ڪراچي: تعليم کان محروم ٻار اسڪولن ۾ داخلا مهم وارو پوسٽر ڏسي رهيا آهن.


هي گلن جھڙا ٻارڙا پنهنجي مستقبل کان ناآشنا پر داخلا مهم واري پوسٽر کي جنهن انداز ۾ ڏسي رهيا آهن اِهو اسان سڀني جي لاءَ لمحه فڪريه آهي. انهن جو نظرون هڪ پوسٽر تي لڳل آهن پر اِهي سوال هن سماج کان ڪري رهيا آهن جنهن جو موجود سسٽم ئي انهن جي تعليم ۾ رڪاوٽ بنجي رهيو آهي. غربت جي واسينگ انهن جي روشن مستقبل کي يرغمال بنائي ورتو آهي. هي هڪ تصوير نه پر هن جھڙيون ڪئي حقيقتون اسان ۽ توهان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿيون. جتي غربت ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ بنيادي ضرورتن جي گھٽ معيار کان به پري ڌڪي ڇڏيو آهي. ٻي طرف شاھ خرچ حڪمران طبقو آهي جنهن جا روزانا جا الاؤنس به جيڪڏهن تقسيم ڪجن ته جيڪر ڪافي اهڙن ٻارڙن جا مستقبل سنوارجي سگهجن ٿا.

1 comment:

  1. ھمارے پاس بھی کچھ ایسا ھے۔ ھمارے پاس 2 لڑکیوں کے اسکول ھے جو 15 سال سے یہ اسکول بند ھے جو ھمارے ٹنڈومحمدخان کے ایجوکش کے آفیسر ھے وہ صرف رشوت لیتے ھے۔بھر جو استاد ھے وہ آفیسر کو کچھ رشوت دیتے ھے پھر اسکول جاتے نھیں ھے اس لئے سندھ کی ایجوکش کو نقصان پھچ رھا ھے آگر آپ کو یقین نھیں آرھا ھے تو یہ ویڈیو دیکھو
    http://geodost.tv/r/49922/

    ReplyDelete