ــــــــــــ جامي چانڊيو






ليکڪ پاران . . .
اسان کي موجوده دؤر ۾ ڪي ٽارزن نه پر سگهارا ۽ ذميوار ادارا گهرجن، هڪڙا ماڻهو ايندا ٻيا ويندا، پر ادارا هوندا. جديد دؤر جي اها تقاضا آهي ته فردن بجاءِ ادارن تي ڀاڙڻ گهرجي. هڪڙي ڀيري نرسمها رائو تي تنقيد پئي ڪيائون ته جنهن پارٽيءَ جو سربراهه گانڌي هو، ان جي سربراهيءَ تي اچي هي ويٺو آهي. ان تي هن کين چيو ته مون کي اوهان جون ڳالهيون ٻُڌي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. اوهان جي خيال ۾ هاڻي جيڪڏهن گانڌي هندستان ۾ هوندو ته ڇا ڪندو؟ يا جيڪڏهن هاڻي پاڪستان ۾ جناح هجي ها ته ان سان ڪهڙي حالت ٿئي ها؟ مخصوص حالتون ماڻهن کي ٺاهينديون آهن. جديد زماني جي سوچ اها آهي ته فردن تي ڀاڙڻ بدران ادارن تي ڀاڙڻ گهرجي. آڪسفورڊ يونيورسٽي الائجي ڪنهن ٺاهي آهي، هارورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي آهي پر اهي ادارا اڄ موجود آهن. ڪم ڪار ڪن ٿا، پارٽيون هلن ٿيون، ادبي ۽ سماجي ادارا آهن، اهي سڀ هلن ٿا، ان ڪري فردن بجاءِ ادارن کي ترقي وٺرائڻ گهرجي ته جيئن اهي ادارا نسل در نسل هلن، نسل در نسل جٽاءُ ڪن ۽ وڌندا رهن. اهي ادارا اسان کي نسلن تائين هلائڻا آهن. فرد وڏي شيءِ آهن پر فرد ادارن جي ماتحت هئڻ کپن، اُهي ادارن جي ذريعي کپن، فرد ادارن کان مٿانهان نه هئڻ کپن. اهي جديد سوچون اسان کي اپنائڻ گهرجن. گهرن ۾ به ايئن هجڻ گهرجي، هڪڙو ماڻهو گهر ۾ سڄو ڏينهن لٺ کنيو ويٺو آهي، ڇو ته گهر جو وڏو آهي، مان ته پنهنجي ٻارن کان پڇندو آهيان هر شيءِ جي باري ۾، ماحول، سياست، ادب جي باري ۾. اوهان پنهنجي ٻارن ۽ عورتن کي ننڍڙن ننڍڙن فيصلن ۾ شريڪ ڪريو، انهن کان راءِ وٺو، انهن کي اهو احساس ڏياريو ته اهي صاحبِ راءِ ماڻهو آهن، انهن جي راءِ جي اهميت آهي. ايئن ئي گهر، معاشرا ۽ ماڻهو تبديل ٿيندا آهن. ان ڪري فردن بجاءِ ادارن تي ڀاڙڻ به هڪ بهترين حل آهي.اچو ته سنڌ کي هڪ جديد ۽ فخر جوڳو، روشن خيال، انسان دوست ۽ اعليٰ انساني سماج ٺاهڻ لاءِ سڀ پنهنجي پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪريون ۽ ان خواب کي هڪ حقيقت جو روپ ڏيون.
سنڌي سماج به هڪ انساني سماج آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. انهن تاريخي مرحلن مان گذري ان ۾ ڪي زبردست خوبيون ۽ سُٺايون پيدا ٿيون آهن، جن تي سنڌي عوام کي بجا طور فخر ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح ان ۾ انهن تاريخي مرحلن ۽ مختلف معروضي حالتن سبب ضرور ڪي اهڙيون منفي ڳالهيون به پيدا ٿيون هونديون ۽ ٿيون آهن، جن کي اول سمجهڻ ۽ پوءِ دور ڪرڻ جي تمام وڏي ضرورت آهي. سنڌ سان اسان جي بي پناهه محبت جي تقاضا رڳو اها نه آهي ته ان جا رڳو ويهي سُٺا پاسا ڏسون ۽ انهن تي فخر ڪريون پر ان جي اها تقاضا به آهي ته ان جي ڪمزور ۽ منفي پاسن کي ڏسجي ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪي عملي حڪمت عمليون ۽ اُپاءَ اختيار