قسط نمبر : 2


پهرين قسط ۾ اسان سنڌ تي مختلف ڪاهن جو مختصر احوال ۽ عربن جي ڪاهن جو ڪجھ تفصيلي بيان پڙهيو. هاڻ وري انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائينداسين ۽ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اُهي بحري قزاق ڪير هئا جنن کي بهانو بڻائيندي عربن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ کي پنهنجو غلام بڻايو.
ديبل جا بحري قزاق ڪير هئا؟
سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخن ۾ ڪنهن به مؤرخ اِهو ناهي ٻڌايو ته ديبل جا بحري قزاق ڪير آهن. البته جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي انهن جي باري ۾ لکي ٿو ته عرب انهن ڊاڪن کي ”بوراج“ سڏيندا هئا ۽ اهي اسلام کان اڳ به تجارتي جهازن کي لٽيندا هئا. سندن خوف ڪري، حيره ۽ ساسان جي حڪومتن حيره ۽ اُبله جي بندر کي مضبوط قلعا ڏياريا هئا. ان کان سواءِ وڏن جھازن تي پنج پنج سؤ ملاح رهندا هئا، جي پاڻ سان آتشي مادا به ساڻ کڻندا هئا. مڪران جو ڪنارو، ديبل، سومناٿ گجرات ۾ ڌاڙيلن جا مکيه اڏا هئا. جديد تحقيق مان خبر پوي آهي ته اُهي عرب هئا. البت منجھن افغاني ۽ راجپوتي خون گڏيل آهي. علامه البيرونيءَ جي زماني تائين، هو پنهنجي منهن ڌاڙا هڻندا هئا، تنهن کان پوءِ عربن سان گڏجي 19 صديءَ تائين سمنڊ تي ڌاڙا هڻندا هئا. آخر انگريزي ٻيڙي کان شڪست کاڌائون، اهي رفائي مذهب جا پيروڪار هئا.
سنڌ جي فتح
بالاخر عربن لڳاتار ڪوششن کان پوءِ سنڌ تي پنهنجو قبضو ڪري ورتو. عربن جي لشڪرن وٽ منجنيقون هيون ۽ ٻرندڙ تير به هئا. انهيءَ جي علاوه انهن رومن ۽ ايرانين کي شڪست ڏيئي، کانئن صف آرائي، فوجي قواعد ۽ حمله آوريءَ جي فن کان واقف ٿيا هئا. سندن عربي گھوڙا چست ۽ چالاڪ هئا، جي جلد نقل و حرڪت ڪندا هئا. جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌين وٽ تير ڪمان ۽ تراريون مکيه هٿيار هئا، ساڻن علافي عرب نيزي بازن جو دستو به شامل هو. سندن لشڪر وٽ هاٿين جا مضبوط رٿ هئا. هاٿين جو غول پريان ڪارن ڪڪرن وانگر نظر ايندو هو، جن کي ڏسي گھوڙا ٽهندا هئا، بلڪ بهادرن جا جگر به ڪنبي ويندا هئا، مگر اهي هاٿي نقل ۽ حرڪت ڪرڻ وقت سستي ڪندا هئا. سنڌ ۾ سمينه ۽ برهمڻن جي باهمي دشمنيءَ ڏاهر جي حڪومت کي اڏوهيءَ وانگر ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.
ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. هي شهر مهراڻ جي اولهندي واريءَ شاخ تي هو. مسعوديءَ جي بيان موجب سمنڊ کان ٻن ڏينهن جي پن تي هو. ديبل جي چؤگرد سؤ کن هندو واپارين جا ڳوٺ هئا. سنڌي لشڪر عربن جي فوج جو اٺن ڏينهن تائين مقابلو ڪيو. فتح کان پوءِ قلعي مان جيڪو به اسلحو ۽ خزانو هٿ آيو، تنهن جو پنجون حصو حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو، باقي لشڪر ۾ ورهايو ويو. دبيل جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم جلد ئي نيرون ڪوٽ، سيوستان، ٻڌيا ۽ جاٽن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح ڏاهر جي فوج کي شڪست آئي.
عربن جا سنڌ جي ماڻهن تي ڇڏيل اثر:
عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن تي عربن جي تهذيب و ثقافت جا ڪيترائي اثر پيا. سنڌي ۾ چون ٿا ته ”ولايت جي ڪٻر، سنڌ ۾ مينا“ وانگر هر ڪو سنڌي پاڻ کي عربي نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳو. ڪئي ماڻهو جيڪي اصل ۾ آريا ۽ راجپوت هئا، سي پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا. سما پاڻ کي رسول جي چاچي ابو لهب جي اولاد مان شمار ڪرائڻ لڳا. سومرا پاڻ کي علوي سادات سڏائڻ لڳا. ڪلهوڙن پنهنجو شجرو حضرت عباس تائين وڃي پهچايو ۽ پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا. بلوچن وري امير حمزي تائين پهچي پاڻ کي اُن جو اولاد سڏايو. سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو سيد، قريشي، صديقي، فاروقي ۽ عقيلي وغيره بنجي ويا. اها هڪ قسم جي احساسِ ڪمتري آهي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.
