مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل سنڌ جو عوام

سنڌ جو عوام ماضيءَ ۾ خوشحال رهي چڪو آهي پر ڌارين قومن جي يلغار ٿي ۽ آباد ٿيون، تڏهن کان ڄڻ سنڌين جي ڪارڪيا تي پير اچي پيو ۽ ڌارين جي مهمان نوازي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. هن وقت ته سنڌ ۾ بک، بدحالي، مهانگائي، بيروزگاري عروج تي پهتل آهي ۽ لکين ڊگري يافته نوجوان بيروزگار هجڻ سبب مايوسيءَ جو شڪار بڻجي ذهني مريض ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجي آسن اميدن ۾ هار کائي خودڪشيون ڪري سون جھڙيون جوانيون جلائي رهيا آهن. انهن جي مقدر کي هميشه تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن اسان سنڌ جي پيڙهيل عوام تي نظر وجھنداسون ته عوام مسئلن جي اونهي ڄار ۾ ڦاٿل نظر ايندي. جتان ان جو نڪرڻ مشڪل سجهون ٿا. سنڌ ۾ لکين روزگار جا ذريعا موجود هجڻ جي باوجود به سنڌي نوجوان بيروزگاريءَ جي باهه ۾ سڙي پاڻ جلائي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ وفاق کي 75 سيڪڙو آمدني ڪمائي ڏئي ٿي ۽ سنڌ ۾ تيل، گئس، ڪوئلي سميت ٻيون کوڙ ڪمپنيون موجود آهن پر انهن ۾ وري ڌارين کي گھرائي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. انهن جي آباد ٿيڻ سان ويتر مسئلا جنم وٺي رهيا آهن پر حڪومت ته سنڌ جي عوام کي جيئڻ بدران موت ڏانهن ڌڪي رهي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ اڳ ئي بک، بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي ڇانيل آهي. ويتر حڪومت کائڻ پيئڻ، پئٽرول، گئس، بجليءَ جي اگھن ۾ اضافو ڪري بي پهچ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. سڄي سنڌ سون برابر آهي ۽ اها معيشت، معندي وسيلن، توڙي ذخيرن سان مالامال آهي پر سنڌ ڏينهون ڏينهن معاشي بحران جو شڪار رهي ٿي. حڪومت عوام کي جيئڻ بدران موت جي منهن ۾ ڏنو آهي. جنهن ڪري بي پهچ عوام سالن کان مسلسل زيادتيون سهي سهي مايوس بڻجي ويو آهي، پر حڪومت روزگار نه ڏئي ويت پهاڙ ڪيرايا آهن. جنهن ڪري عوام مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ٿو ۽ سنڌ ۾ بدامني ۽ قبيلائي جھيڙن سنڌي عوام جو سڪون ۽ امن کسي ڇڏيو آهي.
حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي عوام کي روزگار سان لڳائي ۽ ان کي مسئلن جي ڄار مان ڪڍي. هن وقت سنڌ جو عوام سؤ مان پنجاهه سيڪڙو بيروزگار رهي ٿو. ان غربت کي گھٽائڻ لاءِ اُڀاءَ وٺي نه ته سنڌ جو عوام مسئلن جي اونهي ڄار ۾ ڪيستائين ڦاٿل رهندو ۽ هن وقت به سنڌ ۾ اڃا تائين پاني جي سخت کوٽ آهي. جنهن سبب ربيع ۽ خريف جا فصل پوکجي نٿا سگھجن. ويتر سنڌو درياهه مٿان جبري طور ڊئم ٺاهيا ويا ته هميشه سنڌ ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون جنم وٺنديون ۽ هن وقت جڏهن سنڌ جو عوام مسئلن جو شڪار آهي، ته هاڻي حڪومت سنڌ جي عوام کان پيئڻ جو پاڻي به کسي رهي آهي. پاڻي ته زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. جيڪڏهن سنڌ جو عوام مسئلن ۾ ڦاسڻ سبب مايوس ٿيو ۽ پنهنجي جائز حقن لاءِ آواز نه اٿاريو ته سنڌ سنڌين کان کسجي سگھي ٿي. تنهن ڪري متحد ٿي پنهنجي مسئلن لاءِ گڏجي آواز اٿاريون نه ته سنڌ امڙ ٿڃ ۽ تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ سنڌ دشمن رٿائن خلاف هڪ بڻجون.

No comments:

Post a Comment