لنڪس:

سنڌ اسڪولس: هي سنڌي اسڪولن جي نيٽ ورڪ تي مشتمل هڪ ويب سائيٽ آهي. جنهن جو بنيادي مقصد سنڌي اسڪولن کي انٽرنيٽ تي متعارف ڪرائڻ آهي. انهيءَ ۾ مختلف اسڪولن جون نصابي توڙي غير نصابي سرگرميون شامل آهن. توهان به پنهنجو اسڪول هتي رجسٽر ڪرائي سگھو ٿا. هي ويب سائيٽ اڃان شروعاتي مرحلي ۾ آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چواڻي هن ويب سائيٽ کي تمام جلد وسيع ڪيو ويندو ۽ اسڪولن متعلق ملندڙ مواد کي وقت به وقت اپ ڊيٽ به ڪيو ويندو.ويب ايڊريس: www.sindhschools.com

سنڌي انسٽالر محترم عبدالماجد ڀرڳري جي ويب سائيٽ جنهن ۾ توهان جي لاءِ ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي لکڻ جي لاءِ ڪيبورڊ ۽ سٺا سٺا سنڌي يونيڪوڊ فونٽ موجود آهن. انهي سان گڏوگڏ اتي توهان کي سنڌي لکڻ جي لاءِ آن لائن ايڊيٽر ملندو جنهن ۾ اوهان بغير ڪنهن سافٽ وئير کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهو ٿا. هن ويب سائيٽ ۾ شاھ جو رسالو مڪمل موجود آهي. هي سنڌي زبان جي هڪ عاليشان ويب سائيٽ آهي. سنڌين کي هن ويب سائيٽ کي ضرور ڏسڻ گهرجي. انهي سان گڏوگڏ هن ويب سائيٽ کي اِهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هي دنيا جي پهرين سنڌي يونيڪوڊ ٽيڪسٽ ۾ لکيل ويب سائيٽ آهي.ويب سائيٽ جو ايڊريس: www.sindhicomputing.com

سنڌي آن لائن ميوزڪ هن ويب سائيٽ تي توهان کي مختلف فنڪارن ۽ ڳائڻن جا گيت ملندا. انهن ۾ فوزيه سومرو، علڻ فقير، سرمد سنڌي، صادق فقير، جلال چانڊئي ۽ ٻين ڪيتريئن ئي فنڪارن جا گيت شامل آهن. انهي سان گڏوگڏ ڪي ٽي اين جا شو جهڙوڪ ماما لالو ۽ ٻيا ڪيترائي شو موجود آهن. ڪي ٽي اين جا گانا به موجود آهن.ويب سائيٽ جو ايڊريس: www.sindhimusic.com

سنڌ جا مسئله (افئير ... هفتيوار ميگزين) هي ويب سائيٽ به يونيڪوڊ سنڌي فونٽن تي مشتمل آهي. هن ويب سائيٽ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي. هي هڪ سنڌي ۾ شائع ٿيندڙ رسالي جي ويب سائيٽ آهي. هن ۾ اوهان کي حالاتِ حاظره بابت ڪئي سٺا مضمون ملندا.ويب ايڊريس: www.affair.com.pk

سنڌيانه سنڌي ميگزين تون کي ڪهڙي ڪل، جيءُ نه اچي جهل، مون کان سنڌ نه وسري شل. (اياز) سنڌي زبان ۾ سنڌي جو هڪ ٻيو سٺو ۽ معياري ميگزين ٽه ماهي سنڌيانه سنڌي ميگزين. جنهن ۾ واٽر ايشوز تفصيل سان ٻڌايا ويا آهن. هن ويب سائيٽ ۾ ميگزين.اي گروپ،گيسٽ بوڪ، فورم، سنڌ، جي ايم سيد، شاهه لطيف، پاڻي ۽ ناڻي جا مسئله، ريڊيو، گيت، لنڪس، ۽ ڪهاڻيون شامل آهن. سنڌيانه جي ويب سائيٽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ويب سائيٽ جو مين پيج ڪافي حد تائين انگريزي ۾ آهي جنهنکي سنڌي ۾ هئڻ گھرجي ها. تنهن هوندي به هتي ڪيترين ئي ليکڪن جون ڪهاڻيون ۽ ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پڻ موجود آهي. ويب ايڊريس: www.sindhiana.com


سنڌيءَ ۾ گوگل آهستي آهستي سنڌيءَ به ٻين انٽرنيشنل ٻولين وانگر ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي. اهو ڏينهن پري ڪونهي جنهن ڏينهن اوهان کي انٽرنيٽ تي سنڌيءَ جو راج ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌيءَ جي اهميت جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻ گوگل به سنڌيءَ ۾ سرچ جي سهولت مهيا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هاڻ انگريزي ۾ سرچ ڪرڻ بدران پنهنجي مادري ٻولي ۾ سرچ ڪريو.
www.sindhigoogle.com ۽ http://www.google.com/intl/sd/ ويب ايڊريس؛

1 comment:

  1. سنڌي لنڪـ
    جئين تہ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هاڻ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء کوڙ سارو ڪم ٿي رهيو آهي اسان جي ساٿين سنڌي ۾ هر قسم جون سائيٽون ترتيب ڏيئي چڪا آهن بهتر کان بهتر بنائيڻ لاءُ جاکوڙ ٿي رهي آهي جنهنڪري فخرسان چئي سگهجي ٿو تہ اسان جي سنڌي ٻولي پنهنجو مٽ پاڻ آهي ـ
    سنڌيءَ ٻولي جو مستقبل ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ آهي جيترا وڌيڪ سنڌي نوجوان ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ ٻوليءَ جو استعمال ڪندا اوتري ئي وڌيڪ سنڌي ٻولي جي پائيدار ترقي ممڪن بڻجي سگھندي ۽ سنڌيءَ ٻولي ۾ نون ڪمپيوٽر سافٽ ويئرز جي لاءِ راهون کُلنديون اسان مان هر هڪ کي اها ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکڻ جو سافٽ ويئر عام ٿئي، پنهنجن دوستن، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ان حوالي سان ٽريننگ ڏيئي تيار ڪري سگھجي ٿو. هوئن ته سرڪاري طرح ڪافي ادارا ٻوليءَ جي ترقيءَ جي هام هڻڻ ۾ پورا آهن پر اڄ ڏينهن تائين به سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪنهن سرڪاري اداري اها ڪوشش نه ڪئي آهي
    سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي پنهنجو مان مقام اڃان به اڳتي وڌائڻو آهي
    تنهنڪري اسان هڪ ننڊڙي ڪوشيش ڪندي سنڌي لنڪ ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾سنڌي چيٽ ڪرڻ سان گڏ سنڌي ۾ميسنجر، لائبريري ، فورم کان سواسنڌي ۾ اي ميل ڪرڻ جي سهوليت پڻ رکي آهي سنڌي لنڪ کي بهتر کان بهتر بنائيڻ جي ڪوشيش ڪيون پيا هاڻ اوهان تي آهي تہ اوهان هن ۾ ڪهڙي نواڻ چاهيو ٿا ۽ ڪهڙيون تجويزون ڏيو ٿا جنهن مطابق اسان سنڌي هن کي بهتر کان بهتر بنايون اسين اوهان جي تجويزن جو شدد سان اوسيڙي ۾ آهيون
    سنڌي لنڪ کي لوڊ ڪرڻ لاءُ هتي ڪلڪ ڪيو http://rajafamily.com/Setup400.exe
    خيــــــر انديــش
    چانڊوڪي
    chandoki_sindhi_link@yahoo.com

    ReplyDelete