احوال ڏجي.“ ان بعد هن قلندر سائينءَ جو احوال ڏنو آهي. ٻين به ڪيترن ئي سنڌ جي بزرگن خواه ٻاهرين لعل شهباز جي باري ۾ مدح سرائي ڪئي آهي. دور دراز دولھ، اڙانگا ڪشالا ڪري، ڏونگر ڏوري، لعل سائين جي زيارت يا بابرڪت لاءِ ايندا آهن. لعل شهباز کان سواءِ هيٺيان بزرگ به قابلِ ذڪر آهن: قاضي قاضن، قاضي ابو سعيد ولد قاضي زين الدين، سيوهڻ جي مخدومن مان قاضي محمد وارث، قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد، قاضي سائين ڏنو ۽ ان جو پٽ ميان مير لاهوري، (5) مير سيد ڪلان، (6) مير عبدالله سلطان ولد ميرابولمڪارم، (7) سيد عبداللطيف ولد سيد عبدلرزاق بخاري، (8) مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم عرف متارو شاھ، (9) ملا دائود ۽ سندس فرزند نورالحق مشتاقي، (10) ميان عبدالحليم ۽ سندس پٽ ميان وجھ الدين.

No comments:

Post a Comment