ڪجهه ڪتاب بابت:
”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.اھڙي ڏاڍ ۽ جبر واري دؤر ۾ ”سانگھڙ“ ذريعي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جاري رکڻ جي سعي ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪئي ويئي. ھڪ طرف احساس ڪمتريءَ جي ماريل ۽ ھيسيل سنڌين کي سندن شاندار ماضيءَ کان آگاھ ڪيو ويو، ته ٻئي طرف ’ائٽلانٽڪ چارٽر‘ ذريعي مليل قومي حقن جو وستار ڪري، کين سندن بنيادي حقن جو احساس ڏياريو ويو. حُر تحريڪن جي حوالي سان کين احساس ڏياريو ويو ته حق شناسي، سرفروشيءَ ۽ جانثاريءَ ۾ سنڌي ٻين کان اڳرا آھن. سندن بزرگن جي ڪارنامن جو وستار ڪري انھن کي محدود گروھي دائري مان ڪڍي، ملڪ گير وسعت ڏيڻ، سندن ڪارنامن کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪرڻ- اھي تمام وڏا ڪم ھئا، جن جو بنياد ”سانگھڙ“ ذريعي رکيو ويو. ’سيٺ سڳني مل‘ جي ڪردار ذريعي ٻڌايو ويو ته تحريڪ ڪنھن فرقي، جماعت يا مذھب تائين محدود نه ھئي.سنڌ جي ھڪ نھايت اھم سياسي ۽ ادبي شخصيت کي جڏھن ڏيپلائي صاحب ”سانگھڙ“ پيش ڪيو، تڏھن سرورق تي شھيد بادشاھ جي شبيھ ڏسندي، ھن صاحب بي اختيار چيو: ”واھ- ڪھڙو نه شينھن مرد ھو!“ڏيپلائي صاحب پنھنجي مخصوص لھجي ۾ زيرِلب مسڪرائيندي چيو: ”پر سائين جن ته شايد ھن شير مرد کي ڦاسي ڏيارڻ ۾ پيش پيش ھئا!؟“ ھن صاحب نھايت سنجيدگيءَ سان وراڻيو: ”ڏيپلائي صاحب! شينھن شڪار ٿيڻ کان پوءِ به شينھن ئي رھندو آھي- مُئل شينھن جي به ويجھو وڃڻ لاءِ به دل کپي!“ شھيد بادشاھ جي عظمت بابت، سندس خلاف سازشون ڪندڙ جا اھي لفظ گھڻو ڪجھ ٻڌائين ٿا. مھذب دنيا ۾ آزاديءَ جي مجاھدن کي جماعتي، گروھي ۽ لساني اختلافن جي باوجود، مڃتا ۽ مانُ ڏيڻ قومي فرض سمجھيو وڃي ٿو. ڪانگريس، گانڌي ۽ نھروءَ جي ڪٽر مخالف سڀاش چندر بوس کي سرڪاري طرح ’نيتاجي‘ سڏيو ويندو آھي- سندس تصويرون سرڪاري آفيسن ۾ گانڌيءَ ۽ نھروءَ جي تصويرن سان گڏ لڳايون وڃن ٿيون- سندس ڪارنامن تي فلمون ٺاھيون وڃن ٿيون. ٽي ويءَ تي پروگرام اچن ٿا. سندس ٺاھيل ”آزاد ھند فوج“ جا سپاھي قومي ھيرو سڏجن ٿا. ڪاش! اسان جا حڪمران ۽ دانشور به شخصي، لساني ۽ جماعتي مفادن جي تنگ دائرن کان مٿڀرو ٿي سوچين.ھن دور ۾ مھانگائي ۽ ٽي ويءَ، ڪتابن جي خريداري ۽ پڙھڻ لاءِ وقت ڪڍڻ البت مشڪل ڪري ڇڏيا آھن. دنيا ۾ ضحيم ڪتابن جي تخليص يا (Abridgment) انھن مسئلن جو ھڪ ڪارگر حل سمجھيو وڃي ٿو. خود ڏيپلائي صاحب به ترجمي جي حد تائين انھيءَ ٽيڪنڪ کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. سندس ٻه ترجما ”جاپاني گُڏي“ ۽ ”سِسي نيزي پاند“ انھيءَ ٽيڪنڪ جا ڪامياب مثال آھن. ”سانگھڙ“ جي موجودہ ايڊيشن ۾ ناول جي ھڪ حصي کي مختصر ڪري، ضحامت ۾ ڪي قدر ڪمي ڪئي ويئي آھي. اھو عمل نھايت احتياط ۽ ذميداريءَ سان ڪيو ويو آھي، جيئن ناول جي تسلسل، اھم واقعن، ڪردارن ۽ مقامن تي ڪوبه اثر نه پوي. اُميد ته پڙھندڙ ھن ڪوشش کي ستائش جي نظر سان ڏسندا.
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)
مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو
تي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment