ڪراچي ۾ سنڌي وسندين خلاف شهري سرڪار جي طرفان ڀڃ ڊاهه جي ڪيل ڪارواين مان شهه حاصل ڪندي ڪراچي ۾ موجود مورڙيءَ مير بحر جي ستن ڀائرن جي قبرن کي ڪن سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي دشمن شر پسندن ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، رڳو ڊاهڻ تي اڪتفا نه ڪئي ويئي پر ڊاهڻ کان پوءِ پاسي ۾ ئي ٻيون قبرون ٺاهي ميڻ بتيون ٻاريل رکي فرار ٿي ويا. انهن قبرن جي تباهي جو منظر مٿين تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو.
مورڙيءَ مير بحر جي ڀائرن جي قبرن کي پيش آيل ان واقعي تي شهري سرڪار جي ناظم اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو آهي. تعجب آهي ته روشنين جي شهر ۾ مورڙيءَ جي ڀائرن جي قبرن سان پيش آيل انهي واقعي جو ڪنهن کي به پتو ڪونه پيو! اهو ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ جو عمل منٽن جو کيل نٿو چئي سگھجي ان ۾ ته ڪي ڪلاڪ ٻه ته ضرور لڳا هوندا. خبر ناهي شر پسند انتظاميه جي اکين ۾ ڪهڙو سُرمون وجھي رمِندا رهيا جو انهي کي تِر جيتري به ڪَل نه پئجي سگھي. اهو غفلت ۽ لاپرواهي جو اظهار صرف سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻن سان ٿيو يا ٻين معاملن ۾ به اها ئي روش رکي ويندي آهي انهي جو اندازو هر ڪو سولائي سان لڳائي سگھي ٿو.
جڏهن ڪراچي اڃان ڪلاچيءَ جو ڪُن هو تڏهن مورڙيءَ جي ڀائرن کان انهي ڪُن ۾ روزگار جو حق کسيندي طاقت جي نشيءَ ۾ مست مانگر مڇ پنهنجي بک جي حوس جو نشانو بڻايو. هڪ ئي ڳيت سان هي ست ئي مڙس مانگر مڇ جي پيٽ ۾ وڃي پهتا.
ڪالھ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کڻي ڇُڳيرَ؛ڀائِرَنِ ڀيرو نه ڪَيو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ؛اهڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَّ ورائي جَھـلِي.
مورڙو مير بحر انهي مست مانگر کي سيکت ڏيئڻ خاطر لوهي پنڃرو ٺهرائي انهي ۾ ويٺو ۽ پنهنجي چند ساٿين کي رسا لڏڻ جي اشاري تي ڏاندن جي زور تي پنڃري کي ٻاهر ڇڪڻ جو چيائين. جڏهن مورڙو پنڃري سميت ڪُن ۾ ويو ته پنهنجي عادت کان مجبور مانگر به دير نه ڪئي جئين پنڃري کي چَڪ وڌائين تئين لوهي سيخون سندس وات ۽ ڄاڙي کي ڦاڙي ويون. مورڙي ۽ انجي ساٿين پاڻ کان ڪيئي دفعا وڌيڪ طاقتور ۽ سمنڊ ۾ حڪمراني جي گھمنڊ ۾ مبتلا مانگر کي عقل ۽ اٽڪل جي استعمال سان قابو ڪري ڪُن مان ٻاهر ڪڍيو. مورڙي پنهنجن ڀائرن کي انهي جي پيٽ مان ڪڍي ڪلاچي ۾ دفن ڪيو.
تاريخ جي ڦرندڙ چرخي جو ڪرتب ته ڏسو! اڄ به ساڳئي صورتحال جو ورجاءُ ٿي رهيو آهي. ڪالهه ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ بد مست مانگر جي هٿان مورڙو ۽ انجا ڀائر قيامت خيز منظرن مان گذاريا ويا ۽ اڄ مورڙي جا وارث پڻ ڪراچي جي طاقت ۽ اختيارن جي نشيءَ ۾ مست مانگر جي هٿان تباهي جي منظرن مان گذري رهيا آهن. ڪلاچيءَ واري مانگر مڇ جي ذهنيت رکندڙ ڪراچي جو مانگر مورڙي جي وارثن جي وسندين کي تباهي جي واٽ ڏيکارڻ کان پوءِ هاڻ مورڙي جي ڀائرن جي آخري آرام گاهن کي پڻ نشانو بڻائي رهيو آهي اهو سچ آهي ته صدين جي وٿين کان پوءِ به ايندڙ هر استحصالي ۽ پرماري قوت جي ذهنيت ساڳئي ئي هوندي آهي. ڪالهوڪي ڪلاچيءَ ۽ اڄوڪي ڪراچي جي مانگر مڇ ۾ ڪيتري نه هڪجھڙائي آهي هُو ڪالهه ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ مورڙيءَ جي ڀائرن جي موجودگيءَ ۽ روزگار جي حق کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هي اڄ ڪراچي ۾ مورڙيءَ جي وارثن جي موجودگيءَ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هُن سمنڊ ۾ حڪمراني جا خواب پئي ڏٺا ته هي سنڌ تي حڪمراني جا خواب لهندڙ آهي. هُن طاقت جي نشيءَ ۾ مست ٿي ڪلاچيءَ واسين تي حملا ڪيا ۽ هي اختيار جي گھمنڊ ۾ مورڙيءَ جي وارثن جي وسندين کي ڊاهي پٽ ڪري رهيو آهي. هي اڃان به انهي کان ٻه قدم اڳتي وڌي آيو آهي، هُن ته ست ماڻهن کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو ۽ هي نه ڄاڻ ڪيترين وسندين ۽ هزارن جي آبادي رکندڙ ڳوٺن ۾ تباهي پکيڙي چڪو آهي. فرق صرف اهو آهي ته هو ڪلاچيءَ جو مانگر مڇ هو ۽ هي اُها ساڳئي ذهنيت رکندڙ ڪراچي جو مانگر مڇ آهي ٻنهي جي ذهنيت ۾ لفظي تفاوت جيترو به فرق نه آهي.
ڪلاچيءَ جي مانگر مڇ کي مورڙيءَ ڪمزور هئڻ باوجود به ڏاوڻ وڌي، مانگر مڇ کي قابو ڪري سندس پيٽ چاڪ ڪري پنهنجن ڀائرن کي زنده نه تڏهن به مرده حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو، مگر مانگر مڇ کي هضم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. ڪراچيءَ ۾ موجود سنڌ جا ثقافتي اهڃاڻ ۽ سنڌي ڳوٺ مورڙيءَ مير بحر جو اهو پنڃرو آهن جنهن کي نه ڪالهه جي ڪلاچيءَ جو مانگر مڇ ڳيت ڏيئي سگھيو نه ئي اڄ ڪراچيءَ جو مانگر مڇ پنهنجي طاقت جي زور تي ڳهي ۽ ٿوڪاري پيو سگھي. بس ڏسڻو اهو آهي ته ڪڏهن مورڙي جي ساٿين جيان پنج ڪروڙ سنڌيءَ انهي پنڃري جي چوڌاري گڏجي، لڏندڙ رسن جي اشارن کي سمجھي، ڪراچيءَ جي مانگر کي پيرن ۾ ڏاوڻ وجھي سنڌ کي هضم ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائين ٿا.
مَتو آهِين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين؛جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَنڙا.

No comments:
Post a Comment