ـــــ ـــــ ـــــ ـــــ ـــــ
بني اميه کان پوءِ عباسي خلافت جو راڄ آيو. جنهن کان پوءِ صفاريه خاندان، طاهرين، هبارين، ۽ پوءِ بنوڪنده وارن جو سنڌ تي قبضو رهيو. عربن کان پوءِ غزنوي خاندان سنڌ تي پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سنڌ تي قابض رهيا ۽ اِتي جي ڌن دولت غزنيءَ کڻي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ خرچ ڪندا رهيا.
غزنوي خاندان جي زوال کان پوءِ سنڌ تي سنڌين جي حڪومت قائم ٿي ويئي. سڀ کان پهرين سومرن حڪومت ڪئي. جنهن ۾ دودي ۽ چنيسر جو مشهور واقعو پيش آيو. سومرن کان پوءِ سمن حڪومت ڪئي. جيئن ته اسان جو موضوع ”سنڌ تي ٻاهرين قبضي جو داستان“ آهي تنهن ڪري اسان هتي صرف ڌارين قومن جي ڪاهن بابت بيان ڪنداسين. سما خاندان جو آخري ڄام فيروز هو، جيڪو عيش پرست، بزدل ۽ غدار ليکيو وڃي ٿو. هن ڪي ارغونن نوڪريءَ ۾ رکي، سردار دولھ دريا خان کي وزارت عظمى تان هٽي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان صورتحال کي ڏسي، مغل نوڪرن ۽ قاضي قاضن، ارغونن کي دعوت ڏيئي گھرائي، سنڌ کي ڌارين جي هٿ ۾ ڏياريو. ملطب ته سنڌ تي ارغونن جو قبضو ڄام فيروز جي عياشي جي ڪري ئي ٿيو.
ارغونن ۽ ترخانن جو قبضو:
ارغونن ۽ ترخانن کي نهايت ئي سفاڪ ۽ ظالم چيو وڃي ٿو. هڪ تاريخي روايت موجب ارغونن ۽ ترخانن جو شجرو چنگيز خان کان وڃي ملي ٿو. ارغونن مان شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو. انهيءَ وقت ٺٽو سنڌ جي گادي وارو هنڌ هو. جڏهن هُن ٺٽي تي قبضو ڪيو، تڏهن ايتري ته لٽ مار ۽ قتل و غارت گري ڪيائين جو ٺٽي جون گليون سنسان ٿي ويون. ترخانن مان مرزا باقيءَ تمام گھڻا ظلم ڪيا.
”ترخان نامي“ جو مصنف لکي ٿو ته ”مردم ولايت سند. . . . هرگز شبي از ترس ميرزا باقي بفراغت نرقته بود . . . . . “ يعني سنڌ جا ماڻهو مرزا باقيءَ جي دور ۾ هڪڙي رات به سک سان نه ستا.
مرزا شاھ بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا شاھ حسن تخت تي ويٺو. ڄام فيروز جنهن جي بغاوت کي ارغونن معاف ڪري ڇڏيو، شاھ بيگ جي وفات تي تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ فاتحه خواني کي نظر انداز ڪري، ڌارين جي تابعداري کان منهن موڙيو. مرزا شاھ حسن کي جڏهن انهيءَ ڳالھ جي خبر پئي ته لشڪر ساڻ ڪري هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيو. ڄام فيروز اها خبر ٻڌي، مقابلي جي ست نه ساري سگھيو. ماڻڪ وزير ۽ شيخ ابراهيم داماد کي جنگ تي ڇڏي، پاڻ بزدليءَ ۽ غداري جو ثبوت ڏيندي درياءِ ٽپي ڀڄي ويو. ماڻڪ ۽ شيخ ابراهيم گھڻيون ئي دنگيون ڇوڙيون ۽ توبچين ۽ تيراندازن سان ڀريل ٻيڙيون رستي تي آڻي روڪ ڪئي، پر مرزا جو لشڪر سڀني کي اڳيان هٽائي، نيٺ ٺٽي تي قبضو ڪري ويو.
هوڏانهن ڄام فيروز ڪڇ ۾ پهچي، هڪ دفعو ٻيهر پنجاھ هزار جو لشڪر تيار ڪري، چاچڪن ۽ راحمن وٽ اچي جنگ جو گھورو ٿيو. مرزا شاھ حسن ڪجھ ماڻهو ٺٽي جي نظرداريءَ لاءِ ڇڏي، سندس سامهون ٿيو. جڏهن ٻيئي ڌريون دوبدو ٿيون، تڏهن سنڌي ۽ ڪڇي ماڻهو، پڳون مٿن تان لاهي، چادرن جون ڪنڊون هڪٻئي سان مضبوط ٻڌي، گھوڙن تان پيادي ٿي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. سنڌ خواه هند جي ماڻهن جي اها رسم آهي ته جڏهن پنهنجي لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن انهيءَ نموني جي جنگ شروع ڪندا آهن.
