ٻه اک. . .
ايم اي جي پهرين سال ۾ جيڪي شاگرد 65 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻڻدا آهن سي جيڪڏهن خواهش هجين ته ايم ر اي فائنل ۾ ٻن ڪورسن بدران مونو گراف يا ٿيسز لکي سگهندا آهن.هن سال جي شاگردن مان ڪجهه شاگردن جن کي ادب سان ۽لکڻ سان دلچسپي هئي مونو گراف لکڻ جو ارادو ڪيو.ڪجهه شاگردياڻيون مون وٽ به صلاح مصلحت ۽ رهنمائي لاءِ آيون ۽ ڪن مون سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. مون کين چيو ته مان پنهنجي مصروفيتن سبب وڌيڪ کين وقت ڏئي نه سگهندس پر ڪا هڪ جي جيڪڏهن افسانوي ادب جي ڪنهن صنف تي ڪم ڪرڻ چاهي ته مان سندس رهنمائي ڪري سگهان ٿو. هڪ شاگردياڻيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته هوءَ امر جليل جي ادبي پورهئي تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهو منهنجو به دلپسند موضوع هو مون کيس ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس امرجليل جا مختلف ڪتاب پڙهڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن Synopsis۽ Bibliography ٺاهڻ ۾ مدد ملي. جڏهن هوءَ امر جليل جا سڀ ڪتاب پڙهي آئي ته مون کيس سهڻيءَ جو امر جليل نمبر پڙهڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن هوءَ اهو ڪم به مڪمل ڪري آئي ته مون محسوس ڪيو ته ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ کيس امر جليل جو انٽرويو وٺڻ گهرجي هوءَ ان تي خوش به ٿي ته پريشان به! جليل کان ٽائيم وٺڻ ۽ وٽس پهچڻ هن لاءِ ڪو سولو ڪم نه هو. مون کيس ٻڌايو ته وقت آئون وٺي ڏيندس ۽ هيڪر هلي توکي سائين سان ملائي به ايندس. ان ڏينهن انٽرويو ۾ مدد به ڪندس باقي تون پاڻ پئي ڪجانءِ.ان شاگردياڻيءَ کي وٺي امر جليل جي اپارٽمينٽ Sand view پهتس. امر جليل سان گفتگو دوران جليل صاحب ٻڌايو ته کيس لکندي 52 سال ٿي ويا آهن مون کي اها ته خبر هئي ته پاڻ ورهين کان لکندو اچي ٿو پر ان ڳالهه جو قطعي احساس نه هو ته کيس لکندي ٻاونجاهه ورهين جو عرصو ٿي چڪو آهي. مون بي اختيار کين چيو ته پوءِ ته توهان جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ گهرجي. پاڻ هميشه جيان کلندي پنهنجي ڪردار جي انداز ۾ چيائون ته ”يار ڪهڙي گولڊن جوبلي“ڳالهه آئي ويئي ٿي وئي پر مان اها سڄي رات ان معاملي تي ويچاريندو رهيس ٻئي ڏينهن صبح جو پنهنجي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پيرزادي قاسم رضا صديقي وٽ ويس ۽ کيس ٻڌايم ته مان جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جو رٿي آيو آهيان توهان جي منظوري ۽ سهڪار گهربل آهي.پيرزاده قاسم بنيادي طور تي نهايت شريف النفس انسان آهي موڊ ۾ هوندو ته سمنڊ جهاڳڻ لاءِ تيار ۽ جي موڊ ۾ نه ته ڪَسي اُڪرڻ جي معاملي کي به اهڙي خوبصورتيءَ سان ٽاري ويندو جو توهان کي لاجواب ڪري ڇڏيندو. مون جڏهن به ڪنهن علمي ادبي معاملي تي ساڻس سهڪار ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته هن ڪڏهين به انڪار نه ڪيو آهي. پاڻ هڪ ڏيهان ڏيهي سطح جو اديب ۽ شاعر آهي علم دوست ۽ ادب نواز پاڻ بنيادي طور تي Biochemist آهي ۽ بعد ۾ Psychology ۾ پي اڇ ڊي ڪيائين ۽ سڄي ڄمار يونيورسٽيءَ ۾ استاد هئڻ سان گڏوگڏ مختلف انتظامي عهدن تي به رهيو. انڪساري ۽ نهٺائي سندس دين ڌرم آهن.امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي 29 جون 2008ع تي شام جو ڇهين وڳي رٿي ويئي جنهن جي گڏيل صدارت ڊاڪٽر پيرزاده صاحب ۽ سائين مظهرالحق صديقي صاحب ڪئي خاص مهمان ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه هئي جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب افتخار عارف، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا صاحب شامل هئا پنهنجي نوعيت جي اها پهرين گڏجاڻي هئي جنهن ۾ پاڪستان جي سورهن مختلف ادارن امرجليل جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس اجرڪن ۽ شيلڊن جو نذرانو پيش ڪيو. مان انهن سڀني ادارن جو ٿورائتو آهيان خاص طور تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري سائين شمس جعفراڻي صاحب جو جنهن جي سهڪار ۽ خلوص همٿايو ۽ اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين سائين افتخارعارف ۽ ريجنل ڊائريڪٽر سائين آغا نور محمد صاحب جو جن ان تقريب کي مانائتو ۽ شانائتو بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان تقريب ۾ پڙهيل ليکن کي جيڪي لکت جي صورت ۾ هئا اوهان جي خدمت ۾ پيش آهن ڪلاچي جو هي پرچو امر جليل جي ادبي ۽ علمي پورهئي جي مڃتا ۾ امر جليل نمبر طور ڪڍي رهيا آهيون اميد ته قبول پوندو.ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه سنڌيءَ ٻوليءَ جي باختيار اداري جي سربراهه جي حيثيت ۾ پنهنجيون نيون ذميداريون وڃي ماڻيون آهن پر ايڊيٽوريل بورڊ ۾ سندس سهڪار جاري رهندو. اوهان جي راين ۽ مشورن جي روشنيءَ ۾ ڪلاچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.
پروفيسر محمد سليم ميمڻ


مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

. ي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري

No comments:

Post a Comment