ڪجن. ڇاڪاڻ ته دنيا جو اهڙو ڪوبه سماج نه آهي جيڪو يا ته سمورو سُٺو هجي يا مورڳو خراب. انساني سماج تمام پيچيده شيءِ آهي ۽ اهو متحرڪ پڻ آهي. ان ڪري اهو به ضروري نه آهي ته قومن ۾ جيڪي چڱايون آهن اُهي هميشه ساڳيءَ طرح برقرار رهن ۽ انهن ۾ جيڪي ڪمزوريون يا منفي پاسا آهن اُهي به ڪو لکيي جو ليک آهن. قومون ۽ معاشرا پنهنجا مثبت ۽ سُٺا پاسا آهستي آهستي وڃائي سگهن ٿا ۽ ساڳيءَ طرح پنهنجن ڪمزور ۽ منفي پاسن کان به جند ڇڏائي سگهن ٿا. فطرت جي ٻيءَ هر شيءِ وانگر قومن ۽ سماجن جا مزاج به متحرڪ هوندا آهن ۽ اها هڪ زبردست اُتساهيندڙ ڳالهه آهي. ان ڪري نه پنهنجين خوبين تي حد کان وڌيڪ فخر ڪجي جو اُهي تبديليءَ جي پيرن ۾ وَنگَ بڻجي وڃن ۽ نه وري پنهنجين ڪمزورين تي خود قياسي ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته قومن ۽ سماجن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اسان به پنهنجيءَ قوم، سماج ۽ عوام کي تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ اسان کي پنهنجون حياتيون ان مقصد لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهو هن وطن ۽ ڌرتيءَ جو اسان تي فرض ۽ قرض آهي. اسان جي انفرادي شعور جو ڪهڙو مُلهه جيڪڏهن اسان جي عوام ۾ شعور نه هوندو ۽ اسان جي انفرادي ترقيءَ ۽ عزت جي ڪهڙي وِٿُ هوندي جيڪڏهن اسان جي قوم ۽ عوام نڌڻڪو، پيڙهيل ۽ مظلوم هوندو. اڄڪلهه هر جاءِ تي ڳالهايو، لکيو ۽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي ۽ اها هڪ حقيقت به آهي. ان حوالي کان سنڌي سماج جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب، محرڪ ۽ عمل آهن، جن جي ڪري اسان جي قوم جي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي.جيڪڏهن ڪنهن به قوم ۽ ان جي سماج جو رويو بهتر، روشن خيال، مثبت ۽ اتساهيندڙ آهي ته اهو رڳو پنهنجو پاڻ نه ٿيو هوندو، ان جي پويان ضرور ڪو پس منظر ضرور هوندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن به قوم ۽ ان جي سماج جو رويو صحيح نه آهي، ڪمزور ۽ خراب آهي ته سمجهڻ گهرجي ته ان جي پس منظر ۾ به ضرور ڪي سبب هوندا ۽ انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هر سماج ۾ ڪي سُٺايون ته ڪي خرابيون هونديون آهن، پر اسان جو ان باري ۾ رويو هيءُ هجڻ گهرجي ته ان جا سبب ۽ محرڪ معلوم ڪجن ۽ انهن کي سمجهجي. جيئن ته سماج جو ڪوبه رويو سٺو يا خراب ۽ ماڻهن ۾ ڪابه سوچ آسمان مان نٿي اچي. ماڻهو اهي رويا ۽ سوچون پاڻ اختيار ڪري ٿو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن نتيجي طور جُڙي ٿو. اسان پنهنجي ارد گرد، پنهنجي سماج، پنهنجيءَ قوم ۾ ماڻهن ۾ جيڪڏهن ڪو ڪمزور رويو ڏسون ٿا يا اهڙو رويو ڏسون ٿا جيڪو بهتر يا گهربل معيار وٽان نه آهي ته بجاءِ ان تي ارهو ٿيڻ جي، ماتم ڪرڻ جي، بجاءِ سڄي قوم تي افسوس ڪرڻ ۽ ان جي مذمت ڪرڻ جي هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ سماجي سائنٽسٽ طور ڏسڻ گهرجي ته آخر ماڻهو ايئن ڇو ٿا ڪن؟ جيئن ڪو ڊاڪٽر ڪنهن مريض کي ڏسي ان جو معائنو ڪندو آهي ته هي اَڀرو ڇو آهي؟ هن کي بخار ڇو آهي؟ هن کي بيماريون ڇو ٿيون ورائين؟ سماج به دراصل ايئن آهي، سماج جي جسم ۽ مزاج کي به ڪي ماڻهو ڊاڪٽر جيئن ڏسن ٿا ته آخر هي سماج ايئن ڇو آهي؟ هي حالتون ايئن ڇو آهن؟ ماڻهون هيئن ڇو ٿا ڪن؟ هونئن ڇو نٿا ڪن؟ وغيره.جڏهن اسان پنهنجي سماج کي ڏسون ٿا ته اسان کي نظر اچي ٿو ته هن اسان جي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي وڏي کوٽ آهي. جيڪي سماج باشعور ۽ فرض شناس آهن، انهن ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ ايتري نه هوندي آهي. اصل سوال اهو آهي ته اهو ڏسڻ گهرجي ته ايئن ڇو آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ٻي ڳالهه هيءَ ته جڏهن به سماج ۾ ڪنهن به رويي جي کوٽ يا ڪمزوريءَ جي ڳالهه ڪجي ته هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سماج هڪ پيچيده شيءِ آهي. سماج جا سڀ رويا ۽ سوچون ڪنهن هڪڙي مخصوص سبب جي ڪري ڪونه ٺهندا آهن. مختلف سبب، مختلف حالتون ۽ محرڪ گڏجي پوري سماج جي ڪنهن مخصوص سوچ کي ٺاهيندا آهن. ان ڪري سماجي مسئلا پاڻ به پيچيده هوندا آهن ۽ انهن جا حل به پيچيده هوندا آهن. اينگلس تمام وڏو فلسفي هو، هن هڪڙو زبردست ڪتاب لکيو هو، جنهن جو نالو هو ”فطرت جي جدليات“ يعني “Dialectics of Nature”. ان ۾ هن ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي هئي ته، ”پيچيده مسئلن جا حل سادا نه ٿيندا آهن، پيچيده مسئلن جا حل به پيچيده ٿيندا آهن.“ اهو ممڪن ئي نه آهي ته هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪينسر جو مرض هجي يا ڪو ان کي تمام وڏو مرض هجي ۽ اهو چوي ته مان پونسٽان يا پيناڊال جي گوريءَ سان ٺيڪ ٿي ويندس. جيترو سماج جو مرض گِهرو هوندو، جيترو اُهو گهڻ طرفو هوندو، جيترو گهڻن سببن وارو هوندو، ان جو حل به اوترو ئي گهرو، گهڻ طرفو ۽ گهڻن طريقن وارو هوندو. اهو اوترو ئي پيچيده هوندو ۽ گهڻو وقت وٺندو. ان ڪري سماج جي هر سٺي ۽ خراب رويي ۽ سوچ کي ايئن ڏسڻ گهرجي ته ماڻهو ايئن ڇو ٿا ڪن؟ ان جا ضرور ڪي سبب هوندا ۽ اهي سبب ڪي مخصوص قسم جا نه هوندا، اهي سبب به گهڻن ئي قسمن جا هوندا. ممڪن آهي ته سبب متضاد به هجن، ممڪن آهي ته اُهي هم آهنگ هجن، پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته اهي سبب مختلف قسمن جا هوندا. ان ۾ سماجي سبب به هوندا، سياسي سبب هوندا، اقتصادي سبب به هوندا، تاريخي سبب به هوندا، نفسياتي سبب به هوندا، ڇو ته جيئن هڪ فرد جي نفسيات هوندي آهي، تيئن قومن جي به نفسيات ٿيندي آهي، عوام جي به نفسيات ٿيندي آهي. اسين هن گفتگوءَ ۽ ڪچهريءَ ۾ ان قسم جي سببن جو جائزو وٺنداسين.

(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

تي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري

No comments:

Post a Comment