چون ٿا ته مرزا شاھ حسن اها حالت ڏسي، اميرن کي چيو ته: ”هنن پاڻيهي پاڻ کي ٻڌي اسان جي سامهون ڪيو آهي؛ انشاء الله ائين ئي ٿيندو.“ مگر سنڌي سانجھيءَ تائين وڙهندا رهيا پر آخرڪار فتح جي ديويءَ ارغونن جو ساٿ ڏنو ۽ سنڌيءَ پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿي ويا. انهيءَ جنگ ۾ اٽڪل ويھ هزار ماڻهو ڪسي ويا. ڄام فيروز خوار خراب ٿي گجرات ڀڄي ويو، ۽ مرڻ تائين اُتي رهيو. مرزا شاھ حسن، ٽي ڏينهن اُتي رهي مال ملڪيت کي غنيمت ڄاڻي لُٽيندو رهيو. هن جي دورِ حڪومت ۾ همايون بادشاھ به سنڌ ۾ آيو ۽ جلال الدين ”اڪبر“ جي ولادت به سنڌ جي ڌرتيءَ تي ٿئي. چون ٿا ته مرزا شاھ حسن همايون بادشاھ کي تمام گھڻو ڏک رسايو ۽ تڪليفون ڏنيون تنهن ڪري همايون هن کي بددعا ڏني. جنهن کان پوءِ مرزا شاھ حسن کي فالج (اڌ رنگ) جو حملو ٿي پيو. جنهن ڪري هو صرف ٻيڙي تي ويهي، ٺٽي کان بکر ۽ بکر کان ٺٽي آمدورفت ڪندو رهندو هو.
مرزا شاھ حسن کان پوءِ مرزا عيسى ترخان سنڌ تي قابض ٿيو. هن سپاهين خواه رعيت کي سهڻي نموني سان راضي رکيو. ڪيبڪ، فرخ *۽ تيمور جھڙا ارغوني امير ـــــــــ باوجود انهيءَ جي ته پاڻ کيس حڪومت لاءِ چونڊيو هئائون، اڪثر شراب پي، نشي جي حالت ۾ سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا. اهڙو ڪوبه ڏينهن ڪونه گذريو هو، جنهن ۾ هن جي دروازي کي نيزن ۽ ڪهاڙين سان ڪٽي، مرزا شاھ حسن جي ڇڏيل خزاني مان حصو نه گھرندا هئا، مگر هو دانائي سان همدردي ڪري کين چوندو هو ته ”خزانو توهان جي ملڪيت آهي، پر اسان ڌارئين ملڪ ۾ آهيو ۽ اسان کي خزانو ضرور گھرجي، جو ڏکئي وقت ڪم اچي: جيڪڏهن توهان کڻي وندا ته شراب ۽ معشوقن تي صرف ڪري ڇڏيندا.“ آخرڪار سندس پٽن ــــــ مرزا محمد باقي، مرزا محمد صالح، جان بابا ۽ غالب ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ هر هڪ ملا بهبود، شبرنگخان، ملا صالح، فتح خان ۽ ٻين ڪمائتن ماڻهن جي سرداريءَ هيٺ اهڙو ته منظم ۽ تيار ٿيو، جو ارغون خود ريسون ڪرڻ لڳا. ليڪن ميان محمد باقي ۽ محمد صالح ۾ مخالف پيدا ٿي پئي. مرزا صالح وڏو بهادر هو، تنهنڪري نهايت شان شوڪت پيدا ڪري، پيءُ کي بيدخل بنائي ويهاري ڇڏيو هئائين. هن مرزا باقيءَ کي جلاوطن ڪري ڪڇ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن مرزا جان بابا سميجن جي جھنگل ۾ ڀٽڪندو رهيو. مرزا باقي ناواقفيت سببان ڪڇ ۾ پهريائين ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون.
ڪجھ عرصي کان پوءِ مرزا باقي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ جنگون ٿي جنهن ۾ آخري فتح مرزا باقيءَ جي ٿي. مرزا عيسى جڏهن سيوستان کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ته پٺيان فرنگين ”گوا بندر“ کان ”لاهري“ بندر تي آيا. ملڪ کي مالڪ کان خالي ڏسي، شهر ۾ گھڙي پيا ۽ جمعي جي ڏينهن نماز وقت جامع مسجد فرخ ۽ ٻين جاين تي ڏاڍي خونريزي ڪيائون ـــــــــ رت ندين جي شڪل ۾ وهڻ شروع ٿي ويو. جڏهن اهي ڳالهيون مرزا عيسى ٻڌيون ته ملڪ جون حدون محمود خان جي حوالي ڪري، ٺٽي روانو ٿي ويو. بهرحال فرنگيءَ، مرزا عيسى جي اچڻ جو ٻڌي، ٺٽي جي شهر کي ڦري، گھٽين ۽ گھرن ۾ بارود وجھي باه ڏيئي، بچي نڪري ويا. مرزا عيسى جنهن وقت پهتو، اُن وقت ٺٽي مان باھ جا اُلا ۽ دونهين جا ڪارا ڪڪر پئي نظر آيا
.

No comments:

Post a Comment